ڪتاب جو نالو: سنڌو سڀيتا جا محقق
مصنف: رڪ سنڌي
ڇپائيندڙ: ساڻيهه اشاعت گهر، حيدرآباد
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 04 نومبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 439 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 90 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • احمد حسين داني Ahmad Hasan Dani
  • اڪانوري يوئسيوگي Akinori UesUgi
  • الگزينڊر ڪنگهم Alexander Cunningham
  • امريتا سارڪر Amrita Sarkar
  • اينڊريو روبنسن Andrew Robinson
  • اي ايل باشم Arthur Llewellyn Basham
  • آسڪو پرپولا Asko Parpola
  • اورل اسٽين Aurel Stein
  • اروري ديدير Aurore Didier
  • بي بي لال B. B. Lal
  • بي ڪي ٿاپر B. K. Thapar
  • بينجمن ويلنٽائين Benjamin Valentine
  • ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي Bhero Mal Adwani
  • برگيٽ آلچن Bridget Allchin 
  • ڪيمرون اينڊريو پيٽراءِ Cameron Andrew Petrie
  • ڊيوڊ اي هوڊيل David A. Hodell
  • ڊيوڊ فراولي David Frawley
  • ديا رام ساهني Daya Ram Sahni
  • ڊينس فرينز Dennys Frenez
  • ديو پرڪاش شرما Deo Prakash Sharma
  • دليپ ڪمار چڪرابرتي Dilip K. Chakrabarti
  • ارنيسٽ ميڪي Ernest J. H. Mackay
  • ايف اي خان F.A. Khan
  • جارج ايف ڊيلز George F. Dales
  • غلام علي الانا Ghulam Ali Allana
  • گريگوري پوسيهل Gregory Possehl
  • ايڇ ٽي لئمبرڪ H. T. Lambrick
  • هينري هيرس Henry Heras, SJ
  • هينري ڪزنس Henry Cousens
  • هيتوشي اينڊو Hitoshi Endo
  • ادريس صديقي Idress Sidique
  • اروٿم مهاديون Iravatham Mahadevan
  • جين ميڪنٽوس Jane McIntosh
  • جين فرانڪوس جارجي Jean-François Jarrige
  • جين ميري ڪيسل Jean-Marie Casal
  • جم جي شيفر Jim G. Shaffer 
  • سر جان مارشل Sir John Marshall 
  • جوناٿن مارڪ ڪينوائر Jonathan Mark Kenoyer 
  • ڪلديپ ڀان Kuldeep Bhan
  • ڪماراسامي ٿنگاراج Kumarasamy Thangaraj
  • لالجي سنگهه Lalji Singh
  • لورا جي ملر LAURA J. MILLER
  • لورينس ويڊل Laurence Waddell
  • لويو گيوسين Liviu Giosan
  • ايم بي پٿاوالا M. B. Pithawalla
  • ايم ايڇ پنهور M.H. Panhwar
  • ايم اين وهيا M. N. VAHIA
  • ماڌو سروپ ويٽس Madho Sarup Vats
  • مالتي جي شاندي Malati J. Shendge
  • ماسيمو ودالي Massimo Vidale
  • ميڪس مولر Max Müller 
  • مائيڪل پيتراگليا Michael Petraglia
  • مائيڪل جانسين Michael R. N. Jansen
  • مائيڪل وٽزل Michael Witzel
  • محمد رفيق مغل Mohammed Rafique Mughal
  • مولائي شيدائي Moali shedaie
  • مورٽيمر ويلر Mortimer Wheeler
  • اين جي مجمدار N. G. Majumdar
  • نبي بخش بلوچ Nabi Bux Baloch
  • نارائڻ ڊڪشٽ Narayan Dikshit
  • نائينجوت لاهري Nayanjot Lahiri
  • نشا يادو Nisha Yadav
  • پي اجيٿ پرساد P. Ajithprasad 
  • پائلو بيگي Paolo Biagi
  • پروين ٽالپر Parveen Talpur 
  • آر ڊي بئنرجي R. D. Banerji
  • آر اڌيڪاري R. Adhikari
  • راجيش رائو Rajesh P. N. Rao
  • رنڊال وليم لا Randall William Law
  • رائمنڊ آلچن Raymond Allchin
  • رچرڊ ايڇ ميداو Richard H. Meadow
  • رچرڊ اسپروٽ Richard Sproat
  • ريتا پي رائيٽ Rita P. Wright
  • رابن ڊينل Robin Dennell
  • ايس ڪليانارامائن S. Kalyanaraman
  • ايس آر رائو S. R. Rao
  • سمر ڪنڊو Samar Kundu
  • شاهده انصاري Shahida Ansari
  • شري ڪلارڪ Sharri Clark
  • شيرين رتناگر Shereen Ratnagar
  • سراج الحق ميمڻ Siraj Ul Haq Memon
  • اسٽيون ويبر Steven A. WEBER
  • اسٽورٽ پگوٽ Stuart Ernest Piggott
  • ايس پي گپتا S. P. Gupta
  • سيد حاڪم علي شاهه بخاري Syed Hakim Ali Shah Bukhari
  • توشيڪي اوساڊا Toshiki OSADA
  • يوٽي فرانڪ ووگٽ Ute Franke-Vogt
  • وي ايڇ سوناواني V. H. Sonawane
  • وريندرا ناٿ مسرا V. N. Misra
  • وسنت شيورام شاندي Vasant Shivram Shinde
  • وينا مشرف ترپاٺي Veena Mushrif Tripathy
  • والٽر فيئرسروس Walter Ashlin Fairservis
  • وليم بيلچر William Belcher
  • ياما ڊڪشٽ Yama Dixit
  • يوري ڪنوروزوف Yuri Valentinovich Knorozov
  • ليکڪ جو تعارف : رڪ سنڌي Ruk Sindhi

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: سنڌو سڀيتا جا محقق
    مصنف: رڪ سنڌي
    ڇپائيندڙ: ساڻيهه اشاعت گهر، حيدرآباد، سنڌ
    سال: مارچ، 2016ع


    Book: Indus Civilization Scholars
    Author: Ruk Sindhi
    Year: March 2016
    Publisher: Saneeh Ishat Ghar Hyderabad, Sindh

     ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جا محقق“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، محقق ۽ صحافي رُڪ سنڌي جو لکيل آھي.
    هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
    ھي ڪتاب ساڻيهه اشاعت گهر، حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون رُڪ سنڌي صاحب جا جنھن ڪتاب ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي. اسان سندس ٿورائتا آھيون.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    سنڌو ماٿري جي 5 هزار سال کان وڌيڪ قديم سڀيتا سن 1920ع ۾ پنجاب ۾ هڙاپا جي قديم ماڳ تي کوٽائي کان پوءِ دنيا سان پهريون ڀيرو روشناس ٿي. جنهن بعد 1922ع ۾ موهن جي دڙي جا آثار ملڻ کان پوءِ دنيا جي هن قديم تهذيب مٿان زمانن جا پيل پردا ۽ لٽ لهڻ شروع ٿيا. قديم آثارن جي ماهرن جون پرڏيهي اخبارن ۾ هن عظيم تهذيب بابت رپورٽون ۽ بيان شايع ٿيڻ شروع ٿيا ۽ جلد ئي سڄي دنيا ۾ هن عظيم تهذيب ۽ تمدن جي هاڪ پئجي وئي. انهن ٻن ماڳن جي کوٽائيءَ سان ئي سنڌو ماٿري جي اڻ لکيل تاريخ ۾ 5 هزار سال اڳ جي سونهري دور جو اضافو ڪيو. برصغير سميت سڄي دنيا جي تهذيب ۽ تاريخ جي ڪتابن جي شروعات هن خطي جي ذڪر سان ٿيڻ لڳي.
    هڙاپا جي قديم ماڳ بابت ان وقت پهريون ڀيرو انڪشاف ٿيو، جڏهن برٽش سرڪار 1856ع ۾ ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. پنجاب جي ضلعي ساهيوال ۾ هڙاپا ڳوٺ وٽان ريلوي لائين وڇائيندي قديم دور جا ڪجهه نوادرات هٿ آيا. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ڊائريڪٽر جنرل الگزينڊر ڪنگهم هن ماڳ جي چوک ۽ چڪاس بعد ان کي 5 هزار سال پراڻي تهذيب قرار ڏنو. جنهن بعد سن 1920ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا طرفان هن قديم ماڳ جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو ويو. هڙاپا جي قديم ماڳ جي راءِ بهادر ديارام ساهني ۽ آر ڊي بئنرجي جي سربراهي ۾ 1920ع ۽ 1921ع ۾ کوٽائي شروع ڪئي وئي. جتان 5 هزار سال پراڻي تهذيب جا آثار نڪري نروار ٿيا. ان تهذيب کي شروع ۾ هن ئي ماڳ جي نالي پويان هڙاپا تهذيب جو نالو ڏنو ويو.
    هڙاپا جي قديم ماڳ جي دريافت دوران انڊيا جي قديم آثارن جي ماهر راکلداس بئنرجي 1918ع کان ڏکڻ پنجاب، بيڪانير، بهاولپور ۽ سنڌ ۾ سڪندر اعظم جا اهي 11 ٺل ڳولڻ لاءِ مختلف هنڌن جي جاچ ۽ کوٽائي ڪرائي. جيڪي سڪندر اعظم عيسوي سن کان سوا ٽي سو ورهيه اڳ پنهنجي ڪاهه دوران بياس نديءَ جي ڪناري ٺهرايا هئا ۽ مٿن يوناني ٻوليءَ ۽ هندي زبانن ۾ نوشتا اُڪرايا هئا. هن 1918ع کان 1922ع تائين وڏي جدوجهد بعد سنڌ ۾ کيرٿر کان سنڌونديءَ تائين جيڪب آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ 27 وڏن ۽ 53 ننڍن دڙن کي ڳولي، انهن جي کوٽائي ڪرائي، پر اتفاق سان اهي سڀ ٻڌ دور جا يادگار نڪتا. ائين اتفاق سان هيءُ ماهر ووڙيندو ووڙيندو 1922ع ۾ اچي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شهر کان 6 ميل پري هڪ ٻڌ اسٽوپا وٽ پهتو، جيڪو ٻڌ دور جو هڪ مندر هيو. اهو ٺل سنڌونديءَ جي سطح کان 46 فوٽ مٿي هڪ دڙي تي هيو. جنهن ٺل جو ۽ اتان مليل ٻڌ ڌرم جي ڀڪشن جي رهڻ جي جاين جو ان کان هيٺين تهن يا زماني سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه هو. هي مٿيون سڀ تعميرات ٻڌ ڌرم جي راجا واسديو (پهريون) جي دور جون هيون. اهي ان کان هيٺ موجود شهر جي تباهي کان پوءِ هزار سال گذرڻ بعد ان مٿان وري اڏيون ويون هيون. ان خيال کان ته زمين جي سطح کان مٿانهين جڳهه تي مذهبي آستان جوڙڻ سان ان جو سال بسال سنڌو جي ٿيندڙ ٻوڏين کان بچاءُ ٿي پئي سگهيو.
    جڏهن بئنرجي ٺل ڀرسان ڪجهه کوٽائي ڪرائي ته کيس اتان پٿر جا ڪپ ۽ ٺڪر جي ٿانون جو اهڙو ٺيڪراٽ هٿ آيو، جن جو ٻڌ دور سان ڪو به واسطو نه هيو. پر اهي ڪنهن هزارين سال پراڻي دور جي ڪنهن نرالي تهذيب جي نشاندهي ڪن پيا. جڏهن بئنرجي اسٽوپا ڀرسان کوٽائي ڪرائي ته اتان هن کي هڪ اهڙي مهر ملي، جيڪا شڪل ۽ صورت ۾ هڙاپا مان مليل هڪ تصويري رسم الخط واري مهر سان هڪ جهڙائي ڏيکاري پئي. جيڪا سر الگزينڊر ڪنگهم کي هڙاپا جي کوٽائي مان ملي هئي. ان مان بئنرجي اندازو لڳايو ته هتان اڃا ڪنهن قديم تهذيب تي روشني پوندي. جيڪا هڙاپا وانگر 5 هزار سال کن پراڻي هوندي. ڇو جو هتان ملندڙ ڪجهه اوزار ۽ ٺڪر جا ٿانون هڙاپا مان انهن ئي ڏينهن ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان ملي رهيا هئا. جيڪو هنڌ ان وقت برصغير ۾ سڀ کان پراڻو ۽ قديم شمار ڪيو ويندو هو. موهن جي دڙي جي هن قديم ماڳ جي وڌيڪ کوٽائي ان وقت انڊيا جي قديم آثارن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل جي نظرداريءَ هيٺ 1922ع جي سياري جي مند ۾ ٿي، جيڪا لاڳيتو 1927ع تائين هلي.
    سنڌو سڀيتا جي ٻن اهم ماڳن موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جي کوٽاين کان پوءِ دنيا جي پهرين شهري تهذيب جا پڙاڏا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي اٿيا ۽ هن عظيم تهذيب دنيا جهان جي ماهرن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. گڏيل هندستان ۾ برٽش راڄ ۽ ان کان پوءِ برصغير جي ورهاڱي بعد مختلف ملڪن جي ماهرن هن تهذيب تي کوجنا شروع ڪئي ۽ وڏين وڏين يونيورسٽين طرفان هن تهذيب تي کوجنا لاءِ الڳ ادارا قائم ڪيا ويا. ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هن تهذيب جا وڌيڪ ماڳ به دريافت ڪري انهن جي کوٽائي ڪرائي وئي. هن وقت تائين پاڪستان۽ انڊيا ۾ سنڌو سڀيتا جا 15 سو کان وڌيڪ قديم ماڳ دريافت ٿي چڪا آهن. سنڌو سڀيتا تي تحقيق جو ڪم پاڪستان ۽ انڊيا کان وڌيڪ ٻين ملڪن ۾ ڪيو ويو، خاص ڪري ان مقصد لاءِ الڳ ادارا قائم ڪري ۽ وڏا وڏا پراجيڪٽ جوڙي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ويو. جيڪو اڄ به جاري آهي.
    جڏهن مون پنهنجو ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“ لکڻ شروع ڪيو ته ان دوران انهن ماهرن بابت به مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، جن مختلف رخن کان سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪئي هئي يا ڪري رهيا آهن. جيئن ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن کي مددي مواد مهيا ٿي سگهي. منهنجو هي ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جا محقق“ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿري جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. مان هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهان، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪري سگهيو آهيان. پر ان باوجود ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. منهنجو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ڏيندو.


    رڪ سنڌي
    26 مارچ 2016ع


    احمد حسين داني Ahmad Hasan Dani

    پروفيسر احمد حسين داني (A. H. Dani) پاڪستان جو مشهور آرڪيالاجسٽ، تاريخدان ۽ ٻولي ماهر هيو. پاڻ 20 جون 1920ع ۾ ڀارتي رياست شتيسڳڙهه جي باسنا شهر ۾ جنم ورتو ۽ 26 جنوري 2009ع ۾ اسلام آباد ۾ دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو. اي ايڇ داني بنارس هندو يونيورسٽي مان 1944ع ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد پاڻ 1945ع ۾ مشهور آرڪيالاجسٽ مارٽيمر ويلر جي سربراهي هيٺ آرڪيالاجي جي شعبي ۾ ٽريني جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو. هن سر مارٽيمر ويلر طرفان ٽيڪسيلا ۽ موهن جو دڙو جي کوٽائي واري ڪم ۾ ساڻس شرڪت ڪئي. جنهن بعد کيس برٽش انڊيا جي آرڪيالاجي کاتي طرفان آگرا ۽ تاج محل جي تاريخي ورثن جي سار سنڀال ۽ حفاظت لاءِ مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ پروفيسر داني يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.
    ڪشميري نسل سان واسطو رکندڙ پروفيسر داني کي ڏکڻ ايشيا ۽ سينٽرل ايشيا جي آرڪيالاجي ۽ تاريخ بابت ماهر تصور ڪيو ويندو آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا ۽ گنڌارا تهذيب تي کوجنا ڪئي ۽ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ۾ بهرو ورتو. پروفيسر داني 35 مقامي ۽ بين الاقوامي ٻوليون سمجهي ۽ ڳالهائي سگهندو هو. جن ۾ سنڌي، هندي، بنگالي، ڪشميري، مراٺي، پشتو، فارسي، پنجابي، سنسڪرت، تامل، ترڪش، انگلش ۽ اردو ٻوليون شامل آهن. برصغير جي ورهاڱي بعد پروفيسر داني ڀارت کان اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. کيس 1947ع ۾ پاڪستان حڪومت طرفان آرڪيالاجي کاتي ۾ اسسٽنٽ سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد 1959ع ۾ کيس ترقي ڏئي آرڪيالاجي کاتي جو انچارج سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ 1955ع ڌاري کيس نيشنل ڪاميٽي فار ميوزمس ان پاڪستان جو صدر مقرر ڪيو ويو. پروفيسر داني ڊاڪا يونيورسٽي ۾ 1950ع کان 1962ع تائين 12 سال تاريخ جي شعبي ۾ پروفيسر طور به ذميواريون نڀايون. بعد ۾ هن پشاور يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي ۾ 1962ع کان 1971ع تائين پروفيسر طور ذميواريون ادا ڪيون. ان عرصي دوران پروفيسر داني لاهور ۽ پشاور ۾ ميوزمن جي بحالي ۽ ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ پاڻ اسلام آباد يونيورسٽي (جنهن جو نالو بعد ۾ قائد اعظم يونيورسٽي ۾ تبديل ڪيو ويو) ۾ تاريخ ۽ سوشل سائنسز جي شعبن جو سربراهه به رهيو. جتي 1980ع ۾ پنهنجي رٽائرمينٽ تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. پاڻ ان عرصي دوران آرڪيالاجيڪل اينڊ هسٽاريڪل ايسوسيئيشن آف پاڪستان جو صدر به رهيو.
    پروفيسر داني سنڌو سڀيتا تي تحقيق ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ديرا اسماعيل خان ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ رحمان ڍيري جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ گنڌارا تهذيب جي ماڳن تي ڪافي کوجنا ڪئي. پروفيسر داني پنهنجي تحقيق ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌو سڀيتا هن ماٿري جي پنهنجي اصلوڪي تهذيب هئي ۽ سنڌو سڀيتا مٿان ڏکڻ ڀارت جي ڪلچر جي ڪو به اثر موجود ناهي. سنڌو تهذيب جي ترقي ۾ گنگا ماٿري جي ماڻهن جو ڪوبه ڪردار نه هيو. پروفيسر داني سنڌو سڀيتا بابت ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا. جن مان ڪجهه ڪتابن ۽ مقالن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Indus Civilization: New Perspectives. Taxila institute of Asian Civilizations, Quaid-i-Azam University, Islamabad. 1981
    • Prehistory and Protohistory of Eastern India: With a Detailed Account of the Neolithic Cultures. K. L. Mukhopadhyay
    • Pakistan: Pakistan through ages. Sang-e-Meel Publications. 2007
    • Historic City of Taxila. Sang-e-Meel Publications. 2001
    • History of Northern Areas of Pakistan (Up to 2000 AD). Sang-e-Meel Publications. 2001
    • Romance of the Khyber Pass. Sang-e-Meel Publications. 1997.
    • New Light on Central Asia. Sang-e-Meel Publications. 1996
    • Central Asia Today. Sang-e-Meel Publications. 1996
    • Human Records on Karakorum Highway. Sang-e-Meel Publications. 1995
    • Peshawar: Historic City of the Frontier. Sang-e-Meel Publications, (2nd Revised edition). 1995.
    • Tribes and Peoples of Northern Punjab (500 BC to Present times). QAU Islamabad Publications, 1993.
    • A Short History of Pakistan, Book One: Pre-Muslim Period. University of Karachi. (3 editions, 1967, 1984, 1992)
    • History of Northern Areas of Pakistan (Historical studies). National Institute of Historical and Cultural Research. 1989
    • Perspectives of Pakistan. National Institute of Pakistan Studies, Quaid-e-Azam University. 1989
    • The historic city of Taxila. Centre for East Asian Cultural Studies. 1986.
    • Chilas: The City of Nanga Parvat (Dyamar). 1983
    • Thatta: Islamic architecture. Institute of Islamic History, Culture & Civilization. 1982
    • Alberuni's Indica: A record of the cultural history of South Asia about A.D. 1030. University of Islamabad Press, Islamabad. 1973
    • Indian paleography. Clarendon P. 1963.
    • Dacca: A record of its changing fortunes. S. S. Dani (Publisher)
    • Bibliography of the Muslim Inscriptions of Bengal. 1957

    ٻين محققن سان گڏ لکيل ڪتاب

    • With J-P. Mohen (eds.), History of Humanity, Volume III, From the Third Millennium to the Seventh Century BC. New York: Routledge/Paris: UNESCO. 1996
    • With V. M. Masson (eds.), History of Civilizations of Central Asia, UNESCO, Paris. 1992– (6 volumes)


    اڪانوري يوئسيوگي Akinori UesUgi

    جاپان جو آرڪيالاجي ماهر اڪانوري يوئسيوگي سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق سان لاڳاپيل رهيو آهي. پاڻ جاپان جي ڪانسائي يونيورسٽي اوساڪا مان 1994ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي، بعد ۾ ساڳي يونيورسٽي مان 1997ع ۾ ايم اي ڪرڻ بعد 2003ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. يوئسيوگي پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ تحقيق دوران ئي پارٽ ٽائيم ملازمت طور ڪانسائي يونيورسٽي ۾ 2002ع کان 2006ع تائين ليڪچررشپ به ڪئي. جنهن بعد ڪويوٽو تاچيبانا يونيورسٽي ۾ به پارٽ ٽائيم ليڪچرار رهيو. پاڻ هن وقت ڪيوٽو يونيورسٽي جاپان جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هيومنٽي اينڊ نيچر ۾ ريسرچ فيلو آهي. کيس آرڪيالاجي جي شعبي ۾ خاص ڪري ڏکڻ ايشيا ۽ جاپان جي آرڪيالاجي بابت مهارت حاصل آهي. يوئسيوگي سنڌو سڀيتا تي 1991ع کان تحقيق جي شروعات ڪئي، هن 1991ع کان 1998ع تائين اتر پرديش ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ مهيٿ (سرسوتي) جي کوٽائي ۾ حصو ورتو. ان ماڳ جي کوٽائي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۽ ڪانسائي يونيورسٽي جي گڏيل پراجيڪٽ هيٺ ڪرائي وئي. هن ڀارتي رياست مهاراشٽريا ۾ 2003ع کان 2005ع تائين ٻڌ دور جي ماڳن تي به کوجنا ڪئي. يوئسيوگي پاڪستان جي خيبرپختون خواهه صوبي ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ گوملا تي به 2003ع کان 2007ع تائين تحقيق ڪئي. جڏهن ته ڀارتي راجسٿان ۾ 2006ع کان 2008ع تائين سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ فارمانا جي کوٽائي ۾ به حصو ورتو. پاڻ ڪيوٽو يونيورسٽي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هيومنٽي اينڊ نيچر (RIHN) جي انڊس پراجيڪٽ ۾ به اوساڊا توشيڪي سان گڏ تحقيق ۾ شامل رهيو ۽ ان پراجيڪٽ جو ميمبر رهيو. ان پراجيڪٽ جو مقصد سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۾ ماحولياتي تبديلين بابت تحقيق ڪرڻ هئي. انڊس پراجيڪٽ تحت سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي 5 سال تحقيق بعد 9 جلد ترتيب ڏئي شايع ڪيا ويا.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Toshiki Osada and Akinori Uesugi (eds.) Occasional Paper 3: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. 2008.
    • Toshiki Osada and Akinori Uesugi (eds.) Occasional Paper 4: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. 2008.
    • Toshiki Osada and Akinori Uesugi (eds.) Occasional Paper 5: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. 2008.
    • Toshiki Osada and Akinori Uesugi (eds.) Occasional Paper 6: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. 2008.
    • Toshiki Osada and Akinori Uesugi (eds.) Occasional Paper 7: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. 2009.
    • Toshiki Osada and Akinori Uesugi (eds.) Occasional Paper 9: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. 2009.
    • Toshiki Osada and Akinori Uesugi (eds.) Occasional Paper 10: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. 2010.
    • Aboshi, Y. K. Sonoda, F. Yoneda and A. Uesugi, Excavations at Saheth Maheth 1991-1996. East & West Vol. 49, Nos. 1-4, IsIAO, Rome: 119-173, 1999.
    • Takahashi, T., T. Yamaoka, F. Yoneda and A. Uesugi, The Ancient City of Sravasti: its Significance on the Urbanisation of North India. Purãtattva, No. 30, New Delhi: 74-92, 2000.
    • Akinori Uesugi, Re-evaluation of the pottery sequence in north India during the first millennium B.C. in Margabandhu, C., A.K. Sharma and R.S. Bisht ed., Puraratna - Emerging Trends in Archaeology, Art, Anthropology, Conservation and History. Agam Kala Prakashan, New Delhi: 182-196, 2002.
    • V. Shinde, T. Osada, M.M. Sharma, A. Uesugi, T. Uno, H. Maemoku, P. Shirwalkar, S.S. Deshpande, A. Kurkarni, A. Sarkar, V. Rao and V. Dangi, “Exploration in the Ghaggar Basin and excavations at Girawad, Farmana (Rohtak District) and Mitathal (Bhiwani District), Haryana, India”. Occasional Paper 3: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. pp.77-158. 2008
    • A. Uesugi, ‘Cultural Interaction between the Indus Valley and the Iranian Plateau’. International Seminar: Cultural Relations between the Indus and the Iranian Plateau during the Third Millennium BCE: Abstract. Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. pp.20-24. 2008.
    • V. Shinde, T. Osada, A. Uesugi and Manmohan Kumar, “A Report on Excavations at Farmana 2007-08”. Occasional Paper 6: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoyo. pp.1-116. 2008.
    • Manmohan Kumar, V. Shinde, A. Uesugi, V. Dangi, Sajjan Kumar and Vijay Kumar, “Excavations at Madina, District Rohtak, Haryana 2007-08: A Report”. Occasional Paper 7: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoyo. pp.77-177. 2009.
    • A. Uesugi, “Pottery from the Settlement Area”, in V. Shinde, T. Osada and Manmohan Kumar eds. Excavations at Farmana, District Rohtak, Haryana, India, 2006-2008. Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. pp.168-368. 2011.
    • A. Konasukawa, H. Endo and A. Uesugi, “Minor objects from the Settlement Area”, in V. Shinde, T. Osada and Manmohan Kumar eds. Excavations at Farmana, District Rohtak, Haryana, India, 2006-2008. Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. pp.369-529. 2011.
    • A. Uesugi, “Pottery from the Cemetery”, in V. Shinde, T. Osada and Manmohan Kumar eds. Excavations at Farmana, District Rohtak, Haryana, India, 2006-2008. Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. pp.674-800. 2011.
    • A. Uesugi, “Pottery”, in V. Shinde, T. Osada and Manmohan Kumar eds. Excavations at Girawad, District Rohtak, Haryana, India, 2006. Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto. pp.40- 239. 2011.
    • A. Uesugi and S. Meena, “Pottery”, in J.S. Kharakwal, T. Osada and Y.S. Rawat eds. Excavations at Kanmer, District Kachchh, Gujarat, India. Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto (in press).
    • Manmohan Kumar, A. Uesugi, V. Shinde, V. Dangi, Vijay Kumar, Sajjan Kumar, A.K. Singh, Rajesh and Rajeev Mann, “Excavations at Mitathal, district Bhiwani (Haryana) 2010-11-A Prelimainary Report”, Purātattva, Indian Archaeological Society (in press).
    • V. Dangi and A. Uesugi, “A Note on the Harappan Painted Pottery from the Ghaggar Plains”, Purātattva, Indian Archaeological Society (in press).


