سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

هينري هيرس Henry Heras, SJ

هينري هيرس Henry Heras, SJ

اسپين جي آرڪيالاجسٽ هينري هيرس سنڌو سڀيتا ۽ قديم هند سنڌ جي تاريخ تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي. سندس جنم اسپين جي شهر بارڪيلونا ۾ 11 سيپٽمبر 1888ع ۾ ٿيو ۽ پاڻ 14 ڊسمبر 1955ع ۾ ڀارت جي شهر بمبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن ابتدائي تعليم بعد 1904ع ۾ مسيحي سوسائٽي ۾ داخلا ورتي ۽ عيسائي مذهب بابت تعليم حاصل ڪئي، کيس 1920ع ۾ مسيحي پنڊت جو درجو ڏنو ويو. پاڻ 1922ع ۾ انڊيا آيو ۽ هتي هڪ مسيحي چرچ ۾ مذهبي پنڊت مقرر ڪيو ويو. مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پنڊت نامزد ٿيڻ بعد پاڻ فادر هيراس جي نالي سان مشهور ٿيو. انڊيا پهچڻ بعد هن هتان جي تاريخ، ثقافت ۽ قديم تهذيب ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجي شاگردن کي تاريخ ۽ تهذيب تي تحقيق لاءِ تيار ڪرڻ لڳو. فادر هيراس 1926ع ۾ انڊين هسٽاريڪل سوسائٽي جو بنياد وڌو، ان سوسائٽي طرفان پاڻ تاريخ ۽ انڊيا جي تهذيب بابت تحقيق جي شروعات ڪئي. سندس مرتئي بعد انڊين هسٽاريڪل سوسائٽي کي سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو.
فادر هيراس شروع ۾ يعني 1927ع ڌاري انڊيا ۾ مغل دور تي تحقيق ڪئي. بعد ۾ 1935ع ڌاري پاڻ موهن جو دڙو ۽ هڙاپا تي تحقيق ۾ شامل ٿيو ۽ هن سنڌو سڀيتا جي لکت کي پڙهڻ لاءِ پنهنجون توانايون استعمال ڪرڻ شروع ڪيون. هن سنڌو سڀيتا ۽ ميسوپوٽيما جي تهذيبن وچ ۾ لاڳاپن تي به کوجنا ڪئي. فادر هيراس سنڌو سڀيتا ۽ ان جي لکت تي ڪيترائي تحقيقي مقالا تحرير ڪيا. برطانوي حڪومت طرفان کيس انڊيا ۾ تاريخي رڪارڊ محفوظ ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. پاڻ انڊين هسٽري ڪانگريس ۽ انٽرنيشنل ڪانگريس آف هسٽاريڪل سائنس جو به ميمبر رهيو. کيس برصغير سان ايڏو ته لڳاءُ هيو جو پاڻ هتان جي شهريت حاصل ڪئي ۽ پنهنجي حياتي جا آخري پساهه به هتي پورا ڪيا.

ڪتاب ۽ مقالا

• The Writing of History, Madras, 1926.
• The Aravidu Dynasty of Vijayanagara, Madras, 1927.
• Beginning of Vijayanagara History, Bombay, 1929.
• The Conversion Policy of the Jesuits in India, Bombay, 1933.
• Studies in Pallava History, Madras, 1933.
• Studies in Proto-Indo-Mediterranean Culture, 1955.