سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

اينڊريو روبنسن Andrew Robinson

اينڊريو روبنسن سنڌو سڀيتا جي لکت تي تحقيق ڪندڙن ماهرن جي صف ۾ شامل رهيو آهي. هن 1957ع ۾ برطانيه ۾ جنم ورتو. پاڻ ايٽن ڪاليج جي ڊريگون اسڪول مان ڪيمسٽري جي مضمون ۾ تعليم حاصل ڪئي. بعد ۾لنڊن جي اورينٽل اسڪول مان ٻولي جي موضوع تي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ پهريون ڀيرو 1975ع ۾ انڊيا آيو ۽ هتان جي ثقافت ۽ ٻولين بابت علم حاصل ڪيو. پاڻ انڊيا جي ٻولين ۽ قديم تاريخ تي ڪتاب لکيا. پاڻ هن وقت ڪيمبرج جي وولفسن ڪاليج جو وزيٽنگ فيلو آهي. روبنسن هن وقت لنڊن ۾ رهندڙ ۽ تحقيق جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. سندس برطانيه ۽ آمريڪا ۾ مختلف موضوعن تي 25 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جيڪي يورپ جي 13 ٻولين ۾ ترجمي ڪري به شايع ڪيا ويا آهن.
روبنس سنڌو ماٿري جي سڀيتا، ٻولي، مذهب ۽ شهري تمدن ۽ معاشي ۽ معاشرتي صورتحال تي تحقيق ڪري هڪ جامع ڪتاب The Indus: Lost Civilizations لکيو آهي. هي پهريون ماهر آهي، جنهن سنڌو سڀيتا جي دور ۾ زراعت ۽ چوپائي مال بابت به تفصيلي تحقيق ڪئي آهي. هن سنڌو لکت کي به پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي، ان متعلق تحقيقي مقالو The Indus script تحرير ڪيو آهي. سندس سنڌو سڀيتا تي لکيل ڪتاب ۽ مقالا محققن وٽ وڏي اهميت حاصل ڪري چڪا آهن.

[b]ڪتاب ۽ مقالا
[/b]
• Robinson,The Indus: Lost Civilizations, Reaktion Books, November 2015.
• Robinson, The Indus script, Current World Archaeology, 64, 2014.
• The Coasts of India with Ashvin Mehta. Thames and Hudson (1987).
• Earth Shock: Hurricanes, Volcanoes, Earthquakes, Tornadoes & Other Forces of Nature. Thames and Hudson (1993).
• The Story of Writing: Alphabets, Hieroglyphs and Pictograms. Thames and Hudson (2000).
• The Man Who Deciphered Linear B: The Story of Michael Ventris. Thames and Hudson (2002).
• Lost Languages: The Enigma of the World's Great Undeciphered Scripts. McGraw-Hill (2002).
• Einstein: A Hundred Years of Relativity. Palazzo Editions (2005).
• The Last Man Who Knew Everything: Thomas Young, The Anonymous Polymath Who Proved Newton Wrong, Explained How We See, Cured the Sick, and Deciphered the Rosetta Stone, Among Other Feats of Genius. Pi Press, (2006).
• The Story of Measurement. Thames and Hudson (2007).
• Writing and Script. Oxford University Press (2009).
• Genius: A Very Short Introduction. Oxford University Press (2011).
• Cracking the Egyptian Code: The Revolutionary Life of Jean-Francois Champollion. Thames and Hudson (2012), Oxford University Press (2012).
• India: A Short History. Thames & Hudson (2014).