سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

اروري ديدير Aurore Didier

فرينچ آرڪيالاجسٽ اروري ديدير سنڌو سڀيتا تي پاڪستان ۽ فرانس جي گڏيل مشن هيٺ مڪران ۽ سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾ تحقيق ڪري رهي آهي. ”مشن آف انڊس“ ‘Mission of Indus’ (MAI) جي نالي سان هن پراجيڪٽ جي شروعات مشهور فرينچ آرڪيالاجسٽ جين ميري ڪيسل طرفان 1958ع کان ڪئي وئي. هن پراجيڪٽ جو مقصد بلوچستان ۽ سنڌو ماٿري جي لهواري خطي ۾ سنڌو سڀيتا جي لڪل رخن کي ظاهر ڪرڻ هيو. جين ميري ڪيسل بعد ان پراجيڪٽ کي اروري ديدير جاري رکيو. ان مشن ۾ ساڻس پروفيسر آر بيسينول ۽ ڊاڪٽر وي مارڪون شريڪ رهيا.
ڊاڪٽر اروري ديدير فرينچ نيشنل سينٽر فار سائنٽيفڪ ريسرچ French National Center for Scientific Research (CNRS) جي محقق ۽ فرينچ آرڪيالاجيڪل مشن ان دي انڊس بيسن French Archaeological Mission in the Indus Basin (MAFBI) جي ڊائريڪٽر آهي. پاڻ ان مشن تحت سنڌ جي لاڙ واري خطي ۽ بلوچستان جي مڪران ۾ سنڌو سڀيتا تي وڌيڪ کوجنا ڪري رهي آهي. پاڻ 2001ع کان 2006ع تائين بلوچستان جي ڪيچ مڪران واري علائقي ۾ ڊاڪٽر رولينڊ بيسينولRoland Besenval جي سربراهي ۾ قديم ماڳن جون کوٽايون به ڪرايون آهن. هن انهن کوٽاين ۽ کوجنا تي ڪتاب به شايع ڪيو. اروري ديدير مهر ڳڙهه ۽ نوشهره جي قديم ماڳن بابت ٿيل کوجنا تي ڊاڪٽر جين فرانڪوس جارجي سان گڏ تفيصلي تحقيقي رپورٽ تيار ڪئي. جڏهن ته هن مڪران ۾ سنڌو سڀيتا تي ٿيل تحقيق ڪتابي صورت ۾ تيار ڪئي آهي. پاڻ تازو سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي مرڪز چانهون جي دڙي تي وڌيڪ کوٽائي ڪرائي آهي. سندس ڪافي ڪتاب ۽ رپورٽون فرانسيسي زبان ۾ شايع ٿيل آهن.

ڪتاب ۽ رپورٽون:


• DIDIER, A. (2013) La production céramique du Makran (Pakistan) à l’âge du Bronze ancien. Contribution à l’étude du peuplement ancien des régions indo-iraniennes. MAFACAM XIV. Paris: Diffusion de Boccard. 376 pp.
• Jarrige, J.-F., Quivron, G. & Jarrige, C. with the collaboration of J.F. Haquet, A. Didier & R. Meadow (2011) Nindowari (Pakistan). The Kulli culture, its origin and its relations with the Indus Civilization. Editions.
• Besenval, R. & Didier, A. (2004) Peuplement protohistorique du Kech-Makran au 3ème millénaire av. J.-C.: l’assemblage céramique de la période IIIc sur le site de Miri Qalat. Paléorient 30/2: 159-177
• Didier, A. (2011) The use of colour in the Protohistoric pottery from Pakistani Balochistan and from Mundigak (Afghanistan): Cultural Identities and Technical Traditions. Annales de la fondation Fyssen n° 26: 126-149.
• Jarrige, J.-F., Didier, A. & Quivron, G. (2011) Shahr-i Sokhta and the Chronology of the Indo-Iranian Borderlands. Paléorient 37 (2): 7-34.
• Didier, A. (2011) Échanges et territoires culturels en Asie méridionale à la période protohistorique à partir de l’étude des productions peintes polychromes. 4ème Congrès International du Réseau Asie.
• Didier, A. & Méry, S. (2012) Les premières céramiques fines d’Asie moyenne aux IVe et IIIe millénaires av. J.-C. In : Lefèvre, V. (ed.) Orientalismes. De l'archéologie au musée. Mélanges en l'honneur de Jean-François Jarrige: 177-192. Brepols (collection Indicopleustoi).
• Didier, A. & Mutin, B. (2013) La production céramique protohistorique du Makran pakistanais dans la compréhension des relations indo-iraniennes. In: J. Bendezu-Sarmiento (dir.), CAC-IFEAC # 21-22, 2013 – p. 461-486.