سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

بي ڪي ٿاپر B. K. Thapar

بي ڪي ٿاپر B. K. Thapar

ڀارتي آرڪيالاجسٽ بي ڪي ٿاپر انڊيا جي شهر لڌيانا ۾ 18 آڪٽوبر 1921ع ۾ ڪپڙي جي هڪ واپاري جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ 6 سيپٽمبر 1995ع ۾ نيئن دهلي ۾ وفات ڪري ويو. هن لاهور جي پنجاب يونيورسٽي مان تاريخ جي شعبي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ ملازمت حاصل ڪئي، جتي هن نامياري آرڪيالاجي ماهر مورٽيمر ويلر جي سربراهي هيٺ تربيت حاصل ڪئي. جنهن بعد بي ڪي ٿاپرجرمني جي هائيڊل برگ يونيورسٽي مان اولهه ايشيا جي آرڪيالاجي جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي سند ماڻي ورتي. پاڻ انڊيا جي ثقافت ۽ فن جي ترقي بابت جوڙيل ٽرسٽ ”ان ٽيڪ“ (Indian National Trust for Art and Cultural Heritage) جو باني پڻ هيو.
ٿاپر سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن جي کوٽائي ۾ بهرو ورتو ۽ هن سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ ڪالي بنگن سميت پراڻا قلعا ۽ ماسڪي جون به کوٽايون ڪرايون. هن افغانستان جي فراح ماٿري ۽ بگرام ۾ به قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي جرنل جو 1973ع کان 1979ع تائين ايڊيٽر به رهيو. بي ڪي ٿاپر1978ع کان 1981ع تائين آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو.پاڻ انڊيا سميت ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ آرڪيالاجي، فن ۽ ثقافت بابت ادارن ۽ تنظيمن جو ميمبر ۽ سربراهه به رهيو. جن ۾ آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف انڊين اسٽيڊيز جي صلاحڪاري ڪاميٽي جو ميمبر، انٽرنيشنل ڪائونسل آف مونومينٽس اينڊ سائيٽس جو نائب صدر، يونيسيڪو جي انڊين نيشنل ڪاميٽي جو ميمبر، جرمن آرڪيالاجيڪل انسٽيٽيوٽ جو ميمبر، انڊين سائنس ڪانگريس جو ميمبر ۽ ريڊيو ڪاربان ڊيٽنگ ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. کيس ڀارتي سرڪار طرفان تعليم ۽ آرڪيالاجي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي پدما شري ايوارڊ سان به نوازيو ويو. بي ڪي ٿاپر سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا تحرير ڪيا. جن مان ڪجهه ڪتابن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.

ڪتاب ۽ مقالا

• Indian megaliths in Asian context - with Arun Kumar Sharma (1994)
• Conservation of the Indian heritage - with Bridget Allchin and Frank Raymond Allchin (1989)
• Recent archaeological discoveries in India (1985)
• Approaches to the Archaeological Heritage Chapter 7, India - Henry Cleere (1984)
• History of Humanity: Scientific and Cultural Development. Book Chapter: The Indus Valley: 3000-1500 BC. Dani, A. H. and Mohan, J.-P. (eds.), Vol. II UNESCO and Rutledge: 246-265 - with Mohammed Rafique Mughal (1996)