    الگزينڊر ڪنگهم Alexander Cunningham

    الگزينڊر ڪنگهم کي سنڌو ماٿري جي آرڪيالاجي جو ابو قرار ڏنو ويندو آهي. هي پهريون شخص هيو، جنهن سنڌ هند جي قديم آثارن تي پهريون ڀيرو تحقيق ڪري، انهن جي قديم اهميت کي دنيا اڳيان نروار ڪيو. پاڻ 23 جنوري 1814ع تي لنڊن جي هڪ شاعراڻي گهراڻي ۾ جنم ورتو ۽ 28 نومبر 1893ع تي وفات ڪئي. ڪنگهم پنهنجي ملازمت جي شروعات ته برطانوي فوج ۾ انجنيئر جي حيثيت سان ڪئي، پر سندس اصل سڃاڻپ قديم آثارن جي ماهر ۽ تاريخدان طور رهي آهي. پاڻ جڏهن گڏيل هندستان ۾ برطانوي فوج جي بينگال انجنيئرنگ گروپ ۾ هيو ته هن هندستان جي قديم تهذيب ۽ تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. کيس 1861ع ۾ انڊيا ۾ آرڪيالاجيڪل سرويئر مقرر ڪيو ويو. الگزينڊر ڪنگهم ئي اڳتي هلي انڊيا ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو بنياد رکيو. کيس جنوري 1871ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. پاڻ ان عهدي تي 30 سيپٽمبر 1885ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ڪنگهم 1871ع ۾ انڊيا جي قديم جاگرافي تي Ancient Geography of India (1871) نالي ڪتاب لکيو.
    ڪنگهم آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيڻ بعد انڊيا ۾ قديم ماڳن جي سروي ۽ کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. هن ٽيڪسيلا کان گور تائين سروي ۽ کوٽايون ڪرايون ۽ پنهنجي کوجنا کي 24 رپورٽن جي شڪل ۾ پڌرو ڪيو. سنڌ ۽ هنڌ جي قديم آثارن بابت هن جرنل آف ايشياٽڪ سوسائٽي ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. الگزينڊر ڪنگهم جي تحقيق کي بنياد بڻائيندي اڳتي هلي سر جان مارشل ۽ مارٽيمر ويلر سنڌو سڀيتا تي وڌيڪ کوجنا ڪري ان جي قدامت کي دنيا اڳيان ظاهر ڪيو. الگزينڊر ڪنگهم پهريون ڀيرو 1872ع ۾ سنڌو سڀيتا جي اهم ماڳ هڙاپا جي کوٽائي ڪرائي ۽ ان جي 5 هزار سال قدامت کي ظاهر ڪيو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • LADĀK: Physical, Statistical, and Historical with Notices of the Surrounding Countries (1854).
    • Bhilsa Topes (1854), a history of Buddhism
    • The Ancient Geography of India (1871)
    • Corpus Inscriptionum Indicarum. Volume 1. (1877)
    • The Stupa of Bharhut: A Buddhist Monument Ornamented with Numerous Sculptures Illustrative of Buddhist Legend and History in the Third Century B.C. (1879)
    • The Book of Indian Eras (1883)
    • Coins of Ancient India (1891)
    • Mahâbodhi, or the great Buddhist temple under the Bodhi tree at Buddha-Gaya


    امريتا سارڪر Amrita Sarkar

    ڀارتي آرڪيالاجسٽ امريتا سارڪر دکن ڪاليج پوسٽ گريجوئيٽ اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي آرڪيالاجي شعبي جي پروفيسر آهي. پاڻ ڪلڪتي يونيورسٽي مان جاگرافي ۾ بي ايس سي ڪئي. جنهن بعد ساڳي يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۾ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ 2005ع ۾ دکن ڪاليج ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ داخلا ورتي ۽ 2011ع ۾ راجسٿان جي ميوار ريجن ۾ سنڌو سڀيتا ۽ ثقافت جي اوسر جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ ڊسمبر 2010ع ۾ دکن ڪاليج جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر طور مقرر ڪئي وئي. پاڻ ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي بابت سوسائٽي جي به جوائنٽ سيڪريٽري آهي. جڏهن ته سوسائٽي طرفان آرڪيالاجي بابت نڪرندڙ جرنل جي جوائنٽ ايڊيٽر به آهي. پاڻ ڀارتي رياست راجسٿان ۾ سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق سان لاڳاپيل آهي. هن ان موضوع تي ڪيترائي مقالا ۽ ڪتاب تحرير ڪيا آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Plant macro remains from Early Historic Vessel, Gilund, Rajasthan, (Amrita Sarkar and Satish Naik)
    • Chalcolithic and modern potting at Gilund, Rajasthan: a cautionary tale,
    • Development of Chalcolithic phases in Gilund through Ceramic Chronolog, IRANIAN JOURNAL OF ARCHAEOLOGICAL STUDIES 1: 2 (2011)
    • Chalcolithic Rajasthan, Protohistoric Foundations
    • A Study of Development of the Ahar Culture in south-east Rajasthan, India from a ceramic point of view.
    • Ethoarchaeology in the field: learning from the potters in Gilund
    • Contextualizing Ahar culture Phase in Central India
    • Ahar Culture with Special Reference to the site of Balathal and Gilund
    • Exploration in the Ghaggar Basin and excavations at Girawad, Farmana (Rohtak District) and Mitathal (Bhiwani District), Haryana, India
    • Indian Chalcolithic Culture: Aspects of Craft and Technology
    • V.2. Rajasthan Chalcolithic
    • A Review of Multiple Approaches to the Study of India’s Early Past: Essays in Theoretical Archaeology


    اينڊريو روبنسن Andrew Robinson

    اينڊريو روبنسن سنڌو سڀيتا جي لکت تي تحقيق ڪندڙن ماهرن جي صف ۾ شامل رهيو آهي. هن 1957ع ۾ برطانيه ۾ جنم ورتو. پاڻ ايٽن ڪاليج جي ڊريگون اسڪول مان ڪيمسٽري جي مضمون ۾ تعليم حاصل ڪئي. بعد ۾لنڊن جي اورينٽل اسڪول مان ٻولي جي موضوع تي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ پهريون ڀيرو 1975ع ۾ انڊيا آيو ۽ هتان جي ثقافت ۽ ٻولين بابت علم حاصل ڪيو. پاڻ انڊيا جي ٻولين ۽ قديم تاريخ تي ڪتاب لکيا. پاڻ هن وقت ڪيمبرج جي وولفسن ڪاليج جو وزيٽنگ فيلو آهي. روبنسن هن وقت لنڊن ۾ رهندڙ ۽ تحقيق جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. سندس برطانيه ۽ آمريڪا ۾ مختلف موضوعن تي 25 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جيڪي يورپ جي 13 ٻولين ۾ ترجمي ڪري به شايع ڪيا ويا آهن.
    روبنس سنڌو ماٿري جي سڀيتا، ٻولي، مذهب ۽ شهري تمدن ۽ معاشي ۽ معاشرتي صورتحال تي تحقيق ڪري هڪ جامع ڪتاب The Indus: Lost Civilizations لکيو آهي. هي پهريون ماهر آهي، جنهن سنڌو سڀيتا جي دور ۾ زراعت ۽ چوپائي مال بابت به تفصيلي تحقيق ڪئي آهي. هن سنڌو لکت کي به پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي، ان متعلق تحقيقي مقالو The Indus script تحرير ڪيو آهي. سندس سنڌو سڀيتا تي لکيل ڪتاب ۽ مقالا محققن وٽ وڏي اهميت حاصل ڪري چڪا آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Robinson,The Indus: Lost Civilizations, Reaktion Books, November 2015.
    • Robinson, The Indus script, Current World Archaeology, 64, 2014.
    • The Coasts of India with Ashvin Mehta. Thames and Hudson (1987).
    • Earth Shock: Hurricanes, Volcanoes, Earthquakes, Tornadoes & Other Forces of Nature. Thames and Hudson (1993).
    • The Story of Writing: Alphabets, Hieroglyphs and Pictograms. Thames and Hudson (2000).
    • The Man Who Deciphered Linear B: The Story of Michael Ventris. Thames and Hudson (2002).
    • Lost Languages: The Enigma of the World's Great Undeciphered Scripts. McGraw-Hill (2002).
    • Einstein: A Hundred Years of Relativity. Palazzo Editions (2005).
    • The Last Man Who Knew Everything: Thomas Young, The Anonymous Polymath Who Proved Newton Wrong, Explained How We See, Cured the Sick, and Deciphered the Rosetta Stone, Among Other Feats of Genius. Pi Press, (2006).
    • The Story of Measurement. Thames and Hudson (2007).
    • Writing and Script. Oxford University Press (2009).
    • Genius: A Very Short Introduction. Oxford University Press (2011).
    • Cracking the Egyptian Code: The Revolutionary Life of Jean-Francois Champollion. Thames and Hudson (2012), Oxford University Press (2012).
    • India: A Short History. Thames & Hudson (2014).


    اي ايل باشم Arthur Llewellyn Basham

    اي ايل باشم ناميارو تاريخدان ۽ انڊولاجسٽ رهيو آهي. پاڻ برطانيه جي شهر لوگٽن ۾ 24 مئي 1914ع ۾ جنم ورتو ۽ 27 جنوري 1986ع تي انڊيا جي شهر ڪلڪتي ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ لنڊن جي اورينٽل ۽ آفريڪن اسٽيڊيز جي اسڪول ۾ تاريخ جو پروفيسر به رهيو. جتي هو ڪيترن ئي ڀارتي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجسٽن جو استاد به رهيو. جن ۾ پروفيسر آر ايس شرما، روميلا ٿاپر ۽ وي ايس پاٿڪ شامل آهن. اي ايل باشم کي عيسائيت سميت هندو ڌرم، ٻڌ ڌرم ۽ اسلام جي مطالعي ۾ ڪافي دلچسپي رهي. پاڻ لنڊن جي اورينٽل ۽ آفريڪن اسٽيڊيز جي اسڪول مان سنسڪرت ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد هن ٻي عالمي جنگ ۾ برطانوي سول ڊفينس ڊپارٽمينٽ ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون.
    باشم ٻي عالمي جنگ جي خاتمي بعد ٻيهر لنڊن جي اورينٽل ۽ آفريڪن اسٽيڊيز جي اسڪول ۾ پنهنجي تعليم کي جاري رکندي تاريخ جي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1948ع کان ليڪچرار طور ڪئي. جتان ترقي ڪري 1954ع ۾ پروفيسر جي عهدي تي پهتو. کيس 1965ع ۾ آسٽريلين نيشنل يونيورسٽي جي تاريخ جي شعبي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جتان پاڻ 1979ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. اي ايل باشم سنڌو سڀيتا ۽ انڊيا جي قديم تاريخ ۾ ڪافي دلچسپي رکندو هو. هن آسٽريلين نيشنل يونيورسٽي ۾ سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي ليڪچر به ڏنا. کيس 1985ع ۾ ايشياٽڪ سوسائٽي ڪلڪتي جي اورينٽل اسٽيڊيز ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. پاڻ قديم سنڌو سڀيتا تي ڪافي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا. قديم انڊيا جي تاريخ بابت سندس The Wonder That was India ڪتاب کي ڪافي شهرت حاصل ٿي. سندس ان ڪتاب جا ڀارت سميت ٻين ملڪن ۾ ڪافي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • The History and Doctrines of the Ajivikas: A Vanished Indian Religion, London, 1951.
    • The Wonder that was India, Sidgwick & Jackson, London, 1954
    • Papers on the Date of Kaniṣka, Leiden, 1968.
    • A Cultural History of India (editor), Oxford, 1975.
    • Basham, A. L, revised, Vincent Arthur Smith's Oxford History of India with Mortimer Wheeler in 1958.

    مقالا
    • Basham, A. L. (October 1948). "Harṣa of Kashmir and the Iconoclast Ascetics". Bulletin of the School of Oriental and African Studies 12 (3-4): 140–145.
    • Basham, A. L. (February 1949). "Recent Work on the Indus Civilization". Bulletin of the School of Oriental and African Studies 13 (01): 140.


    آسڪو پرپولا Asko Parpola

    فنلينڊ جو آرڪيالاجي ماهر آسڪو پرپولا سنڌو سڀيتا جي لکت تي گذريل 40 سالن کان تحقيق ڪري رهيو آهي. قديم لکتن، ٻولي ۽ ثقافتن تي تحقيق ڪندڙ هن فنش اسڪالر آسڪو پرپولا 1941ع ۾ جنم ورتو. فنلينڊ جي هيلسنڪي يونيورسٽي سان لاڳاپيل هن پروفيسر سنڌو لکت تي تحقيق جي حوالي سان وڏي مشهوري ماڻي آهي. جيتوڻيڪ پاڻ سنڌو لکت کي پڙهڻ ۾ ڪا ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي، پر هن ان تحقيق کي اڳتي وٺي هلڻ ۽ نتيجن تائين پهچائڻ لاءِ بنياد ضرور فراهم ڪيا آهن. پرپولا سنڌو لکت تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جي ان صف ۾ شامل رهيو آهي، جيڪي دراوڙي تصور تي هلندي تامل ٻولي کي بنياد بنائي سنڌو ماٿري جي هن قديم لکت ۽ ٻولي کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندس سنڌو لکت تي تحقيق سان گڏ سنڌو سڀيتا متعلق هڪ ٻي وڏي ڪوشش موهن جو دڙو سميت هن ماٿري جي ٻين قديم ماڳن تان مليل مهرون آهن. انهن مهرن بابت ٽن جلدن ۾ لکيل ڪتاب جو پاڻ شريڪ ايڊيٽر به آهي. اهي ٽي جلد 1987ع، 1991ع ۽ 2010ع ۾ شايع ڪيا ويا. پرپولا دنيا جي هن قديم لکت کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ جي ڪوشش طور فنلينڊ جي ماهرن جي هڪ ٽيم تشڪيل ڏني. هن ۽ سندس ٽيم طرفان مرتب ڪيل نتيجن بابت سندس ڪتاب ”سنڌو لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش“ ڪيمبرج يونيورسٽي پريس مان 1994ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. پرپولا پنهنجي تحقيق ذريعي اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌو سڀيتا جي لکت ۽ ٻولي دراوڙي زبان جي خاندان سان تعلق رکن ٿيون. هن اڳوڻي سوويت يونين جي روسي ماهرن هيراس Heras۽ ڪنورزوف Knorozov جي ان ٿيوري کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ روسي ماهرن اها دعوى ڪئي هئي ته هنن سنڌو لکت کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ سنڌو ماٿري جي وارثن جي ٻولي ۽ لکت پروٽو دراوڙي هئي. پرپولا جيتوڻيڪ روسي ماهرن جي دراوڙي ٻولي واري دعوى کي ته پنهنجو ڪيو، پر انهن ماهرن جي ٻولي ۽ لکت کي پڙهڻ بابت تجويز ڪيل نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پرپولا طرفان سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ ٻولي کي دراوڙي قرار ڏيڻ تي کيس 23 جون 2010ع تي منعقد ٿيل عالمي ڪلاسيڪل تامل ڪانفرنس ۾ ڪلاسيڪل تامل ايوارڊ سان به نوازيو ويو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Asko Parpola, Deciphering the Indus Script, Cambridge University Press, 1994
    • Asko Parpola, The Roots of Hinduism: The Early Aryans and the Indus Civilization, Oxford University Press, 2015
    • Asko Parpola, The Sky Garment: A Study ofthe Harappan Religion And Its Relation To The Mesopotamian And Later Indian Religions
    • Asko Parpola, Jagat Pati Joshi, Corpus of Indus seals and inscriptions, Suomalainen Tiedeakatemia, 1987
    • Asko Parpola, Sayid Ghulam Mustafa Shah, Corpus of Indus Seals and Inscriptions, Vol. 2, Suomalainen Tiedeakatemia, 1991
    • Asko Parpola, B. M. Pande, Petteri Koskikallio, Corpus of Indus Seals and Inscriptions, Vol. 3.1, Memories of the Archaeological Survey of India, vol. 96. Helsinki, 2010.
    • Asko Parpola, South Asian Religion and Society (Studies on Asian Topics, No 11), Riverdale Co Pub, 1986
    • Asko Parpola, Computer Techniques in the Study of the Indus Script, Walter de Gruyter, 1971
    • Is the Indus script indeed not a writing system? In: Airāvati: Felicitation volume in honour of Iravatham Mahadevan: 111–31. VARALAARU.COM, Chennai. 2008
    • Christian Carpelan (Editor), Asko Parpola (Editor), Petter Koskikallio(Editor), Early contacts between Uralic and Indo-European: Linguistic and archaeological considerations, Suomalais-ugrilainen Seura, 2001
    • Klaus Karttunen (Editor), Asko Parpola (Contributor), Juha Janhunen(Contributor), Volker Rybatzki (Contributor), Kimmo Granqvist(Contributor), Hans Henrich Hock (Contributor), Ananta Śāstram: Indological and Linguistic Studies in Honour of Bertil Tikkanen, Finnish Oriental Society, 2010


    اورل اسٽين Aurel Stein

    قديم آثارن ۽ جاگرافي جي برطانوي ماهر اورل اسٽين کي ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي قديم تهذيبن ۽ جاگرافيائي لنگهن بابت تحقيقات جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ پاڪستان، ايران، چائنا، ترڪستان سميت وچ ايشيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ قديم تهذيبن ۽ لنگهن تي کوجنا ڪئي. سندس کوجنا جو اهم مقصد سڪندر اعظم جي سنڌ تي حملي وارو لنگهه معلوم ڪرڻو هيو. ان بهاني هن ان کوج دوران سڪندر اعظم جي اچڻ کان به سوين هزارين سال اڳ جي ماڳن تائين به رسائي حاصل ڪئي ۽ انهن جي کوٽائي ڪرائي. اورل اسٽين هنگري جي بڊاپسٽ شهر ۾ 26 نومبر 1862ع تي جنم ورتو. جڏهن ته پاڻ 26 آڪٽوبر 1943ع ۾ افغانستان جي شهر ڪابل ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اورل اسٽين سڄي عمر ڪنوارو رهيو. پاڻ يوناني، ليٽين، فرينچ ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو هو. هن ڪاليج جي پڙهائي بعد سنسڪرت ۽ فارسي ۾ گريجوئيشن ڪئي. بعد ۾ 1883ع ۾ داڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.
    اورل اسٽين پنجاب ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ گنويري والا کي دريافت ڪيو. اورل اسٽين بهاولپور ۾ سڪي ويل هاڪڙو درياهه جي پيٽ ڀرسان به کوجنا ڪري قديم دور جا ماڳ هٿ ڪيا. اورل اسٽين خيبر پختون خواهه صوبي ۾ 1898ع کان 1928ع تائين قديم دور جي ماڳن تي کوجنا ڪئي ۽ علائقي جو سروي ڪرايو. پاڻ مالاڪنڊ ۾ پهريون ڀيرو اتان جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي سهڪار سان قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. هن ان کوجنا دوارن سنڌو سڀيتا سان گڏ ٻڌ دور جا به ڪيترائي قديم ماڳ دريافت ڪيا. اسٽين اها کوجنا ان وقت شروع ڪئي، جڏهن پاڻ لاهور جي اورينٽل ڪاليج جو 1888ع کان 1899ع تائين پرنسپال هيو. برطانوي حڪومت کيس ان وقت جي اين ڊبليو ايف پي ۽ موجوده ڪي پي ڪي صوبي ۾ آرڪيالاجي جو سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو. جيئن پاڻ ان خطي ۾ قديم تهذيب بابت سروي ۽ کوٽائي جو ڪم شروع ڪري سگهي. پاڻ ان عهدي تي 1904ع کان 1917ع تائين مقرر رهيو. ان عهدي تان رٽائر ٿيڻ بعد به هن خطي ۾ تحقيقات جو ڪم جاري رکيو. پاڻ سوات ۾ به قديم آثارن تي کوجنا ڪئي. ڪي پي ڪي ۾ اورل اسٽين جي تحقيقات جو اهم مقصد سڪندر اعظم جي سنڌ آمد جو دڳ ڳولڻ هيو. هن بلوچستان ۾ به سنڌو سڀيتا جي ڪيترائي قديم ماڳ ڳولي لڌا، جن ۾ پيراڻو گنڊائي، دبر ڪوٽ ۽ ڪلي شامل آهن. جن مان ڪيترن ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي. هن 1927 ۽ 1928ع ۾ ڪلي جي ماڳ جي کوٽائي ڪرائي.
    اورل اسٽين سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي پوئتي پوڻ جو سبب آبهوا جي تبديلي ثابت ڪيو. هو سنڌو سڀيتا جي زوال بابت نام نهاد آرين جي حملي واري تصور کي رد ڪندڙ ماهرن مان هيو.اسٽين قديم سنڌو سڀيتا ۽ ميسوپوٽيما جي تهذيب وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي حوالي سان به تحقيق ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ايران ۽ بلوچستان ۾ قديم ماڳن جون به کوٽايون ڪرايون. گوتم ٻڌ جي دور تي سندس تحقيق به اهميت لائق آهي. کيس آرڪيالاجي ۽ جاگرافي جي شعبي ۾ اهم دريافتون ڪرڻ تي ڪيترن ئي اعزازن ۽ ايوارڊن سان به نوازيو ويو. جن ۾ رائل جاگرافيڪل سوسائٽي طرفان فائونڊرس ميڊل ۽ رائل ايشياٽڪ سوسائٽي بمبئي طرفان گولڊ ميڊل ڏنو ويو. ان کانسواءِ کيس آئرلينڊ ۽ گريٽ برٽين طرفان به گولڊ ميڊل ۽ ايوارڊ ڏنا ويا. کيس يونيورسٽي آف ڪيمبرج طرفان ڊاڪٽر آف سائنس ۽ ايس ٽي اينڊريو يونيورسٽي طرفان قانون جي اعزازي ڊگري به ڏني وئي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • An Archeological tour along the Gaaggar-Hakra River, 1940-42, in S. P. Gupta(ed.) 1943.
    • Detailed Report on an Archaeological Tour with the Buner Field Force, Lahore, Punjab Government Press. 1898.
    • Report of Archaeological Survey Work in the North-West Frontier Province and Baluchistan, Peshawar, Government Press, N.W. Frontier Province. 1905.
    • On Alexander's Track to the Indus: Personal Narrative of Explorations on the North-West Frontier of India. London, Macmillan & Co. Reprint: New York, Benjamin Blom, 1972.
    • On Ancient Central-Asian Tracks : vol.1, 1933
    • Archaeological Reconnaissances in North-Western India and South-Eastern Īrān : vol.1, 1937
    • Old Routes of Western Iran: Narrative of an Archaeological Journey Carried out and Recorded, MacMillan and co., limited. St. Martin's Street, London. 1940
    • Archaeological Notes from the Hindukush Region. J.R.A.S., pp. 1–24 + fold-out. 1944.


    اروري ديدير Aurore Didier

    فرينچ آرڪيالاجسٽ اروري ديدير سنڌو سڀيتا تي پاڪستان ۽ فرانس جي گڏيل مشن هيٺ مڪران ۽ سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾ تحقيق ڪري رهي آهي. ”مشن آف انڊس“ ‘Mission of Indus’ (MAI) جي نالي سان هن پراجيڪٽ جي شروعات مشهور فرينچ آرڪيالاجسٽ جين ميري ڪيسل طرفان 1958ع کان ڪئي وئي. هن پراجيڪٽ جو مقصد بلوچستان ۽ سنڌو ماٿري جي لهواري خطي ۾ سنڌو سڀيتا جي لڪل رخن کي ظاهر ڪرڻ هيو. جين ميري ڪيسل بعد ان پراجيڪٽ کي اروري ديدير جاري رکيو. ان مشن ۾ ساڻس پروفيسر آر بيسينول ۽ ڊاڪٽر وي مارڪون شريڪ رهيا.
    ڊاڪٽر اروري ديدير فرينچ نيشنل سينٽر فار سائنٽيفڪ ريسرچ French National Center for Scientific Research (CNRS) جي محقق ۽ فرينچ آرڪيالاجيڪل مشن ان دي انڊس بيسن French Archaeological Mission in the Indus Basin (MAFBI) جي ڊائريڪٽر آهي. پاڻ ان مشن تحت سنڌ جي لاڙ واري خطي ۽ بلوچستان جي مڪران ۾ سنڌو سڀيتا تي وڌيڪ کوجنا ڪري رهي آهي. پاڻ 2001ع کان 2006ع تائين بلوچستان جي ڪيچ مڪران واري علائقي ۾ ڊاڪٽر رولينڊ بيسينولRoland Besenval جي سربراهي ۾ قديم ماڳن جون کوٽايون به ڪرايون آهن. هن انهن کوٽاين ۽ کوجنا تي ڪتاب به شايع ڪيو. اروري ديدير مهر ڳڙهه ۽ نوشهره جي قديم ماڳن بابت ٿيل کوجنا تي ڊاڪٽر جين فرانڪوس جارجي سان گڏ تفيصلي تحقيقي رپورٽ تيار ڪئي. جڏهن ته هن مڪران ۾ سنڌو سڀيتا تي ٿيل تحقيق ڪتابي صورت ۾ تيار ڪئي آهي. پاڻ تازو سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي مرڪز چانهون جي دڙي تي وڌيڪ کوٽائي ڪرائي آهي. سندس ڪافي ڪتاب ۽ رپورٽون فرانسيسي زبان ۾ شايع ٿيل آهن.

    ڪتاب ۽ رپورٽون:


    • DIDIER, A. (2013) La production céramique du Makran (Pakistan) à l’âge du Bronze ancien. Contribution à l’étude du peuplement ancien des régions indo-iraniennes. MAFACAM XIV. Paris: Diffusion de Boccard. 376 pp.
    • Jarrige, J.-F., Quivron, G. & Jarrige, C. with the collaboration of J.F. Haquet, A. Didier & R. Meadow (2011) Nindowari (Pakistan). The Kulli culture, its origin and its relations with the Indus Civilization. Editions.
    • Besenval, R. & Didier, A. (2004) Peuplement protohistorique du Kech-Makran au 3ème millénaire av. J.-C.: l’assemblage céramique de la période IIIc sur le site de Miri Qalat. Paléorient 30/2: 159-177
    • Didier, A. (2011) The use of colour in the Protohistoric pottery from Pakistani Balochistan and from Mundigak (Afghanistan): Cultural Identities and Technical Traditions. Annales de la fondation Fyssen n° 26: 126-149.
    • Jarrige, J.-F., Didier, A. & Quivron, G. (2011) Shahr-i Sokhta and the Chronology of the Indo-Iranian Borderlands. Paléorient 37 (2): 7-34.
    • Didier, A. (2011) Échanges et territoires culturels en Asie méridionale à la période protohistorique à partir de l’étude des productions peintes polychromes. 4ème Congrès International du Réseau Asie.
    • Didier, A. & Méry, S. (2012) Les premières céramiques fines d’Asie moyenne aux IVe et IIIe millénaires av. J.-C. In : Lefèvre, V. (ed.) Orientalismes. De l'archéologie au musée. Mélanges en l'honneur de Jean-François Jarrige: 177-192. Brepols (collection Indicopleustoi).
    • Didier, A. & Mutin, B. (2013) La production céramique protohistorique du Makran pakistanais dans la compréhension des relations indo-iraniennes. In: J. Bendezu-Sarmiento (dir.), CAC-IFEAC # 21-22, 2013 – p. 461-486.


    بي بي لال B. B. Lal

    بي بي لال B. B. Lal

    برج باسي لال انڊيا جو مشهور آرڪيالاجي ماهر آهي. سندس جنم 2 مئي 1921ع ۾ انڊيا جي رياست آگرا جي شهر جانسي ۾ ٿيو، پاڻ بي بي لال جي نالي سان مشهوري ماڻي. بي بي لال سنسڪرت زبان ۽ ويدن بابت الهه آباد يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. ماسٽرس ڪرڻ بعد بي بي لال آرڪيالاجي ۾ دلچسپي ورتي ۽ 1943ع ۾ برطانيه جي آرڪيالاجسٽ مارٽيمر ويلر وٽ ٽريني جي حيثيت سان ڪم جي شروعات ڪئي ۽ مارٽيمر ويلر جي نگراني هيٺ ٽيڪسيلا جي کوٽائي ۾ بهرو ورتو. جنهن بعد پاڻ هڙاپا جي قديم ماڳ تي 50 سالن تائين کوجنا ڪئي.
    پاڻ 1968ع کان 1972ع تائين آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. هن انڊين انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اسٽيڊيز شمال ۾ به ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀايون. پاڻ يونيسيڪو جي ڪيترن ئي ڪاميٽين ۾ به ميمبر رهيو. انڊيا جي حڪومت طرفان کيس سندس آرڪيالاجي جي شعبي ۾ خدمتن عيوض پدما ڀوشن ايوراڊ سان به نوازيو ويو. پاڻ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي تعاون سان انڊيا سميت افغانستان ۾ ٻڌ دور جي قديم ماڳن تي به تحقيق ڪئي. لال 1950ع کان 52ع تائين مهاڀارتا جي قديم ماڳن تي به ڪم ڪيو. پاڻ راجسٿان ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ ڪالي بنگن تي به تحقيق ڪئي. بي بي لال جا ڪيترائي ڪتاب ۽ 150 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا قومي ۽ بين الاقوامي سطح جي سائنس جي رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • B.B. Lal (1952). New Light on the "dark Age" of Indian History: Recent Excavations at the Hastinapura Site, Near Delhi. Illustrated London news.
    • B. B. Lal (1953). Studies in Early and Mediaeval Indian Ceramics: Some Glass and Glasslike Artefacts from Bellary, Kolhapur, Maski, Nasik and Maheshwar.
    • Braj Basi Lal (1955). Excavations at Hastinapura and Other Explorations [in the Upper Gangā and Sutlej Basins], 1950-52.
    • Shikaripur Ranganatha Rao; Braj Basi Lal (1960). Excavation at Rangpur and Other Explorations in Gujarat.
    • B. B. Lal (1963). The Only Asian Expedition in Threatened Nubia: Work by an Indian Mission at Afyeh and Tumas.
    • Jagat Pati Joshi; Braj Basi Lal (1963). Comparative Stratigraphy of the Protohistoric Cultures of the Indo-Pakistan Subcontinent. Ethnographic and Folk-Culture Society, U.P.
    • Braj Basi Lal (1964). Indian Archaeology Since Independence. Motilal Banarsidass.
    • B. B. Lal (1968). Indian Rock Paintings: Their Chronology, Technique and Preservation.
    • B.B. Lal (1972). The Copper Hoard Culture of the Ganga Valley. Heffer.
    • B. B. Lal (1977). On the Most Frequently Used Sign in the Indus Script.
    • B. B. Lal (1978). Weathering and Preservation of Stone Monuments Under Tropical Conditions: Some Case Histories.
    • B.B. Lal (1978). Scientific Examination of Works of Art and History. Indian Association for the Study of Conservation of Cultural Property.
    • Special survey reports on selected towns: Dumka, 1981.
    • Braj Basi Lal (1982). Has the Indus Script Been Deciphered?. Indian Inst. of Advanced Study.
    • Frontiers of the Indus Civilization, 1984.
    • B. B. Lal (1993). Excavation at Śṛiṅgaverapura: (1977-86). Director General, Archaeological Survey of India.
    • Braj Basi Lal (1997). The Earliest civilization of South Asia: rise, maturity, and decline. Aryan Books International.
    • Jagat Pati Joshi; D. K. Sinha; Braj Basi Lal (1997). Facets of Indian Civilization: Prehistory and rock-art, protohistory: Essays in Honour of Prof. B.B. Lal (Vol. 1). Aryan Books International. Retrieved 9 August 2013.
    • B. B. Lal (1998). India 1947-1997: New Light on the Indus Civilization. Aryan Books International.
    • Braj Basi Lal (2002). The Sarasvatī flows on: the continuity of Indian culture. Aryan Books International.
    • Braj Basi Lal (2003). Excavations at Kalibangan: The Early Harappans, 1960-1969. Director General, Archaeological Survey of India.
    • A. S. Bisht; Surinder Pal Singh; B. B. Lal (2004). Studies in Art and Archaeological Conservation: Dr. B.B. Lal Commemoration Volume. Agam Kala Prakashan.
    • B. B. Lal (2005). The Homeland of the Aryans. Evidence of Rigvedic Flora and Fauna & Archaeology. Aryan Books.
    • Braj Basi Lal; R. Sengupta (2008). A Report on the Preservation of Buddhist Monuments at Bamiyan in Afghanistan. Islamic Wonders Bureau.
    • B. B. Lal (2008). Rāma, His Historicity, Mandir, and Setu: Evidence of Literature, Archaeology, and Other Sciences. Aryan Books.
    • B. B. Lal (2009). How Deep Are the Roots of Indian Civilization? Archaeology Answers. Aryan Books.
    • Braj Basi Lal (2011). Excavations at Bharadwaja Ashram: with a note on the exploration at Chitrakuta. Archaeological Survey of India.
    • Braj Basi Lal (2011). Piecing Together: Memoirs of an Archaeologist. Aryan Books International.
    • Braj Basi Lal (2015). The Rigvedic People: 'Invaders’? /'Immigrants'? or Indigenous?. Aryan Books International.


