سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

ارنيسٽ ميڪي Ernest J. H. Mackay

ارنيسٽ ميڪي Ernest J. H. Mackay

ارنيسٽ ميڪيErnest John Henry Mackay سنڌو سڀيتا جي اهم ماڳ موهن جي دڙي تي کوٽائي جي حوالي سان شهرت ماڻي. سندس جنم 5 جولاءِ 1880ع تيبرطانيه جي شهر برسٽول ۾ ٿيو ۽ پاڻ آڪٽوبر 1943ع تي وفات ڪري ويو. هن موهن جي دڙي تي کوٽائي سميت سنڌو سڀيتا جي ٻين اهم ماڳن جي به کوٽائي ۾ بهرو ورتو. پاڻ برسٽول گرامر اسڪول ۽ برسٽول يونيورسٽي مان بي اي، ايم اي ۽ لٽريچر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ارنيسٽ ميڪي جي گهر واري ڊوروٿي ميري سمونس به اينٿروپلاجسٽ هئي. ارنيسٽ ميڪي آرڪيالاجي جي شعبي ۾ 1907ع کان ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي. پاڻ پهريان 1907ع کان 1912ع تائين مصر جي قديم سڀيتا جي ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ پهرين عالمي جنگ دوران مصر ۽ فلسطين ۾ برطانوي فوج ۾ ڪيپٽن طور به ذميواريون نڀايون. هن 1919ع ۾ فلسطين ۽ شام جي قديم ماڳن تي به تحقيق ڪئي.
ارنيسٽ ميڪي کي آرڪيالاجي جي شعبي ۾ اصل شهرت موهن جي دڙي جي کوٽائي سبب ملي. هن 1926ع کان 1931ع تائين موهن جي دڙي جي لڳاتار کوٽائي ڪرائي. ان کوٽائي جي نتيجن بابت 1937ع ۾ تفصيلي رپورٽ تيار ڪري شايع ڪرائي. هن موهن جي دڙي کان سواءِ چانهون جي دڙي جو قديم ماڳ به دريافت ڪيو ۽ چانهون جي دڙي جو 1935 ۽ 1936ع ۾ پنهنجي گهر واري سان گڏ معائنو ڪيو.

ڪتاب ۽ مقالا

• Mackay, E. “Further Excavation at Mohen jo Daro” 2 Volumes, Delhi, 1938.
• Mackay, E. Chanhu-Daro: Excavations 1935-1936. Facsimile Publisher, 2016.
• Mackay, E. Indus Civilization, Ams Pr Inc, Jun 1983