سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

هينري ڪزنس Henry Cousens

هينري ڪزنس Henry Cousens

برطانوي آرڪيالاجسٽ هينري ڪزنس آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو سپرينٽينڊنٽ هيو. سندس جنم 13 سيپٽمبر 1854ع تي اسڪاٽ لينڊ جي شهر پيسلي ۾ ٿيو. پاڻ برطانيه جي شهر ڪينٽ ۾ 5 نومبر 1933ع تي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ سول انجنيئرنگ ۽ بلڊنگ ڪنسٽرڪشن جو ماهر هو. پاڻ سٺو ڦوٽو گرافر ۽ مصور به هو. هن 1874ع ۾ برطانوي هند سرڪار طرفان بمبئي جي سروي لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪزنس 16 نومبر 1881ع تي انڊيا جي آرڪيالاجيڪل سروي ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. هن آرڪيالاجيڪل سروي ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت دوارن هتان جي مقامي ماڻهن کي سروي ۽ ڊرافٽنگ بابت تربيت ڏني. ڪزنس کي فيبروري 1906ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي ويسٽرن سرڪل پونا ۾ سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. برطانوي سرڪار طرفان کيس آرڪيالاجي جي شعبي ۾ خدمتن جي مڃتا طور مئي 1900ع ۾ قيصر هند جو خطاب ۽ گولڊ ميڊل ڏنو ويو. هينري ڪزنس انڊيا سميت سنڌ جي قديم آثارن تي بي بها تحقيق ڪئي ۽ ان متعلق سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، پاڻ 13 سيپٽمبر 1910ع تي سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي.

ڪتاب ۽ مقالا

• The Antiquities of Sind, with historical outline (1925) 1929
• Portfolio of Illustrations of Sind Tiles 1906. (This was a great collection of 50 beautifully rendered and rare tiles from Sind by Henry Cousens. The tiles illustrated are from the Great Mosque at Thatta, now a UNESCO World Heritage site, the Talpur Tombs in Hyderabad, and Abul Baki Purani’s mosque in Sukkur. Photo-Chromo-Lithographed by W. Griggs and Sons, Chromo-Lithographers to the King (of England). Issued by the Government of India.
• Bijapur and its Architectural Remains, with historical outline (1913) 1916
• The Chalukyan Architecture of the Kanarese Districts 1926
• An Account of the Caves at Nadsur and Karsambia, pp 11, pl VII, Bombay 1891
• The Architectural Antiquities of Western India (including many photographic plates) 1926 (copy signed to his daughter Mysie Tugwell, 12 March 1926) - Publisher "The India Society"
• The Architectural Antiquities of Northern Gujarat - Burgess and Cousens - 1903
• The Antiquities of the Town of Dabhoi in Gujarat - Burgess and Cousens - 1888
• The Medieval Temples of the Dakhan 1931
• Somanatha, and Other Medieval Temples, in Kathiavad 1931
• Several guide books to places in India