    بي ڪي ٿاپر B. K. Thapar

    بي ڪي ٿاپر B. K. Thapar

    ڀارتي آرڪيالاجسٽ بي ڪي ٿاپر انڊيا جي شهر لڌيانا ۾ 18 آڪٽوبر 1921ع ۾ ڪپڙي جي هڪ واپاري جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ 6 سيپٽمبر 1995ع ۾ نيئن دهلي ۾ وفات ڪري ويو. هن لاهور جي پنجاب يونيورسٽي مان تاريخ جي شعبي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ ملازمت حاصل ڪئي، جتي هن نامياري آرڪيالاجي ماهر مورٽيمر ويلر جي سربراهي هيٺ تربيت حاصل ڪئي. جنهن بعد بي ڪي ٿاپرجرمني جي هائيڊل برگ يونيورسٽي مان اولهه ايشيا جي آرڪيالاجي جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي سند ماڻي ورتي. پاڻ انڊيا جي ثقافت ۽ فن جي ترقي بابت جوڙيل ٽرسٽ ”ان ٽيڪ“ (Indian National Trust for Art and Cultural Heritage) جو باني پڻ هيو.
    ٿاپر سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن جي کوٽائي ۾ بهرو ورتو ۽ هن سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ ڪالي بنگن سميت پراڻا قلعا ۽ ماسڪي جون به کوٽايون ڪرايون. هن افغانستان جي فراح ماٿري ۽ بگرام ۾ به قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي جرنل جو 1973ع کان 1979ع تائين ايڊيٽر به رهيو. بي ڪي ٿاپر1978ع کان 1981ع تائين آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو.پاڻ انڊيا سميت ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ آرڪيالاجي، فن ۽ ثقافت بابت ادارن ۽ تنظيمن جو ميمبر ۽ سربراهه به رهيو. جن ۾ آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف انڊين اسٽيڊيز جي صلاحڪاري ڪاميٽي جو ميمبر، انٽرنيشنل ڪائونسل آف مونومينٽس اينڊ سائيٽس جو نائب صدر، يونيسيڪو جي انڊين نيشنل ڪاميٽي جو ميمبر، جرمن آرڪيالاجيڪل انسٽيٽيوٽ جو ميمبر، انڊين سائنس ڪانگريس جو ميمبر ۽ ريڊيو ڪاربان ڊيٽنگ ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. کيس ڀارتي سرڪار طرفان تعليم ۽ آرڪيالاجي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي پدما شري ايوارڊ سان به نوازيو ويو. بي ڪي ٿاپر سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا تحرير ڪيا. جن مان ڪجهه ڪتابن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Indian megaliths in Asian context - with Arun Kumar Sharma (1994)
    • Conservation of the Indian heritage - with Bridget Allchin and Frank Raymond Allchin (1989)
    • Recent archaeological discoveries in India (1985)
    • Approaches to the Archaeological Heritage Chapter 7, India - Henry Cleere (1984)
    • History of Humanity: Scientific and Cultural Development. Book Chapter: The Indus Valley: 3000-1500 BC. Dani, A. H. and Mohan, J.-P. (eds.), Vol. II UNESCO and Rutledge: 246-265 - with Mohammed Rafique Mughal (1996)


    بينجمن ويلنٽائين Benjamin Valentine

    بينجمن ويلنٽائين Benjamin Valentine

    سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ماهر بينجمن ويلنٽائين بائيوآرڪيالاجسٽ آهي. پاڻ ڏکڻ ايشيا ۽ خاص ڪري سنڌو سڀيتا جي وارثن بابت جديد سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪري رهيو آهي. ويلنٽائين بائيو جيوڪيميڪل ڊيٽا ذريعي ان دور ۾ آبهوا ۽ ماحولياتي تبديلين سبب رهائشي نظام ۾ ڦيرڦار ۽ لڏپلاڻ متعلق کوجنا ۾ به مصروف آهي. بينجمن ويلنٽائين آمريڪا جي ڊارٽموٿ ڪاليج يونيورسٽي جي اينٿروپلاجي شعبي سان سلهاڙيل آهي. کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻ دوران 2011ع ۾ فلوريڊا يونيورسٽي طرفان سنڌو سڀيتا جي وارثن جي شناخت ۽ لڏپلاڻ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ گرانٽ به مهيا ڪئي وئي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Benjamin Valentine, George D. Kamenov, Jonathan Mark Kenoyer, Vasant Shinde, V. Mushrif-Tripathym Evidence for Patterns of Selective Urban Migration in the Greater Indus Valley (2600-1900 BC): A Lead and Strontium Isotope Mortuary Analysis, PLOS ONE, 2015
    • Benjamin Valentine, Evidence for Patterns of Selective Urban Migration in the Greater Indus Valley (2600-1900 BC): A Lead and Strontium Isotope Mortuary Analysis, PLOS ONE, 2015
    • Benjamin Valentine, Resource depression, climate change, and mountain sheep in the eastern Great Basin of western North America, Archaeological and Anthropological Sciences, 2013
    • Benjamin Valentine, Reconstructing Neolithic groups in Sarawak, Malaysia through lead and strontium isotope analysis, Journal of Archaeological Science, 2008


    ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي Bhero Mal Adwani

    ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي Bhero Mal Adwani

    سنڌ جي قديم تاريخ ۽ ثقافت سميت ٻولي تي تحقيق ڪندڙن ڏيهي ماهرن ۾ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي جو نالو به شامل رهيو آهي. پاڻ 1875ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پاڻ ثانوي تعليم حيدرآباد مان ورتي، ڀيرو مل ايڪسائيز کاتي ۾ 28 سال نوڪري ڪئي. بعد ۾ نومبر 1924ع ۾ ڪراچي جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا، سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي تاريخ تي تحقيق شروع ڪئي. هن ويدن، مهاڀارت ۽ ٻين ڪتابن کي ڀيٽي تاريخي ڪتاب ”قديم سنڌ“ لکيو، جيڪو1957ع ۾ شايع ٿيو. سندس ڪتاب”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ به تحقيق جي ميدان ۾ خاصو مقبول ٿيو. سندس اهو ڪتاب 1931ع ۾ شايع ٿيو. ڪاڪي ڀيرومل قديم تاريخ ۽ ٻولي سميت مختلف موضوعن تي 50 کان مٿي ڪتاب تحرير ڪيا. پاڻ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد ڀارت جي شهر پوني هليو ويو، جتي 1953ع ۾ وفات ڪئي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • قديم سنڌ، 1957ع
    • سنڌ جي هندن جي تاريخ
    • سنڌي ٻولي جي تاريخ. 1931ع
    • سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ


    برگيٽ آلچن Bridget Allchin 

    برطانوي آرڪيالاجي جي ماهر ميڊم برگيٽ آلچن کي ڏکڻ آيشيا جي آرڪيالاجي تي خاص مهارت حاصل رهي آهي. پاڻ 1927ع ۾ برطانوي شهر آڪسفورڊ ۾ جنم ورتو. سندس مڙس رائمنڊ آلچن به ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي جو ماهر رهيو آهي. هن زال مڙس نه فقط گڏجي سنڌو ماٿري جي قديم تهذيب تي تحقيق ڪئي، پر ڪيترن ئي ڪتابن جا گڏيل خالق به رهيا آهن. برگيٽ آلچن يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ تاريخ ۽ قديم تهذيبن بابت ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي پر هن پنهنجي والدين طرفان ڏکڻ آفريڪا لڏي وڃڻ سبب تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. بعد ۾ پاڻ ڏکڻ آفريڪا جي شهر ڪيپ ٽائون جي يونيورسٽي ۾ آفريڪن اسٽيڊيز، انٿروپلاجي، آرڪيالاجي ۽ آفريڪي ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهڻ شروع ڪيو. برگيٽ پنهنجي تعليم دوارن ڏکڻ آفريڪا جي پٿر جي دور تي تحقيق ۾ مهارت حاصل ڪئي. بعد ۾ پاڻ 1950ع ڌاري برطانيه واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ برطانيه پهچي انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ جڏهن برطانيه جي يونيورسٽي ڪاليج لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪري رهي هئي ته سندس پنهنجي هم ڪلاس رائمنڊ آلچن سان ملاقات ٿي، جيڪا ان ئي سال شادي جي ٻنڌڻ ۾ تبديل ٿي وئي.
    برگيٽ آلچن کي ڊاڪٽريٽ جي پڙهائي دوارن ئي ڏکڻ ايشيا جي قديم تهذيب ۽ تاريخ سان لڳاءُ پئدا ٿيو، پاڻ پهريون ڀيرو 1951ع ۾ انڊيا پهتي، ڏکڻ ايشيا جي قديم تاريخ ۽ آرڪيالاجي تي وڌ کان وڌ تحقيق ڪندڙ هي پهرين عورت اسڪالر هئي. جنهن افغانستان کان سريلنڪا تائين ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي تي تحقيق ڪئي ۽ ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا تحرير ڪيا. پهريان ته هن پنهنجي مڙس رائمند آلچن سان فيلڊ ۾ هٿ ونڊايو، پر پوءِ پاڻ به ڏکڻ آيشيا جي آرڪيالاجي تي تحقيق ڪرڻ لاءِ فنڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جنهن بعد هن بروڊا يونيورسٽي جي پروفيسر ٽي ايم هيڊج ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر اينڊريو گوڊي سان گڏ ٿر ۾ قديم آثارن جي کوجنا تي ڪم شروع ڪيو. ان عرصي دوران برگيٽ آلچن آرڪيالاجيڪل سروي سان لاڳاپا قائم ڪري ورتا ۽ ان اداري جي مدد سان پاڪستان جي پوٺوهار ريجن ۾ پٿر دور جي ماڳن تي ڪم شروع ڪيو. هن ٿر سميت پوٺوهار ۾ پٿر دور جي ماڳن تي ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب لکيا. پاڻ سائوٿ ايشين اسٽيڊيز جرنل جي باني ايڊيٽر پڻ رهي. ان سان گڏ پاڻ ولفسن ڪاليج ڪيمبرج جي فيلو پڻ رهي. برگيٽ قديم ايران ۽ انڊيا ٽرسٽ جي سيڪريٽري ۽ بعد ۾ چيئرمين جي عهدي تي به ڪم ڪيو. ان سان گڏ پاڻ يورپين ايسوسيئيشن آف سائوٿ ايشين آرڪيالاجسٽس جي سيڪريٽري جنرل به رهي. ان ايسوسيئيشن طرفان ڪافي تحقيقاتي مقالا شايع ڪيا ويا.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • The Stone Tipped Arrow (1966)
    • The Prehistory and Palaeogeography of the Great Indian Desert (1978)
    • The Rise of Civilization in India and Pakistan (1982) with F. Raymond Allchin
    • From the Oxus to Mysore in 1951: The Start of a Great Partnership in Indian Scholarship (Hardinge Simpole, 2012) with F. Raymond Allchin
    • Allchin, Bridget 1966. The Stone-Tipped Arrow; Late Stone-Age Hunters of the Tropical Old World. New York: Barnes & Noble.
    • Allchin, Bridget 1972. Hunters or Pastoral Nomads?: Late Stone Age Settlements in Western and Central India. London: Duckworth.
    • Allchin, Bridget 1973. Environment, Time and Technology: The Flake Tradition and Blade and Burin Traditions in Western India. Bombay: Tata Institute of Fundamental Research.
    • Allchin, Bridget 1994. Living Traditions: Studies in the Ethno archaeology of South Asia. Oxford: Oxbow Books.
    • Petraglia, Michael D., and Bridget Allchin (eds.) 2007. The Evolution and History of Human Populations in South Asia Inter-Disciplinary Studies in Archaeology, Biological Anthropology, Linguistics and Genetics. Dordrecht, the Netherlands: Springer.
    • Allchin, Bridget 1952. "A study of some Palaeolithic artefacts from South India". Current Science 21: 268–271.
    • Allchin, Bridget 1957. "Australian Stone Industries, Past and Present". Journal of the Royal Anthropological Institute of Great Britain and Ireland, 87, no. 1: 115–136.
    • Allchin, Bridget 1958. "The Late Stone Age of Ceylon". Journal of the Anthropological Institute of Great Britain and Ireland. 88, no. 2: 179–201.
    • Allchin, B. 1959. “The Indian Middle Stone Age: Some New Sites in Central and Southern India”. Bulletin of the London University Institute of Archaeology 2: 1–36.
    • Allchin, Bridget 1960. Review of Stone Age Industries of the Bombay and Satara Districts. by S. C. Malik. Man 60: 95.
    • Allchin, Bridget 1960. "196. Central Indian Prehistory: The Carlyle Collections". Man. 60, no. 9: 155–156.
    • Allchin, Bridget and J. Desmond Clark and C. B. M. McBurney and Sonia Cole 1961. "The Pelican Prehistories". Journal of African History. 2, no. 1: 153–154.
    • Allchin, Bridget 1963. "The Indian Stone Age Sequence". The Journal of the Royal Anthropological Institute of Great Britain and Ireland 93, no. 2: 210–234.
    • Allchin, Bridget 1966. "The Stone Age of India in relation to surrounding regions of the Old World". Proceedings of the Sixth International Congress of Prehistoric and Protohistoric Sciences (Rome, 29 August–3 September 1962). Rome, 250–255.
    • Allchin, Bridget and K. T. M. Hegde 1968. "The background of early man in the Narmada valley, Gujarat: a preliminary report of the 1969 season’s fieldwork". Journal of the M.S.U. Baroda 17, no.1: 141–145.
    • Allchin, Bridget and Andrew Goudie. 1971. "Dunes, Aridity and Early Man in Gujarat, Western India". Man. 6, no. 2: 248–265.
    • Allchin, Bridget, K. T. M. Hegde and Andrew Goudie 1972. "Prehistory and Environmental Change in Western India: A Note on the Budha Pushkar Basin, Rajasthan". Man. 7, no. 4: 541–564.
    • Allchin, Bridget, K. T. M. Hegde and Andrew Goudie 1972. "The background of early man in Gujarat, a preliminary report of the Cambridge – Baroda Expedition, 1970–71 season. Journal of the M.S.U. Baroda 19, no.1: 15–32.
    • Allchin, Bridget 1972. "Hunters or pastoral nomads? Late Stone Age settlements in Western and Central India". In: P. J. Ucko, R. Tringham and G. W. Dimbleby (eds.), Man, Settlement and Urbanism. London: Duckworth, 115–119.
    • Allchin, Bridget 1973. "Blade and burin industries of West Pakistan and Western India." In: N. Hammond (ed.), South Asian Archaeology 1971, London: Duckworth, 39–50.
    • Allchin, Bridget 1973. "Environment, time and technology: the flake tradition and the blade and burin traditions in Western India." In: D.P. Agrawal and A. Ghosh (eds.), Radiocarbon and Indian Archaeology. Bombay: Tata Institute of Fundamental Research, 18–22.
    • Goudie, Andrew, Bridget Allchin and K. T. M. Hegde 1973. "The former extensions of the Great Indian Sand Desert". The Geographical Journal 139, no.2: 243–257.
    • Allchin, Bridget 1974. Siddhpur and Barkachha: two Stone Age factory sites in Uttar Pradesh". In: A.K. Ghosh (ed.), Perspectives in Palaeoanthropology. Professor D. Sen Festschrift. Calcutta: Firma K. L. Mukhopadhyay, 235–248.
    • Allchin, Bridget 1974. "Stone age man in Rajasthan". The Researcher, Bulletin of Rajasthan’s Archaeology and Museums 14.
    • Allchin, Bridget and Andrew Goudie 1974. "Pushkar: Prehistory and Climatic Change in Western India". World Archaeology. 5, no. 3: 358–368.
    • Allchin, Bridget and Andrew Goudie 1974. "Prehistoric geography of the margins of the Indian desert: an interim report of the Cambridge – Oxford – Baroda project". In: J.E. van Lohuizen-de Leeuw and J.M.M. Ubaghs (eds.), South Asian Archaeology 1973. Papers from the second International Conference of the Association for the Promotion of South Asian Archaeology in Western Europe, held in the University of Amsterdam. Leiden, E. J. Brill, 63–70.
    • Allchin, Bridget 1976. "Palaeolithic Sites in the Plains of Sind and Their Geographical Implications". Geographical Journal. 142, no. 3: 471–489.
    • Allchin, Bridget 1977. "Hunters, pastoralists and early agriculturalists in South Asia". In: J.V.S. Megaw (ed.), Hunters Gatherers and First Farmers Beyond Europe: an Archaeological Survey. Leicester: Leicester University Press, 127–144.
    • Allchin, Bridget and Andrew Goudie 1978. "Climatic change in the Indian desert and North-west India during the late Pleistocene and early Holocene". In: W.C. Brice (ed.), The Environmental History of the Near and Middle East Since the Last Ice Age. London: Academic Press, 307–318.
    • Allchin, Bridget 1979. The agate and carnelian industry in western India and Pakistan. In: J.E. van Lohuizen-de Leeuw (ed.), South Asian Archaeology 1975. Papers from the Third International Conference of the Association of South Asian Archaeologists in Western Europe held in Paris. Leiden: Brill, 91–105.
    • Allchin, Bridget 1979. "Stone blade industries of early settlements in Sind as indicators of geographical and socio-economic change". In: M. Taddei (ed.), South Asian Archaeology 1977.
    • Papers from the Fourth International Conference of the Association of South Asian Archaeologists in Western Europe, held in the Istituto Universitario Orientale, Naples. Naples: Istituto Universitario Orientale, 173–211.
    • Allchin, Bridget 1980. "Observations on the nature and development of Middle and Upper Palaeolithic industries in the Thar Desert during the last Pleistocene humid phase". Man and Environment 4.
    • Allchin, Bridget 1980. "The prehistory of Tadjikistan, Soviet Central Asia". Antiquity 54: 55–58.
    • Allchin, Bridget 1980. "Notes on the teris of Tamilnadu coast, South India". In: Th. T P Gunawardana, L. Prematilleke, R. Silva (eds.), P.E.P. Deraniyagala Commemoration Volume. Colombo, Sri Lanka: Lake House Investments Ltd., 60–63.
    • Allchin Bridget 1981. "Stone industries of Lewan, Tarakai Quila and Lak Largai in the Bannu basin". In: H. Härtel (ed.), South Asian Archaeology 1979. Papers from the fifth International Conference of the Association of South Asian Archaeologists in Western Europe held in the Museum für Indische Kunst der Staalichen Museen Preussischer Kulturbesitz Berlin. Berlin: D. Reimer Verlag, 233–239.
    • Allchin Bridget 1981. "The Palaeolithic of the Potwar Plateau Punjab, Pakistan; A Fresh Approach. Paléorient 7, no.1: 123–134.
    • Allchin Bridget 1981. "Archaeological indications of the role of Nomadism in the Indus civilization and their potential significance for the movements of the Indo-Aryans into the Indian subcontinent". In: B.A. Litvinsky (ed.), Ètnicheskiye problemy istorii Tsentral’noi Azii v drevnosti (II tysyacheletiye do n.è.) / Ethnic Problems of the History of Central Asia in the Early Period (2nd Millennium B.C.). Moscow, 321–325.
    • Allchin, Bridget 1982. "Substitute stones". In: G.L. Possehl (ed.), Harappan Civilization: a contemporary perspective. Warminster: Aris & Phillips in co-operation with American Institute of Indian Studies, 233–238.
    • Allchin, Bridget 1985. "Ethnoarchaeology in South Asia". In: J. Schotsmans and M. Taddei (eds.), South Asian Archaeology 1983. Papers from the seventh international conference of the Association of South Asian Archaeologists in Western Europe, held in the Musées Royaux d’Art et d’Histoire, Brussels. Naples: Istituto Universitario Orientale, Dipartimento di Studi Asiatici, 21–33 (Istituto Universitario Orientale, Dipartimento di Studi Asiatici, Series Minor 23).
    • Allchin, Bridget 1986. "The Site of Lewan. 3.2 The Ground, Pecked and Polished or Heavy Stone Artefacts". In: F. Raymond Allchin, Bridget Allchin, F. A. Durrani and M. Farid Khan (eds.), Lewan and the Bannu Basin, 41–64.
    • Allchin, Bridget 1986. "The Site of Lewan. 3.3 The Microlithic Industry". In: F. Raymond Allchin, Bridget Allchin, F. A. Durrani and M. Farid Khan (eds.), Lewan and the Bannu Basin, 65–80.
    • Allchin, Bridget 1986. "The Site of Lewan. 3.4 The Bead-Working Area". In: F. Raymond Allchin, Bridget Allchin, F. A. Durrani and M. Farid Khan (eds.), Lewan and the Bannu Basin, 81–87.
    • Allchin, Bridget 1986. "The Excavations. 4.3 The Stone Blade Industry from the Excavations". In: F. Raymond Allchin, Bridget Allchin, F. A. Durrani and M. Farid Khan (eds.), Lewan and the Bannu Basin, 113–115.
    • Allchin, Bridget 1986. "The Excavations. 4.4 The Heavy stone Artefacts from the Excavations". In: F. Raymond Allchin, Bridget Allchin, F. A. Durrani and M. Farid Khan (eds.), Lewan and the Bannu Basin, 117–119.
    • Allchin, Bridget 1986. "Earliest traces of man in the Potwar Plateau, Pakistan: a report of the British Archaeological Mission to Pakistan". South Asian Studies 2, no.1: 69–83.
    • Allchin, Bridget 1987. "South Asian Rock Art". Journal of the Royal Society of Arts 135, no. 5366: 138–155 (The Sir George Birdwood memorial lecture 1986).
    • Allchin, Bridget 1987. "1985–1986 Report of the British Archaeological Mission to Pakistan on its British-Pakistan Palaeolithic Project". South Asian Studies 3: 91–94.
    • Dennell, Robin W. and Bridget Allchin 1988. "Report of the British Archaeological Mission to Pakistan Palaeolithic Project, 1987". South Asian Studies 4: 145–147.
    • Allchin, Bridget 1992. "Middle Palaeolithic Cultures". In: A.H. Dani and V.M. Masson (eds.), History of Civilizations of Central Asia. Volume I: The Dawn of Civilization: Earliest Times to 700 B.C. Paris: UNESCO Publishing.

    رائمنڊ آلچن سان گڏ لکيل ڪتاب ۽ مقالا

    • Allchin, Bridget, and F. Raymond Allchin 1968. The Birth of Indian Civilization: India and Pakistan Before 500 B.C. Harmondsworth: Penguin Books.
    • Allchin, Bridget, and F. Raymond Allchin 1982. The Rise of Civilization in India and Pakistan. Cambridge: Cambridge University Press.
    • Allchin, Bridget, and F. Raymond Allchin 1997. Origins of a Civilization: The Prehistory and Early Archaeology of South Asia. New Delhi: Viking.
    • Allchin, F. Raymond, and Bridget Allchin 2012. From the Oxus to Mysore in 1951: The start of a great partnership in Indian Archaeology. Kilkerran: Hardinge Simpole


    ڪيمرون اينڊريو پيٽراءِ Cameron Andrew Petrie

    ڪيمرون اينڊريو پيٽراءِ Cameron Andrew Petrie

    ڪيمبرج يونيورسٽي جي پروفيسر ڪيمرون اينڊريو پيٽراءِ ڏکڻ ايشيا پاڪستان، انڊيا ۽ ايران جي جي آرڪيالاجي تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي. پيٽراءِ جون 1972ع ۾ آسٽريليا ۾ جنم ورتو، هن وقت برطانيه ۾ رهائش پذير آهي. هن سڊني يونيورسٽي مان 1998ع کان 2002ع تائين آرڪيالاجي بابت تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد 2003ع کان 2006ع تائين آڪسفورڊ جي سومرولي ڪاليج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ ٽرنٽي ڪاليج ڪيمبرج ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ ايران جي آرڪيالاجي جي شعبي ۾ سينئر ليڪچرار طور به ڪم ڪيو. پيٽراءِ 2005ع کان ڪيمبرج ۾ قديم تهذيبن تي تحقيق ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي پراجيڪٽس سان لاڳاپيل رهيو آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا جي ڪيترن ئي ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي، خاص ڪري خيبرپختون خاهه صوبي ۾ هن قديم ماڳن تي ڪافي کوجنا ڪئي آهي. پيٽراءِ سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي دور ۾ موسمياتي تبديلين کي بحث جو موضوع بڻايو. پاڻ ايران، پاڪستان ۽ انڊيا ۾ ڪيترن ئي پراجيڪٽن جو سربراهه به رهيو آهي. جن ۾ اتر اولهه انڊيا ۾ زمين، پاڻي ۽ آبادڪاري بابت پراجيڪٽ تي 2007ع کان 2014ع تائين تحقيق ڪئي. جڏهن ته پاڪستان جي صوبي خيبر پختون خواهه ۾ چارسده لڳ بالا حصار آرڪيالاجيڪل پراجيڪٽ تي 2006ع کان 2010ع تائين کوجنا ڪئي. هن وقت پاڻ خيبرپختون خواهه صوبي ۾ بنون آرڪيالاجيڪل پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي.

    ڪتاب ۽ تحقيقي رپورٽون

    Project publications
    • Petrie, C.A. Singh, R.N. and French, C.A. 2010. Land, Water and Settlement in Haryana, India. In: Archaeology at Cambridge 2009–2010, p. 37. Cambridge: McDonald Institute for Archaeological Research
    • Singh, R.N., Petrie, C.A., French, C.A., Neogi, S., Pandey, A.K., Parikh, D. and Pawar, V. (2010). Geoarchaeological survey and excavations at Burj, Fatehabad, Haryana. Puratattva, 40:pp. 94–101
    • Singh, R.N., Petrie, C.A., Pawar, V., Pandey, A.K., Neogi, S., Singh, M., Singh, A.K. Parikh, D. and Lancelotti, C. (2010). Changing patterns of settlement in the rise and fall of Harappan urbanism: preliminary report on the Rakhigarhi Hinterland Survey 2009. Man and Environment, 35.1:pp. 37–53
    • Singh, R.N., Petrie, C.A., et al. (in press). Survey and excavations at Burj, Fatehabad District, Haryana, March 13 - April 5, 2010, BHU and University of Cambridge Archaeological Project, Indian Archaeology: A Review, 2010-2011.
    • Singh, R.N., Petrie, C.A., et al. (in press). A preliminary report on the Ghaggar Hinterland Survey 2010, BHU and University of Cambridge Archaeological Project, Indian Archaeology: A Review, 2010-2011.

