جين ميڪنٽوس Jane McIntosh
نامياري آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر جين ميڪنٽوس جو واسطو ڪيمبرج يونيورسٽي جي ايشيا ۽ وچ اوڀر بابت تحقيق ڪندڙ فيڪلٽي سان رهيو آهي. پاڻ آرڪيالاجي ۽ انٿروپلاجي ۾ ايم اي ڪرڻ بعد ڪيمبرج يونيورسٽي مان انڊين آرڪيالاجي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. جين ميڪنٽوس سنڌو سڀيتا تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي. پاڻ 1997ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي مان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد آزاد حيثيت سان سنڌو سڀيتا سميت دنيا جي ٻين قديم تهذيبن تي تحقيق ڪري رهي آهي. سندس سنڌو سڀيتا سميت دنيا جي ٻين قديم تهذيبن تي 8 ڪتاب ۽ ڪيترائي مقالا شايع ٿيا آهن. کيس تحقيق جي ميدان ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڪيترائي ايوارڊ به ڏنا ويا آهن. پاڻ هن وقت سنڌو سڀيتا ۽ ميسوپٽيما جي تهذيب وچ ۾ لاڳاپن تي تحقيق ڪري رهي آهي.
ڪتاب ۽ مقالا
• Jane McIntosh, The Ancient Indus Valley: New Perspectives,2007 and 2nd Edition Published by ABC-CLIO, 2008
• Jane McIntosh, A Peaceful Realm: The Rise and Fall of the Indus Civilization,December 24th 2001 by Basic Books
• Jane McIntosh, The Practical Archaeologist: How We Know What We Know about the Past,1986
• Jane McIntosh, Archeology, 1960
• Jane McIntosh, Ancient Mesopotamia: New Perspectives ,July 18th 2005 by ABC-CLIO
• Jane McIntosh, The Practical Archaeologist: How We Know What We Know about the Past, August 1st 1999 by Facts on File