سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

اورل اسٽين Aurel Stein

قديم آثارن ۽ جاگرافي جي برطانوي ماهر اورل اسٽين کي ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي قديم تهذيبن ۽ جاگرافيائي لنگهن بابت تحقيقات جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ پاڪستان، ايران، چائنا، ترڪستان سميت وچ ايشيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ قديم تهذيبن ۽ لنگهن تي کوجنا ڪئي. سندس کوجنا جو اهم مقصد سڪندر اعظم جي سنڌ تي حملي وارو لنگهه معلوم ڪرڻو هيو. ان بهاني هن ان کوج دوران سڪندر اعظم جي اچڻ کان به سوين هزارين سال اڳ جي ماڳن تائين به رسائي حاصل ڪئي ۽ انهن جي کوٽائي ڪرائي. اورل اسٽين هنگري جي بڊاپسٽ شهر ۾ 26 نومبر 1862ع تي جنم ورتو. جڏهن ته پاڻ 26 آڪٽوبر 1943ع ۾ افغانستان جي شهر ڪابل ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اورل اسٽين سڄي عمر ڪنوارو رهيو. پاڻ يوناني، ليٽين، فرينچ ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو هو. هن ڪاليج جي پڙهائي بعد سنسڪرت ۽ فارسي ۾ گريجوئيشن ڪئي. بعد ۾ 1883ع ۾ داڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.
اورل اسٽين پنجاب ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ گنويري والا کي دريافت ڪيو. اورل اسٽين بهاولپور ۾ سڪي ويل هاڪڙو درياهه جي پيٽ ڀرسان به کوجنا ڪري قديم دور جا ماڳ هٿ ڪيا. اورل اسٽين خيبر پختون خواهه صوبي ۾ 1898ع کان 1928ع تائين قديم دور جي ماڳن تي کوجنا ڪئي ۽ علائقي جو سروي ڪرايو. پاڻ مالاڪنڊ ۾ پهريون ڀيرو اتان جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي سهڪار سان قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. هن ان کوجنا دوارن سنڌو سڀيتا سان گڏ ٻڌ دور جا به ڪيترائي قديم ماڳ دريافت ڪيا. اسٽين اها کوجنا ان وقت شروع ڪئي، جڏهن پاڻ لاهور جي اورينٽل ڪاليج جو 1888ع کان 1899ع تائين پرنسپال هيو. برطانوي حڪومت کيس ان وقت جي اين ڊبليو ايف پي ۽ موجوده ڪي پي ڪي صوبي ۾ آرڪيالاجي جو سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو. جيئن پاڻ ان خطي ۾ قديم تهذيب بابت سروي ۽ کوٽائي جو ڪم شروع ڪري سگهي. پاڻ ان عهدي تي 1904ع کان 1917ع تائين مقرر رهيو. ان عهدي تان رٽائر ٿيڻ بعد به هن خطي ۾ تحقيقات جو ڪم جاري رکيو. پاڻ سوات ۾ به قديم آثارن تي کوجنا ڪئي. ڪي پي ڪي ۾ اورل اسٽين جي تحقيقات جو اهم مقصد سڪندر اعظم جي سنڌ آمد جو دڳ ڳولڻ هيو. هن بلوچستان ۾ به سنڌو سڀيتا جي ڪيترائي قديم ماڳ ڳولي لڌا، جن ۾ پيراڻو گنڊائي، دبر ڪوٽ ۽ ڪلي شامل آهن. جن مان ڪيترن ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي. هن 1927 ۽ 1928ع ۾ ڪلي جي ماڳ جي کوٽائي ڪرائي.
اورل اسٽين سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي پوئتي پوڻ جو سبب آبهوا جي تبديلي ثابت ڪيو. هو سنڌو سڀيتا جي زوال بابت نام نهاد آرين جي حملي واري تصور کي رد ڪندڙ ماهرن مان هيو.اسٽين قديم سنڌو سڀيتا ۽ ميسوپوٽيما جي تهذيب وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي حوالي سان به تحقيق ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ايران ۽ بلوچستان ۾ قديم ماڳن جون به کوٽايون ڪرايون. گوتم ٻڌ جي دور تي سندس تحقيق به اهميت لائق آهي. کيس آرڪيالاجي ۽ جاگرافي جي شعبي ۾ اهم دريافتون ڪرڻ تي ڪيترن ئي اعزازن ۽ ايوارڊن سان به نوازيو ويو. جن ۾ رائل جاگرافيڪل سوسائٽي طرفان فائونڊرس ميڊل ۽ رائل ايشياٽڪ سوسائٽي بمبئي طرفان گولڊ ميڊل ڏنو ويو. ان کانسواءِ کيس آئرلينڊ ۽ گريٽ برٽين طرفان به گولڊ ميڊل ۽ ايوارڊ ڏنا ويا. کيس يونيورسٽي آف ڪيمبرج طرفان ڊاڪٽر آف سائنس ۽ ايس ٽي اينڊريو يونيورسٽي طرفان قانون جي اعزازي ڊگري به ڏني وئي.

ڪتاب ۽ مقالا

• An Archeological tour along the Gaaggar-Hakra River, 1940-42, in S. P. Gupta(ed.) 1943.
• Detailed Report on an Archaeological Tour with the Buner Field Force, Lahore, Punjab Government Press. 1898.
• Report of Archaeological Survey Work in the North-West Frontier Province and Baluchistan, Peshawar, Government Press, N.W. Frontier Province. 1905.
• On Alexander's Track to the Indus: Personal Narrative of Explorations on the North-West Frontier of India. London, Macmillan & Co. Reprint: New York, Benjamin Blom, 1972.
• On Ancient Central-Asian Tracks : vol.1, 1933
• Archaeological Reconnaissances in North-Western India and South-Eastern Īrān : vol.1, 1937
• Old Routes of Western Iran: Narrative of an Archaeological Journey Carried out and Recorded, MacMillan and co., limited. St. Martin's Street, London. 1940
• Archaeological Notes from the Hindukush Region. J.R.A.S., pp. 1–24 + fold-out. 1944.