    Other Publications:
    • Petrie, C.A., Asgari Chaverdi, A., and Seyedin, M. (2005). From Anshan to Dilmun and Magan: the spatial and temporal distribution of Kaftari and Kaftari-related ceramic vessels
    • Magee, P., Petrie, C.A., Knox, J.R. and Khan, F. (2005) The Achaemenid Empire In South Asia and Recent Excavations In Akra In Northwest Pakistan
    • Petrie, C.A., Morris, J., Khan, F., Knox, J.R., and Thomas, K.D. (2007). The dynamics of late prehistoric ceramic production and distribution in the Bannu and Gomal Regions, NWFP, Pakistan
    • Petrie, C.A., Magee, P. & Khan, M.N. (2007) Histories, Epigraphy and Authority: Achaemenid and Indigenous Control in Pakistan in the 1st millennium BC
    • Singh, R.N. Petrie, C.A., et al. (2008). Settlements in Context: Reconnaissance in western Uttar Pradesh and Haryana, April and May 2008
    • Petrie, C.A., and Torrence, R. (2008). Assessing the effects of volcanic disasters on human history: a Bayesian approach to radiocarbon dating
    • Petrie, C.A. and Singh, R.N. (2008). Investigating cultural and geographical transformations from the collapse of Harappan urbanism to the rise the great Early Historic cities: a note on the Land, Water and Settlement Project
    • Petrie, C.A. & Magee, P. (2008) Emulation at the edge of empire: the adoption of non-local vessel forms in the NWFP, Pakistan during the mid-late 1st millennium BC
    • Petrie, C.A., Singh, R.N. and Singh, A.K. (2009). Investigating changing settlement dynamics on the plains: the 2009 survey and excavations at Masudpur (Hissar District, Haryana)
    • Singh, R.N., Petrie, C.A., Pawar, V., Pandey, A.K., Neogi, S., Singh, M., Singh, A.K. Parikh, D. and Lancelotti, C. (2010). Changing patterns of settlement in the rise and fall of Harappan urbanism: preliminary report on the Rakhigarhi Hinterland Survey 2009
    • Singh, R.N., Petrie, C.A., French, C.A., Neogi, S., Pandey, A.K., Parikh, D. and Pawar, V. (2010). Geoarchaeological survey and excavations at Burj, Fatehabad, Haryana
    • Petrie, C.A., Khan, F., Knox, J.R., Magee, P., Morris, J.C., and Thomas, K.D. (2008) (published 2010). Prehistoric and Historic ceramic production in the Bannu Basin, N.W.F.P., Pakistan: A Review
    • Magee, P. & Petrie, C.A. (2010) West of the Indus, East of the Empire: The archaeology of the pre-Achaemenid and Achaemenid periods in Baluchistan and the North-West Frontier Province, Pakistan
    • Singh, R.N., Petrie, C.A., French, C.A., Bates, J., Pandey, A.K., Parikh, D., Lancelotti, C. and Redhouse, D.I. (2012). Survey and excavations at Dabli-vas Chugta, Hanumangarh District, Rajasthan
    • Petrie, C.A. and Thomas, K.D. (2012). The topographic and environmental context of the earliest village sites in western South Asia
    • Singh, R.N., Petrie, C.P., Joglekar, P.P., Neogi, S., Lancelotti, C., Pandey, A.K. and Pathak, A. (2013). Recent Excavations at Alamgirpur, Meerut District: A Preliminary Report
    • Petrie, C.A. & Magee, P. (2012) The Achaemenid expansion to the Indus and Alexander's invasion of north-west South Asia
    • Dixit, Y., Hodell, D., Sinha, R. and Petrie, C.A. (2014). Abrupt weakening of the Indian summer monsoon at 8.2 kyr B.P.
    • Dixit, Y., Hodell, D. and Petrie, C.A. (2014). Abrupt weakening of the summer monsoon in northwest India ~4100 yrs ago
    • Petrie, C.A. 2013. Sohr Damb/Nal
    • Petrie, C.A. (2013). Charsadda
    • Petrie, C.A. (2013). Taxila
    • French, C., Sulas, F. and Petrie, C.A. (2014). Expanding the research parameters of geoarchaeology: case studies from Aksum in Ethiopia and Haryana in India.
    • Petrie, Currie et al [including Petrie] (2015), Agricultural productivity in past societies: Toward an empirically informed model for testing cultural evolutionary hypotheses, Cliodynamics 6
    • Singh, R.N. and Petrie, C.A. (2009), Lost rivers and life on the plains, Paper published in the conference proceedings of the International Conference `Sarasvati River - A Perspective' Kurukshetra University
    • Petrie, C.A. (2013), Ancient Iran and Its Neighbours: the state of play, in Petrie (ed.), Ancient Iran and Its Neighbours
    • Singh, R.N., Petrie, C.A., Pawar, V., Pandey, A.K. and Parikh, D. (2011). New Insights into Settlement along the Ghaggar and its Hinterland: a Preliminary Report on the Ghaggar Hinterland Survey 2010, Man & Environment
    • Khan, F., Knox, J.R., Magee, P., & Thomas, K.D. & a contribution by Petrie, C.A. (2000). Akra: The Ancient Capital of Bannu, North West Frontier Province, Pakistan
    • Khan, F., Knox, J.R., Thomas, K.D., Petrie, C.A. & Morris, J.C. (2010). Sheri Khan Tarakai and early village life in the north-west Pakistan, Petrie, C.A. (ed.). Bannu Archaeological Project Monographs - Volume 1


    ڊيوڊ اي هوڊيل David A. Hodell

    ڊيوڊ اي هوڊيل David A. Hodell


    ناميارو آمريڪي سائنسدان ڊيوڊ اي هوڊيل 1958ع ۾ ڄائو. پاڻ ڌرتي ڄاڻو (جيالاجسٽ) ۽ موسمياتي تبديلين جو ماهر سائنسدان تسليم ڪيو ويندو آهي. هوڊيل 1980ع ۾ ورمونٽ يونيورسٽي University of Vermont مان جيالاجي جي شعبي ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ يونيورسٽي آف رهوڊي آئزلينڊ University of Rhode Island مان 1986ع ۾ اوشين گرافي Oceanography ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ هن وقت ڪيمبرج يونيورسٽي جي ارٿ سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ جيالاجي جو پروفيسر آهي. ان سان گڏ ڪليري ڪاليج جو فيلو به آهي. ان کان اڳ پاڻ فلوريڊا يونيورسٽي ۾ 1986ع کان 2008ع تائين جيالاجي جو پروفيسر رهيو. هوڊيل 1996ع کان 2008ع تائين اسٽيبل آئسوٽوپ ليبارٽري Stable Isotope Laboratory جو ڊائريڪٽر به رهيو. پروفيسر هوڊيل 2007ع ۾ آمريڪن جيو فزيڪل يونين جو فيلو به چونڊيو ويو.
    ڊيوڊ هوڊيل سنڌو سڀيتا جي دور ۾ موسمياتي تبديلين تي جديد سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪري رهيو آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا جي موسمياتي تبديلين بابت پراجيڪٽ جو مکيه سپروائيزر آهي. ان پراجيڪٽ ۾ آرڪيالاجي ۽ اينٿروپلاجي جو ماهر ڪيمرون پيٽرائي به ساڻس گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ ان پراجيڪٽ تحت انهن نتيجن تي پهتو آهي ته سنڌو سڀيتا جي پوئتي پوڻ جو مکيه سبب ماحولياتي يعني موسمياتي تبديليون هيون. 2100 ق م ۾ برساتون گهٽجي وڃڻ سبب هن تهذيب جو زوال شروع ٿيو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Dixit, Yama and Hodell, David A. and Petrie, Cameron A. (2014) Abrupt weakening of the summer monsoon in northwest India ~4100 yr ago. Geology, 42 (4). pp. 339-342.
    • Zachos, J. C. and Rohl, U. and Schellenberg, S. A. and Hodell, D. A. and Sluijs, A. and Kelly, D. C.and Thomas, E. and Nicolo, M. and Raffi, I. and Lourens, L. J. and McCarren, H. and Kroon, D.(2005) Rapid acidification of the ocean during the Paleocene-Eocene thermal maximum. Science, 308 (5728). pp. 1611-1615.
    • Hodell, D. A. and Kamenov, G. D. and Ed, Chdoesou and Zachos, J. C. and Rohl, U. and Westerhold, T. (2007) Variations in the strontium isotope composition of seawater during the Paleocene and early Eocene from ODP Leg 208 (Walvis Ridge). Geochemistry Geophysics Geosystems, 8 (9).
    • Hodell, D. A. and Brenner, M. and Curtis, J. H. (2007) Climate and cultural history of the northeastern Yucatan Peninsula, Quintana Roo, Mexico. Climatic Change, 83 (1-2). pp. 215-240.
    • Frigola, J. and Moreno, A. and Cacho, I. and Canals, M. and Sierro, F. J. and Flores, J. A. andGrimalt, J. O. and Hodell, D. A. and Curtis, J. H. (2007) Holocene climate variability in the western Mediterranean region from a deepwater sediment record. Paleoceanography, 22 (2).
    • Hodell, D. A. and Venz-Curtis, K. A. (2006) Late Neogene history of deepwater ventilation in the Southern Ocean. Geochemistry Geophysics Geosystems, 7 (9).
    • Brenner, M. and Hodell, D. A. and Leyden, B. W. and Curtis, J. H. and Kenney, W. F. and Gu, B. H.and Newman, J. M. (2006) Mechanisms for organic matter and phosphorus burial in sediments of a shallow, subtropical, macrophyte-dominated lake. Journal of Paleolimnology, 35 (1). pp. 129-148.
    • Anselmetti, F. S. and Ariztegui, D. and Hodell, D. A. and Hillesheim, M. B. and Brenner, M. and Gilli, A. and McKenzie, J. A. and Mueller, A. D. (2006) Late Quaternary climate-induced lake level variations in Lake Peten Itza, Guatemala, inferred from seismic stratigraphic analysis.Palaeogeography Palaeoclimatology Palaeoecology, 230 (1-2).
    • Hodell, D. A. and Brenner, M. and Curtis, J. H. (2005) Terminal Classic drought in the northern Maya lowlands inferred from multiple sediment cores in Lake Chichancanab (Mexico). Quaternary Science Reviews, 24 (12-13).

    Projects:
    • C251: Climate Change and the Indus Civilisation (Lead Supervisor: David Hodell, Earth Sciences)
    • C227: Deep ocean oxygenation: a key to deciphering past carbon cycle change (Lead Supervisor: Luke Skinner, Earth Sciences):
    • C226: Orbital and millennial-scale climate change across the middle pleistocene transition (Lead Supervisor: David Hodell, Earth Sciences)


    ڊيوڊ فراولي David Frawley

    آمريڪي ماهر ڊاڪٽر ڊيوڊ فراولي ويدن، هندوازم، يوگا ۽ ستارن جي علم بابت 30 کان وڌيڪ ڪتابن جو خالق آهي. سندس جنم 1950ع ڌاري وسڪونسن آمريڪا ۾ ٿيو. پاڻ نيو ميڪسيڪو ۾ آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف ويدڪ اسٽيڊيز جو باني ۽ ڊائريڪٽر آهي. ان اداري ۾ ويدڪ ايسٽرولاجي، يوگا فلاسافي ۽ آريوويدڪ بابت تعليم ڏني ويندي آهي. پاڻ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويدڪ ۽ يوگا جي اداران سان سلهاڙيل آهي. کيس ڀارتي سرڪار 2015ع ۾ ملڪ جي ٽيئن نمبر وڏي ايوارڊ پدما ڀوشن سان پڻ نوازيو. هندو مذهب اختيار ڪرڻ تي کيس وما ديوا شاستري (Vamadeva Shastri ) جو نالو ڏنو ويو. پر پاڻ پنهنجي اصلي نالي ڊيوڊ فراولي طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
    ڊاڪٽر ڊيوڊ فراولي سنڌو سڀيتا تي به ڪافي تحقيق ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق پڻ آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا تي آرين جي حملي واري يورپين تصور کي رد ڪندڙ ماهرن مان هڪ آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا کي هتان جي اصلي مقامي رهواسين جي تهذيب قرار ڏئي ٿو ۽ ان جي زوال پٺيان آرين جي حملي واري تصور کي بي بنياد قرار ڏئي ٿو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Myth of the Aryan Invasion of India, Voice of India, 2005.
    • Gods, Sages, and Kings: Vedic Secrets of Ancient Civilization (1991), Lotus Press, Twin Lakes, Wisconsin
    • Hinduism: The Eternal Tradition (Sanatana Dharma) (1995), Voice of India, New Delhi, India.
    • In Search of the Cradle of Civilization (1995), (with Georg Feuerstein and Subhash Kak), Quest Books, Wheaton, Illinois.
    • Hidden Horizons Unearthing 10,000 Years of Indian Culture, Swaminarayan Aksharpith, Amdavad (February 1, 2008)
    • The Rig Veda: And the History of India (Rig Veda Bharata Itihas) July 1, 2003


    ديا رام ساهني Daya Ram Sahni

    ديا رام ساهني Daya Ram Sahni

    راءِ بهادر ديا رام ساهني انڊيا جو پهريون آرڪيالاجي جو ماهر هيو، جنهن کي برطانوي دور ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. سندس مقرري کان اڳ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جا سڀ ڊائريڪٽر برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن سان تعلق رکندڙ هئا. ساهني 16 ڊسمبر 1879ع تي گڏيل هندستان جي پنجاب رياست جي شاهپور ضلعي جي ڳوٺ بهريا ۾ جنم ورتو. پاڻ پنجاب يونيورسٽي مان سنسڪرت ٻولي ۾ گريجوئيشن حاصل ڪئي. جنهن بعد پاڻ 1903ع ۾ اورينٽل ڪاليج مان ايم اي جي ڊگري ورتي. تعليم مڪمل ٿيڻ بعد کيس آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ سرويئر مقرر ڪيو ويو. ساهني مقرري بعد آرڪيالاجي سرڪل پنجاب ۾ جي ووگل جي سرواڻي هيٺ قديم آثارن تي ڪم شروع ڪيو. پاڻ سرجان مارشل جي سربراهي هيٺ 1905ع ۾ قديم ماڳ ڪاسيا ۽ راجگير بهار جي کوٽاين ۾ بهرو ورتو.
    ديا رام ساهني 1921ع ۾ سر جان مارشل جي سربراهي ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ هڙاپا جي کوٽائي ۾ به بهرو ورتو. ديا رام ساهني 1911ع کان 1912ع تائين لکنو ميوزم جي ڪيوريٽر طور به ذميواريون نڀايون. کيس 1917ع ۾ متحد پنجاب جي آرڪيالاجي سرڪل جو اسسٽنٽ سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. ان عرصي دوران پاڻ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ هڙاپا جي کوٽائي ڪرائي. کيس 1925ع ۾ دهلي بدلي ڪري آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. کيس 1931ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو پهريون مقامي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي پاڻ 1935ع تائين ذميواريون نڀائيندو رهيو. سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي مڃتا طور کيس مارچ 1920ع ۾ ”راءِ بهادر“ جي اعزاز سان به نوازيو ويو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Daya Ram Sahni, Archaeological Remains and Excavations at Sambhar, Jaipur, India: Publication Scheme, 1999
    • Daya Ram Sahni, Excavations at Bairat, Jaipur, India: Publication Scheme,1999
    • DAYA RAM SAHNI,Three Mathura Inscriptions and their bearing on the Kushana Dynasty, Journal of the Royal Asiatic Society, July, 1924


    ڊينس فرينز Dennys Frenez

    اٽلي جو آرڪيالاجسٽ ڊينس فرينز سنڌو سڀيتا ۽ وچ اوڀر ايشيا جي تهذيبن وچ ۾ واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن بابت تحقيق ڪري رهيو آهي. پاڻ 1996ع ۾ ٽرينٽو جي هاءِ اسڪول مان صنعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڊپلوما ڪئي. جنهن بعد 2005ع ۾ بولوگنا يونيورسٽي مان پيليٿنولاجي ۾ ايم اي جي ڊگري ورتي. هن 2006ع ۾ سينا يونيورسٽي مان آرڪيالاجي جي شعبي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ بعد اٽلي جي يونيورسٽي بولوگنا مان 2011ع ۾ آرڪيالاجي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. فرينزهن وقت ساڳي يونيورسٽي جي تاريخ ۽ ثقافت واري شعبي ۾ پروفيسر ۽ محقق طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ برصغير، اومان ۽ تاجڪستان ۾ ڪيترن ئي قديم ماڳن ۽ تهذيبن تي کوجنا ڪئي آهي. پاڻ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ آيشيا جي ڪيترن ئي ميوزمن تي به تحقيق ڪري رهيو آهي. سندس کوجنا جي موضوعن ۾ قديم تهذيبن جي شهري نظام، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال، لساني رابطن ۽ واپاري لاڳاپن تي تحقيق شامل رهي آهي.
    ڊينس فرينز جي تحقيق جو مکيه موضوع سنڌو سڀيتا جا باقي دنيا جي تهذيبن سان لاڳاپا رهيا آهن. پاڻ سنڌو سڀيتا تي کوجنا جي سلسلي ۾ وسڪونسن يونيورسٽي ۽ هارورڊ يونيورسٽي جي آرڪيالاجي ماهرن وچ ۾ هڪ سگهارو نيٽ ورڪ به قائم ڪيو آهي. فرينز سنڌو ماٿري جي سڀيتا سان لاڳاپيل ڪيترن ئي پراجيڪٽن تي به ڪم ڪري رهيو آهي. جن ۾ اومان جي سلطنت جي قديم ماڳن ۽ نواردات تي تحقيق به شامل آهن. پاڻ بروڊا يونيورسٽي جي ماهر ڊاڪٽر ماسيمو ودالي سان گڏ سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۽ وچ ايشيا جي قديم تهذيبن وچ ۾ ڪنجهي جي دور ۾مهرن جي مٽاسٽا يا مهرن وچ ۾ هڪجهڙائي بابت پراجيڪٽ تي به تحقيق ڪري رهيو آهي. ڊينس فرينز ڀارت ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن شڪارپورا، باگسرا، ناگودا تي به کوجنا ڪئي، هن انهن قديم ماڳن تان مليل ٺڪر جي مهرن کي پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻايو. ان کان اڳ 2010ع ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ لوٿل تي وڌيڪ کوٽائي لاءِ انڊيا ۽ اٽلي جي گڏيل پراجيڪٽ ۾ به حصو ورتو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • D. Frenez and M. Vidale. Translated symbols. Indus Reminiscences in a carved Chlorite Artefact of the Halil Rud Civilization. Rivista di Archeologia 3, pp. 7-18. 2015
    • M. Vidale and D. Frenez. Indus Components in the Iconography of a White Marble Cylinder Seal from Konar Sandal South (Kerman, Iran). South Asian Studies 31.1, pp. 144-154. 2015
    • D. Frenez. The Lothal Revisitation Project. A Fine Thread Connecting Ancient India to Contemporary Ravenna (via Oman). In C.C. Lamberg-Karlovsky and B. Genito (eds.) ‘My Life is like the Summer Rose’ Maurizio Tosi e l’Archeologia come modo di vivere. Papers in honour of Maurizio Tosi for his 70th birthday, BAR International Series 2690, Archaeopress, Oxford, pp. 263-278. 2014
    • D. Frenez. Living symbols. In Living symbols. Catalogue of the exhibition The power of Imagery in Prehistoric Pakistan. Museo Nazionale d’Arte Orientale ‘Giuseppe Tucci’, Rome (24 June - 21 September 2014), pp. 111-127. 2014
    • D. Frenez. Simboli vivi. In Simboli vivi. Catalogo della mostra Il potere delle immagini nelle ceramiche preistoriche del Pakistan (Italian). Museo Nazionale d’Arte Orientale ‘Giuseppe Tucci’, Roma (24 giugno - 21 settembre 2014), pp. 111-127.
    • D. Frenez., M. Vidale, G. Lombardo, E. Cortesi. Pakistan. La magia delle origini. ARCHEO354 August 2014, pp. 34-49. 2014
    • D. Frenez and M. Vidale. Harappan Chimaeras as ‘Symbolic Hypertexts’. Some thoughts on Plato, Chimaera and the Indus Civilization. South Asian Studies 28.2, pp. 107-130. 2012
    • D. Frenez. Le cretulae di Lothal: Documenti Amministrativi da un Sito della Civiltà dell’Indo ai Confini Orientali del Mare Arabico. In O. Carruba, C. Mora, P. Piacentini (eds.) L’ufficio e il documento. I luoghi, i modi, gli strumenti dell’amministrazione in Egitto e nel Vicino Oriente antico, Milan, pp. 511-522. 2006
    • D. Frenez and M. Tosi. Lothal Sealings: Records from an Indus Civilization Town at the Eastern End of the Maritime Trade Networks across the Arabian Sea. In M. Perna (ed.) Studi in Onore di Enrica Fiandra. Contributi di archeologia egea e vicinorientale, Naples, pp. 65-103. 2005
    • D. Frenez, M. Degli Esposti, S. Méry and J.M. Kenoyer, Bronze Age Salut (ST1) and the Indus Civilization: Recent Discoveries and New Insights on Regional Interaction,Proceedings of the seminar for Arabian Studies 46.
    • D. Frenez, G. Marchesi and M. Vidale. Hybrid identities. Seals with Indus Motifs and Cuneiform Inscriptions. Paper submitted to Zeitschrift für Assyriologie und Vorderasiatische Archäologie.
    • D. Frenez. Manufacturing and trade of ivory in Bronze Age Middle Asia. Evidence from Gonur Depe (Margiana, Turkmenistan). Paper submitted to Antiquity.
    • D. Frenez, H. David-Cuny and M. Vidale. Three men in a boat. The seal of a Dilmunite slave trader?Submitted to Arabian Archaeology and Epigraphy.
    • D. Frenez. Ancient Oman and the Indus Civilization External Trade. Paper included in the 2nd rev. edition of the volume by S. Cleuziou and M. Tosi (eds.) In the Shadow of the Ancestors: The Prehistoric Foundations of the Early Arabian Civilization in Oman. Ministry of Heritage and Culture, Sultanate of Oman.
    • D. Frenez. Riding the monsoon. Ancient Oman and the Indus Civilization External Trade.Volume included in the series The Archaeological Heritage of Oman. Ministry of Heritage and Culture, Sultanate of Oman.
    • D. Frenez and M. Vidale. La Civiltà dell’Indo. Universi urbani e microcosmi personali. Volume proposed for publication to Carocci editor.


    ديو پرڪاش شرما Deo Prakash Sharma

    آرڪيالاجي جو ماهر ڊاڪٽر ديو پرڪاش شرما بنارس هندو يونيورسٽي جو پروفيسر رهيو آهي. قديم آثارن ۽ ميوزم ٽيڪنالاجي بابت مهارت رکندڙ هن ڀارتي ماهر قديم تاريخ جي موضوع تي الهه آباد يونيورسٽي مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ ساڳي يونيورسٽي مان گنگا جمنا ماٿري جي فن تعميرات تي ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري ورتي. جنهن بعد پاڻ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ تي يونيورسٽي آف لنڊن جي آرڪيالاجي انسٽيٽيوٽ مان آرڪيالاجي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. پرڪاش شرما ان دوران برطانيه، ڏکڻ آفريڪا ۽ ٻين هنڌن تي قديم آثارن جي کوٽائي ۾ بهرو ورتو. هن 1985ع کان 2005ع تائين نئين دهلي جي نيشنل ميوزم ۾ هڙاپا ۽ قديم دور جي نواردات تي تحقيق ڪئي. کيس 2005ع ۾ نيشنل ميوزم ۾ اسيوسيئيٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر شرما جا سنڌو سڀيتا سميت قديم تهذيبن ۽ ثقافتن تي 40 ڪتاب لکيل آهن ۽ هن 210 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا به تحرير ڪيا آهن. هن وقت پاڻ ڀارت ڪلا ڀون وارنسي ۾ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا جي لکت تي به ڪم ڪيو آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Palaeolithic Age.
    • Indus Script On Its Way To Decipherment, Bhartiya Kala Prakashan, 2000.
    • The Lost Saraswati Civilization.
    • Harrapan Potteries.
    • Early Buddhist Metal Images of South Asia.
    • Panorama of Harappan Civilization.
    • Harappan Terracottas In The Collection Of The National Museum.


    دليپ ڪمار چڪرابرتي Dilip K. Chakrabarti

    دليپ ڪمار چڪرابرتي Dilip K. Chakrabarti

    برطانيه جي ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي شعبي جو پروفيسر دليپ ڪمار چڪرابرتي ناميارو ڀارتي ماهر آهي. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪلڪتي يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي ۾ ليڪچرار طور ڪئي. جتي هن 1965ع کان 1977ع تائين خدمتون سرانجام ڏنيون. بعد ۾ 1977ع کان 1990ع تائين دهلي يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي جو ريڊر رهيو. جنهن بعد هن 1990ع ۾ ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي بابت وڌيڪ سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن جي ڪيمبرج يونيورسٽي جو رخ ڪيو. جتي کيس آرڪيالاجي جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. پاڻ ڪيمبرج ۾ 2007ع تائين آرڪيالاجي جي پروفيسر طور ذميواريون ادا ڪيون ۽ ان ئي عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. پنهنجي ملازمت دوران هن سنڌو سڀيتا سميت انڊيا جي آرڪيالاجي بابت ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا تحرير ڪيا. خاص ڪري هن انڊيا جي لوهه واري زماني جي آرڪيالاجي تي تحقيق ڪئي. سندس سنڌو سڀيتا جي ڀارت ۾ ماڳن تي ڪتاب ڪافي مشهوري ماڻي آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Indus Civilization Sites in India: New Discoveries (ed.) (2004) Mumbai: Marg Publications
    • Problem of the Sarasvati River and Notes on the Archaeological Geography of Haryana and Indian Panjab, Feb 1, 2009, (With Sukhdev Saini)
    • The Early Use of Iron in India (1992) Delhi: Oxford University Press
    • Archaeology of Eastern India : Chhotanagpur Plateau and West Bengal (1993) Delhi: Munshiram Manoharlal Publishers Private Limited.
    • Archaeology of coastal West Bengal: Twenty-four Parganas and Midnapur districts (1994) South Asian Studies,10:pp. 135–160
    • The Archaeology of Ancient Indian Cities (1995) Delhi: Oxford University Press.
    • Post-Mauryan states of mainland south Asia (1995) In: F. Raymond Allchin (ed.), The Archaeology of Early Historic South Asia, pp. 274–326. Cambridge: Cambridge University Press
    • Preliminary observations on the distribution of sites in the south Bihar plain (1995) South Asian Studies, 11:pp. 129–147
    • Buddhist sites across south Asia as influenced by political and economic forces (1995) WorldArchaeology,27(2):pp. 185–202.
    • Copper and its Alloys in Ancient India (1996) Delhi: Munshiram Manoharlal Publishers Private Limited
    • From Purnea to Champaran: The distribution of sites in the north Bihar plains (1996) South Asian Studies, 12:pp. 147–158
    • The Issues in East Indian Archaeology (1998) Delhi: Munshiram Manoharlal Publishers Private Limited
    • India: An Archaeological History. Palaeolithic Beginnings to Early Historic Foundations (1999) Delhi: Oxford University Press
    • Archaeological Geography of the Ganga Plain. The Lower and the Middle Ganga (2001) Delhi: Permanent Black
    • The Archaeology of European Expansion in India, Gujarat, c. 16th–18th Centuries (2003) Delhi: Aryan Books International
    • Archaeology in the Third World: A History of Indian Archaeology since 1947 (2003) Delhi: D. K. Printworld Private Limited
    • A Sourcebook of Indian Archaeology. Volume 3. Prehistoric Roots of Religious Beliefs, Human Remains, The First Steps in Historical Archaeology: Sculpture, Architecture, Coins and Inscriptions (ed. with F. Raymond Allchin) (2003) Delhi:Munshiram Manoharlal Publishers Private Ltd.
    • The Archaeology of the Deccan Routes: The Ancient Routes from the Ganga Plain to the Deccan (2005) New Delhi:Munshiram Manoharlal Publishers Private Limited
    • Archaeological Geography of the Ganga Plain: The Upper Ganga (Oudh, Rohilkhand, and the Doab) (2008) New Delhi:Munshiram Manoharlal Publishers Private Limited


    ارنيسٽ ميڪي Ernest J. H. Mackay

    ارنيسٽ ميڪي Ernest J. H. Mackay

    ارنيسٽ ميڪيErnest John Henry Mackay سنڌو سڀيتا جي اهم ماڳ موهن جي دڙي تي کوٽائي جي حوالي سان شهرت ماڻي. سندس جنم 5 جولاءِ 1880ع تيبرطانيه جي شهر برسٽول ۾ ٿيو ۽ پاڻ آڪٽوبر 1943ع تي وفات ڪري ويو. هن موهن جي دڙي تي کوٽائي سميت سنڌو سڀيتا جي ٻين اهم ماڳن جي به کوٽائي ۾ بهرو ورتو. پاڻ برسٽول گرامر اسڪول ۽ برسٽول يونيورسٽي مان بي اي، ايم اي ۽ لٽريچر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ارنيسٽ ميڪي جي گهر واري ڊوروٿي ميري سمونس به اينٿروپلاجسٽ هئي. ارنيسٽ ميڪي آرڪيالاجي جي شعبي ۾ 1907ع کان ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي. پاڻ پهريان 1907ع کان 1912ع تائين مصر جي قديم سڀيتا جي ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ پهرين عالمي جنگ دوران مصر ۽ فلسطين ۾ برطانوي فوج ۾ ڪيپٽن طور به ذميواريون نڀايون. هن 1919ع ۾ فلسطين ۽ شام جي قديم ماڳن تي به تحقيق ڪئي.
    ارنيسٽ ميڪي کي آرڪيالاجي جي شعبي ۾ اصل شهرت موهن جي دڙي جي کوٽائي سبب ملي. هن 1926ع کان 1931ع تائين موهن جي دڙي جي لڳاتار کوٽائي ڪرائي. ان کوٽائي جي نتيجن بابت 1937ع ۾ تفصيلي رپورٽ تيار ڪري شايع ڪرائي. هن موهن جي دڙي کان سواءِ چانهون جي دڙي جو قديم ماڳ به دريافت ڪيو ۽ چانهون جي دڙي جو 1935 ۽ 1936ع ۾ پنهنجي گهر واري سان گڏ معائنو ڪيو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Mackay, E. “Further Excavation at Mohen jo Daro” 2 Volumes, Delhi, 1938.
    • Mackay, E. Chanhu-Daro: Excavations 1935-1936. Facsimile Publisher, 2016.
    • Mackay, E. Indus Civilization, Ams Pr Inc, Jun 1983


