لورينس ويڊل Laurence Waddell
ناميارو آرڪيالاجسٽ لورينس آسٽين ويڊل انڊيا ۾ برطانوي فوج جي طب واري شعبي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل هيو. سندس جنم 29 مئي 1854ع تي ٿيو ۽ پاڻ 1938ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ بيچلر جي ڊگري ميڊيسن ۾ حاصل ڪئي، بعد ۾ 1878ع ۾ گلاسگو يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگريون سرجري ۽ ڪيمسٽري ۾ حاصل ڪيون. پاڻ 1880ع ۾ برٽش انڊين آرمي ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ملازمت حاصل ڪئي، کيس انڊيا، تبت، چائنا ۽ برما ۾ مقرر ڪيو ويو. فوج جي ملازمت مان فارغ ٿيڻ بعد کيس ڪلڪتا جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪيمسٽري ۽ پيٿالاجي جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. هن انڊيا ۾ ملازمت دوران سنسڪرت ٻولي سکي. 1895ع ۾ هن قانون جي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي به ڊگري حاصل ڪئي. ويڊل ملازمت دوران انڊيا، نيپال ۽ تبت جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏٺي ۽ ٻڌ مذهب بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪئي. جنهن بعد پاڻ ٻڌ مذهب بابت ڪتاب به تحرير ڪيا. فوج ۾ ملازمت دوارن ئي هن آرڪيالاجي ۽ قديم تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ ان متعلق ڪافي مطالعو ڪيو. هن 1908ع ۾ سميرين ٻولي به سکي ۽ سميرين تهذيب تي به تحقيقاتي ڪم ڪيو. انڊيا ۾ ڪيترائي قديم ماڳ سندس نگراني هيٺ کوٽايا ويا. ويڊل سرڪاري ملازمت مان رٽائر ٿيڻ بعد پنهنجو سڄو ڌيان قديم تهذيب ۽ ٻولين بابت تحقيق تي ڏيڻ شروع ڪيو.
لورينس آسٽين ويڊل انتهائي تڪراري ۽ يورپين نسلي برتري ۾ مبتلا ماهر هيو. هن اڌ دنيا تي برطانيه جي قبضي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ يورپين جي نسلي برتري جا مفروضا قائم ڪيا. جنهن ۾ هڪ وڏو مفروضو آرين جي نسلي برتري جو جواز پئدا ڪرڻ هيو. هن 1917ع ۾ آريا نسل جي برتري بابت لکڻ جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ هن آرين کي دنيا جي تهذيبن جو خالق قرار ڏنو. هو آرين جي نام نهاد نسلي مٿڀرائپ جو بنياد وجهندڙ ماهرن جي صف ۾ شامل هيو. هن آرين جي نسلي برتري کي جواز فراهم ڪرڻ لاءِ ٻولين بابت هڪ هٿ ٺوڪيو انڊو-آرين ٻولين جو مفروضو سامهون آندو. جنهن بابت هن ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا ۽ پنهنجي ان مفروضي کي وڌ کان وڌ ڦهلايو. هن برطانيه جي قبضي هيٺ آيل ملڪن جي تهذيبن کي آرين نسل جون تهذيبون ۽ سندن ٻولين کي آرين گروپ جون ٻوليون قرار ڏيڻ لاءِ هٿ ٺوڪيا تصور قائم ڪيا. سندس ان مفروضي مان برطانيه جون پراڻيون بيٺڪون اڌ صدي گذرڻ باوجود جند ڇڏائي نه سگهيون. ويڊل ۽ سندس هم خيال آرڪيالاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن عراق، مصر ۽ سنڌو ماٿري جي تهذيبن. ٻولين ۽ لکتن بابت جيڪي به تحقيقي نتيجا سامهون آندا، انهن ۾ هنن پنهنجي بيٺڪي يورپي آرين واري تصور کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. بدقسمتي سان بيٺڪي ملڪن منجهه تعليم ان سطح تي نه پهتي هئي، جو اتان جا ماڻهو انهن مفروضن کي ٿڏي تي ئي رد ڪن ها، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته بيٺڪي ملڪن به سندن ان قبضيگيري واري تصور کي نه فقط قبول ڪيو، پر ڪيتري وقت تائين ان مان جان آجي ڪرائي نه سگهيا. ان دور ۾ يورپي نسل پرست ماهرن طرفان قائم ڪيل مفروضا هتان جي ماڻهن سان اڄ تائين ڄور وانگر چهٽيل آهن.
ويڊل نه فقط سنڌو ماٿري تي آرين جي حملي واري مفروضي کي سگهه بخشي پر ان کان اڳ عراق جي سميرين تهذيب کي به آرين جي تهذيب قرار ڏنو. ساڳي طرح مصر جي تهذيب کي به يونان ۽ روم جي ماڻهن جو ڪارنامو قرار ڏيڻ کان وسان نه گهٽايو. ويڊل 1925ع ۾ سنڌو لکت کي به سمجهڻ ۽ پڙهڻ جي دعوى ڪئي ۽ اهو نتيجو ڪڍيو ته هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان مليل لکتون عراق جي سميرين تهذيب جون آهن.
ڪتاب ۽ مقالا
• Buddhism of Tibet or Lamaism, With Its Mystic Cults, Symbolism and Mythology and in Its Relation to Indian Buddhism (1895)
• Among the Himalayas (1899)
• The Tribes of the Brahmaputra valley (1901)
• Lhasa and Its Mysteries - With a Record of the British Tibetan Expedition of 1903-1904 (1905)
• The "Dhāranī" cult in Buddhism: its origin, deified literature and images (1912)
• Phoenician Origin of the Britons, Scots, and Anglo-Saxons (1924, 2nd ed. 1925)
• Indo-Sumerian Seals Deciphered discovering Sumerians of Indus Valley as Phoenicians, Barats, Goths & famous Vedic Aryans 3100-2300 B.C. (1925)
• Sumer-Aryan Dictionary. An Etymological Lexicon of the English and other Aryan Languages Ancient and Modern and the Sumerian Origin of Egyptian and its Hieroglyphs (1927)
• Aryan Origin of the Alphabet (1927)
• Questionary on the Sumerian markings upon prehistoric pottery found in the Danube & associated valleys of Middle Europe (1928, small booklet)
• Makers of Civilization in Race and History (1929)
• Egyptian Civilization Its Sumerian Origin and Real Chronology (1930)
• The British Edda (1930)