ايڇ ٽي لئمبرڪ H. T. Lambrick
ايڇ ٽي لئمبرڪ جيتوڻيڪ برطانوي سرڪار جو گڏيل هندستان ۾ انتظامي آفيسر هيو، پر کيس سنڌ جي تاريخ سان به خاص دلچسپي هئي. ان ئي دلچسپي هيٺ پاڻ سنڌ جي قديم تهذيب، آرڪيالاجي، تاريخ ۽ جاگرافي تي نه فقط تحقيق ڪئي. پر سنڌ جي تاريخ جا ٻه ابتدائي جلد به لکيا. ايڇٽي لئمبرڪ 1940ع ۾ برطانيه ۾ جنم ورتو ۽ بيماريءَ سبب 31 آگسٽ 1982ع ۾ وفات ڪري ويو. هن آڪسفورڊ جي اورينٽل ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي ۽ 1927ع ۾ برطانيه طرفان کيس انڊيا ۾ سرڪاري ملازمت ڏني وئي. پاڻ 1927ع کان 1946ع تائين سنڌ ۾ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي مقرر ڪيو ويو. پاڻ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر طور به ذميواريون نڀايون. برطانوي سرڪار طرفان سنڌ ۾ حر هلچل کي چٿڻ لاءِ کيس خاص ذميواريون ڏنيون ويون. هن 1940ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور حرن خلاف فوجي ڪارروايون ڪيون. جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو کيس چڱي نظر سان نه ڏسندا هئا. هن آزادي جي جنگ وڙهندڙ حرن کي دهشتگرد قرار ڏنو. لئمبرڪ حر هلچل کي چٿڻ بابت ڪيل ڪاررواين بابت هڪ ڪتاب ”دهشتگرد“ به لکيو. سرڪاري ملازمت دوارن پاڻ واندڪائي واري وقت ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ آرڪيالاجي تي کوجنا به ڪندو رهيو. ان کوجنا بابت هن سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي جي جرنل ۾ ڪيترائي مقالا به لکيا. پاڻ ان سوسائٽي جو 1940ع کان 1943ع تائين صدر به رهيو. برصغير جي ورهاڱي بعد پاڻ برطانيه هليو ويو. جتي کيس آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اورينٽل ڪاليج ۾ هند ۽ سنڌ جي تاريخ بابت سينئر ريسرچ فيلو به مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 1971ع تائين ذميواريون نڀائيندو رهيو. کيس تاريخ تي تحقيق ڪرڻ جي مڃتا طور 1971ع ۾ ڊاڪٽرس آف ليٽرس (ڊي لٽ) جي ڊگري به ڏني وئي. لئمبرڪ برطانيه وڃڻ بعد به سنڌ سان رابطي ۾ رهيو ۽ پاڻ سنڌي ادبي بورڊ طرفان گذارش ڪرڻ تي سنڌي جي تاريخ بابت سلسلي هيٺ ٻه ڪتاب ”سنڌ- هڪ عام جائزو“ ۽ ”سنڌ- مسلمانن جي فتح کان اڳ“ لکيا. جيڪي پهريان انگريزي زبان ۽ بعد ۾ سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيا ويا. کيس سنڌ يونيورسٽي طرفان سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي مڃتا طور 1975ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري به ڏني وئي.
ڪتاب ۽ مقالا
• H. T Lambrick, Sind: A general introduction (History of Sind series,v. 1), 1986
• H. T Lambrick, Sind, before the Muslim conquest, (History of Sind series, v. 2), 1973
• H. T Lambrick, Sir Charles Napier and Sind, 1952
• H. T Lambrick, John Jacob of Jacobabad, 1960
• H. T Lambrick, The terrorist;1972
• H. T. Lambrick, The Indus Flood-Plain and the 'Indus' Civilization, The Geographical Journal, Vol. 133, No. 4 (Dec., 1967)
• Lambrick H. T. Census Of India Vol XII Sind, second Edition, Gyan Books Pvt. Ltd. (Delhi, India), 2015