غلام علي الانا Ghulam Ali Allana
سنڌ سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻولي تي تحقيق ڪندڙن ماهرن جي صف ۾ شامل رهيو آهي. پاڻ 15 مارچ 1930ع ۾ سنڌ جي جاتي شهر ڀرسان ڳوٺ تڙ خواجا ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان 1953ع ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ بي اي آنرس ڪئي. جنهن بعد ساڳي يونيورسٽي مان 1955ع ۾ سنڌي علم ۽ ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر الانا علم لسانيات ۽ علم صوتيات ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ ايم. اي ڪئي. پاڻ سڄي عمر تدريس ۽ تحقيق ۾ گذاري ڇڏي. کيس شروع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾1952ع ڌاري استاد مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ 1954ع ۾ پهريان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي ۽ پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ڪيو ويو، جتي هن 26 جنوري 1958ع تائين خدمتون سرانجام ڏنيون.جنهن بعد ڊاڪٽر الانا کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. جتان ترقي ڪندو، 1976ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. پاڻ جولاءِ 1963ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد 6 جنوري 1981ع کان 9 سيپٽمبر 1981ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين به ٿي رهيو. ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان سينئر پروفيسر جي حيثيت ۾ 14 مارچ 1990ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. بعد ۾ 21 جون 1993ع کان 28 جولاءِ 1995ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر به ٿي رهيو. جتان 25 جولاءِ 1995ع ۾ استعيفا ڏنائين. کيس سال 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پروفيسر ايمريٽس به مقرر ڪيو ويو.ڊاڪٽر الانا 9 آگسٽ 1983ع کان 4 سيپٽمبر 1989ع تائين علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ اسلام آباد جو وائيس چانسلر به ٿي رهيو. جڏهن ته 22 جولاءِ 1998ع کان آگسٽ 2001ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.
ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌو ماٿري جي ٻولي ۽ لکت تي به تحقيق ڪئي آهي. سنڌو ماٿري جي ٻولي بابت سندس اهو موقف رهيو آهي ته موهن جي دڙي جي وارثن جي ٻولي آڳاٽي سنڌي ٻولي آهي، موجوده سنڌي ٻولي جون پاڙون سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۾ کتل آهن، سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻولي مان جنم نه ورتو آهي، پر اها سنڌو ماٿري جي ماڻهن جي پنهنجي اصلوڪي ٻولي آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا به سنڌي ٻوليءَ کي هتان جي اصلوڪي ٻولي قرار ڏئي ٿو. جنهن کي هو ”سنڌوئي“ جو نالو ڏئي ٿو. ڊاڪٽر الانا جي سنڌي ٻولي بابت اها راءِ آهي ته جيئن ته 5 هزار سال پراڻي سنڌي ڪلچر ۽ سڀيتا جو تسلسل اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي ته ٻولي ۾ به ساڳيو تسلسل هوندو. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌو سڀيتا جي وارثن جي ان ٻولي ۽ لکتن کي ان پسمنظر ۾ پڙهڻ گهرجي.
ڪتاب ۽ مقالا
• سنڌي صورتخطي، 1964ع
• سنڌي نثر جي تاريخ، 1966ع
• سنڌي صوتيات، 1967ع
• سنڌي زبان جي بنيادي لغت، 1973ع
• سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بُنياد، 1974ع
• سنڌ جي لساني جاگرافي، 1979ع
• سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، 1987ع
• سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا، 2007ع
• Introduction of Sindhi literature (1991)
• Papers on Sindhi Language & Linguistics, 1999
• Sindhi Language and Literature at a Glance, 2009