    ايف اي خان F.A. Khan

    ايف اي خان F.A. Khan

    پاڪستان جي مشهور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر فضل احمد خان (ايف اي خان) قديم آثارن جي مشهور ماهر سر مورٽيمر ويلر سان گڏ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪئي. سندس جنم 1910ع ۾ ٿيو ۽ پاڻ 2009ع ۾ وفات ڪري ويو. خان پاڪستان ۾ قديم نوادرات جي قدامت ڄاڻڻ لاءِ سائنسي طريقيڪار ريڊيو ڪاربان ڊيٽنگ متعارف ڪرائيندڙ پهريون ماهر هو. هن عليڳڙهه يونيورسٽي مان تاريخ ۽ جاگرافي جي شعبن ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي، بعد ۾ لنڊن يونيورسٽي مان سنڌو سڀيتا جي ايران سان لاڳاپن بابت تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ايف اي خان 1938ع ڌاري آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ ملازمت اختيار ڪئي. ان عرصي دوران کيس چين موڪليو ويو، جتي هن 3 سالن تائين چين جي قديم آثارن بابت تحقيق ۾ حصو ورتو. ايف اي خان کي ورهاڱي بعد پاڪستان حڪومت طرفان آرڪيالاجي کاتي جو پهريون ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.
    ڊاڪٽر ايف اي خان پاڪستان حڪومت طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ مقرر ٿيڻ بعد ڀارت وڃي، اتان سنڌو سڀيتا جا نوادرات واپس حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پاڻ 1948ع ۾ موهن جي دڙي مان مليل مجسمو ۽ گوتم ٻڌ جو هڪ مجسمو واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا سان لاڳاپيل اهم ماڳ ڪوٽڏجي جي کوٽائي به ڪرائي. جڏهن ته ڀنڀور جي به کوٽائي سندس حصي ۾ آئي. کيس پاڪستان حڪومت طرفان قديم آثارن جي شعبي ۾ ڪيل خدمتن جي مڃتا طور تمغو به ڏنو ويو. هن سنڌو سڀيتا کي نون رخن کي متعارف ڪرايو ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا تحرير ڪيا. جيڪي دنيا جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Mainamati: Recent Archaeological Discoveries In East Pakistan (1955)
    • Preliminary Report On Koti Diji Excavation (1957-58)
    • Preliminary Report On Banbhore Excavations (1960)
    • The Princess Bomba Collection (Antiquities Of Sikh Period ):Catalogue, With Bomba Jindan Dileep Singh Sutherland (1961)
    • Banbhore: A Preliminary Report On The Recent Archaeological (1963).
    • Mainmati; A Preliminary Report On The Recent Archaeological (1963)
    • The Indus Valley And Early Iran, Karachi : Department of Archaeology, Ministry of Education, Government of Pakistan 1964
    • The Glory That Was Mohenjodaro (1967)
    • The Glory That Was Harrapa (1967)
    • Architecture And Art Treasures In Pakistan, (1969)
    • Fresh Light On The Ancient Cultures Of Baluchistan And Bahawalpur, Fresh Sidelights On The Indus Valley And The Bronze Age Orient. Ia, Annual Report, 1955
    • Pakistan Archaeology, Number 1 - 1964


    جارج ايف ڊيلز George F. Dales

    جارج ايف ڊيلز George F. Dales


    قديم آثارن جي آمريڪي ماهر جارج فرينڪلن ڊيلز جونيئر جو نالو ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي ماهرن جي فهرست ۾ اهم نالن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. سندس جنم 13 آگسٽ 1927ع ۾ ايڪرون ۾ ٿيو ۽ پاڻ 25 اپريل 1992ع تي برڪلي ۾ وفات ڪيائين. هن 1953ع ۾ ايڪرون يونيورسٽي مان ڪلاسيڪل اسٽيڊيز ۾ بيچلر جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد يونيورسٽي آف پينسيلوانيا مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري جو موضوع وچ اوڀر جي سميرين تهذيب ۽ ڪيونيفارم اسڪرپٽ هو.
    جارج ايف ڊيلز يونيورسٽي آف پينسيلوانيا (University of Pennsylvania) ۽ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۾ آرڪيالاجي جي پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊيلز ٻنهي يونيورسٽين ۾ ڏکڻ ۽ اولهه ايشيا جي قديم تهذيبن بابت اڀياس واري شعبي جو چيئرمين رهيو. پاڻ سنڌو ماٿري جي تهذيب، ٻولي ۽ لکت تي اهم ماهر تصور ڪيو ويندو هو. هو وچ اوڀر، سنڌو ماٿري ۽ چين سميت مختلف ملڪن ۾ آرڪيالاجي جي مشنن جو سربراهه رهيو. هن 1959ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ سنڌو ماٿري جي تهذيب سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ ايران جي بندر عباس ۾ به قديم آثارن جي سروي ڪئي. ڊيلز سنڌو ماٿري جي قديم سميرين تهذيب سان لاڳاپن بابت به کوجنا ڪئي. پاڻ پنهنجي زال باربرا ۽ پاڪستاني آرڪيالاجي ماهر ڊاڪٽر محمد رفيق مغل سان گڏ 1960ع ۾ مڪران جي سامونڊي ڪناري جي سروي ڪري سنڌو سڀيتا جي وارثن ۽ سمرين تهذيب وچ ۾ واپار واري رستي جون ثابتيون هٿ ڪيون. هن 1964ع ۽ 1965ع ۾ موهن جي دڙي جي قديم آثارن جي ٻيهر کوٽائي ڪرائي. جارج ڊيلز 1973 ۽ 1979ع جي وچ ڌاري سنڌو سڀيتا جي هڪ قديم ماڳ بالاڪوٽ جي به کوٽائي ڪرائي. جارج ڊيلز کي 1986ع ۾ هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ جو شريڪ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، هن پراجيڪٽ ۾ دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ ادارن جا ماهر شامل هئا. جارج ايف ڊيلز جا آرڪيالاجي جي موضوع تي 80 کان وڌيڪ مقالا ۽ مضمون شايع ٿيا.
    سنڌو سڀيتا متعلق سندس اهم تصنيف موهن جو دڙو جي کوٽائي متعلق آهي، جيڪا پاڻ پنهنجي شاگرد جوناٿن مارڪ ڪينوائر سان گڏ تحرير ڪئي. سندس موهن جو دڙو متعلق تحقيقي ڪتاب پينسيلوانيا يونيورسٽي طرفان 1986ع ۾ شايع ڪيو ويو. هن وفات کان اڳ مڪران جي سامونڊي ڪناري تي پنهنجي طرفان ٿيل سروي کي ڪتابي شڪل ۾ آندو. جنهن کي سندس وفات بعد ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي آرڪيالاجيڪل ريسرچ فيڪلٽي طرفان 1992ع ڌاري شايع ڪيو ويو. سنڌو ماٿري جي سڀيتا متعلق سندس اهم ڪتابن ۽ مقالن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • George Dales,Jonathan Mark Kenoyer, Excavations at Mohenjodaro, Pakistan: The Pottery, University of California Berkeley
    • Dales, G.F. and C.P. Lipo, "Excavations at Sutkagen-dor" in "Explorations of the Makran Coast, Pakistan: A Search for Paradise", pp. 135 – 156, Berkeley Archaeological Research Facility of the University of California, 1992.
    • Dales, G.F., "The Balakot Project: Summary of Four Years of Excavations in Pakistan", in "South Asian Archaeology 1977", edited by M. Taddei, pp. 241 – 274, Naples, 1979.
    • Dales, G.F.,Some Specialized Ceramic Studies at Harappa, Harappa Excavation Reports 1986-1990, world Archealogy, No:3, 1991
    • Dales, G.F.,Jonathan Mark Kenoyer, Harappa 1989: Summary of the Fourth Season,
    • Dales, G.F.,Jonathan Mark Kenoyer, Summaries of Five Seasons of Research at Harappa: 1986-1990
    • Dales, G.F.,Jonathan Mark Kenoyer, The Harappa Project 1986-1989: New Investigation at an Ancient Indus City,
    • Dales, G.F.,Shell Working at Ancient Balakot, Pakistan.
    • Dales, G.F.,Jonathan Mark Kenoyer, Excavation at Harappa: 1988


    غلام علي الانا Ghulam Ali Allana

    غلام علي الانا Ghulam Ali Allana

    سنڌ سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻولي تي تحقيق ڪندڙن ماهرن جي صف ۾ شامل رهيو آهي. پاڻ 15 مارچ 1930ع ۾ سنڌ جي جاتي شهر ڀرسان ڳوٺ تڙ خواجا ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان 1953ع ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ بي اي آنرس ڪئي. جنهن بعد ساڳي يونيورسٽي مان 1955ع ۾ سنڌي علم ۽ ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر الانا علم لسانيات ۽ علم صوتيات ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ ايم. اي ڪئي. پاڻ سڄي عمر تدريس ۽ تحقيق ۾ گذاري ڇڏي. کيس شروع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾1952ع ڌاري استاد مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ 1954ع ۾ پهريان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي ۽ پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ڪيو ويو، جتي هن 26 جنوري 1958ع تائين خدمتون سرانجام ڏنيون.جنهن بعد ڊاڪٽر الانا کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. جتان ترقي ڪندو، 1976ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. پاڻ جولاءِ 1963ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد 6 جنوري 1981ع کان 9 سيپٽمبر 1981ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين به ٿي رهيو. ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان سينئر پروفيسر جي حيثيت ۾ 14 مارچ 1990ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. بعد ۾ 21 جون 1993ع کان 28 جولاءِ 1995ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر به ٿي رهيو. جتان 25 جولاءِ 1995ع ۾ استعيفا ڏنائين. کيس سال 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پروفيسر ايمريٽس به مقرر ڪيو ويو.ڊاڪٽر الانا 9 آگسٽ 1983ع کان 4 سيپٽمبر 1989ع تائين علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ اسلام آباد جو وائيس چانسلر به ٿي رهيو. جڏهن ته 22 جولاءِ 1998ع کان آگسٽ 2001ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.
    ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌو ماٿري جي ٻولي ۽ لکت تي به تحقيق ڪئي آهي. سنڌو ماٿري جي ٻولي بابت سندس اهو موقف رهيو آهي ته موهن جي دڙي جي وارثن جي ٻولي آڳاٽي سنڌي ٻولي آهي، موجوده سنڌي ٻولي جون پاڙون سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۾ کتل آهن، سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻولي مان جنم نه ورتو آهي، پر اها سنڌو ماٿري جي ماڻهن جي پنهنجي اصلوڪي ٻولي آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا به سنڌي ٻوليءَ کي هتان جي اصلوڪي ٻولي قرار ڏئي ٿو. جنهن کي هو ”سنڌوئي“ جو نالو ڏئي ٿو. ڊاڪٽر الانا جي سنڌي ٻولي بابت اها راءِ آهي ته جيئن ته 5 هزار سال پراڻي سنڌي ڪلچر ۽ سڀيتا جو تسلسل اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي ته ٻولي ۾ به ساڳيو تسلسل هوندو. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌو سڀيتا جي وارثن جي ان ٻولي ۽ لکتن کي ان پسمنظر ۾ پڙهڻ گهرجي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • سنڌي صورتخطي، 1964ع
    • سنڌي نثر جي تاريخ، 1966ع
    • سنڌي صوتيات، 1967ع
    • سنڌي زبان جي بنيادي لغت، 1973ع
    • سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بُنياد، 1974ع
    • سنڌ جي لساني جاگرافي، 1979ع
    • سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، 1987ع
    • سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا، 2007ع

    • Introduction of Sindhi literature (1991)
    • Papers on Sindhi Language & Linguistics, 1999
    • Sindhi Language and Literature at a Glance, 2009


    گريگوري پوسيهل Gregory Possehl

    گريگوري پوسيهل Gregory Possehl

    آرڪيالاجي ۽ انٿروپلاجي جي آمريڪي ماهر گريگوري پوسيهل سنڌو سڀيتا تي 47 سال لڳاتار تحقيق ڪئي. سندس جنمآمريڪا جي شهر تاڪوما (واشنگٽن) ۾ 21 جولاءِ 1941ع ۾ ٿيو ۽ پاڻ بوسٽن ۾ 8 آڪٽوبر 2011ع ۾ وفات ڪري ويو. پوسيهل 1964ع ۾ واشنگٽن يونيورسٽي مان اينٿروپلاجي ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد ساڳي يونيورسٽي مان 1967ع ۾ اينٿروپلاجي ۾ ايم اي ڪئي، بعد ۾ شڪاگو يونيورسٽي مان 1974ع ۾ ساڳي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ پينسيلوينيا يونيورسٽي ۾ اينٿروپلاجي جو پروفيسر هيو. ان سان گڏ پاڻ ساڳي يونيورسٽي جي آرڪيالاجي ۽ اينٿروپلاجي ميوزم جو ڪريوٽر به هيو.
    پوسيهل سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا تحرير ڪيا آهن. هن 1964ع کان سنڌو سڀيتا تي پنهنجي کوجنا جي شروعات ڪئي. پاڻ ڀارتي رياست گجرات ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. جن ۾ روجڊي، بابر ڪوٽ ۽ اوريائو ٽمبو جا قديم ماڳ شامل آهن. جڏهن ته پوسيهل ڀارتي رياست راجسٿان ۾ به گلنڊ جي قديم ماڳ جي به کوٽائي ڪرائي. پوسيهل پنهنجي تحقيق ذريعي قديم سنڌو سڀيتا جي زوال واري مفروضي کي رد ڪيو ۽ سندس خيال هيو ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا بعد ۾ ويدڪ دور ۾ داخل ٿي ۽ اهڙي طرح پنهنجو وجود برقرار رکيو. سندس تحقيق موجب سنڌو سڀيتا سنڌ، گجرات، پنجاب ۽ اتر ڀارت جي ويجهڙائي وارن علائقن ۾ پنهنجو وجود برقرار رکيو. پوسيهل پنهنجي گريجوئيشن جي پڙهائي واري دور ۾ ئي سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي شروعات ڪئي ۽ هن ڪوئيٽا ماٿري ۾ آرڪيالاجي جي هڪ پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيو. ماسٽرس ڪرڻ بعد کيس ان ئي پراجيڪٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ به هن پاڪستان ۽ انڊيا ۾ قديم آثارن تي تحقيق کي موضوع بڻايو. پاڻ 1980ع ۾ ڀارتي رياست گجرات ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. عمر جي آخري حصي ۾ پاڻ پنهنجي تحقيق کي ڪتابي شڪل ۾ سامهون آندو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • The Indus Civilization: A contemporary perspective. Walnut Creek: Altamira Press. 2002
    • Indus Age: The beginnings. Philadelphia: University of Pennsylvania Press. 1999
    • Indus Age: The writing system. Philadelphia: University of Pennsylvania Press. 1996
    • Harappan Civilization: A recent perspective. 2nd revised edition. Delhi: Oxford & IBH and the American Institute of Indian Studies: edited, 1993
    • Harappan Civilization and Rojdi. Delhi: Oxford & IBH and the American Institute of Indian Studies: with M. H. Raval. 1989
    • Kulli: An exploration of ancient civilization in South Asia. Durham: Carolina Academic Press. 1986
    • Ancient Cities of The Indus. Vikas Publishing House. 1979
    • The Mohenjo-Daro floods: A reply. American Anthropologist 69: 32-40. 1967
    • Variation and change in the Indus Civilization: A study of prehistoric Gujarat with special reference to the post-urban Harappan. Unpublished Ph.D. dissertation, The University of Chicago. 1974. Revised version published in 1980 as "Indus Civilization in Saurashtra".
    • Subsistence pattern of an early farming community of western India. Puratattva (Bulletin of the Indian Archaeological Society) 1974. 7: 39-46.
    • The chronology of gabarbands and palas in western South Asia. Expedition 17 (2): 1975.
    • Ecological backgrounds of South Asian prehistory. Symposium convened at the seventy-second annual meeting of the American Anthropological Association, December 2, 1973, New Orleans. (South Asia Occasional Papers and Theses, 4.) Ithaca NY: South Asia Program, Cornell University.
    • Lothal: A gateway settlement of the Harappan Civilization. pp. 198–131 in: Kennedy, Kenneth A. R., and Gregory L. Possehl (eds.), Ecological backgrounds of South Asian prehistory. (South Asia Occasional Papers and Theses, 4.) Ithaca: South Asia Program, Cornell University. Reprinted, pp. 212–218 in: Possehl, Gregory L. (ed.) 1979. Ancient cities of the Indus. New Delhi.
    • The end of a state and continuity of a tradition: A discussion of the Late Harappan. pp. 234–254 in: Fox, Richard G. (ed.), Realm and region in traditional India. New Delhi: Vikas Publishing House Pvt. Ltd.
    • Radiocarbon dates for the Indus Civilization and related sites. pp. 358–360 in: Possehl, Gregory L. (ed.), Ancient cities of the Indus. 1979.
    • An extensive bibliography of the Indus Civilization including references cited in the text. pp. 361–422 in: Possehl, Gregory L., 1979. (Ed.) Ancient cities of the Indus.
    • Pastoral nomadism in the Indus Civilization: An hypothesis. pp. 537–551 in: Taddei, Maurizio (ed.), South Asian Archaeology 1977, vol. I. (Istituto Universitario Orientale, Seminario di Studi Asiatici, Series minor, 6: I.) Naples: Istituto Universitario Orientale, Seminario di Studi Asiatici.
    • Hunter-gatherer/agriculturalist exchange in prehistory: An Indian example. Current Anthropology 20 (3) 1979. 592-593.
    • INDUS CIVILIZATION IN SAURASHTRA. New Delhi: Published on behalf of Indian Archaeological Society by B.R. Publishing Corporation. [Revised version of the author's Ph.D. dissertation, The University of Chicago, 1974.]
    • Cambay bead-making: An ancient craft in modern India. Expedition 23 (4) 1981.
    • HARAPPAN CIVILIZATION: A CONTEMPORARY PERSPECTIVE. New Delhi: Oxford & IBH Publishing Co. Pvt. Ltd. and American Institute of Indian Studies; Warminster: Aris & Phillips in cooperation with American Institute of Indian Studies. 1982.
    • Discovering ancient India's earliest cities: The first phase of research. pp. 405–413 in: Possehl, Gregory L. (ed.), Harappan Civilization: A contemporary perspective. 1982.
    • Archaeological terminology and the Harappan Civilization. pp. 27–36 in: Lal, B.B., and S.P. Gupta (eds.), Frontiers of the Indus Civilization: Sir Mortimer Wheeler Commemoration Volume. New Delhi: 1984.
    • STUDIES IN THE ARCHAEOLOGY AND PALAEOANTHROPOLOGY OF SOUTH ASIA. New Delhi: Oxford & IBH Publishing Co. Pvt. Ltd. and American Institute of Indian Studies. 1984.
    • Indian Archaeology, A Review: Guide to excavated sites 1953-54 through 1983-84. Puratattva (Bulletin of the Indian Archaeological Society) 18
    • RADIOCARBON DATES FOR SOUTH ASIAN ARCHAEOLOGY. (Occasional publication of the Asian Section.) Philadelphia: University Museum, University of Pennsylvania. 1989.
    • Revolution in the urban revolution: The emergence of Indus urbanization. Annual Review of Anthropology 19: 1990.
    • The Sorath Harappan: A new regional manifestation of the Indus urban phase. Taddei, Maurizio, with P. Callieri (ed.), South Asian Archaeology 1987, vol. I. (Serie Orientale Roma 66: I.) Roma: Istituto per il Medio ed Estremo Oriente.
    • A report on the excavations at Babar Kot: 1990-91. S.l. 16 p. Submitted to the ASI.
    • The chronology of prehistoric India: From earliest times to the Iron Age. pp. 465–490 in vol. I and pp. 447–474 (Fig. 1-13, tables 1-14 and References) in vol. II of: Ehrich, Robert W. (ed.), Chronologies in Old World archaeology, 3rd ed. Chicago: The University of Chicago Press.
    • The Harappan cultural mosaic: Ecology revisited. pp. 237–244 in vol. I of: Jarrige, Catherine (ed.), South Asian Archaeology 1989. (Monographs in World Archaeology, 14.) Madison WI: Prehistory Press.
    • The Harappan Civilization in Gujarat: The Sorath and Sindhi Harappans. The Eastern Anthropologist 45 (1-2) 1992.
    • A short history of archaeological discovery at Harappa. In: Meadow 1992.
    • SOUTH ASIAN ARCHAEOLOGY STUDIES. New Delhi: Oxford & IBH Publishing Co. Pvt. Ltd. and American Institute of Indian Studies; New York: International Science Publisher (1993).
    • Toymakers and trade: A notice of early twentieth century commerce between Philadelphia and India. pp. 261–266 in: Possehl, Gregory L. (ed.), South Asian archaeology studies. 1992.
    • The date of Indus urbanization: A proposed chronology for the Pre-Urban and Urban Harappan phases. pp. 231–249 in: Gail, Adalbert J., and G. R. Mevissen (eds.), South Asian Archaeology 1991. Stuttgart: Franz Steiner Verlag.
    • HARAPPAN STUDIES, Vol. 1. New Delhi: Oxford & IBH Publishing Co. Pvt. Ltd. 1993.
    • The Indus Civilization. Man and Environment 19 (1-2) 1994.
    • Climate and the eclipse of the ancient cities of the Indus. pp. in: Dalfes, H. Nüzhet, George Kukla and Harvey Weiss (eds.), Third millennium BC climate change and Old World collapse. (NATO ASI, Series 1: Global Environment Change, vol. 49.) Berlin & New York: Springer. 1996.
    • INDUS AGE: THE WRITING SYSTEM. Philadelphia: University of Pennsylvania Press; New Delhi: Oxford IBH Publishing Co. Pvt. Ltd. 1996.
    • The transformation of the Indus Civilization. Journal of World Prehistory 11 (4) 1997. Reprinted in Man and Environment 24 (2), 1999.
    • The date of the Surkotada cemetery: A reassessment in light of recent archaeological work in Gujarat. pp. 81–87 in: Joshi, Jagat Pati (ed.), Facets of Indian Civilization: Recent perspectives. Essays in honour of Professor B. B. Lal. New Delhi: Aryan Books International. 1997.
    • Seafaring merchants of Meluhha. pp. 87–100 in: Allchin, Bridget (ed.), South Asian Archaeology 1995. Cambridge: Ancient India and Iran Trust; New Delhi: Oxford & IBH Publishing Co. Pvt. Ltd.
    • An Harappan outpost on the Amu Darya: Shortughai, Why was it there? Indologica Taurinensia 23-24, 1997-1998.
    • Sociocultural complexity without the state: The Indus Civilization. pp. 261–291 in: Feinman, Gary M., and Joyce Marcus (eds.), The archaic states. Santa Fe, NM: School of American Research.
    • Did the Sarasvati ever flow to the sea? Philips, C. S., D. T. Potts and S. Searight (eds.), Arabia and its neighbours: Essays on prehistorical and historical developments presented in honour of Beatric de Cardi. Brussels: Brepols. 1998.
    • INDUS AGE: THE BEGINNINGS. Philadelphia: University of Pennsylvania Press; New Delhi: Oxford & IBH Publishing Co. Pvt. Ltd. 1999. Reviewed: Asko Parpola, The Times Higher Education Supplement, 3 Dec 1999.
    • The Early Iron Age in South Asia. Pigott, Vincent C. (ed.), The archaeometallurgy of the Asian Old World. (MASCA Research Papers in Science and Archaeology, University Museum Monograph, volume 16.) Philadelphia: The University Museum, University of Pennsylvania. 1999.
    • Harappan beginnings. Lamberg-Karlovsky, Martha (ed.), The breakout: The origins of civilization. (Peabody Museum Monographs, 9.) Cambridge, MA: Peabody Museum, Harvard University. 2000.
    • The Early Harapopan phase. Bulletin of the Deccan College Post-Graduate and Research Institute. 2000-2001.
    • The Mature Harapopan phase. Bulletin of the Deccan College Post-Graduate and Research Institute. 2000-2001.
    • Fifty years of Harappan archaeology: The study of the Indus Civilization since Indian independence. Settar, S., and Ravi Korisettar (eds.), Protohistory: Archaeology of the Harappan Civilization. (Indian archaeology in retrospect, vol. II.) New Delhi: Indian Council of Historical Research & Manohar. 2002.
    • Archaeology of the Harappan Civilization: An annotated list of excavations and surveys. Settar, S., and Ravi Korisettar (eds.) Protohistory: Archaeology of the Harappan Civilization. (Indian archaeology in retrospect, vol. II.) New Delhi: Indian Council of Historical Research & Manohar. 2002.
    • Indus-Mesopotamian trade: The record in the Indus. Iranica Antiqua 37: 2002.
    • The Indus Civilization: An introduction to environment, subsistence, and cultural history. Weber, Steven A., and William R. Belcher (eds.), Indus ethnobiology: New perspectives from the field. Lanham MD: Lexington Books. 2003.
    • The Indus Civilization. Chapter 9 in: Hinnells, John R. (ed.), Handbook of ancient religions. Cambridge: Cambridge University Press. 2007.
    • Indus River. In Berkshire encyclopedia of sustainability: Afro-Eurasia: Assessing sustainability. Great Barrington, MA: Berkshire Publishing Group. 2012.


    ايڇ ٽي لئمبرڪ H. T. Lambrick

    ايڇ ٽي لئمبرڪ H. T. Lambrick

    ايڇ ٽي لئمبرڪ جيتوڻيڪ برطانوي سرڪار جو گڏيل هندستان ۾ انتظامي آفيسر هيو، پر کيس سنڌ جي تاريخ سان به خاص دلچسپي هئي. ان ئي دلچسپي هيٺ پاڻ سنڌ جي قديم تهذيب، آرڪيالاجي، تاريخ ۽ جاگرافي تي نه فقط تحقيق ڪئي. پر سنڌ جي تاريخ جا ٻه ابتدائي جلد به لکيا. ايڇٽي لئمبرڪ 1940ع ۾ برطانيه ۾ جنم ورتو ۽ بيماريءَ سبب 31 آگسٽ 1982ع ۾ وفات ڪري ويو. هن آڪسفورڊ جي اورينٽل ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي ۽ 1927ع ۾ برطانيه طرفان کيس انڊيا ۾ سرڪاري ملازمت ڏني وئي. پاڻ 1927ع کان 1946ع تائين سنڌ ۾ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي مقرر ڪيو ويو. پاڻ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر طور به ذميواريون نڀايون. برطانوي سرڪار طرفان سنڌ ۾ حر هلچل کي چٿڻ لاءِ کيس خاص ذميواريون ڏنيون ويون. هن 1940ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور حرن خلاف فوجي ڪارروايون ڪيون. جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو کيس چڱي نظر سان نه ڏسندا هئا. هن آزادي جي جنگ وڙهندڙ حرن کي دهشتگرد قرار ڏنو. لئمبرڪ حر هلچل کي چٿڻ بابت ڪيل ڪاررواين بابت هڪ ڪتاب ”دهشتگرد“ به لکيو. سرڪاري ملازمت دوارن پاڻ واندڪائي واري وقت ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ آرڪيالاجي تي کوجنا به ڪندو رهيو. ان کوجنا بابت هن سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي جي جرنل ۾ ڪيترائي مقالا به لکيا. پاڻ ان سوسائٽي جو 1940ع کان 1943ع تائين صدر به رهيو. برصغير جي ورهاڱي بعد پاڻ برطانيه هليو ويو. جتي کيس آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اورينٽل ڪاليج ۾ هند ۽ سنڌ جي تاريخ بابت سينئر ريسرچ فيلو به مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 1971ع تائين ذميواريون نڀائيندو رهيو. کيس تاريخ تي تحقيق ڪرڻ جي مڃتا طور 1971ع ۾ ڊاڪٽرس آف ليٽرس (ڊي لٽ) جي ڊگري به ڏني وئي. لئمبرڪ برطانيه وڃڻ بعد به سنڌ سان رابطي ۾ رهيو ۽ پاڻ سنڌي ادبي بورڊ طرفان گذارش ڪرڻ تي سنڌي جي تاريخ بابت سلسلي هيٺ ٻه ڪتاب ”سنڌ- هڪ عام جائزو“ ۽ ”سنڌ- مسلمانن جي فتح کان اڳ“ لکيا. جيڪي پهريان انگريزي زبان ۽ بعد ۾ سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيا ويا. کيس سنڌ يونيورسٽي طرفان سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي مڃتا طور 1975ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري به ڏني وئي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • H. T Lambrick, Sind: A general introduction (History of Sind series,v. 1), 1986
    • H. T Lambrick, Sind, before the Muslim conquest, (History of Sind series, v. 2), 1973
    • H. T Lambrick, Sir Charles Napier and Sind, 1952
    • H. T Lambrick, John Jacob of Jacobabad, 1960
    • H. T Lambrick, The terrorist;1972
    • H. T. Lambrick, The Indus Flood-Plain and the 'Indus' Civilization, The Geographical Journal, Vol. 133, No. 4 (Dec., 1967)
    • Lambrick H. T. Census Of India Vol XII Sind, second Edition, Gyan Books Pvt. Ltd. (Delhi, India), 2015


    هينري هيرس Henry Heras, SJ

    هينري هيرس Henry Heras, SJ

    اسپين جي آرڪيالاجسٽ هينري هيرس سنڌو سڀيتا ۽ قديم هند سنڌ جي تاريخ تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي. سندس جنم اسپين جي شهر بارڪيلونا ۾ 11 سيپٽمبر 1888ع ۾ ٿيو ۽ پاڻ 14 ڊسمبر 1955ع ۾ ڀارت جي شهر بمبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن ابتدائي تعليم بعد 1904ع ۾ مسيحي سوسائٽي ۾ داخلا ورتي ۽ عيسائي مذهب بابت تعليم حاصل ڪئي، کيس 1920ع ۾ مسيحي پنڊت جو درجو ڏنو ويو. پاڻ 1922ع ۾ انڊيا آيو ۽ هتي هڪ مسيحي چرچ ۾ مذهبي پنڊت مقرر ڪيو ويو. مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پنڊت نامزد ٿيڻ بعد پاڻ فادر هيراس جي نالي سان مشهور ٿيو. انڊيا پهچڻ بعد هن هتان جي تاريخ، ثقافت ۽ قديم تهذيب ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجي شاگردن کي تاريخ ۽ تهذيب تي تحقيق لاءِ تيار ڪرڻ لڳو. فادر هيراس 1926ع ۾ انڊين هسٽاريڪل سوسائٽي جو بنياد وڌو، ان سوسائٽي طرفان پاڻ تاريخ ۽ انڊيا جي تهذيب بابت تحقيق جي شروعات ڪئي. سندس مرتئي بعد انڊين هسٽاريڪل سوسائٽي کي سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو.
    فادر هيراس شروع ۾ يعني 1927ع ڌاري انڊيا ۾ مغل دور تي تحقيق ڪئي. بعد ۾ 1935ع ڌاري پاڻ موهن جو دڙو ۽ هڙاپا تي تحقيق ۾ شامل ٿيو ۽ هن سنڌو سڀيتا جي لکت کي پڙهڻ لاءِ پنهنجون توانايون استعمال ڪرڻ شروع ڪيون. هن سنڌو سڀيتا ۽ ميسوپوٽيما جي تهذيبن وچ ۾ لاڳاپن تي به کوجنا ڪئي. فادر هيراس سنڌو سڀيتا ۽ ان جي لکت تي ڪيترائي تحقيقي مقالا تحرير ڪيا. برطانوي حڪومت طرفان کيس انڊيا ۾ تاريخي رڪارڊ محفوظ ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. پاڻ انڊين هسٽري ڪانگريس ۽ انٽرنيشنل ڪانگريس آف هسٽاريڪل سائنس جو به ميمبر رهيو. کيس برصغير سان ايڏو ته لڳاءُ هيو جو پاڻ هتان جي شهريت حاصل ڪئي ۽ پنهنجي حياتي جا آخري پساهه به هتي پورا ڪيا.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • The Writing of History, Madras, 1926.
    • The Aravidu Dynasty of Vijayanagara, Madras, 1927.
    • Beginning of Vijayanagara History, Bombay, 1929.
    • The Conversion Policy of the Jesuits in India, Bombay, 1933.
    • Studies in Pallava History, Madras, 1933.
    • Studies in Proto-Indo-Mediterranean Culture, 1955.


