سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2860
  • 479
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

وريندرا ناٿ مسرا V. N. Misra

وريندرا ناٿ مسرا V. N. Misra

ڀارتي آرڪيالاجسٽ وريندرا ناٿ مسرا (وي اين مسرا) سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ آرڪيالاجسٽن جي سٿ جو ساٿي رهيو آهي. پاڻ اتر پرديش جي ضلعي فرخ آباد جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کانڊولي ۾ 9 جنوري 1935ع تي جنم ورتو ۽ 31 آڪٽوبر 2015ع ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ لکنو يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد دکن ڪاليج ۾ ملازمت حاصل ڪئي، بعد ۾ آرڪيالاجي جي شعبي ۾ پوني يونيورسٽي مان گريجوئيشن جي ڊگري ورتي. پاڻ قديم تاريخ ۽ ايٿنو آرڪيالاجي ۾ ماهر تصور ڪيو ويندو هو. هن راجسٿان، مڌيا پرديش ۽ مهاراشٽرا ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن تي تحقيق ڪئي ۽ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي.

ڪتاب ۽ مقالا

• V. N. Misra and M. S. Mate (eds.). Indian Prehistory: 1964. Pune: Deccan College.1965.
• V. N. Misra. Pre and Proto-history of the Berach Basin, South Rajasthan. Poona : Deccan College.1965.
• J. R. Lukacs, V. N. Misra, and K. A. R. Kennedy. Bagor and Tilwara: Late Mesolithic Cultures of Northwest India. Vol. I: The Human Skeletal Remains. Poona: Deccan College.1967.
• V. N. Misra, Y. Mathpal and M. Nagar. Prehistoric Man and his Art at Bhimbetka, Central India. Poona.1978.
• V. N. Misra and Peter Bellwood (eds.). Recent Advances in Indo-Pacific Prehistory. Delhi: Oxford-IBH.1985.
• V. N. Misra (ed.) Indus Civilization, a special Number of the Eastern Anthropologist. Lucknow: Ethnographic & Folk Culture Society.1992.
• V. N. Misra and A. K. Kanungo (eds). Dr. Swarajya Prakash Gupta: An Academic and Human Profile. Indian Society for Prehistoric and Quaternary Studies.2009.