ادريس صديقي Idress Sidique
سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيهي ماهرن ۾ محمد ادريس صديقي جو نالو به شامل آهي. پاڻ 1928ع ۾ گڏيل هندستان جي رياست يو پي ۾ جنم ورتو. جڏهن ته 4 فيبروري 2000ع ۾ لاهور ۾ وفات ڪري ويو. برصغير جي ورهاڱي بعد هن پاڪستان ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. شروع ۾ پاڻ هتي صحافت ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ ملازمت اختيار ڪئي. صديقي ڊائريڪٽر ريسرچ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيشنل افيئرز پڻ رهيو، کيس باباءِ اردو گولڊ ميڊل جي اعزاز سان به نوازيو ويو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾ سنڌو ماٿري تي سندس اردو ڪتاب ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ اهم آهي. سندس اهوڪتاب اردو ۾ 1952 ڌاري شايع ٿيو. بعد ۾ اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو ويو. صديقي سنڌ جا ڪيترائي قديم ماڳ پاڻ ڏٺا ۽ سروي ڪيا. انهن ماڳن بابت انگريزي ۾ به ڪتاب لکيا جن ۾ ڀنڀور ۽ ٺٽو اهم آهن.سندس سنڌو ماٿري جي سڀيتا بابت لکيل ڪتاب”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ ۾ سنڌو ماٿري جي سڀيتا، ٻولي، لکت ۽ ثقافت تي تفصيلي روشني وڌل آهي. هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، چانهون جي دڙي، ست ڪاجن جي دڙي، علي مراد، ڪوٽ آمري، دبرڪوٽ ۽ ٻين مختلف ماڳن جي کوٽائي مان حاصل ڪيل نوادرات تي به تفصيل سان لکيو ويو آهي.
ڪتاب
• سنڌو ماٿر جي سڀيتا، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1979ع