    هينري ڪزنس Henry Cousens

    هينري ڪزنس Henry Cousens

    برطانوي آرڪيالاجسٽ هينري ڪزنس آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو سپرينٽينڊنٽ هيو. سندس جنم 13 سيپٽمبر 1854ع تي اسڪاٽ لينڊ جي شهر پيسلي ۾ ٿيو. پاڻ برطانيه جي شهر ڪينٽ ۾ 5 نومبر 1933ع تي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ سول انجنيئرنگ ۽ بلڊنگ ڪنسٽرڪشن جو ماهر هو. پاڻ سٺو ڦوٽو گرافر ۽ مصور به هو. هن 1874ع ۾ برطانوي هند سرڪار طرفان بمبئي جي سروي لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪزنس 16 نومبر 1881ع تي انڊيا جي آرڪيالاجيڪل سروي ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. هن آرڪيالاجيڪل سروي ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت دوارن هتان جي مقامي ماڻهن کي سروي ۽ ڊرافٽنگ بابت تربيت ڏني. ڪزنس کي فيبروري 1906ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي ويسٽرن سرڪل پونا ۾ سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. برطانوي سرڪار طرفان کيس آرڪيالاجي جي شعبي ۾ خدمتن جي مڃتا طور مئي 1900ع ۾ قيصر هند جو خطاب ۽ گولڊ ميڊل ڏنو ويو. هينري ڪزنس انڊيا سميت سنڌ جي قديم آثارن تي بي بها تحقيق ڪئي ۽ ان متعلق سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، پاڻ 13 سيپٽمبر 1910ع تي سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • The Antiquities of Sind, with historical outline (1925) 1929
    • Portfolio of Illustrations of Sind Tiles 1906. (This was a great collection of 50 beautifully rendered and rare tiles from Sind by Henry Cousens. The tiles illustrated are from the Great Mosque at Thatta, now a UNESCO World Heritage site, the Talpur Tombs in Hyderabad, and Abul Baki Purani’s mosque in Sukkur. Photo-Chromo-Lithographed by W. Griggs and Sons, Chromo-Lithographers to the King (of England). Issued by the Government of India.
    • Bijapur and its Architectural Remains, with historical outline (1913) 1916
    • The Chalukyan Architecture of the Kanarese Districts 1926
    • An Account of the Caves at Nadsur and Karsambia, pp 11, pl VII, Bombay 1891
    • The Architectural Antiquities of Western India (including many photographic plates) 1926 (copy signed to his daughter Mysie Tugwell, 12 March 1926) - Publisher "The India Society"
    • The Architectural Antiquities of Northern Gujarat - Burgess and Cousens - 1903
    • The Antiquities of the Town of Dabhoi in Gujarat - Burgess and Cousens - 1888
    • The Medieval Temples of the Dakhan 1931
    • Somanatha, and Other Medieval Temples, in Kathiavad 1931
    • Several guide books to places in India


    هيتوشي اينڊو Hitoshi Endo

    جپاني آرڪيالاجسٽ هيتوشي اينڊو سنڌ ماٿري جي سڀيتا، مصر ۽ عراق جي ميسپوٽيما تهذيب تي تحقيق ۽ فيلڊ ورڪ جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي. پاڻ جاپان جي ڪيوٽو يونيورسٽي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هيومنٽي اينڊ نيچر سان لاڳاپيل آهي. پاڻ 1978ع ۾ جنم ورتو ۽ توڪائي يونيورسٽي مان 2004ع ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل هئي. هن پاڪستان ۾ ڪيترن ئي آرڪيالاجيڪل پراجيڪٽس ۾ شرڪت ڪئي ۽ قديم ماڳن جي سروي ۽ کوٽائي ۾ به حصو ورتو. کيس آرڪيالاجي جي شعبي ۾ مهارت حاصل آهي. پاڻ سنڌو ماٿري جي سڀيتا متعلق ڀارت، برطانيه ۽ ٻين ملڪن ۾ منعقد ٿيل ڪيترن ئي عالمي ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪري چڪو آهي. سنڌو سڀيتا تي سندس تحقيقي مقالا جپان جي مختلف يونيورسٽين طرفان شايع ڪرايا ويا آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • H. Shudai, A. Konasukawa, S. Kimura, T. Ueno, H. Endo 2011,03 Report on the Survey of the Archaeological Materials of Prehistoric Pakistan, stored in the Aichi Prefectural Ceramic Museum. Part 3: Emir Ware and Quetta Style Pottery. Bulletin of the Turumi University: Studies in Humanities, Social and Natural Science, 48(4). Turumi University, Yokohama, 38pp.
    • H. Shudai, A. Konasukawa, H. Endo, S. Kimura, T. Ueno 2010,03 Report on the Survey of the Archaeological Materials of Prehistoric Pakistan in the Aichi Prefectural Ceramic Museum. Part 2: Kulli Ware. Bulletin of the Turumi University: Studies in Humanities, Social and Natural Science, 47(4). Turumi University, Yokohama, 62pp.  
    • H. Shudai, A. Konasukawa, H. Endo, S. Kimura 2009,03 Report on the Survey of the Archaeological Materials of Prehistoric Pakistan, stored in Aichi Prefectural Ceramic Museum. Part 1: Painted Pottery of Nal Ware. Bulletin of the Turumi University: Studies in Humanities, Social and Natural Science, 46(4). Turumi University, Yokohama, 33pp.  
    • I.H. Takamiya, H. Endo 2008,10 Return to the Temole Workshop: The Manufacture of Bifacial Flint Tools. Nekhen News, 20. The Friends of Nekhen, London, 2pp.  
    • I.H. Takamiya, H. Endo 2007,10 Beer After Sheep? HK11C Squares A6-A7 in 2007. Nekhen News, 19. The Friends of Nekhen, London, 1p.  
    • Shudai, H., A. Yoneyama, F. Shudai, A. Konasukawa, S. Kimura and H. Endo 2015,03 “Report on the Survey of the Archaeological Materials of Prehistoric Pakistan stored in the Aichi Prefectural Ceramic Museum Part 6: Human Figurines and Some Remarks on the Social Development in the Prehistoric Balochistan.Bulletin of the Turumi University: Studies in Humanities, Social and Natural Science 52(4) :7-29.  
    • H. Endo 2015,03 Documenting traditional agricultural tools in Odisha, India. Proceedings, Joint Belmont Forum SMARTS2- Future Earth Unit Workshop: How to Organize and Conduct Multinational, Inter- and Trans-Disciplinary Research Collaboration? –India X Food, Rural, Environmental Studies as a Subject Matter-.
    • H. Endo Mature Harappan Lithic Assemblage at Farmana and Kanmer. Bhuj Round Table - International Conference on Gujarat Harappans and Chalcolithic Cultures, 2010,01,28-2010,01,31, Gujarat, India. (Oral Presentation)
    • I.H. Takamiya, H. Endo Variations in lithic productions at Hierakonpolis: a preliminary report of the excavation of HK11C squares A6-A7. Egypt at Its Origins. The Third International Colloquium on Predynastic and Early Dynastic Egypt, 2008,07,27-2008,08,01, London. (Oral Presentation) 


    ادريس صديقي Idress Sidique

    ادريس صديقي Idress Sidique

    سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيهي ماهرن ۾ محمد ادريس صديقي جو نالو به شامل آهي. پاڻ 1928ع ۾ گڏيل هندستان جي رياست يو پي ۾ جنم ورتو. جڏهن ته 4 فيبروري 2000ع ۾ لاهور ۾ وفات ڪري ويو. برصغير جي ورهاڱي بعد هن پاڪستان ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. شروع ۾ پاڻ هتي صحافت ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ ملازمت اختيار ڪئي. صديقي ڊائريڪٽر ريسرچ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيشنل افيئرز پڻ رهيو، کيس باباءِ اردو گولڊ ميڊل جي اعزاز سان به نوازيو ويو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾ سنڌو ماٿري تي سندس اردو ڪتاب ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ اهم آهي. سندس اهوڪتاب اردو ۾ 1952 ڌاري شايع ٿيو. بعد ۾ اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو ويو. صديقي سنڌ جا ڪيترائي قديم ماڳ پاڻ ڏٺا ۽ سروي ڪيا. انهن ماڳن بابت انگريزي ۾ به ڪتاب لکيا جن ۾ ڀنڀور ۽ ٺٽو اهم آهن.سندس سنڌو ماٿري جي سڀيتا بابت لکيل ڪتاب”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ ۾ سنڌو ماٿري جي سڀيتا، ٻولي، لکت ۽ ثقافت تي تفصيلي روشني وڌل آهي. هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، چانهون جي دڙي، ست ڪاجن جي دڙي، علي مراد، ڪوٽ آمري، دبرڪوٽ ۽ ٻين مختلف ماڳن جي کوٽائي مان حاصل ڪيل نوادرات تي به تفصيل سان لکيو ويو آهي.

    ڪتاب
    • سنڌو ماٿر جي سڀيتا، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1979ع


    اروٿم مهاديون Iravatham Mahadevan

    ڀارتي آرڪيالاجسٽ اروٿم مهاديون قديم دور جي لکتن بابت هڪ اهم ماهر سجهيو وڃي ٿو. پاڻ 2 آڪٽوبر 1930ع تي تامل برهمڻ خاندان ۾ جنم ورتو. مهاديون ڪيمسٽري ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد 1953ع ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي. بعد ۾ هن 1980ع ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد پنهنجو سڄو ڌيان قديم تهذيبن ۽ لکتن جي کوجنا تي ڏيڻ شروع ڪيو.
    ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ جنم وٺندڙ هن ماهر قديم تامل برهمي لکتن کي پڙهڻ (Decipherment)۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن بعد هن سنڌو سڀيتا جي قديم لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش شروع ڪئي، جنهن ۾ سندس کوجنا جاري آهي. مهاديون سرڪاري عهدي تي رهندي به قديم تامل براهمي لکتن کي پروڙڻ ۾ پنهنجون توانايون استعمال ڪرڻ لڳو. مهاديون تامل ناڊو جي غارن مان ملندڙ قديم لکتن کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 1965ع ۾ پنهنجي تحقيق کي لکت جي صورت ۾ سامهون آندو. ان عرصي دوران پاڻ تامل ناڊو آرڪيالاجي کاتي جي سهڪار سان سنڌو لکت کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ تي به ڪم ڪندو رهيو.
    مهاديون کي 1970ع ۾ سنڌو لکت تي تحقيق خاطر ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ جواهر لال نهرو اسڪالرشپ ڏني وئي. هن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ سنڌو لکت تي پنهنجي تحقيقي مقالو 1977ع ۾ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪيو. مهاديون پنهنجي تحقيق دوارن سنڌو لکت کي دراوڙي ٻولي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان موضوع تي 40 کن مقالا تحرير ڪيا. مهاديون کي قديم لکتن تي سندس تحقيق کي مڃتا ڏيندي 1998ع ۾ انڊيا جي قديم لکتن بابت جوڙيل سوسائٽي جو صدر چونڊيو ويو. بعد ۾ 2001ع ۾ کيس انڊين هسٽري ڪانگريس جو صدر مقرر ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت طرفان قديم لکت تي سندس بي بها پورهئي کي مڃتا ڏيندي کيس 2009ع ۾ پدما شري ايوارڊ (Padma Shri award) سان نوازيو ويو. جڏهن ته قديم تامل ٻولي تي تحقيق تي کيس مڃتا ڏيندي 2009ع ۾ ٽولڪاپيار ايوارڊ به ڏنو ويو. قديم تهذيب ۽ لکت تي سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿيل آهن. سنڌو تهذيب ۽ لکت تي شايع ٿيل ڪتاب وڏي اهميت لائق آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Corpus of Tamil-Brahmi inscriptions (1966).
    • The Indus Script: Texts, Concordance and Tables (1977).
    • Early Tamil Epigraphy: From the Earliest Times to the Sixth Century A.D. (Harvard Oriental Series, 62) (2003).
    • Early Tamil Epigraphy: Tamil-Brahmi Inscriptions. Revised and Enlarged Second Edition: Volume 1 (Central Institute of Classical Tamil) (2014).
    • Akam and Puram: ‘Address’ Signs of the Indus Script (2010).
    • Dravidian Proof of the Indus Script via the Rig Veda: A Case Study (2014).


    جين ميڪنٽوس Jane McIntosh

    جين ميڪنٽوس Jane McIntosh

    نامياري آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر جين ميڪنٽوس جو واسطو ڪيمبرج يونيورسٽي جي ايشيا ۽ وچ اوڀر بابت تحقيق ڪندڙ فيڪلٽي سان رهيو آهي. پاڻ آرڪيالاجي ۽ انٿروپلاجي ۾ ايم اي ڪرڻ بعد ڪيمبرج يونيورسٽي مان انڊين آرڪيالاجي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. جين ميڪنٽوس سنڌو سڀيتا تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي. پاڻ 1997ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي مان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد آزاد حيثيت سان سنڌو سڀيتا سميت دنيا جي ٻين قديم تهذيبن تي تحقيق ڪري رهي آهي. سندس سنڌو سڀيتا سميت دنيا جي ٻين قديم تهذيبن تي 8 ڪتاب ۽ ڪيترائي مقالا شايع ٿيا آهن. کيس تحقيق جي ميدان ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڪيترائي ايوارڊ به ڏنا ويا آهن. پاڻ هن وقت سنڌو سڀيتا ۽ ميسوپٽيما جي تهذيب وچ ۾ لاڳاپن تي تحقيق ڪري رهي آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Jane McIntosh, The Ancient Indus Valley: New Perspectives,2007 and 2nd Edition Published by ABC-CLIO, 2008
    • Jane McIntosh, A Peaceful Realm: The Rise and Fall of the Indus Civilization,December 24th 2001 by Basic Books
    • Jane McIntosh, The Practical Archaeologist: How We Know What We Know about the Past,1986
    • Jane McIntosh, Archeology, 1960
    • Jane McIntosh, Ancient Mesopotamia: New Perspectives ,July 18th 2005 by ABC-CLIO
    • Jane McIntosh, The Practical Archaeologist: How We Know What We Know about the Past, August 1st 1999 by Facts on File


    جين فرانڪوس جارجي Jean-François Jarrige

    جين فرانڪوس جارجي Jean-François Jarrige

    فرانسيسي قديم آثارن جي ماهر جين فرانڪوس جارجي کي ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي ۽ خاص ڪري سنڌالاجي تي مهارت حاصل رهي آهي. پاڻ 5 آگسٽ 1940ع تي فرانس جي شهر لورڊس ۾ جنم ورتو ۽ 18 نومبر 2104ع تي پئرس ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ پئرس يونيورسٽي مان اورينٽل آرڪيالاجي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. کيس 2004ع ۾ پئرس جي ايشيائي ثقافت بابت ميوزم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.
    جين فرانڪوس کي پاڪستان لاءِ فرينچ آرڪيالاجيڪل مشن جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان عرصي دوران هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي ڪافي تحقيق ڪئي ۽ نئين پٿر دور ۽ سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي. جن ۾ 7 هزار ق م جو قديم ماڳ مهر ڳڙهه، نندواري، نوشهره ۽ پيراڪ شامل آهن. سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي قديم ماڳن تي کوٽائي دوارن کيس پنهنجي زال ڪيٿرائين جارجي جو به ساٿ شامل رهيو. ڪيٿرائين به اينٿروپلاجي جي شعبي جي ماهر هئي. جين فرانڪوس 1973ع کان 1975ع تائين سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ پيراڪ جي کوٽائي ڪرائي. بعد ۾ هن 1975ع کان 1985ع تائين ۽ ٻيهر 1996ع کان 2000ع تائين مهر ڳڙهه جي قديم ماڳ جي کوٽائي ڪرائي. جنهن سان سنڌو سڀيتا جي قدامت ۾ 9 هزار سالن تائين واڌ ٿي وئي. جين فرانڪوس 1986ع کان 1996ع تائين نوشهره جي قديم ماڳ جي کوٽائي ڪرائي. هن ۽ سندس زال ڪيٿرائين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پنهنجي طرفان ڪيل تحقيق کي ڪيترن ئي رپورٽن ۽ ڪتابن جي شڪل ۾ پڌرو ڪري سنڌو ماٿري جي وڌيڪ رخن کي دنيا آڏ متعارف ڪيو. سندس تحريرون فرينچ ۽ انگريزي زبان ۾ شايع ٿيون.

    ڪتاب ۽ رپورٽون

    • 1990 - La Préhistoire et la civilisation de l'Indus (editor)
    • 1993 - The Early architectural traditions of the greater Indus Valley as seen from Mehrgarh, Baluchistan (editor)
    • 1995 - Du néolithique à la civilisation de l'Inde ancienne: contribution des recherches archéologiques dans le nord-ouest du sous-continent indo-pakistanais


    جين ميري ڪيسل Jean-Marie Casal

    فرينچ آرڪيالاجسٽجين ميري ڪيسل سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سنڌو سڀيتا جي ماڳن تي 18 سال کان وڌيڪ عرصو تحقيق ڪئي. پاڻ 30 جون 1905ع ۾ جنم ورتو ۽ 12
    ڊسمبر 1977ع ۾ وفات ڪري ويو. فرانس جي حڪومت طرفان 1958ع ۾ جين ميري ڪيسل جي سربراهي ۾ ”مشن آف انڊس“ جي نالي سان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق بابت پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو. فرانسيسي حڪومت طرفان اهو پراجيڪٽ پاڪستان حڪومت جي آرڪيالاجي ۽ ميوزمس ڊپارٽمينٽ جي تعاون سان شروع ڪيو ويو. ان مشن جين ميري ڪاسل جي سربراهي هيٺ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي قديم ماڳن کي نه فقط دريافت ڪيو پر انهن جي کوٽائي به ڪرائي. انهن ماڳن ۾ سنڌ جي ٻن اهم ماڳن آمري ۽ ڪوٽڏجي ۽ بلوچستان ۾ پيرڪ، مهرڳڙهه ۽ ٻين ماڳن جي کوٽائي ڪرائي وئي. ان سان گڏ جين ميري ڪاسل افغانستان ۾ سنڌو سڀيتا جي ماڳ مينڊيگڪ جي به کوٽائي ڪرائي. مينڊيگڪ جي دريافت ۽ کوٽائي سان سنڌو سڀيتا جي جاگرافيائي حدن جي افغانستان تائين ڦهلاءَ بابت ثابتيون مليون. آمري، مهرڳڙهه ۽ ڪوٽڏجي جي کوٽائي سان سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن کان اڳ يعني 8 هزار سال ق م جي ڳوٺاڻي زرعي ثقافت بابت پتو پيو. جين ميري ڪاسل ۽ فرانس جي ٻين ماهرن جي کوجنا سان سنڌو سڀيتا تي وڌيڪ روشني پئي ۽ موهن جي دڙي جي شهري تمدن کان اڳ اسريل ڳوٺاڻي زرعي ثقافت نروار ٿي. جين ميري ڪاسل جي ڪوٽجي، آمري، منڊيگڪ ۽ ٻين ماڳن تي کوٽائي ۽ تحقيق بابت ڪتاب ۽ مقالا فرينچ زبان ۾ شايع ٿيل آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Jean Marie Casal, Fouilles de Mundigak, Volume 1, Librairie C. Klincksieck, 1961
    • Jean Marie Casal, Fouilles de Mundigak, Volume 2, Librairie C. Klincksieck, 1961
    • Jean Marie Casal, Fouilles d'Amri: Texte, C. Klincksieck, 1964
    • Jean Marie Casal, Fouilles d'Amri, Volume 2, C. Klincksieck, 1964
    • Jean Marie Casal, Archéologie pakistanaise, les fouilles de Kot-Diji, 1969
    • Jean Marie Casal, La civilisation de l'Indus et ses énigmes, Fayard, 1969


    جم جي شيفر Jim G. Shaffer 



    قديم آثارن جو آمريڪي ماهر جم جي شيفر سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي زوال پٺيان آرين جي حملي واري مفروضي کي رد ڪندڙ ماهرن ۾ شامل رهيو آهي. آمريڪا جي ڪيس ويسٽرن رزرو يونيورسٽي Case Western Reserve University ۾ اينٿروپلاجي جي ماهر جم جي شيفر جو جنم 1944ع ۾ ٿيو، پاڻ اريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي Arizona State University مان اينٿروپلاجي جي شعبي ۾ 1965ع ۾ بي اي ۽ 1967ع ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جڏهن ته يونيورسٽي آف وسڪونسن ميڊسن مان ساڳي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پاڻ سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق سان واڳيل رهيو آهي. هن کوجنا بعد اهو ثابت ڪيو ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي يورپي نسل جي آرين جو ڪوبه حملو نه ٿيو هو. جم موجب سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي ترقي يا زوال سان آرين جو ڪوبه تعلق نه رهيو آهي. نه وري آرين جي اتر اولهه انڊيا طرف ڪا لڏپلاڻ ٿي هئي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Jim G. Shaffer (1984). "The Indo-Aryan Invasions: Cultural Myth and Archaeological Reality". In John R Lukacs. The People of South Asia: The Biological Anthropology of India, Pakistan and Nepal. New York: Plenum Press. pp. 77–88.
    • Prehistoric Baluchistan: With Excavation Report on Said Qala Tepe. Delhi: B.R. Publishing Corp. 1978
    • Prehistoric Baluchistan: A Systematic Approach. Ph.D. Dissertation, Department of Anthropology, Madison: University of Wisconsin. 1972
    • A Honaki Phase Site on the Lower Verde River, Arizona.
    • Jim G. Schaffer (1995). ""Cultural tradition and Palaeoethnicity in South Asian Archaeology"". In Ed. George Erdosy. Indo-Aryans of Ancient South Asia. ISBN 3-11-014447-6.
    • Jim G. Schaffer (1999). "Migration, Philology and South Asian Archaeology". In Bronkhorst; Deshpande. Aryan and Non-Aryan in South Asia. ISBN 1-888789-04-2.
    • Jim G. Schaffer (1993). "Reurbanization: The Eastern Punjab and Beyond". In H. Spodek; D.M. Srinivasan. Urban Form and Meaning in South Asia: The Shaping of Cities from Prehistoric to Precolonial Times. Studies in the History of Art No. 31. Washington DC: National Gallery of Art. pp. 53–67.
    • Jim G. Shaffer (1992). "The Indus Valley, Baluchistan and Helmand Traditions: Neolithic Through Bronze Age". In R. W. Ehrich. Chronologies in Old World Archaeology (Second ed.). Chicago: University of Chicago Press. pp. I:441–464, II:425–446.
    • 2013 Shaffer, J.G. and D. A. Lichtenstein. “The Harappan Diaspora.” Vedic Venues 2:248-268.
    • 1986 Shaffer, J.G. "The Archaeology of Baluchistan: A Review." Newsletter of Baluchistan
    Studies 3(Summer 1986):63-111.
    • 1978 Shaffer, J.G. and Suraj Bhan. "New Discoveries in Northern Haryana." Man and
    Environment 2:59-68.
    • 1978 Shaffer, J.G. "West Asia - India Interaction: Some Comments." Man and Environment 2:91- 94
    • 1978 Shaffer, J.G. Comment on P.L. Kohl's "The Balance of Trade in Southwest Asia in the Mid-3rd Millennium B.C." Current Anthropology 19(3):483-484.
    • 1977 Shaffer, J.G. and D.K. Chakrabarti. "Prehistoric Chronology and Radiocarbon Dating in India: A Review Article." The Indian Historical Review 3:391-401.
    • 1974 Shaffer, J.G. "The Prehistory of Baluchistan: Some Interpretative Problems." C.S. Chard Festschrift, (Ed.). Arctic Anthropology 11(Supplement: Festschrift Issue in Honor of Chester S. Chard):224-235.
    Book Chapters
    • 2014 Shaffer, J.G. and D.A. Lichtenstein. “Settlement Dynamics in Ancient India: Continuity vs. Discontinuity. In The Sindhu-Sarasvati Civilization: A Reappraisal. N. Rao. (Ed.). D.K. Printworld Ltd., New Delhi, pp. 549-564.
    • 2013 Shaffer, J.G. and D.A. Lichtenstein. “South Asian Archaeology: Late Prehistoric Cultural Continuity or Discontinuity. In Perspectives on the Origins of Indian Civilization. A. Marcantoniio and G.N. Jha (Eds.). D.K. Printworld Ltd., New Delhi, pp. 232-258.
    • 2011 Shaffer, J.G. and D.A. Lichtenstein. “South Asian Archaeology: New Insights on Indigenous Cultural Continuity. In How Deep are the Roots of Indian Civilization? An
    Archeological and Historical Perspective. Draupadi Trust, New Delhi, pp. 161-171.
    • 2005 Shaffer, J.G. and D.A. Lichtenstein. “South Asian Archaeology and the Myth of IndoAryan Invasions.” In The Indo-Aryan Controversy: Evidence and Inference in Indian
    History. E.F. Bryant and L.L. Patton (Eds.). Routledge, New York and London, pp. 75- 104.
    • 1999 Shaffer, J.G. and D.A. Lichtenstein. "Migration, Philology and South Asian Archaeology." In Aryan and Non-Aryan in South Asia. Evidence, Interpretation, and
    Ideology. J. Bronkhorst and M. M. Deshpande, (Eds.). Harvard Oriental Series, Opera Minora. Department of Sanskrit and Indian Studies. Cambridge: Harvard University 3: 239-260.
    • 1995 Shaffer, J.G. and D.A. Lichtenstein. "The Cultural Tradition and Paleoethnicity in South Asian Archaeology." In The Indo-Aryans of Ancient South Asia: Language, Material
    Culture and Ethnicity. G. Erdosy, (Ed.). Berlin: Walter de Gruyter, pp. 126-154.
    • 1993 Shaffer, J.G. "Reurbanization: The Eastern Punjab and Beyond." In Urban Form and
    Meaning in South Asia: The Shaping of Cities from Prehistoric to Precolonial Times.
    Studies in the History of Art No. 31. H. Spodek and D.M. Srinivasan, (Eds.). Washington DC: National Gallery of Art, pp. 53-67.
    • 1992 Shaffer, J.G. "The Indus Valley Tradition." In Proceedings of the First International
    Conference on Pakistan Archaeology. F.A. Durrani, (Ed.). Peshawar: University of Peshawar Press.
    • 1992 Shaffer, J.G. "Pre-Indus and Early Indus Bronze Age Cultures of Pakistan and India." In
    A History of Civilizations of Central Asia. A.H. Dani and P. Okladnikov, (Eds.). Paris: UNESCO. 1:247-282.
    • 1992 Shaffer, J.G. "The Indus Valley, Baluchistan and Helmand Traditions: Neolithic Through Bronze Age." In Chronologies in Old World Archaeology. Second Edition. R.W. Ehrich, (Ed.). Chicago: University of Chicago Press. I:441-464, II:425-446.
    • 1989 Shaffer, J.G. and D.A. Lichtenstein. "Ethnicity and Change in the Indus Valley Cultural Tradition." In Old Problems and New Perspectives in the Archaeology of South Asia. Wisconsin Archaeological Reports No. 2. J. M. Kenoyer, (Ed.). Department of Anthropology, Madison: University of Wisconsin, pp. 117-126.
    • 1988 Shaffer, J.G. "One Hump or Two: The Impact of the Camel on Harappan Society." In
    Orientalia Iosephi Tucci Memoriae Dicata. E. Curaverunt, G. Gnoli and L. Lanciotti, (Eds.). Rome: Instituto Italiano per il Medio ed Estremo Oriente. 3:1315-1328.
    • 1988 Shaffer, J.G. "Baluchistan-Archaeology." In Encyclopedia Iranica. London: Routledge and Kegan Paul. 3:632-633.
    • 1986 Shaffer, J.G. "Indus Valley Civilization." In Funk and Wagnall's New Encyclopedia. New York: Funk and Wagnall's. 2:76.
    • 1986 Shaffer, J.G. "Mohenjo-Daro." In Funk and Wagnall's New Encyclopedia. New York: Funk and Wagnall's. 17:437.
    • 1986 Shaffer, J.G. "Cultural Development in the Eastern Punjab." In Studies in the
    Archaeology of India and Pakistan. J. Jacobsen, (Ed.). New Delhi: Oxford and IBH Publishing Co., pp. 195- 235.
    • 1984 Shaffer, J.G. "The Indo-Aryan Invasions: Cultural Myth and Archaeological Reality." In
    People of South Asia: The Biological Anthropology of India, Nepal and Pakistan. J.R. Lukacs, (Ed.). New York: Plenum Press, pp. 77-90.
    • 1982 Shaffer, J.G. "Harappan Commerce: An Alternative Perspective." In Anthropology in
    Pakistan. L. Flam and S. Pastner, (Eds.). South Asia Occasional Papers and Theses, No. 8. South Asia Program. Ithaca, New York: Cornell University. Reprinted in 1985, pp. 166-210.
    • 1982 Shaffer, J.G. "Harappan Culture: A Reconsideration." In The Harappan Civilization: A
    Contemporary Perspective. G.L. Possehl, (Ed.). American Institute of Indian Studies. New Delhi: Oxford and I.B.H. Publishers. Reprinted in 1993, pp. 41-50.
    • 1981 Shaffer, J.G. "The Protohistoric Period in the Eastern Punjab: A Preliminary Assessment." In Indus Civilization - New Perspectives. A.H. Dani, (Ed.). Center for the Study of the Civilization of Central Asia. Islamabad, Pakistan: Quaid-i-Azam University, pp. 65-102.
    • 1979 Shaffer, J.G. "The Indus Civilization: New Evidence from Pakistan." In Essays in Indian
    Protohistory. D.P. Agrawal and D.K. Chakrabarti, (Eds.). Delhi: B.R. Publishing Corp., pp. 17-29.
    • 1976 Shaffer, J.G. and M.A. Hoffman. "The Harappan Settlement at Allahdino: Analyzing the Sociology of an Archaeological Site." In Ecological Backgrounds of South Asian
    Prehistory. K.A.R. Kennedy and G.L. Possehl, (Eds.). South Asian Occasional Papers and Theses, No. 4. Ithaca: Cornell University, pp. 94-117.
    • 1974 Allahdino and the Mature Harappan: A Preliminary Report on the Cultural Stratigraphy. Submitted to Department of Archaeology, Government of Pakistan, Karachi, Pakistan.


