سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

امريتا سارڪر Amrita Sarkar

ڀارتي آرڪيالاجسٽ امريتا سارڪر دکن ڪاليج پوسٽ گريجوئيٽ اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي آرڪيالاجي شعبي جي پروفيسر آهي. پاڻ ڪلڪتي يونيورسٽي مان جاگرافي ۾ بي ايس سي ڪئي. جنهن بعد ساڳي يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۾ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ 2005ع ۾ دکن ڪاليج ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ داخلا ورتي ۽ 2011ع ۾ راجسٿان جي ميوار ريجن ۾ سنڌو سڀيتا ۽ ثقافت جي اوسر جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ ڊسمبر 2010ع ۾ دکن ڪاليج جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر طور مقرر ڪئي وئي. پاڻ ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي بابت سوسائٽي جي به جوائنٽ سيڪريٽري آهي. جڏهن ته سوسائٽي طرفان آرڪيالاجي بابت نڪرندڙ جرنل جي جوائنٽ ايڊيٽر به آهي. پاڻ ڀارتي رياست راجسٿان ۾ سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق سان لاڳاپيل آهي. هن ان موضوع تي ڪيترائي مقالا ۽ ڪتاب تحرير ڪيا آهن.

[b]ڪتاب ۽ مقالا
[/b]
• Plant macro remains from Early Historic Vessel, Gilund, Rajasthan, (Amrita Sarkar and Satish Naik)
• Chalcolithic and modern potting at Gilund, Rajasthan: a cautionary tale,
• Development of Chalcolithic phases in Gilund through Ceramic Chronolog, IRANIAN JOURNAL OF ARCHAEOLOGICAL STUDIES 1: 2 (2011)
• Chalcolithic Rajasthan, Protohistoric Foundations
• A Study of Development of the Ahar Culture in south-east Rajasthan, India from a ceramic point of view.
• Ethoarchaeology in the field: learning from the potters in Gilund
• Contextualizing Ahar culture Phase in Central India
• Ahar Culture with Special Reference to the site of Balathal and Gilund
• Exploration in the Ghaggar Basin and excavations at Girawad, Farmana (Rohtak District) and Mitathal (Bhiwani District), Haryana, India
• Indian Chalcolithic Culture: Aspects of Craft and Technology
• V.2. Rajasthan Chalcolithic
• A Review of Multiple Approaches to the Study of India’s Early Past: Essays in Theoretical Archaeology