سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

بينجمن ويلنٽائين Benjamin Valentine

بينجمن ويلنٽائين Benjamin Valentine

سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ماهر بينجمن ويلنٽائين بائيوآرڪيالاجسٽ آهي. پاڻ ڏکڻ ايشيا ۽ خاص ڪري سنڌو سڀيتا جي وارثن بابت جديد سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪري رهيو آهي. ويلنٽائين بائيو جيوڪيميڪل ڊيٽا ذريعي ان دور ۾ آبهوا ۽ ماحولياتي تبديلين سبب رهائشي نظام ۾ ڦيرڦار ۽ لڏپلاڻ متعلق کوجنا ۾ به مصروف آهي. بينجمن ويلنٽائين آمريڪا جي ڊارٽموٿ ڪاليج يونيورسٽي جي اينٿروپلاجي شعبي سان سلهاڙيل آهي. کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻ دوران 2011ع ۾ فلوريڊا يونيورسٽي طرفان سنڌو سڀيتا جي وارثن جي شناخت ۽ لڏپلاڻ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ گرانٽ به مهيا ڪئي وئي.

ڪتاب ۽ مقالا

• Benjamin Valentine, George D. Kamenov, Jonathan Mark Kenoyer, Vasant Shinde, V. Mushrif-Tripathym Evidence for Patterns of Selective Urban Migration in the Greater Indus Valley (2600-1900 BC): A Lead and Strontium Isotope Mortuary Analysis, PLOS ONE, 2015
• Benjamin Valentine, Evidence for Patterns of Selective Urban Migration in the Greater Indus Valley (2600-1900 BC): A Lead and Strontium Isotope Mortuary Analysis, PLOS ONE, 2015
• Benjamin Valentine, Resource depression, climate change, and mountain sheep in the eastern Great Basin of western North America, Archaeological and Anthropological Sciences, 2013
• Benjamin Valentine, Reconstructing Neolithic groups in Sarawak, Malaysia through lead and strontium isotope analysis, Journal of Archaeological Science, 2008