سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

سمر ڪنڊو Samar Kundu

ڀارتي آرڪيالاجسٽ سمر ڪنڊو سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جي صف ۾ شامل آهي. پاڻ ڪلڪتي جي يونيورسٽي مان بائيو آرگنڪ ڪيمسٽري ۾ ڊاڪٽر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد نيويارڪ جي يونيورسٽي آف پٽسبرگ مان 1971ع ۾ آرگينڪ ۽ بائيو آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪنڊو آڪٽوبر 1975ع کان جولاءِ 1980ع تائين نيويارڪ جي البرٽ آئنسٽائين ڪاليج آف ميڊيسن ۾ 4 سالن تائين وزيٽنگ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهيو. هن بائلر ڪاليج آف ميڊيسن ۾ جولاءِ 1980ع کان نومبر 1983ع تائين ساڍا ٽي سال ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي ذميواريون ادا ڪيون. پاڻ 30 کان وڌيڪ ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن جو خالق آهي. سندس تحقيق جا مکيه موضوع سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۽ ڪيمسٽري رهيا آهن. سندس سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي لکيل ڪتاب وڏي مڃتا ماڻي آهي.

ڪتاب

• INDUS VALLEY CIVILIZATION, September 2013