    سر جان مارشل Sir John Marshall 

    سنڌو سڀيتا جي مکيه ماڳن موهن جو دڙو ۽ هڙاپا تي بنيادي کوجنا ڪندڙ ماهر سر جان مارشل هيو. سندس ئي کوجنا ۽ تحقيق بعد هي عظيم تهذيب پنهنجي سمورن رنگن ۽ روپن سان دنيا آڏو نکري نروار ٿي. سر جان مارشل برطانيه جي شهر چيسٽر ۾ 19 مارچ 1876ع تي جنم ورتو ۽ پاڻ گلڊفورڊ ۾ 17 آگسٽ تي وفات ڪري ويو. جان هبرٽ مارشل ڊلوچ ۽ ڪنگس ڪاليج ڪيمبرج ۾ تعليم حاصل ڪئي. پاڻ 1902ع کان 1928 تائين آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. جان مارشل اهو پهريون پرڏيهي ماهر هيو، جنهن قديم آثارن جي کوٽائي ۾ هتان جي مقامي ماڻهن کي به شريڪ ڪيو ۽ انهن کي هن شعبي سان نه فقط متعارف ڪرايو پر کين تربيت به ڏني. جان مارشل 1913ع ۾ ٽيڪسيلا جي قديم آثارن جي کوٽائي ڪرائي. هن شخص ئي 1918ع ۾ ٽيڪسيلا ميوزم جو بنياد رکيو. هن انڊيا ۾ ٻڌ دور جي قديم آثارن تي به ڪم ڪيو. اشوڪا دور جي قديم ماڳن تي به سندس کوجنا اهميت لائق آهي.
    سر جان مارشل جو ڀارت ۾ آرڪيالاجي جي شعبي ۾ واکاڻ جوڳو ڪم موهن جي دڙي جي کوٽائي هئي. هن برطانوي ماهر نه فقط موهن جو دڙو پر سنڌو سڀيتا جي ٻين قديم ماڳن بلوچستان جي نال ۾ سوهر دامب جي به کوٽائي ڪرائي. موهن جي دڙي جي کوٽائي بعد هن پنهنجي کوجنا تي ٻڌل ڪتاب ”موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا“ (Mohenjo-Daro and the Indus Civilization)جي نالي سان ٽن جلدن ۾ انگريزي ۾ لکي پڌرو ڪيو. جيڪو سنڌو سڀيتا تي هڪ مکيه ماخذ قرار ڏنو ويندو آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Marshall, John (1931). Mohenjo-Daro and the Indus Civilization. (3 Volumes)
    • Marshall, John H. (1960). The Buddhist Art of Gandhara: The Story of the Early School, Its Birth, Growth and Decline. Cambridge: Cambridge University Press.
    • Marshall, John H. (1960). A Guide to Taxila (4th ed.). Cambridge: Cambridge University Press.
    • Marshall, John H.; M. B. Garde (1927). The Bagh Caves in the Gwalior State. London: The India Society.
    • Marshall, John H.; Foucher, Alfred. The Monuments of Sanchi (3 vol.).
    • Marshall, John H. (1918). A Guide to Sanchi. Calcutta: Superintendent, Government Printing.


    جوناٿن مارڪ ڪينوائر Jonathan Mark Kenoyer 

    سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي جوناٿن مارڪ ڪينوائر هڪ اهم اٿارٽي تصور ڪيو ويندو آهي. پاڻ 28 مئي 1952ع تي ڀارت جي مگاليا رياست جي گادي واري شهر شلانگ ۾ جنم ورتو. هن بيچلرس آف آرٽ، ماسٽرس ۽ ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون برڪلي جي يونيورسٽي آف ڪيلفورنيا مان حاصل ڪيون. پاڻ جڏهن انڊيا جي ووڊ اسٽاڪ اسڪول ۾ تعليم پرائيندو هو ته ان وقت ئي کيس قديم تهذيبن سان لڳاءُ پئدا ٿيو ۽ هن ڏکڻ ايشيا جي قديم تاريخ، آرڪيالاجي ۽ ثقافت ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. جوناٿن مارڪ ڪينوائر مشهور آرڪيالاجي ماهر جارج ايف ڊيلز جي شاگردي اختيار ڪئي ۽ ساڻس گڏجي موهن جي دڙي جي کوٽائي بابت (Excavations at Mohenjo-Daro, Pakistan: The Pottery) ڪتاب تحرير ڪيو. جوناٿن مارڪ ڪيلفورنيا يونيورسٽي مان 1983ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد يونيورسٽي آف وسڪونسن ميڊسن ۾ اينٿروپلاجي جو پروفيسر مقرر ٿيو.
    جوناٿن مارڪ 1986ع ۾ هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ تحت سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي کوجنا شروع ڪئي. پاڻ هن وقت هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ جو شريڪ ڊائريڪٽر آهي ۽ سندس سنڌو سڀيتا تي مشهور تحقيقي ڪتاب ”سنڌو ماٿري جا قديم شهر“ (Ancient Cities of the Indus Valley) آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان 1998ع ۾ شايع ڪيو ويو. پاڻ آمريڪا ۾ 1999ع ۾ سنڌو سڀيتا متعلق عالمي سطح جي نمائش منعقد ڪئي. جنهن هن عظيم تهذيب کي دنيا اندر وڌيڪ روشناس ڪيو. ڀارتي نزاد آمريڪي ماهر جوناٿن مارڪ ڪينوائر جو ڏکڻ ايشيا جي قديم تهذيب متعلق تازو ڪتاب (The Ancient South Asian World) آڪسفورڊ طرفان شايع ڪيو ويو آهي. جيڪو هن ڪمبرلي هيوسٽن سان گڏجي تحرير ڪيو آهي.
    جوناٿن مارڪ ڪينوائر ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي زبانن کي سمجهي ۽ پڙهي سگهندو آهي، کيس اردو، هندي ۽ بنگالي تي عبور حاصل آهي. پاڻ 1974ع کان پاڪستان ۽ انڊيا ۾ آرڪيالاجي ۽ اينٿوگرافڪ جي ڪيترن ئي پروجيڪٽن تي ڪم ڪندو رهيو آهي. ان سان گڏ پاڻ افغانستان ۽ عمان ۾ به قديم آثارن بابت تحقيق ڪئي آهي. ڪينوائر سنڌو سڀيتا جي وارثن جي پرڏيهه سان واپار بابت به ڪافي کوجنا ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ پاڻ اوڀر ايشيا جي قديم تهذيبن تي به ڪافي تحقيق ڪئي. هن سنڌو سڀيتا جي لکت کي پڙهڻ (decipherment) تي به ڪافي ڪم ڪيو آهي.

    ڪتاب

    • The Ancient South Asian World. By Jonathan Mark Kenoyer and Kimberly Heuston. Oxford University Press, New York. 2005
    • Ancient Cities of the Indus Valley Civilization. Oxford University Press and American Institute of Pakistan Studies, Karachi. 1998
    • Sarang and Jeevai: A coloring book story of the ancient Indus Valley. Oxford University Press, Karachi. 1998
    • From Sumer to Meluhha: Contributions to the Archaeology of South and West Asia in Memory of George F. Dales, Jr. Wisconsin Archaeology Reports, Volume 3. Department of Anthropology, University of Wisconsin at Madison. 1994
    • Old Problems and New Perspectives in the Archaeology of South Asia. Wisconsin Archaeology Reports, Volume 2. Department of Anthropology, University of Wisconsin at Madison. 1989
    • Excavations at Mohenjo-daro, Pakistan: The Pottery. By George F. Dales and Jonathan Mark Kenoyer, University Museum Monograph 53. University Museum, University of Philadelphia. 1986
    • Shell Working Industries of the Indus Civilization: An archaeological and ethnographic perspective. PhD dissertation at University of California-Berkeley. 1983

    تحقيقي مقالا

    • New perspectives on Stone Bead Technology at Bronze Age Troy. Ludvik, G., J. M. Kenoyer, M. Pieniążek and W. Aylward. Anatolian Studies Journal 65 (2015): 1–18.
    • Textiles and Trade in South Asia during the Proto-historic and Early Historic Period. In Silk. Trade and Exchange along the Silk Roads between Rome and China in Antiquity edited by Berit Hildebrandt, In Press. Oxbow Books, Oxford. 2015
    • The Archaeological Heritage of Pakistan: The Indo-Gangetic Tradition: Early Historic Chiefdoms and States of the Northern Subcontinent. In History of Pakistan, edited by Roger Long, pp. 91-134. Oxford University Press: Karachi. 2015
    • The Archaeological Heritage of Pakistan: From the Palaeolithic to the Indus Civilization. In History of Pakistan, edited by Roger Long, pp. 1-90. Oxford University Press: Karachi. 2015
    • New Perspectives on the Indus Tradition: Contributions from recent research at Harappa and other sites in Pakistan and India, in Sindhu-Sarasvati Valley Civilization: New Perspectives: a Volume in Memory of Dr. Shikaripur Ranganatha Rao, edited by Nalini Rao, pp. 500-535. DK and Nalanda International. 2014
    • The Indus Civilization. In The Cambridge Prehistory, edited by Colin Renfrew and Paul Bahn, pp. 407-432. Cambridge University Press: Cambridge. 2014
    • Eye Beads from the Indus Tradition: Technology, Style and Chronology. Journal of Asian Civilizations 2013 Vol. 36(2):1-23
    • Iconography of the Indus Unicorn: Origins and Legacy. In Connections and Complexity: New Approaches to the Archaeology of South Asia, edited by S. Abraham, P. Gullapalli, T. Raczek, and U. Rizvi, pp. 107-125. Left Coast Press, Walnut Creek. 2013
    • Connections between the Indus Valley and Mesopotamia: Preliminary Results of Strontium Isotope analyses from Harappa and Ur. J. M. Kenoyer, T. D. Price and J. Burton. Journal of Archaeological Science, Vol. 40: 2286-2297. 2013
    • Stone Drill Bits from Dholavira – A Multi-faceted Analysis. Puratattva, 37, 8-25. Prabhakar, V. N., Bisht, R. S., Law, R. W. and J. M. Kenoyer, 2012
    • Changing Perspectives of the Indus Civilization: New Discoveries and Challenges. Puratattva Vol. 41:1-18. 2011
    • A Reply to Ji-Huan He, by Irene Good, J. M. Kenoyer and R. H. Meadow. Archaeometry Vol. 53(6):1257-1258. (online version 4 April 2011). 2011
    • Gandharan Cultural Traditions: Context, Chronology and Legacies of the Indus Civilization. In Ancient Punjab, Vol. 1: 2010
    • Indus Seals: An overview of Iconography and Style. Ancient Sindh 9 (2006–2007): 7-30. 2009
    • What Happened to the Harappans?, ABC-CLIO online Social Studies Database, 2009 (http://www.ancienthistory.abc-clio.com)
    • New Evidence for Early Silk in the Indus Civilization. By Irene Good, J. M. Kenoyer and R. H. Meadow. Archaeometry 51(3):457-466. 2009
    • Collaborative Archaeological Research in Pakistan and India: Patterns and Processes. The SAA Archaeological Record, 8(3):12-20. 2008
    • What is it, Reading the Clues, What’s New, Face to Face with History. In Ingenuity along the Indus: Birth of a civilization, edited by Rosalie F. Baker and Charles F. Baker. Calliope 18(5). 2008
    • Steatite and faience manufacturing at Harappa: New evidence from Mound E excavations 2000-2001. Museum Journal. III-IV (Jan - Dec 2002): 43-56. 2005
    • Uncovering the keys to the Lost Indus Cities. Scientific American. 15(1): 24-33. 2005
    • Chronology and interrelations between Harappa and Central Asia. Journal of the Japanese Society for West Asian Archaeology. 5: 38-45. 2004
    • Uncovering the keys to the lost Indus Cities. Scientific American. July: 67-75. 2003
    • Early developments of art, symbol and technology in the Indus Valley Tradition. INDO-KOKO-KENKYU. 22: 1-18. 2001
    • Recent discoveries and highlights from excavations at Harappa: 1998-2000. by R. H. Meadow and J. M. Kenoyer. INDO-KOKO-KENKYU. 22: 19-36. 2001
    • The Indus Valley mystery. by R. H. Meadow and J. M. Kenoyer. Discovering Archaeology, April 2000, pp. 38–43. 2000
    • Harappa in 3D: A powerful new tool rebuilds the past in the Indus Valley. Discovering Archaeology. March/April: 89-93. By Wayne R. Belcher, A. Keith Turner and J. Mark Kenoyer. 1999
    • Seals and Sculpture of the Indus Cities. Minerva 9(2): 19-24. 1998
    • Craft Traditions of the Indus Civilization and their Legacy in Modern Pakistan. Lahore Museum Bulletin. Vol. IX(2) 1996:1-8. 1998
    • Trade and Technology of the Indus Valley: new insights from Harappa, Pakistan. World Archaeology 29(2):262-280. 1997
    • New Inscribed Objects From Harappa. J. M. Kenoyer and R. H. Meadow. Lahore Museum Bulletin Vol. IX(1) 1996:1-20. 1997
    • Antique bead and ornament replicas from South Asia: An alternative to antique bead collecting and the destruction of global cultural heritage. Ornament. 20(2): 68-71. 1996
    • The Ancient City of Harappa. Asian Art and Culture. A. M. Sackler Gallery, Smithsonian Institution, Spring 1996: pp. 85–99. 1996
    • Ideology and Legitimation in the Indus State as revealed through Public and Private Symbols. The Archaeological Review, 4(1&2): 87-131. 1995
    • Harappan Technology: Methodological and Theoretical Issues. Bhan, K. K., M. Vidale and J. M. Kenoyer. Man and Environment 19(1-2): 141-157. 1994
    • Faience Ornaments of Harappa and the Indus Civilization. Ornament 17(3):35-39,95. 1994
    • La civiltà della Valle dell¹Indo. M. Vidale and J. M. Kenoyer. ARCHEO., Anno VII, 9(91) September : 54-99. Rome, Italy1992
    • Stratigraphic complexities and recording of archaeological sites: Models from recent excavations at Harappa. Journal of Pakistan Archaeologists Forum. 1(1):1-24. 1992
    • A new look at stone drills of the Indus Valley Tradition by J. M. Kenoyer and M. Vidale. In Materials Issues in Art and Archaeology, III, Vol. 267. Edited by P. Vandiver, J. R. Druzick, G. S. Wheeler and I. Freestone. Materials Research Society, Pittsburgh, pp. 495–519. 1992
    • Lapis lazuli bead making in Afghanistan and Pakistan. Ornament, 15(3): 71-73. 1992
    • Ornament Styles of the Indus Valley Tradition: Evidence from recent excavations at Harappa. Pakistan. Paléorient. 17(2) - 1991: 79-98. 1992
    • The Indus Valley Tradition of Pakistan and Western India. Journal of World Prehistory 5(4): 331-385. 1991
    • Contemporary stone beadmaking in Khambhat, India: patterns of craft specialization and organization of production as reflected in the archaeological record. World Archaeology. 23(1): 44-63. By J. M. Kenoyer, M. Vidale and K. K. Bhan. 1991
    • Harappan craft specialization and the question of urban segregation and stratification. Eastern Anthropologist. 44(3-4). 1991
    • Harappa Excavations 1988. By G.F. Dales and J. M. Kenoyer. Pakistan Archaeology 24: 68-176, 1990
    • Traditional Indian Potters at the Smithsonian. Expedition Vol. 29(3): 55-63, by Marilyn P. Beaudry, J. M. Kenoyer and Rita P. Wright. 1988
    • Recent Developments in the Study of the Indus Civilization. The Eastern Anthropologist, Vol. 41(1): 65-76. 1988
    • The Indus Civilization: Unfathomed Depths of South Asian Culture. Wisconsin Academy Review Vol. 33(2):22-26. 1987
    • The Indus Bead Industry and Its Contribution to Bead Technology. Ornament, 10(1):18-23. 1986
    • Nageshwar, A Mature Harappan Shell Working Site on the Gulf of Kutch, Gujarat. Oriental Institute. M.S.U. Baroda Vol. 33(3-4):67-80, by Kuldeep K. Bhan and J. M. Kenoyer. 1984
    • Shell Working Industries of the Indus Civilization; A Summary. Paléorient 10(1):49-63. 1984
    • An Upper Palaeolithic Shrine in India? Antiquity Vol. LVII:88-94. by J. M. Kenoyer, J. D. Clark, J. N. Pal and G. R. Sharma. 1983
    • Nageshwar: An Industrial Centre of the Chalcolithic Period. Puratattva, No. 12, 1980-81:115-120 by Kuldeep K. Bhan and J. M. Kenoyer. 1983
    • Shell working at ancient Balakot, Pakistan. Expedition. 19(2): 13-19. by G. F. Dales and J. M. Kenoyer, 1977


    ڪلديپ ڀان Kuldeep Bhan

    ڪلديپ ڪي ڀان مهاراجا سائياجيرائو يونيورسٽي بروڊا جي آرڪيالاجي شعبي جو پروفيسر ۽ آرڪيالاجيڪل ميوزم جو ڊائريڪٽر آهي. پاڻ گذريل 25 سالن کان گجرات ۾ سنڌو سڀيتا جي ماڳن تي تحقيق ڪري رهيو آهي. ڪلديپ ڀان ولاريل ڪشمير جي سرينگر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم به اتي حاصل ڪرڻ بعد 1974ع ۾ ڪشمير يونيورسٽي مان بيچلر سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ مهاراجا سائياجيرائو يونيورسٽي بروڊا مان 1977ع، 1978ع ۽ 1984ع ۽ آرڪيالاجي ۽ ميوزولاجي ۾ ماسٽرس، ڊاڪٽريٽ ۽ پوسٽ گريجوئيشن جون ڊگريون حاصل ڪيون. پاڻ 2008ع کان 2009ع تائين جاپان جي انٽرنيشنل سينٽر فار جپانيز اسٽيڊي جي وزيٽنگ ريسرچ اسڪالر طور به ذميواريون ادا ڪيون. ڪلديپ ڀان انڊيا جي رياست گجرات ۾ سنڌو سڀيتا جي ڪيترن ئي ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي آهي. جن ۾ ناگودا، ناگيشور، گولا ڍورو ۽ ٻيا ماڳ شامل آهن. هن ڪڇ گجرات جي سنڌو سڀيتا جي ماڳن وچ ۾ واپاري لاڳاپن تي به کوجنا ڪئي آهي. پاڻ برودا ۾ انڊس هيريٽيج سينٽر جي قيام لاءِ به ڪوششون ڪري رهيو آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Excavation at Nageshwar: A mature Harappan Shell Working Site on the Gulf of Kutch. The Maharaja Sayajirao University of Baroda Archaeological Series # 18. Co-authored with K. T. M. Hegde, V. H. Sonawane, D. R. Shah and K. Krishnan, 1992
    • Prodcution Artigianale Protostorica: Ethnoarchaeologia E Archaeologia. Saltuarie del Laboratorio del Piovego 4. Co authored with Massimo Vidale, G. Gudia and J. M. Kenoyer.1992
    • Ancient Asia, Vol. 1 Society of South Asian Archaeology, Reesha Books International, Mumbai, 2006
    • Ancient Cities of the Indus Civilization by J. M. Kenoyer, American Institute of Pakistan Studies, Karachi in Man and Environment: XXIV (2), 1999
    • Review of Prehistoric Culture of Gujarat and Need to develop Accurate Settlement, Gazetteer, in Changing Perspective of Japan in South Asia in the New Asian Era: The State of Japanese Studies in India and other SAARC countries (ed.) Uno Takao, pp. 325-354.2011
    • Review of Prehistoric Culture of Gujarat and Need to develop Accurate Settlement, Gazetteer, in Changing Perspective of Japan in South Asia in the New Asian Era: The State of Japanese Studies in India and other SAARC countries (ed.) Uno Takao, pp. 325-354. 2011
    • Pastoralism in Late Harappan Gujarat: an ethnoarchaeologicalm Approach, Occasional Paper 10, Linguistic, Archaeology and the Human Past (eds.) Osada Toshiki and Akinori Uesugi, Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature Kyoto, Japan, pp. 1-25, 2011
    • Review of Ethnoarchologiceal Research in Western India and Future Direction, Anthropology For Archaeology: Proceedings of the Professor Irawati Karve Birth Centenary Seminar, 63-76, Deccan College Postgraduate and Research Insititute, Pune.2007
    • Towards an Understanding of the Medieval Glazed Pottery Manufacture from Lashkarshah, Khambhat, Gujarat', that is published in Man and Environment, XXXI (2) 90-95.2006
    • A Harappan trading and craft production center at Gola Dhoro (Bagasra), Antiquity, Vol. 79, No.304.2005
    • Some Important Aspects of Harappan Technology in Indian Archaeology in Retrospect: Protohistory: The Archaeology of Harappan Civilization, Vol. 2, pp. 223-271. (Eds.) S. Setter and Ravi Korisetter. Monhor amd ICHR Publication co-authored with Massimo Vidale and J. M. Kenoyer.2002
    • A Preliminary Ethnoarchaeological Study of Copper/ Brass working in Western India, Rajasthan. Man and Environment, XXV (2) pp. 35-49, co –authored with Nikita Mehta and K. Krishnan.2000


    ڪماراسامي ٿنگاراج Kumarasamy Thangaraj

    ڪماراسامي ٿنگاراج Kumarasamy Thangaraj

    ڀارتي جينياتي سائنسدان ڪماراسامي ٿنگاراج حيدرآباد دکن جي مشهور سائنسي تحقيق واري مرڪز سينٽر فار سيليولر اينڊ موليڪيولر بائيولاجي سان واڳيل آهي. سندس شمار انساني جينيات Human Genetics تي ڪم ڪندڙ سائنسدانن جي پهرين صف ۾ ڪيو ويندو آهي. ٿنگاراج جو جنم 2 جون 1963ع تي تامل ناڊو رياست ۾ ٿيو. پاڻ مدراس يونيورسٽي مان ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون. سندس 100 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا دنيا جي مشهور سائنسي جنرلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن جي سائنسي ادارن جو ميمبر به آهي.
    ڪماراسامي ٿنگاراج هند سنڌو سڀيتا جي وارثن جي انساني نسل بابت جينياتي بنيادن تي تحقيق به ڪري رهيو آهي. سندس سربراهي ۾ سينٽر آف سيليولر اينڊ ماليڪيولر بائيولاجي، (Centre for Cellular and Molecular Biology (CCMB), Hyderabad) هندو يونيورسٽي حيدرآباد، يونيورسٽي آف ٽارٽو ايسٽونيا (University of Tartu, Estonia) ۽ چيٽيند اڪيڊمي آف ريسرچ اينڊ ايجوڪيشن چنائي (Chettinad Academy of Research and Education, Chenna) جي سائنسدانن جي گڏيل ٽيم طرفان برصغير ۾ رهندڙ مختلف نسلن جي ماڻهن جو جينياتي جائزو ورتو ويو. ماهرن جي ان ٽيم طرفان انڊيا جي 30 نسلي گروپن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي. گهٽ ۾ گهٽ 1300 ماڻهن جي به الڳ الڳ بنيادن تي ڊي اين اي ڪئي وئي. ان ڊي اين اي ڊيٽا کي اولهه ايشيا، وچ اوڀر ۽ ڪاڪاسس جي مختلف نسلي گروپن جي ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽن جي نتيجن سان ڀيٽيو ويو. جنهن مان اهڙي ڪابه ثابتي نه ملي تي سينٽرل ايشيا رستي يورپ جي ماڻهن يعني نام نهاد آرين ڪا برصغير ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي هئي. يا سنڌو سڀيتا جي وارثن جي شهرن تي قبضو ڪري کين هتان لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو هو. سنڌو سڀيتا جي وارثن بابت سائنسي جينياتي بنيادن تي تحقيق بعد ڊاڪٽر ڪمارا سامي ٿنگاراج چيو آهي ته ان دور جي ماڻهن جي جينياتي تجزئي بعد ثابت ٿيو آهي ته 1500 ق م ۾ آرين جو هن خطي تي ڪوبه حملو نه ٿيو هو، نه وري ان دور ۾ يورپ کان سينٽرل ايشيا رستي آرين جي هن خطي طرف ڪا لڏپلاڻ ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته ان دور جي ماڻهن جي جينياتي کوجنا بعد هتي آرين جي هجڻ جو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Kumarasamy Thangaraj, Priya Moorjani, Nick Patterson, Mark Lipson, Po-Ru Loh, Periyasamy Govindaraj, Bonnie Berger, David Reich, Lalji Singh. Genetic Evidence for Recent Population Mixture in India. The American Journal of Human Genetics, 2013; DOI:10.1016/j.ajhg.2013.07.006
    • Thangaraj K, Reich D, Patterson N, Price AL, Singh L (2009) Reconstructing Indian Population History. Nature. 461:489-494.
    • Thangaraj K, Dhndapany PS, Sadayappan S, Xue Y, Powell GT, Rani DS, Nallari P, Rai TS, Khullar M, Soares P, Bahl A, Tharkan JM, Vaideeswar P, Rathinavel A, Narasimhan C, Ayapati DR, Ayub Q, Mehdi SQ, Oppenheimer S, Richards M, Price A, Patterson N, Reich D, Singh L, Tyler-Smith C, Thangaraj K (2009) A common Cardiac Myosin Binding Protein C variant associated with cardiomyopathies in South Asia. Nat. Genet. 41:187-191.
    • Thangaraj K, Chaubey G, Kivisild T, Reddy AG, Singh VK, Rasalkar AA, Singh L (2005) Reconstructing the origin of the Andaman Islanders. Science 308:996.
    • Thangaraj K, Singh L, Reddy AG, Rao VR, Sehgal SC, Underhill PA, Pierson M, Frame IG, Hagelberg E (2003) Genetic affinities of the Andaman Islanders, a vanishing human population. Curr. Biol. 13:86-93.


