سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

مالتي جي شاندي Malati J. Shendge

مالتي جي شاندي Malati J. Shendge


مالتي جي شاندي سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي تحقيقي ڪتاب لکيا آهن، هن ڀارتي انڊولاجسٽ جو جنم پهرين جنوري 1934ع ۾ ٿيو، پاڻ 1955ع ۾ فرگوسن ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ پوني يونيورسٽي مان ٻڌازم تي ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد پاڻ دهلي يونيورسٽي مان ٻڌ ڌرم تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ انڊين ڪائونسل آف هسٽاريڪل ريسرچ جي فيلو رهي چڪي آهي. جڏهن ته جواهر لال نهرو يونيورسٽي جي به فيڪلٽي ميمبر رهي چڪي آهي. شاندي پوني ۾ ڀارتي ثقافت ۽ تمدن بابت جوڙيل رنگ دتا وديڪار سينٽر جي اعزازي ڊائريڪٽر پڻ آهي.
مالتي شاندي سنڌو سڀيتا ۽ ويدڪ ڪلچر ۾ لاڳاپن بابت ڪيترن ئي ڪتابن جي به خالق آهي. نيويارڪ جي فورڊ فائونڊيشن کيس تحقيق جي شعبي ۾ ٻه ڀيرا فنڊ پڻ مهيا ڪيا. پاڻ ڪيترن ئي زبانن ۾ مهارت رکندڙ آهي. جنهن سبب کيس تحقيق جي ميدان ۾ وڌيڪ سهوليت حاصل ٿي. پاڻ سنڌو سڀيتا ۽ ويدڪ ڪلچر بابت 75 کان وڌيڪ مقالا به لکيا آهن. مالتي ان خيال جي آهي ته رگ ويد، سنسڪرت ٻولي ۽ انڊيا جي ثقافت سنڌو ماٿري جي تهذيب جي پيداوار آهن. سندس خيال موجب انڊيا جي تاريخ جو بنياد سنڌو ماٿري جي سڀيتا آهي. هن سنڌو سڀيتا جي لکت کي به پڙهڻ جي دعوى ڪئي آهي. سنڌو لکت جي نتيجن بابت پاڻ هڪ ڪتاب UNSEALING THE INDUS SCRIPT به تحرير ڪيو آهي.

ڪتاب ۽ مقالا

• The Civilized Demons: the Harappans in Rig Veda, 1977.
• Rigveda: The Original Meaning and its Recovery, 1989.
• Indian Historiography and Ethnolingustic History, 1993.
• The Aryas: Facts Without Fancy and Fiction. 1996.
• Songs and Ruins: Rigveda in Harappan Setting, 1995.
• The Language of the Harappans: From Akkadian to Sanskrit. 1997.
• Sat-Sashastrika Hevajratika, 2004
• UNSEALING THE INDUS SCRIPT, Anotomy of its Decipherment, 2009
• Buddhahood in this Body: Japanese Esoteric Buddhism (Shin-gon) in Context, 2009.
• Spectrum of Power Distribution in the Indus Civilization, paper read at IInd conference on Hierarchy and power in the History of Ancient Civilizations, St. Petersburg. 2002.
• The beginning of Philosophy in India: The Philosophy of the Rgveda, Journal of Indian Council of Philosophical Research, Special Issue, Chronology and Indian Philosophy, 145 - 161. 2001.
• The Political Organization of the Indus civilization: The First State of India, Paper read at the conference on Hierarchy and power in the History of Ancient. Civilizations I, Moscow, 2000.
• The Authorship of Rgveda, Annals, Bhandarkar Oriental Research Institute (=BORI), Vol. 81, 169 -73. 1998.
• The Language of the Harappans: From Akkadian to Sanskrit, New Delhi: Abhinava Publications. 1997.
• The Primordiality of Siva: Some New Linguistic evidence, Annals, BORI, Vol. 76, 114 - 128. 1996.