سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

ايم بي پٿاوالا M. B. Pithawalla

ايم بي پٿاوالا M. B. Pithawalla

ماڻڪ بيجنجي پٿاوالا Manekji Bejanji Pithawalla سنڌ جي آرڪيالاجي، قديم ۽ جديد دور جي تاريخ، جاگرافي ۽ اقتصاديات تي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۾ شامل رهيو آهي. پاڻ نومبر 1886ع ۾ ڀارت جي پونا رياست جي ننڍڙي ڳوٺ ناوساري ۾ ڄائو. پارسي خاندان سان تعلق رکندڙ ايم بي پٿاوالا بمبئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد 1920ع ۾ ڪراچي جي وير ڀائي سوپاري هاءِ اسڪول جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 24 سالن تائين تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان بعد هو 1932ع ۾ اعلى تعليم لاءِ لنڊن ويو، جتي هن ڊاڪٽر آف سائنس جي ڊگري لاءِ ٿيسز طور سنڌ جي جاگرافي تي تحقيق جي چونڊ ڪئي. ڊاڪٽريٽ ڪرڻ بعد پاڻ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي ۾ 32 سالن تائين جيالاجي جي پروفسير طور ذميواريون نڀايون. پٿاوالا 1948ع کان 1950ع تائين اسلاميه ڪاليج ڪراچي ۾ جيالاجي ۽ جاگرافي جو پروفيسر رهيو. کيس فيڪلٽي آف سائنس جو ڊين به مقرر ڪيو ويو. کيس پاڪستان حڪومت 1953ع ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ صلاحڪار به مقرر ڪيو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ تحقيق ڪندڙ شاگردن جو گائيڊ به مقرر ڪيو ويو. پٿاوالا سنڌ جاگرافيڪل سوسائٽي سان به لاڳاپيل رهيو. ايم بي پٿاوالا ملازمت تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ 1957ع ۾ بمبئي ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. ماڻڪ پٿاوالا قديم سنڌ جي جاگرافي، درياهي وهڪرن، اقتصادي صورتحال، آرڪيالاجي ۽ سنڌ شناسي متعلق ٻين موضوعن تي 50 کان وڌيڪ ڪتاب ۽ مقالا لکيا، جيڪي تحقيق جي ميدان ۾ اڄ به مددي مواد جو ڪم ڏين ٿا.

ڪتاب ۽ مقالا

• A geographical analysis of the lower Indus basin, 1936
• Settlements in the lower Indus basin (Sind), 1939 Sindh (Pakistan)
• Rock Records of Darius the Great, 1918
• An Introduction to Kashmir: Its Geology and Geography, 1953
• The Climate of Karachi and how to Live in it, 1953 (with ‎Khan M. Shamshad)
• Historical Geography of Sind - Part 3
• Identification and description of some old sites in Sind and their relation with the physical geography of the region, 1938
• Prospects and Potentialities of Pakistan, 1947
• Correlations Between Linguistic (cultural) Regions of India, Burma and Ceylon, a Study in Regional Geography, 1944
• Geology and Geography of Karachi and Its Neighbourhood, 1946 (with Peter Hilary Alexander Martin-Kaye)
• The Aryan Home, Being a Thesis on the Location of the Original Aryan Home and Other Early Aryan Settlements, a Historico-geographical Solution of the Problem, 1946
• The Gujarat Region and the Parsees, a Historico-geographical Survey, 1945
• An Introduction to Pakistan: Its Resources and Potentialities, 1958
• An Introduction to Karachi: Its Environs and Hinterland, 1950
• A Physical and Economic Geography of Sind: The Lower Indus Basin, Sindhi Adabi Board, 1959
• An introduction to Sind, its wealth and welfare, Sind Observer Press, 1951
• Floods in Sind, Karachi