سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

ڊيوڊ فراولي David Frawley

آمريڪي ماهر ڊاڪٽر ڊيوڊ فراولي ويدن، هندوازم، يوگا ۽ ستارن جي علم بابت 30 کان وڌيڪ ڪتابن جو خالق آهي. سندس جنم 1950ع ڌاري وسڪونسن آمريڪا ۾ ٿيو. پاڻ نيو ميڪسيڪو ۾ آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف ويدڪ اسٽيڊيز جو باني ۽ ڊائريڪٽر آهي. ان اداري ۾ ويدڪ ايسٽرولاجي، يوگا فلاسافي ۽ آريوويدڪ بابت تعليم ڏني ويندي آهي. پاڻ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويدڪ ۽ يوگا جي اداران سان سلهاڙيل آهي. کيس ڀارتي سرڪار 2015ع ۾ ملڪ جي ٽيئن نمبر وڏي ايوارڊ پدما ڀوشن سان پڻ نوازيو. هندو مذهب اختيار ڪرڻ تي کيس وما ديوا شاستري (Vamadeva Shastri ) جو نالو ڏنو ويو. پر پاڻ پنهنجي اصلي نالي ڊيوڊ فراولي طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر ڊيوڊ فراولي سنڌو سڀيتا تي به ڪافي تحقيق ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق پڻ آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا تي آرين جي حملي واري يورپين تصور کي رد ڪندڙ ماهرن مان هڪ آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا کي هتان جي اصلي مقامي رهواسين جي تهذيب قرار ڏئي ٿو ۽ ان جي زوال پٺيان آرين جي حملي واري تصور کي بي بنياد قرار ڏئي ٿو.

ڪتاب ۽ مقالا

• Myth of the Aryan Invasion of India, Voice of India, 2005.
• Gods, Sages, and Kings: Vedic Secrets of Ancient Civilization (1991), Lotus Press, Twin Lakes, Wisconsin
• Hinduism: The Eternal Tradition (Sanatana Dharma) (1995), Voice of India, New Delhi, India.
• In Search of the Cradle of Civilization (1995), (with Georg Feuerstein and Subhash Kak), Quest Books, Wheaton, Illinois.
• Hidden Horizons Unearthing 10,000 Years of Indian Culture, Swaminarayan Aksharpith, Amdavad (February 1, 2008)
• The Rig Veda: And the History of India (Rig Veda Bharata Itihas) July 1, 2003