سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

ايف اي خان F.A. Khan

ايف اي خان F.A. Khan

پاڪستان جي مشهور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر فضل احمد خان (ايف اي خان) قديم آثارن جي مشهور ماهر سر مورٽيمر ويلر سان گڏ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪئي. سندس جنم 1910ع ۾ ٿيو ۽ پاڻ 2009ع ۾ وفات ڪري ويو. خان پاڪستان ۾ قديم نوادرات جي قدامت ڄاڻڻ لاءِ سائنسي طريقيڪار ريڊيو ڪاربان ڊيٽنگ متعارف ڪرائيندڙ پهريون ماهر هو. هن عليڳڙهه يونيورسٽي مان تاريخ ۽ جاگرافي جي شعبن ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي، بعد ۾ لنڊن يونيورسٽي مان سنڌو سڀيتا جي ايران سان لاڳاپن بابت تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ايف اي خان 1938ع ڌاري آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ ملازمت اختيار ڪئي. ان عرصي دوران کيس چين موڪليو ويو، جتي هن 3 سالن تائين چين جي قديم آثارن بابت تحقيق ۾ حصو ورتو. ايف اي خان کي ورهاڱي بعد پاڪستان حڪومت طرفان آرڪيالاجي کاتي جو پهريون ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر ايف اي خان پاڪستان حڪومت طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ مقرر ٿيڻ بعد ڀارت وڃي، اتان سنڌو سڀيتا جا نوادرات واپس حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پاڻ 1948ع ۾ موهن جي دڙي مان مليل مجسمو ۽ گوتم ٻڌ جو هڪ مجسمو واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا سان لاڳاپيل اهم ماڳ ڪوٽڏجي جي کوٽائي به ڪرائي. جڏهن ته ڀنڀور جي به کوٽائي سندس حصي ۾ آئي. کيس پاڪستان حڪومت طرفان قديم آثارن جي شعبي ۾ ڪيل خدمتن جي مڃتا طور تمغو به ڏنو ويو. هن سنڌو سڀيتا کي نون رخن کي متعارف ڪرايو ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا تحرير ڪيا. جيڪي دنيا جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا.

ڪتاب ۽ مقالا

• Mainamati: Recent Archaeological Discoveries In East Pakistan (1955)
• Preliminary Report On Koti Diji Excavation (1957-58)
• Preliminary Report On Banbhore Excavations (1960)
• The Princess Bomba Collection (Antiquities Of Sikh Period ):Catalogue, With Bomba Jindan Dileep Singh Sutherland (1961)
• Banbhore: A Preliminary Report On The Recent Archaeological (1963).
• Mainmati; A Preliminary Report On The Recent Archaeological (1963)
• The Indus Valley And Early Iran, Karachi : Department of Archaeology, Ministry of Education, Government of Pakistan 1964
• The Glory That Was Mohenjodaro (1967)
• The Glory That Was Harrapa (1967)
• Architecture And Art Treasures In Pakistan, (1969)
• Fresh Light On The Ancient Cultures Of Baluchistan And Bahawalpur, Fresh Sidelights On The Indus Valley And The Bronze Age Orient. Ia, Annual Report, 1955
• Pakistan Archaeology, Number 1 - 1964