ميڪس مولر Max Müller
ميڪس مولر ليپزگ يونيورسٽي مان 1841ع ۾ قديم ٻولين ۽ لکت جي موضوع تي ڊگري حاصل ڪئي.پاڻ ڪلاسيڪل ٻولين يوناني، لئٽين، عربي، فارسي ۽ سنسڪرت ۾ به مهارت حاصل ڪئي. کيس 1850ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ يورپي ٻولين جي شعبي جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پنهنجي رٽائرمينٽ يعني 1875ع تائين ان عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. مولر پنهنجي ملازمت کان اڳ ۽ پوءِ سنسڪرت ٻولي ۽ انڊيا جي ثقافت تي تحقيق ڪندو رهيو. هو برصغير تي انگريزن جي قبضي کي جائز قرار ڏيندڙ برطانوي ماهرن جي صف ۾ شامل هيو. جنهن ڪري هو برصغير تي تحقيق ڪندڙن ماهرن ۾ تڪراري شخص قرار ڏنو ويو. ميڪس مولر جرمن نسل پرستي جو به شڪار رهيو. سندس سنڌو سڀيتا تي آرين جي نام نهاد حملي وارو تصور به جرمن نسل پرستي جو هڪ ثبوت هيو. هن پنهنجي تحقيق ذريعي برصغير جي ٻولين کي به هتان جو اصلوڪيون ٻوليون تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن جو وٽس ڪوبه سائنسي دليل موجود نه هيو.
سنڌو ماٿري تي يورپي آرين جي حملي جي بي بنياد ٿيوري به 19 صدي جي وچ ڌاري ميڪس مولر جي پيش ڪيل نتيجن جي آڌار تي جوڙي وئي، جنهن جو حقيقتن سان ڪوبه واسطو نه هو. اصل ۾ ان ٿيوري جو بنياد جرمن نسل پرستي تي ٻڌل هو، ڇاڪاڻ ته جنهن وقت موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جي قديم آثارن جي کوٽائي جرمن ۽ يورپي آرڪيالاجسٽن ڪئي ته هنن لاءِ اها حقيقت تسليم ڪرڻ انتهائي ڏکئي هئي ته جنهن ديس تي هو قابض آهن، ان جي ماضي ڪا ايتري شاندار ٿي سگهي ٿو. ان ڪري تعصب جي بنياد تي يورپي ماهرن هتان جي اصلوڪن رهاڪن کي نفسياتي طور غلام رکڻ ۽ پنهنجي برتري ۽ بيٺڪيت جو جواز پئدا ڪرڻ لاءِ سنڌو ماٿري تي يورپي نسل جي آرين جي حملي جو مفروضو گهڙيو. جنهن کي اڳتي هلي ماهرن سائنسي ثبوتن سان رد ڪري ڇڏيو.
ڪتاب ۽ مقالا
• Friedrich Max Müller (1859). A History of Ancient Sanskrit Literature So Far as it Illustrates the Primitive Religion of the Brahmans. Williams and Norgate.
• Friedrich Max Müller (1866). Lectures on the Science of Language: Delivered at the Royal Institution of Great Britain in April, May, & June 1861. Longmans, Green.
• Lectures on the Science of Language were translated into Russian in 1866 and published at the first Russian scientific linguistic magazine "Filologicheskie Zapiski".
• Chips from a German Workshop (1867–75, 5 vols.)
• Introduction to the Science of Religion (1873)
• Max Muller (1878). Lectures on the origin and growth of religion as illustrated by the religions of India.
• Friedrich Max Müller (1883). India: what Can It Teach Us? A Course of Lectures Delivered Before the University of Cambridge. Longmans, Green.
• Biographical Essays (1884)
• Upanishads. Wordsworth Editions. 1 January 2000.
• Studies in Buddhism. Asian Educational Services. 1999.
• Six Systems of Hindu Philosophy (1899)