سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

ياما ڊڪشٽ Yama Dixit

ياما ڊڪشٽ Yama Dixit

ڀارتي آرڪيالاجي جي ماهر ياما ڊڪشٽ سنڌو سڀيتا جي پوئتي پوڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪافي تحقيق ڪئي ۽ ان نتيجي تي پهتي ته موسمي تبديليون هن تهذيب جي پوئتي پوڻ يا ڍرڪڻ جو اهم سبب هيون. ياما ڊڪشٽ سينٽ جان ڪاليج مان پڙهائي ڪرڻ بعد دهلي يونيورسٽي مان ڪيمسٽري ۾ گريجوئيشن ڪئي. جنهن بعد 2009ع ۾ جواهر لال يونيورسٽي مان ماحوليات جي شعبي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ياما سنڌو سڀيتا جي پوئتي پوڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي موضوع تي ڪيمبرج يونيورسٽي مان 2012ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ پروفيسر ڊيوڊ هوڊيل جي سربراهي هيٺ پنهنجي ٿيسز مڪمل ڪئي. ارٿ سائنس، قديم دور ۾ ماحولياتي تبديليون، جيو ڪيمسٽري ۽ سامونڊي آرڪيالاجي سندس تحقيق جا اهم موضوع آهن. پاڻ آمريڪن جيو فزيڪل يونين، انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف سيڊيمينٽولاجسٽ ۽ ڀارت ۾ ڪيمبرج فرينڊس ٽرسٽ جي ميمبر آهي. هن پروفيسر ڊيوڊ هوڊيل، ڪيمرون پيٽرياءِ ۽ راجيو سنها سان به گڏ ڪيترائي مقالا ۽ ڪتاب تحرير ڪيا آهن.

ڪتاب ۽ مقالا

• Y Dixit, Holocene monsoon variability inferred from paleolake sediments in Northwestern India, University of Cambridge, 2013
• Yama Dixit, David A Hodell, Cameron A Petrie, Abrupt weakening of the summer monsoon in northwest India~ 4100 yr ago, Journal: Geology, Geological Society of America, Volume:42, Issue: 4, 2014
• Yama Dixit, David A Hodell, Rajiv Sinha, Cameron A Petrie, Abrupt weakening of the Indian summer monsoon at 8.2 kyr BP, Journal: Earth and Planetary Science Letters, Volume: 391, Elsevier, 2014
• Y Dixit, DA Hodell, R Sinha, CA Petrie, Oxygen isotope analysis of multiple, single ostracod valves as a proxy for combined variability in seasonal temperature and lake water oxygen isotopes, Journal of Paleolimnology 53 (1), 35-45, 2015
• DA Hodell, Y Dixit, CA Petrie, Abrupt climate change and the decline of Indus urbanism, AGU Fall Meeting Abstracts 1, 03, 2012
• Y Dixit, DA Hodell, CA Petrie, Holocene monsoon variability inferred from palaeolake sediments in NW India. EGU General Assembly Conference Abstracts 14, 927, 2012
• Y Dixit, DA Hodell, C Petrie, A Holocene climate record from palaeolakes in NW India, AGU Fall Meeting Abstracts 1, 1748, 2011
• Y Dixit, Stable isotope geochemistry from Palaeo-lake Riwasa for Holocene Palaeoclimate history of NW India, Congrès des doctorants Abstracts, 1, 2011
• Y Dixit, AD Hodell, A Climate Record from Riwasa Lake, Haryana, India; The Results of Carbon and Oxygen Stable Isotope Analysis, European Association for South Asian Archaeology and Art (EASAA) Conference ,2010