سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2860
  • 479
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

توشيڪي اوساڊا Toshiki OSADA

توشيڪي اوساڊا Toshiki OSADA

جپان جو آرڪيالاجي ماهر توشيڪياوساڊا سنڌو ماٿري تي تحقيق جي حوالي سان هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿو. سندس جنم 1954ع ۾ ٿيو. هن 1991ع ۾ جهارکنڊ انڊيا جي رانچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس پي ايڇ ڊي جي مقالي جو موضوع ڀارت جي جهارکنڊ ۾ منڊا ٻولي ۽ ثقافت بابت تحقيق هيو. اوساڊا توشيڪي 1992ع کان 2001ع تائين جاپان بابت انٽرنيشنل ريسرچ سينٽر ڪيوٽو جو ريسرچ ايسوسيئيٽ به رهيو. جنهن بعد 2001ع کان 2003ع تائين هن ڪيوٽو يونيورسٽي جي آرٽس ۽ ڊزائن شعبي ۾ پروفيسر طور ذميواريون ادا ڪيون. توشيڪي 1984ع ۾ ڀارت جي جهارکنڊ جي منڊا ثقافت ۽ ٻولي بابت تحقيق ڪئي.
اوساڊا ڪيوٽو يونيورسٽي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هيومنٽي اينڊ نيچر (RIHN) جو پروفيسر ۽ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ انڊس پراجيڪٽ جو سربراهه به رهيو آهي. کيس 2006ع ۾ جپان جي ڪيوٽو يونيورسٽي طرفان سنڌو سڀيتا بابت انڊس پراجيڪٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. ان پراجيڪٽ جو مقصد سنڌو ماٿري ۾ ماحولياتي تبديلين بابت تحقيق ڪرڻ هئي. انڊس پراجيڪٽ تحت سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي 5 سال تحقيق بعد 9 جلد ترتيب ڏئي شايع ڪيا ويا. سنڌو ماٿري تي ان قسم جي تفصيلي تحقيق فقط جپان جي ڪيوٽو يونيورسٽي جي انڊس پراجيڪٽ تحت ڪئي وئي. انڊس پراجيڪٽ کان سواءَ به هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي کوجنا ڪئي. جنهن بابت سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿيل آهن.

ڪتاب ۽ مقالا

• Toshiki Osada, Indus Civilization: Text and Context, Vol. 1 (2006)
• Toshiki Osada, Indus Civilization: Text and Context, Vol. 2 (2009)
• Toshiki Osada, Linguistics, Archaeology and Human Past in South Asia (2009) Manohar Publishers & Distributors, 2009
• Toshiki Osada (ed.) 2007 Occasional Paper 2: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto, Kita-ku, 187pp.
• Toshiki Osada, Akinori Uesugi (ed.) 2008 Occasional Paper 3: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto, Kita-ku, 178pp.  
• Toshiki Osada 2007 Reciprocals in Mundari. Vladimir Nedjalkov (ed.) Reciprocal constructions. John Benjamin, Amsterdam/Philadelphia, pp.1575-1590.(reviewed).  
• Kharakwal, J.S., Y.S. Rawat, Toshiki Osada 2007 Kanmer: A Harappan site in Kachchh, Gujarat, India.. Toshiki Osada (ed.) Occasional Paper 2: Linguistics, Archaeology and the Human Past.. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto, Kita-ku, pp.21-46.
• Toshiki Osada; Michael Witzel, Cultural relations between the Indus and the Iranian Plateau during the third millennium BCE : Indus Project, Research Institute for Humanities and Nature, June 7-8, 2008, Cambridge : Department of South Asian Studies, Harvard University ; Columbia.