سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

وينا مشرف ترپاٺي Veena Mushrif Tripathy

وينا مشرف ترپاٺي Veena Mushrif Tripathy

وينا مشرف ترپاٺي دکن ڪاليج پوني جي آرڪيالاجي شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر آهي. پاڻ 12 جولاءِ 1975ع تي جنم ورتو. هن تاريخ جي مضمون ۾ بي اي ڪرڻ بعد انڊيا جي قديم تاريخ، ثقافت ۽ آرڪيالاجي ۾ ايم اي ڪئي. جنهن بعد ساڳي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي 16 سالن کان تحقيق ڪري رهي آهي. قديم تهذيبن جي کوٽائين مان هٿ آيل انساني ڍانچن جي نسلي جائزي ۽ منجهن موجود بيمارين بابت تحقيق سندس خاص شعبو آهي. پاڻ 2011ع ۾ ڀارت جي هريانه رياست جي قديم ماڳ فرمانا جي بائيو اينٿروپلاجيڪل پراجيڪٽ تي به شريڪ محقق طور ڪم ڪيو. ان کان اڳ 2010ع ۾ ڪالي بنگن ۽ هڙاپا جي قديم ماڳن تان مليل انساني ڍانچن تي به تحقيق ڪئي، ان تحقيق جو مقصد سنڌو سڀيتا جي دور ۾ ان وقت جي ماڻهن جو نسلي جائزو ۽ منجهن موجود بيمارين جو سائنسي بنياد تي پتو لڳائڻ هو. وينا مشرف ترپاٺي هريانه، گجرات ۽ پاڪستان ۾ سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي قديم ماڳن تي تحقيق ڪري آهي. پاڻ ڪيترن ئي تحقيقي ڪتابن ۽ مقالن جي مصنف آهي.

ڪتاب ۽ مقالا

• Shantanu Ozarkar and Veena Mushrif-Tripathy, Population affinities of Parsis in the Indian subcontinent, Wiley Online Library, Jan 1, 2011.
• Veena Mushrif-Tripathy, Human Skeletal Studies in India: A Review, SpringerBriefs in Archaeology, 2014.
• Erik R Otárola-Castillo, Benjamin Valentine, George Kamenov, and Veena Mushrif-Tripathy, Evidence for Patterns of Selective Urban Migration in the Greater Indus Valley (2600-1900 BC): A Lead and Strontium Isotope Mortuary Analysis, PLOS ONE, 2015.
• Veena Mushrif-Tripathy, Osteological Study of a Human Skeleton Excavated from Vaharvo Timbo, District Patan, Gujarat.
• Veena Mushrif-Tripathy and Roopashree Talanki, A Study on Human Skeletal Remains from Porunthal, Tamil Nadu.
• Veena Mushrif-Tripathy, Harappan Interments at Rakhigarhi, Haryana.
• Veena Mushrif-Tripathy, LIVING WITH FLOODS Archaeology of a Settlement in the Lower Ganga Plains, c.600-1800 CE.
• Veena Mushrif-Tripathy, Maxillary Sinusitis from India: A Bio-cultural Approach.
• Veena Mushrif-Tripathy and Subhash Walimbe, A Companion to South Asia in the Past.
• Gwen Robbins Schug, Veena Mushrif-Tripathy, Dr. A.R. Sankhyan, and Kelsey Gray, A Peaceful Realm? Trauma and social differentiation at Harappa.
• Veena Mushrif-Tripathy and Sutapa Lahiri, Where are they now? Human Skeletal Remains in India.