مائيڪل پيتراگليا Michael Petraglia
مائيڪل پيتراگليا آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ايشين آرڪيالاجي بابت سينٽر جو ڪو ڊائريڪٽر ۽ قديم تاريخ ۽ انساني نسل جي ارتقا بابت شعبي جو پروفيسر آهي. پاڻ ساڳي وقت لينسر ڪاليج آڪسفورڊ جو سينئر ريسرچ فيلو به آهي. مائيڪل واشنگٽن جي سنٿسونين انسٽيٽيوٽ جي هيومن اوريجنس پروگرام جو به ميمبر آهي. سندس تحقيق جا خاص شعبا پيليولٿڪ آرڪيالاجي، لٿڪ آرڪيالاجي ۽ ماڊرن هيومن اورينجس رهيا آهن. پاڻ برصغير، اوڀر اتر آمريڪا، عرب سحارا تي تحقيق ڪري رهيو آهي.
آرڪيالاجي جي ماهر پيتراگليا 1982ع ۾ نيويارڪ يونيورسٽي مان انيٿروپلاجي ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ پاڻ يونيورسٽي آف نيو ميڪسيڪو مان ساڳي شعبي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد هن ساڳي يونيورسٽي مان اينٿروپلاجي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد تحقيق جي ميدان ۾ پير پاتو. پاڻ سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي سلسلي ۾ مختلف پراجيڪٽن تي ڪم ڪري رهيو آهي. پيتراگليا 2008ع کان ڀارت جي مڌيا پرديش ۾ سون ماٿري آرڪيالاجيڪل پراجيڪٽ جو ڊائريڪٽر آهي. جڏهن ته 2003ع کان آنڌرا پرديش ۾ ڪرنول ڊسٽرڪٽ آرڪيالاجيڪل پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر طور به ذميواريون نڀائي رهيو آهي. پيتراگليا 2004ع کان ڏکڻ دکن ۾ قديم تاريخ بابت پراجيڪٽ جو به ڪو ڊائريڪٽر آهي. پاڻ سنڌو ماٿري ۾ پٿر دور جي ماڳن تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا شايع ٿيل اٿس.
ڪتاب
• Petraglia, M.D. and Boivin, N. (eds). From Colonisation to Globalisation: Species Movement in Human History. Cambridge University Press: Cambridge, 2014
• Petraglia, M.D., R. Korisettar and J.N. Pal (Eds). The Toba Super-Volcanic Eruption of 74,000 Years Ago: Climate Change, Environments, and Evolving Humans. Special journal issue of Quaternary International. no. 258. 2012
• Petraglia, M.D. & Allchin, B., (2007), The Evolution and History of Human Populations in South Asia: Inter-disciplinary Studies in Archaeology, Biological Anthropology, Linguistics and Genetics, Netherlands: Springer Press, 2007
• Petraglia, M.D. & Potts, R., (2004), The Old World Paleolithic Collections and the Development of a National Collection, Washington, D.C.: Smithsonian Contributions to Anthropology Seriesm 2004