سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

نشا يادو Nisha Yadav

نشا يادو Nisha Yadav

ڀارتي سائنسدان نشا يادو هونئن ته اسٽرونامي ۽ ايسٽروفزڪس جي شعبي ۾ تحقيق سان لاڳاپيل آهي، پر هن سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت جي حوالي سان به سائنسي بنيادن تي کوجنا ڪئي آهي. ڀارت جي ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف فنڊامينٽل ريسرچ جي ايسٽرونامي ڊپارٽمينٽ جي سائنسدان نشا يادو سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت تي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ اسٽيٽسٽيڪل جي ذريعن کي استعمال ڪندي کوجنا ڪئي آهي. هن ڪمپيوٽر جي مدد سان سنڌو لکت جي گرامر جا بنياد جاچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ سنڌو لکت تي تحقيق نامياري ماهر ايم اين وهيا سان جي سربراهي هيٺ ڪري رهي آهي. ان تحقيق بابت هن ڪيترائي ڪارائتا مقالا به تحرير ڪيا آهن.
نشا يادو انهن ماهرن ۾ شامل آهي، جيڪي سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي وارثن جي پڙهيل لکيل هجڻ جا دعويدار آهن ۽ موهن جو دڙو ۽ ٻين قديم ماڳن تان مليل لکت جي نشانن کي باقاعدي هڪ ٻولي جي لکت قرار ڏين ٿا. نشا يادو ۽ سندس ساٿين ڪجهه ماهرن جي ان دعوى کي سائنسي بنيادن تي رد ڪيو آهي ته سنڌو ماٿري جي قديم آثارن مان مليل لکتن جا نمونا اصل ۾ ڪابه لکت يا ٻولي نه آهي. پر اهي محض ڪجهه غير لساني نشانيون آهن. انهن ماهرن ۾ رچرڊ اسپروٽ(Richard Sproat) ، مائيڪل وٽزل (Michael Witzel) ۽ سٽيو فارمر (Steve Farmer) شامل آهن. جن مرڳو ان ڳالهه کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ته سنڌو سڀيتا جي وارثن وٽ لکت جو ڪو نظام موجود هو. سندن دعوى مطابق سنڌو ماٿري جا ماڻهو اڻ پڙهيل هيا. هنن وٽ لکت جو ڪوبه نظام موجود نه هو.
نامياري سائنسدان نشا يادو به انهن لساني ماهرن ۾ شامل رهي آهي، جن سٽيو فارمر، رچرڊ اسپروٽ ۽ مائيڪل وٽزل جي ان ٿيوري کي رد ڪيو ته سنڌو ماٿري جا ماڻهو اڻ پڙهيل هئا يا لکڻ نه ڄاڻندا هئا. نشا سنڌو لکت بابت فارمر ۽ سندس ساٿين جي ان بحث کي هڪ اجايو بحث قرار ڏنو آهي. نشا يادو پنهنجي ساٿي سائنسدانن سان گڏ ان معاملي تي پنهنجي جوابي مقالي ۾ چوي ٿيته سنڌو ماٿري مان لسانيات جا اهڙا مضبوط ثبوت مليا آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو رسم الخط هڪ تحريري سرشتو آهي. جنهن ۾ هڪ خطي جي ٻولي موجود آهي.

ڪتاب مقالا

• Harappa Weights
• Sensitivity of Indus Script to Site and Type of Object
• Statistical Analysis of the Indus Script Using n-Grams, 2010
• Indus Script: A Study of its Sign Design
• Supporting Online Material for Entropic Evidence for Linguistic Structure in the Indus Script
• The Origin and Growth of Astronomy, as Viewed from an Indian Context
• Network analysis reveals structure indicative of syntax in the corpus of undeciphered Indus civilization inscriptions, 2009
• Statistical analysis of the Indus script using $n$-grams, 2009
• Origin and growth of Astronomy in Indian context, 2008
• A Markov model of the Indus script, 2009
• Entropic Evidence for Linguistic Structure in the Indus Script, 2009
• Entropy, the Indus Script, and Language: A Reply to R. Sproat, 2010
• SEGMENTATION OF INDUS TEXTS