سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

مولائي شيدائي Moali shedaie

سنڌ جي نامياري محقق ۽ تاريخدان رحيمداد خان ”مولائي شيدائي“ ولد شير محمد خان بروهي 1894ع ڌاري سکر شهر ۾ جنم ورتو. پاڻ 12 فيبروري 1978ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن ابتدائي تعليم سکر جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ ورتي. انگريزي پڙهڻ لاءِ سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. هو مئٽرڪ ۾ پهتو ته سندس والد جيڪو ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو، رٽائر ٿيو. هن کيس تعليم اڌ ۾ ڇڏرائي ريلوي کاتي ۾ ”سن ڪوٽا“ تحت نوڪري وٺرائي ڏني. 1913ع ۾ ڀرتي ٿيل رحميداد ترقي ڪري گارڊ جي عهدي تي پهتو, جتان 1939ع ۾ رٽائر ڪيائين، جنهن بعد پنهنجو سڄو ڌيان لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ طرف لڳايو. پاڻ رٽائرمينٽ بعد صحافت جو شعبو به اختيار ڪيو. پاڻ ستاره سنڌ، سنڌ زميندار ۽ توحيد اخبارن ۾ لکندو رهيو. سندس سنڌ جي تاريخ، سياست ۽ ثقافت جي موضوع تي هزارين مقالا شايع ٿيا. مولائي شيدائي سنڌ جي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا.

ڪتاب ۽ مقالا

• جنت السنڌ، 1958ع
• تاريخ بلوچستان، 1941ع
• تاريخ تمدن سنڌ، 1959ع
• تاريخ خاصخيلي، 1961ع
• تاريخ بکر،
• تاريخ سکر،
• سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ،
• تاريخ ٽالپر،
• تاريخ سنڌ،
• سنڌ جا قديم شهر،