ڪماراسامي ٿنگاراج Kumarasamy Thangaraj
ڀارتي جينياتي سائنسدان ڪماراسامي ٿنگاراج حيدرآباد دکن جي مشهور سائنسي تحقيق واري مرڪز سينٽر فار سيليولر اينڊ موليڪيولر بائيولاجي سان واڳيل آهي. سندس شمار انساني جينيات Human Genetics تي ڪم ڪندڙ سائنسدانن جي پهرين صف ۾ ڪيو ويندو آهي. ٿنگاراج جو جنم 2 جون 1963ع تي تامل ناڊو رياست ۾ ٿيو. پاڻ مدراس يونيورسٽي مان ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون. سندس 100 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا دنيا جي مشهور سائنسي جنرلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن جي سائنسي ادارن جو ميمبر به آهي.
ڪماراسامي ٿنگاراج هند سنڌو سڀيتا جي وارثن جي انساني نسل بابت جينياتي بنيادن تي تحقيق به ڪري رهيو آهي. سندس سربراهي ۾ سينٽر آف سيليولر اينڊ ماليڪيولر بائيولاجي، (Centre for Cellular and Molecular Biology (CCMB), Hyderabad) هندو يونيورسٽي حيدرآباد، يونيورسٽي آف ٽارٽو ايسٽونيا (University of Tartu, Estonia) ۽ چيٽيند اڪيڊمي آف ريسرچ اينڊ ايجوڪيشن چنائي (Chettinad Academy of Research and Education, Chenna) جي سائنسدانن جي گڏيل ٽيم طرفان برصغير ۾ رهندڙ مختلف نسلن جي ماڻهن جو جينياتي جائزو ورتو ويو. ماهرن جي ان ٽيم طرفان انڊيا جي 30 نسلي گروپن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي. گهٽ ۾ گهٽ 1300 ماڻهن جي به الڳ الڳ بنيادن تي ڊي اين اي ڪئي وئي. ان ڊي اين اي ڊيٽا کي اولهه ايشيا، وچ اوڀر ۽ ڪاڪاسس جي مختلف نسلي گروپن جي ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽن جي نتيجن سان ڀيٽيو ويو. جنهن مان اهڙي ڪابه ثابتي نه ملي تي سينٽرل ايشيا رستي يورپ جي ماڻهن يعني نام نهاد آرين ڪا برصغير ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي هئي. يا سنڌو سڀيتا جي وارثن جي شهرن تي قبضو ڪري کين هتان لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو هو. سنڌو سڀيتا جي وارثن بابت سائنسي جينياتي بنيادن تي تحقيق بعد ڊاڪٽر ڪمارا سامي ٿنگاراج چيو آهي ته ان دور جي ماڻهن جي جينياتي تجزئي بعد ثابت ٿيو آهي ته 1500 ق م ۾ آرين جو هن خطي تي ڪوبه حملو نه ٿيو هو، نه وري ان دور ۾ يورپ کان سينٽرل ايشيا رستي آرين جي هن خطي طرف ڪا لڏپلاڻ ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته ان دور جي ماڻهن جي جينياتي کوجنا بعد هتي آرين جي هجڻ جو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي.
ڪتاب ۽ مقالا
• Kumarasamy Thangaraj, Priya Moorjani, Nick Patterson, Mark Lipson, Po-Ru Loh, Periyasamy Govindaraj, Bonnie Berger, David Reich, Lalji Singh. Genetic Evidence for Recent Population Mixture in India. The American Journal of Human Genetics, 2013; DOI:10.1016/j.ajhg.2013.07.006
• Thangaraj K, Reich D, Patterson N, Price AL, Singh L (2009) Reconstructing Indian Population History. Nature. 461:489-494.
• Thangaraj K, Dhndapany PS, Sadayappan S, Xue Y, Powell GT, Rani DS, Nallari P, Rai TS, Khullar M, Soares P, Bahl A, Tharkan JM, Vaideeswar P, Rathinavel A, Narasimhan C, Ayapati DR, Ayub Q, Mehdi SQ, Oppenheimer S, Richards M, Price A, Patterson N, Reich D, Singh L, Tyler-Smith C, Thangaraj K (2009) A common Cardiac Myosin Binding Protein C variant associated with cardiomyopathies in South Asia. Nat. Genet. 41:187-191.
• Thangaraj K, Chaubey G, Kivisild T, Reddy AG, Singh VK, Rasalkar AA, Singh L (2005) Reconstructing the origin of the Andaman Islanders. Science 308:996.
• Thangaraj K, Singh L, Reddy AG, Rao VR, Sehgal SC, Underhill PA, Pierson M, Frame IG, Hagelberg E (2003) Genetic affinities of the Andaman Islanders, a vanishing human population. Curr. Biol. 13:86-93.