شري ڪلارڪ Sharri Clark
سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ آمريڪا جي نامياري آرڪيالاجي ماهر شري ڪلارڪ هارورڊ يونيورسٽي جي اينٿروپلاجي ڊپارٽمينٽ مان آرڪيالاجي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ آمريڪا جي اوڪلاهوما شهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽريٽ جي ڊگري دوران سندس تحقيق جو محور پاڪستان، انڊيا ۽ اسرائيل ۾ آرڪيالاجي بابت فيلڊ ورڪ هيو. شري ڪلارڪ جي تحقيق جو محور هڙاپا مان مليل پڪل مٽي جا ٿانون ۽ ان دور جي ماڻهن ۾ سماجي رابطا هو. شري ڪلارڪ پنهنجي تحقيق دوارن پاڪستان حڪومت جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ طرفان ٿيل تحقيق ۽ ميوزمن ۾ گڏ ٿيل قديم نوادرات ۽ ٻئي مواد کي استعمال هيٺ آندو. هن پنهنجي تحقيق دوران هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ پاران پاڪستان ۾ قديم آثارن جي کوٽاين دوارن هڙاپا ميوزم، نيشنل ميوزم ۽ لاهور ميوزم ۾ رکيل نوادرات کي به پنهنجي کوجنا ۾ شامل ڪيو. ان سان گڏوگڏ پاڻ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا طرفان ٿيل تحقيق ۽ نيشنل ميوزم آف انڊيا ۾ رکيل قديم نوادرات مان به فائدو حاصل ڪيو. ڊاڪٽر ڪلارڪ گڏيل قومن جي اداري يونيسيڪو جي پاڪستان ۾ ڪلچرل هيريٽيج پرزرويشن پروگرام ۽ هڙپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پروجيڪٽ جي ڪنسلٽنٽ به رهي. شري ڪلارڪ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي آرڪيالاجي بابت به ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا آهن. پاڻ ڪمپيوٽر سسٽم اسپيشلسٽ به آهي. هن ڪمپيوٽر سائنس ۾ اوڪلاهوما اسٽيٽ يونيورسٽي مان بي ايس جي ڊگري به حاصل ڪئي آهي.
سندس سنڌو سڀيتا تي لکيل مقالن ۽ ڪتابن جو وچور هتي پيش ڪجي ٿو.
• Sharri R. Clark, The Social Lives of Figurines
• Recontextualizing the Third-Millennium-BC Terracotta Figurines from Harappa. Papers of the Peabody Museum 86