سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

رنڊال وليم لا Randall William Law

رنڊال وليم لا Randall William Law

سنڌو سڀيتا جي شهرن تمدن تي تحقيق ڪندڙ ماهر رنڊال وليم لا (ٽو) وسڪونسن ميڊسن يونيورسٽي ۾ آنرري فيلو آهي. پاڻ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري مشهور آرڪيالاجسٽ جوناٿن مارڪ ڪينوائر جي رهبري هيٺ وسڪونسن ميڊسن يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. رنڊال وليم لا سنڌو سڀيتا جي شهري مرڪزن وچ ۾ قائم گڏيل رابطن ۽ ان دور جي رهواسين وچ ۾ قدرتي وسيلن جي مٽاسٽا جي نظام تي تحقيق ڪري رهيو آهي. سندس تحقيق جو خاص محور موهن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ رابطن بابت رهيو آهي. هن تحقيق بعد اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ ڍولاويرا مان مليل سوراخ وارا پٿر هڙاپا مان آندا ويا هئا. سندس سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا دنيا جي مشهور تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

ڪتاب ۽ مقالا:

• Ancient Indus Silver Isotope Analysis, (with James H. Burton), American Laboratory, Sept. 2008
• Moving Mountains: The Trade and Transport of Rocks and Minerals with the Greater Indus Valley Region, Space and Spatial Analysis in Archaeology, Jan 1, 2006
• A Technique for Determing the Provenance of Harappan Banded Limestone "Ringstones" Using ICP-AES, Jan 1, 2006
• A Diachronic Examination of Lithic Exchange Networks During the Urban Transformation of Harappa, South Asian Archaeology, 2003.
• Regional Interaction in the Prehistoric Indus Valley, South Asian Archaeology 2001
• Black Chert Source Identified at Nammal Gorge, Salt Range, Ancient Pakistan
• Potential Steatite Sources for the Indus Civilization, Paper delivered at the April 6-8 2001 at the International Colloquium on the Indus Valley Civilization in Islamabad, Pakistan
• The Important Stone and Metal Resources of Gujarat during the Harappan Period,
• INAA of agate sources and artifacts from the Indus, Helmand, and Thailand Regions, Archaeology, Agate, and Instrumental Neutron Activaation Analysis (INAA), (with Alison Carter and Kuldeep Kumar Bhan)
• Inter-regional interaction and urbanism in the ancient Indus Valley: a geologic provenience study of Harappa's rock and mineral assemblage, RIHN, Kyoto, Jan 1, 2011
• Non-destructive: Pb isotope analysis of Harappan Lead Artifacts using Ethylenediaminetetraacetic Acid and ICP-MS.(practically), dialnet. unirioja.es, Jan 1, 2006