    لالجي سنگهه Lalji Singh

    لالجي سنگهه Lalji Singh

    ڀارتي سائنسدان ۽ بائيو ٽيڪنالاجي جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر لالجي سنگهه جو جنم 5 جولاءِ 1947ع تي اتر پرديش جي ضلعي جونپور ۾ ٿيو. پاڻ ڊي اين اي ۽ فنگر پرنٽنگ ٽيڪنالاجي ۾ مهارت رکندڙ سائنسدان آهي. پاڻ انساني نسل جي ارتقا ۽ قديم دور ۾ ماڻهن جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ بابت ڊي اين اي جي بنياد تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي. ڊاڪٽر لالجي 1964ع ۾ سائنس ۾ بيچلر جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد 1966ع ۾ زولاجي ۾ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن بنارس هندو يونيورسٽي مان ئي 1971ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي. هن هند سنڌ جي قديم تهذيب، ثقافت، ۽ انساني نسل بابت سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي. ان ئي تحقيق جي مڃتا طور کيس 2004ع ۾ ڀارت جو وڏو ايوارڊ پدما شري عطا ڪيو ويو. لالجي سنگهه ڀارت ۾ سينٽر فار ڊي اين اي، فنگر پرنٽس ۽ ڊائگنوسٽڪس سميت ڪيترن ئي ادارن ۽ ليبارٽريز جو بنياد وڌو. پاڻ آگسٽ 2011ع کان آگسٽ 2014ع تائين بنارس هندو يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر ۽ انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي بورڊ آف گورنرس جو چيئرمين به رهيو. لالجي سنگهه سينٽر فار سيليولر اينڊ موليڪيولر بائيولاجي Centre for Cellular and Molecular Biology (CCMB) حيدرآباد دکن جو مئي 1998ع کان جولاءِ 2009ع تائين ڊائريڪٽر به رهيو. ڊاڪٽر لالجي جا 80 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ڀارت سميت مختلف ملڪن جي ساک وارن رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. پاڻ ڊي اين اي ٽيسٽن ذريعي آرين جي سنڌو ماٿري تي حملي واري تصور کي رد ڪيو. هي پهريون سائنسدان هيو، جنهن سنڌو سڀيتا جي وارثن جي دراوڙ هجڻ ۽ هن ماٿري تي آرين جي حملي واري مفروضي کي ڊي اي اي ٽيسٽن ذريعي رد ڪيو ۽ سنڌو سڀيتا بابت مڙني هٿ ٺوڪين نظرين جر رد پيش ڪيو. آرڪيالاجي ۽ قديم تاريخ جي ماهرن موجب ڊاڪٽر لالجي جي تحقيق بعد اهو لازمي ٿي پيو آهي ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي تاريخ يعني برصغير هند سنڌ جي قديم تاريخ نئين سر لکڻ گهرجي.
    لالجي سنگهه پنهنجي ساٿي سائنسدانن سان گڏ سينٽر فار سيليولر اينڊ موليڪيولر بائيولاجي ۾ 23 سالن تائين برصغير جي انساني نسلن بابت ڊي اين اي ٽيسٽن ذريعي تحقيق ڪئي. جنهن بعد ان نتيجي تي پهتو ته سنڌو ماٿري ۾ آرين يا دراوڙن جي وجود بابت ڪابه ثابتي نه ملي آهي. آرين ۽ دراوڙن بابت تصور بي بنياد هيو. جنهن کي ڪجهه ماڻهن پنهنجي ڪريل مفادن لاءِ استعمال ڪيو. اهڙي طرح لالجي سنگهه ۽ سندس ساٿين تامل ناڊو جي دراوڙ نسل پرستي ۾ مبتلا ماهرن جي ان ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي ته سنڌ ماٿري جا وارث موجوده تامل ناڊو جا رهواسي دراوڙ نسل جا هئا. ان سان گڏوگڏ سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي يورپين نسل جي آرين جي حملي جي تابوت ۾ به آخري ڪوڪو ٺوڪيو ويو. لالجي سنگهه ۽ سندس ساٿين جي پهريون ڀيرو سائنسي بنيادن تي ٿيل اها تحقيق آمريڪي جرنل American Journal of Human Genetics ۾ شايع ٿي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • You Deserve, We Conserve, (2007)
    • Scientunic tell-tale of Genome and DNA, (2007)
    • DNA Fingerprinting: The Witness within, (2012)
    • My travails in the Witness Box, (2012)
    • Lalji Singh, Priya Moorjani, Kumarasamy Thangaraj, David Reich, Periyasamy Govindaraj, Nick Patterson, Bonnie Berger, Mark Lipson, Po-Ru Loh, Genetic Evidence for Recent Population Mixture in India. American Journal of Human Genetics,Volume 93, Issue 3, p422–438, 5 September 2013.
    • Singh, L.; Jones, K.W. (1986). "Bkm sequences are polymorphic in humans and are clustered in pericentric regions of various acrocentric chromosomes including the Y". Human Genetics 73: 304–308. PMID 3017839. doi:10.1007/bf00279091.
    • Singh, L. (1991). "DNA profiling and its applications". Current Science 60: 580–585.
    • Verma, S.K; Singh, L. (2003). "Novel universal primers establish identity of an enormous number of animal species for forensic application". Molecular Ecology Notes 3: 28–31. PMID 3017839.doi:10.1046/j.1471-8286.2003.00340.x.
    • Thangaraj, K.; et, al. (2005). "Reconstructing the origin of Andaman Islanders". Science 308: 81–97. PMID 15890876.doi:10.1126/science.1109987.
    • Dhandapany, P.S.; et, al. (2009). "A common MYBPC3 (cardiac myosin binding protein C) variant associated with cardiomyopathies in South Asia". Nature Genetics 41: 187–191.doi:10.1038/ng.309.


    لورا جي ملر LAURA J. MILLER

    لورا جي ملر LAURA J. MILLER


    سنڌو سڀيتا تي کوجنا ڪندڙ فورسينڪ اينٿروپلاجسٽ لورا جو ملر نيويارڪ يونيورسٽي جي اينٿروپلاجي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر آهي. پاڻ 1990ع ۾ برڪلي جي ڪيلفورنيا يونيورسٽي مان انٿروپلاجي ۽ تاريخ جي مضمون ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد سنڌو سڀيتا جي اهم ماڳ هڙاپا جي قبرستان مان مليل انساني ڍانچن ته تحقيق ڪري 1994ع ۾ اينٿروپلاجي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي، ملر ساڳي مضمون ۾ 1997ع ۾ ايم فل ڪرڻ بعد سيپٽمبر 2004ع ۾ نيويارڪ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي. سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي شهري معيشت تي تحقيق هيو. ڊاڪٽر لورا ملر کي آرڪيالاجي جي شعبي ۾ فيلڊ ورڪ، فورسينڪ اينٿروپلاجي ۽ بائيو آرڪيالاجي ۾ تحقيق جو 22 سالن جو تجربو حاصل آهي. پاڻ پاڪستان، اسرائيل ۽ آمريڪا ۾ قديم ماڳن تي کوجنا پڻ ڪئي آهي. پاڻ سوسائٽي آف آمريڪن آرڪيالاجي سميت انٽرنيشنل ڪائونسل فار آرڪيازولاجي، پيليوپيٿالاجي ايسوسيئيشن، فورسينڪ آرڪيالاجي ايسوسيئيشن جي به ميمبر آهي.
    لورا ملر پاڪستان ۾ هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ تحت کوجنا ڪئي. هن 1993ع کان 1998ع تائين هڙاپا جي شهري تمدن ۽ ان دور ۾ جانورن جي پالنا بابت تحقيقات ڪئي. پاڻ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ قديم ماڳن تي تحقيق دوران هتان جون مقامي ٻوليون به ڳالهائڻ سکيون. هوءَ اردو، هندي ۽ پنجابي ڳالهائي سگهي ٿي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Secondary Products at Harappa-Faunal Methodologies and Urban Animal Economies. In The Present and Future of Indus Valley Archaeology. Edited by Jonathan M. Kenoyer, Wisconsin Archaeological Reports, Vol. 4, Department of Anthropology, University of Wisconsin, Madison.
    • Dales, G.F., B.E. Hemphill, K.A.R. Kennedy, J.M. Kenoyer, N.B. Lovell, J.R. Lukacs, R.H. Meadow, L.J. Miller and R.P. Wright, Harappa Excavations – Cemetery R37: An Account of the Excavations of the
    Cemetery in 1986, 1987, 1988, and 1994. Cambridge, Peabody Museum. 2011
    • Urban Economies in Early States: The Secondary Products Revolution in the Indus Civilization. Ph.D. dissertation. New York University, Anthropology Department. UMI, Ann Arbor. 2004
    • Secondary Products and Urbanism in South Asia: The Evidence for Traction at Harappa. In Indus Ethnobiology: New Perspectives from the Field. Edited by Steven Weber & William Belcher, pp. 251-326. Lexington Books (Rowman & Littlefield Publishing Group), Lanham. 2003
    • Appendix 4 – Faunal Studies at Harappa. In Harappa Archaeological Research Project: Harappa Excavations 1998. Edited by Richard H. Meadow, Jonathan M. Kenoyer, & Rita P. Wright, Report submitted to the Director General of Archaeology and Musuems, pp. 42-45. Govt. of Pakistan, Karachi. 1999
    • Appendix 5 – 1997 Faunal Studies. In Harappa Archaeological Research
    Project: Harappa Excavations 1997. Edited by Richard H. Meadow, Jonathan M. Kenoyer, & Rita P. Wright, Report submitted to the Director General of Archaeology and Musuems, pp. 33-36. Govt. of Pakistan, Karachi. 1998
    • Appendix 3 – Faunal Analysis Project. In Harappa Archaeological Research
    Project: Harappa Excavations 1996. Edited Richard H. Meadow, Jonathan M. Kenoyer, & Rita P. Wright, Report submitted to the Director General of Archaeology and Musuems, pp. 26-28. Govt. of Pakistan, Karachi. 1996
    • Walth, C.K. and L.J. Miller Burials and Disarticulated Human Bone (1990). In Bir el Knissia at Carthage: A Rediscovered Cemetery Church Report No. 1. Edited by Susan T. Stevens, Journal of Roman Archaeology Supplement 7, pp. 191-200. Kelsey Museum of the University of Michigan, Ann Arbor. 1993

    Papers:
    • “Herding Strategies and Urban Trajectories in the Indus Civilization: Cattle Secondary Products.” Paper presented at the 73rd Annual Meetings of the Society for American Archaeology, Vancouver, BC, Canada. 2008
    • “Secondary Products and Urban Provisioning – Regional Economies and the Indus Civlization.” Poster presented at the 2006 International Council of Archaeozoology Meetings, Mexico City, Mexico. 2006
    • “It’s Not What is Under the Fingernail that Counts…” Third author with M.B. Stone, C. Steven, M. Leney, S. Barritt, and L.N. Finelli. Poster presented at the 17th International Symposium on Human Identification, Nashville, TN. 2006
    • “Cattle Keeping and Urban Subsistence at Harappa – Regional Perspectives.” Paper presented at the 66th Annual Meetings of the Society for American Archaeology, New Orleans, LA. 2001
    • "Secondary Products at Harappa: Faunal Methodologies for Understanding Urban Economies." Paper presented at the South Asia Archaeology Meetings, University of Wisconsin, Madison. 1998
    • “Secondary Products and Urban Animal Economies at Harappa: Ethnoarchaeological Approaches.” Paper presented at the 62nd Annual Meetings of the Society for American Archaeology, Nashville, TN. 1997


    لورينس ويڊل Laurence Waddell

    لورينس ويڊل Laurence Waddell

    ناميارو آرڪيالاجسٽ لورينس آسٽين ويڊل انڊيا ۾ برطانوي فوج جي طب واري شعبي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل هيو. سندس جنم 29 مئي 1854ع تي ٿيو ۽ پاڻ 1938ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ بيچلر جي ڊگري ميڊيسن ۾ حاصل ڪئي، بعد ۾ 1878ع ۾ گلاسگو يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگريون سرجري ۽ ڪيمسٽري ۾ حاصل ڪيون. پاڻ 1880ع ۾ برٽش انڊين آرمي ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ملازمت حاصل ڪئي، کيس انڊيا، تبت، چائنا ۽ برما ۾ مقرر ڪيو ويو. فوج جي ملازمت مان فارغ ٿيڻ بعد کيس ڪلڪتا جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪيمسٽري ۽ پيٿالاجي جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. هن انڊيا ۾ ملازمت دوران سنسڪرت ٻولي سکي. 1895ع ۾ هن قانون جي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي به ڊگري حاصل ڪئي. ويڊل ملازمت دوران انڊيا، نيپال ۽ تبت جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏٺي ۽ ٻڌ مذهب بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪئي. جنهن بعد پاڻ ٻڌ مذهب بابت ڪتاب به تحرير ڪيا. فوج ۾ ملازمت دوارن ئي هن آرڪيالاجي ۽ قديم تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ ان متعلق ڪافي مطالعو ڪيو. هن 1908ع ۾ سميرين ٻولي به سکي ۽ سميرين تهذيب تي به تحقيقاتي ڪم ڪيو. انڊيا ۾ ڪيترائي قديم ماڳ سندس نگراني هيٺ کوٽايا ويا. ويڊل سرڪاري ملازمت مان رٽائر ٿيڻ بعد پنهنجو سڄو ڌيان قديم تهذيب ۽ ٻولين بابت تحقيق تي ڏيڻ شروع ڪيو.
    لورينس آسٽين ويڊل انتهائي تڪراري ۽ يورپين نسلي برتري ۾ مبتلا ماهر هيو. هن اڌ دنيا تي برطانيه جي قبضي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ يورپين جي نسلي برتري جا مفروضا قائم ڪيا. جنهن ۾ هڪ وڏو مفروضو آرين جي نسلي برتري جو جواز پئدا ڪرڻ هيو. هن 1917ع ۾ آريا نسل جي برتري بابت لکڻ جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ هن آرين کي دنيا جي تهذيبن جو خالق قرار ڏنو. هو آرين جي نام نهاد نسلي مٿڀرائپ جو بنياد وجهندڙ ماهرن جي صف ۾ شامل هيو. هن آرين جي نسلي برتري کي جواز فراهم ڪرڻ لاءِ ٻولين بابت هڪ هٿ ٺوڪيو انڊو-آرين ٻولين جو مفروضو سامهون آندو. جنهن بابت هن ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا ۽ پنهنجي ان مفروضي کي وڌ کان وڌ ڦهلايو. هن برطانيه جي قبضي هيٺ آيل ملڪن جي تهذيبن کي آرين نسل جون تهذيبون ۽ سندن ٻولين کي آرين گروپ جون ٻوليون قرار ڏيڻ لاءِ هٿ ٺوڪيا تصور قائم ڪيا. سندس ان مفروضي مان برطانيه جون پراڻيون بيٺڪون اڌ صدي گذرڻ باوجود جند ڇڏائي نه سگهيون. ويڊل ۽ سندس هم خيال آرڪيالاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن عراق، مصر ۽ سنڌو ماٿري جي تهذيبن. ٻولين ۽ لکتن بابت جيڪي به تحقيقي نتيجا سامهون آندا، انهن ۾ هنن پنهنجي بيٺڪي يورپي آرين واري تصور کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. بدقسمتي سان بيٺڪي ملڪن منجهه تعليم ان سطح تي نه پهتي هئي، جو اتان جا ماڻهو انهن مفروضن کي ٿڏي تي ئي رد ڪن ها، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته بيٺڪي ملڪن به سندن ان قبضيگيري واري تصور کي نه فقط قبول ڪيو، پر ڪيتري وقت تائين ان مان جان آجي ڪرائي نه سگهيا. ان دور ۾ يورپي نسل پرست ماهرن طرفان قائم ڪيل مفروضا هتان جي ماڻهن سان اڄ تائين ڄور وانگر چهٽيل آهن.
    ويڊل نه فقط سنڌو ماٿري تي آرين جي حملي واري مفروضي کي سگهه بخشي پر ان کان اڳ عراق جي سميرين تهذيب کي به آرين جي تهذيب قرار ڏنو. ساڳي طرح مصر جي تهذيب کي به يونان ۽ روم جي ماڻهن جو ڪارنامو قرار ڏيڻ کان وسان نه گهٽايو. ويڊل 1925ع ۾ سنڌو لکت کي به سمجهڻ ۽ پڙهڻ جي دعوى ڪئي ۽ اهو نتيجو ڪڍيو ته هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان مليل لکتون عراق جي سميرين تهذيب جون آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Buddhism of Tibet or Lamaism, With Its Mystic Cults, Symbolism and Mythology and in Its Relation to Indian Buddhism (1895)
    • Among the Himalayas (1899)
    • The Tribes of the Brahmaputra valley (1901)
    • Lhasa and Its Mysteries - With a Record of the British Tibetan Expedition of 1903-1904 (1905)
    • The "Dhāranī" cult in Buddhism: its origin, deified literature and images (1912)
    • Phoenician Origin of the Britons, Scots, and Anglo-Saxons (1924, 2nd ed. 1925)
    • Indo-Sumerian Seals Deciphered discovering Sumerians of Indus Valley as Phoenicians, Barats, Goths & famous Vedic Aryans 3100-2300 B.C. (1925)
    • Sumer-Aryan Dictionary. An Etymological Lexicon of the English and other Aryan Languages Ancient and Modern and the Sumerian Origin of Egyptian and its Hieroglyphs (1927)
    • Aryan Origin of the Alphabet (1927)
    • Questionary on the Sumerian markings upon prehistoric pottery found in the Danube & associated valleys of Middle Europe (1928, small booklet)
    • Makers of Civilization in Race and History (1929)
    • Egyptian Civilization Its Sumerian Origin and Real Chronology (1930)
    • The British Edda (1930)


    لويو گيوسين Liviu Giosan

    لويو گيوسين Liviu Giosan

    سامونڊي جيالاجي ۽ جيوفزڪس جي نامياري سائنسدان لويو گيوسين سنڌو سڀيتا جي ماحوليات، موسم ۽ درياهي وهڪرن بابت سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي آهي. پاڻ وڊس هول اوشينگرافڪ انسٽيٽيوشن جي جيالاجي ۽ جيوفزڪس دپارٽمينٽ جو ايسوسيئيٽ سائنسدان آهي. پاڻ 1993ع ۾ بخارسٽ يونيورسٽي مان جيولاجي ۾ ڊپلوما ڪئي. جنهن بعد سني اسٽوني بروڪ مان 1995ع ۾ ميرائن انوائرمينٽل سائنس ۾ ايم ايس سي جي ڊگري ورتي. بعد ۾ ساڳي يونيورسٽي مان ميرائن ۽ آبهوا بابت سائنس جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. هن قديم تهذيبن جي زوال پويان آبهوا ۽ ماحولياتي تبديلين بابت تحقيق ڪئي. جڏهن ته درياهن جي ڇوڙ ۽ سامونڊي ڪنارن تي تهذيبن جي ڦهلاءَ ۽ زوال بابت کوجنا به سندس اهم موضوع رهيا آهن. پاڻ آمريڪن جيوفزيڪل يونين، جيولاجيڪل سوسائٽي آف آمريڪا ۽ يورپين جيوسائنس يونين جو ميمبر آهي.
    لويو گيوسين، وڊس هول اوشينگرافڪ انسٽيٽيوشن طرفان سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي پوئتي پوڻ جا ڪارڻ ڳولڻ لاءِ سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي آهي. هن پنهنجي ساٿي سائنسدانن جي مدد سان تحقيق بعد اهو نتيجو ڪڍيو ته سنڌو سڀيتا جي پوئتي جا ڪارڻ ماحولياتي تبديليون هيون. آبهوا ۾ تبديلين سبب برساتن ۾ گهٽتائي اچڻ ڪري سنڌو ماٿري جي شهر اجڙڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته هنن وٽ آبپاشي جو هٿرادو نظام موجود نه هو، جيڪو درياهي وهڪرن ۾ لاٿ ۽ برساتن گهٽ پوڻ سبب نهري پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي. سنڌو ماٿري جي شهرن جي رونق برساتن سبب جهجهي انداز ۾ زرعي فصلن جي هجڻ سان برقرار هئي، جڏهن برساتون گهٽجي ويون ته درياهي وهڪرن ۾ لاٿ اچي وئي. خاص ڪري برساتن جي پاڻي تي وهندڙ نديون سڪي ويون ۽ ڍنڍون ڍورا غائب ٿي ويا، تنهن ڪري سنڌو سڀيتا جا شهر پنهنجو اوج برقرار رکي نه سگهيا ۽ هن ڀري ڀاڳي ماٿري مان اوڀر يعني گنگا ماٿري طرف لڏپلاڻ شروع ٿي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Giosan, L., Fuller, D., Nicoll, K., Rowan, F., Clift, P., (Eds.), 2012, Climate, landscapes and civilizations, American Geophysical Union Monograph (in press).
    • Giosan, L. and Bhattacharya, J., (Eds.), 2005, River Deltas: Concepts, Models, Case Studies, SEPM Special Publication, 83, 520 p.
    • Giosan, L., Constantinescu, S., Clift, P.D., Tabrez, A.R., Danish, M., Inam, A., 2006, Recent morphodynamics of the Indus delta shelf and coast, Continental Shelf Research, 26, 14.
    • Giosan, L., Inam, A., Clift, P.D., 2007, The Geographic, Geological and Oceanographic Setting of the Indus River, in Gupta, A. (Ed.), Large Rivers, Willey Press, (in press).
    • Giosan, L., Alizai, A., Clift, P.D., et al., 2011, Pb Isotopic Variability in the Modern and Holocene Indus River System measured by Ion Microprobe in detrital K-feldspar grains,
    Geochimica et Cosmochmica Acta.
    • Giosan, L., Limmer D.R.., Boening P., et al. 2012, Geochemical record of Holocene to Recent sedimentation on the Western Indus continental shelf, Arabian Sea, Geochemistry, Geophysics,
    Geosystems, 13.
    • Giosan, L., Alizai, A., Hillier, S., Clift, P.D., et al., 2012, Clay mineral variations in Holocene terrestrial sediments from the Indus Basin, Quaternary Research, 77: 368-381.


    ايم بي پٿاوالا M. B. Pithawalla

    ايم بي پٿاوالا M. B. Pithawalla

    ماڻڪ بيجنجي پٿاوالا Manekji Bejanji Pithawalla سنڌ جي آرڪيالاجي، قديم ۽ جديد دور جي تاريخ، جاگرافي ۽ اقتصاديات تي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۾ شامل رهيو آهي. پاڻ نومبر 1886ع ۾ ڀارت جي پونا رياست جي ننڍڙي ڳوٺ ناوساري ۾ ڄائو. پارسي خاندان سان تعلق رکندڙ ايم بي پٿاوالا بمبئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد 1920ع ۾ ڪراچي جي وير ڀائي سوپاري هاءِ اسڪول جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 24 سالن تائين تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان بعد هو 1932ع ۾ اعلى تعليم لاءِ لنڊن ويو، جتي هن ڊاڪٽر آف سائنس جي ڊگري لاءِ ٿيسز طور سنڌ جي جاگرافي تي تحقيق جي چونڊ ڪئي. ڊاڪٽريٽ ڪرڻ بعد پاڻ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي ۾ 32 سالن تائين جيالاجي جي پروفسير طور ذميواريون نڀايون. پٿاوالا 1948ع کان 1950ع تائين اسلاميه ڪاليج ڪراچي ۾ جيالاجي ۽ جاگرافي جو پروفيسر رهيو. کيس فيڪلٽي آف سائنس جو ڊين به مقرر ڪيو ويو. کيس پاڪستان حڪومت 1953ع ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ صلاحڪار به مقرر ڪيو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ تحقيق ڪندڙ شاگردن جو گائيڊ به مقرر ڪيو ويو. پٿاوالا سنڌ جاگرافيڪل سوسائٽي سان به لاڳاپيل رهيو. ايم بي پٿاوالا ملازمت تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ 1957ع ۾ بمبئي ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. ماڻڪ پٿاوالا قديم سنڌ جي جاگرافي، درياهي وهڪرن، اقتصادي صورتحال، آرڪيالاجي ۽ سنڌ شناسي متعلق ٻين موضوعن تي 50 کان وڌيڪ ڪتاب ۽ مقالا لکيا، جيڪي تحقيق جي ميدان ۾ اڄ به مددي مواد جو ڪم ڏين ٿا.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • A geographical analysis of the lower Indus basin, 1936
    • Settlements in the lower Indus basin (Sind), 1939 Sindh (Pakistan)
    • Rock Records of Darius the Great, 1918
    • An Introduction to Kashmir: Its Geology and Geography, 1953
    • The Climate of Karachi and how to Live in it, 1953 (with ‎Khan M. Shamshad)
    • Historical Geography of Sind - Part 3
    • Identification and description of some old sites in Sind and their relation with the physical geography of the region, 1938
    • Prospects and Potentialities of Pakistan, 1947
    • Correlations Between Linguistic (cultural) Regions of India, Burma and Ceylon, a Study in Regional Geography, 1944
    • Geology and Geography of Karachi and Its Neighbourhood, 1946 (with Peter Hilary Alexander Martin-Kaye)
    • The Aryan Home, Being a Thesis on the Location of the Original Aryan Home and Other Early Aryan Settlements, a Historico-geographical Solution of the Problem, 1946
    • The Gujarat Region and the Parsees, a Historico-geographical Survey, 1945
    • An Introduction to Pakistan: Its Resources and Potentialities, 1958
    • An Introduction to Karachi: Its Environs and Hinterland, 1950
    • A Physical and Economic Geography of Sind: The Lower Indus Basin, Sindhi Adabi Board, 1959
    • An introduction to Sind, its wealth and welfare, Sind Observer Press, 1951
    • Floods in Sind, Karachi


    ايم ايڇ پنهور M.H. Panhwar

    ايم ايڇ پنهور M.H. Panhwar

    ايم ايڇ پنهور سنڌ جي زير زمين پاڻيءَ تي ريسرچ، زراعت ۽ پاڻيءَ جي وسيلن ۽ ذريعن تي تحقيق سميت سنڌ جي تاريخ، آرڪيالاجي، جاگرافي ۽ درياهي وهڪرن بابت تحقيق جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ اصل ۾ ته هڪ زرعي انجنيئر هيو، پر سنڌ جي قديم ۽ جديد تاريخ تي به ڪافي تحقيق ڪئي ۽ ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مضمون پڻ لکيا. هن پنهنجي اصل موضوع ”پاڻيءَ“ کان سواءِ سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ لسانيات تي به انگريزي ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا آهن. ايم ايڇ پنهور کي لسانيات ۽ موهن جي دڙي جي مُهرن جي پڙهڻيءَ Decipherment ۾ چڱي خاصي دلچسپي هئي.
    ايم ايڇ پنهور جو اصلي نالو ته محمد حسين پنهور هيو، پر علمي ادبي حلقن ۾ ايم ايڇ پنهور طور سڃاتو ويندو آهي. سندس جنم سنڌ جي دادو ضلعي جي ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ 25 ڊسمبر 1925ع ۾ ٿيو ۽ پاڻ 21 اپريل 2007ع تي حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پنهور 1949ع ۾ مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل جي شعبي ۾ بي ايس ڪئي. جنهن بعد 1953ع ۾ آمريڪا جي وسڪونسن يونيورسٽي مان ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۾ ايم ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. کيس گرائونڊ واٽر ڊولپمينٽ تي خاص مهارت هئي. پاڻ پاڪستان ۽ سنڌ سرڪار طرفان آبپاشي جي کاتي ۾ زرعي انجنيئر ۽ سپرينٽينڊنگ انجنئير جي عهدن تي 1969ع تائين 16 سال ذميواريون ادا ڪيون. پاڻ زرعي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنلاجي تي 10 کان وڌيڪ تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا لکيا.
    ايم ايڇ پنهور پنهنجي شعبي زراعت کان سواءِ سنڌ جي قديم تاريخ، آرڪيالاجي، ٻولي، جاگرافي، درياهي وهڪرن ۽ قديم آثارن تي به تحقيق ڪئي، کيس سندس خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ ميڊل ڏنا ويا. پاڪستان حڪومت طرفان کيس 1992ع ۾ صدارتي ايوارڊ ستارا امتياز ڏنو ويو.
    ايم ايڇ پنهور جي سنڌو سڀيتا جي لکت ۽ ٻولي تي به تحقيق ڪئي، سندس سنڌو ماٿري جي ٻولي ۽ لکت بابت راءِ هئي ته سنڌ ۾ هن وقت جيڪا ٻولي ڳالهائجي ٿي، اها پروٽو انڊين يعني آڳاٽي هند جي ٻولي هئي ۽ دراوڙن سان ان جو تعلق گهڻو آڳاٽو ڇڄي چڪو هو ۽ ٻولي ڪنهن به صورت ۾ دراوڙي ٿي نه ٿي سگهي. پاڻ سنڌو ماٿري تي آرين جي حملي واري ٿيوري کي به پنهنجي تحقيق ذريعي رد ڪيو. سنڌ جي تاريخ تي تحقيق بابت سندس ڪتاب مستقبل جي محققن لاءِ سونهان ثابت ٿيندا.

    ڪتاب ۽ مقالا


    • GROUND WATER IN HYDERABAD AND KHAIRPUR DIVISION, 1964, REVISED, 1969.
    • CAUSES OF DECLINE OF PERSIAN IN PAKISTAN, PAK-IRANIAN CULTURAL CENTRE, 1975.
    • MAPS ON SINDH (BEING DESCRIPTION OF 500 HISTORICAL ECONOMIC, HYDROLOGICAL, ARCHAEOLOGICAL, PHYSICAL, GEOLOGICAL, GROUND WATER AND ADMINISTRATIVE MAPS IN POSSESSION OF THE AUTHOR). SINDH QUARTERLY, VOL.II, NO.2, 1976.
    • EVOLUTION OF ARABIC SYSTEM OF MEDICINE FROM GREEK, INDIAN, MESOPOTANIAN, EGYPTION AND CHINESE UPTO 9TH CENTURY AD, J. INSTITUTE OF SINDHIOLOGY SUMMER 1977.
    • SOURCE MATERIAL ON SINDH, INSTITUTE OF SINDHOLOGY, 1977.
    • HISTORICAL GEOGRAPHY OF 17TH CENTURY, BEING AN INTRODUCTION TO MAZAHAR SHAH JEHANI (SINDHI TRANSLATION), SINDHI ADABI BOARD, 1977.
    • SKETCHES OF DRAWINGS, PAINTINGS AND PORTRAITS ON SINDH, BY BRITISH OFFICIALS IN THE MID NINETEENTH CENTURY, SINDH QUARTERLY, VOL. V, NO. 4, 1978.
    • HEROIC STRUGGLE OF SINDH AGAINST FEUDALISM, 1500-1843 AD. SINDHIOLOGICAL STUDIES, SUMMER 1979. (SINDHI TRANSLATION BY GHULLAM MUHAMMAD LAKHO JOUR. MEHRAN).
    • SINDH-KUTCH RELATION, SINDH ARCHIEVES, KARACHI, 1980. (SINDHI TRANSLATION, GHULLAM MUHAMMAD LAKHO, JOUR. MEHRAN).
    • SINDH AND ITS FOOD RESOURCES, SINCE ANTIQUITY; PRE-NEOLITHIC SOCIO-ANTHROPOLOGICAL STUDY; ANIMALS, BIRDS, FISHES AND WILD HORTICULTURAL PRODUCTS, SINDH QUARTERLY, VOL. VII, NO. 3, 1979 AND 4, AND VOL. VII NO.1, 1980.
    • THE ART OF MAP MAKING AND SOME RARE MAPS OF INDIAN SUB-CONTINENT (WHICH INCLUDE SINDH) AND SINDH, 140 TO 1808 AD. SINDH QUARTERLY VOL. IX, NO. 1, 1980.
    • INTERNATIONAL TRADE OF SINDH, THROUGH ITS PORT BARBARICAN (BANBHORE), 200 BC – 200 AD, SINDHIOLOGICAL STUDIES, WINTER, 1980. (SUMMARY JOUR. PIMA).
    • 471 MAPS OF SINDH, IN ROYAL GEOGRAPHICAL SOCIETY, BRITISH MUSEUM, INDIA OFFICE LIBRARY AND NATIONAL ACHIEVES OF INDIA, J. GRASS ROOTS SPRING, 1980.
    • MAN IN SINDH – STONE AGE TO NEOLITHIC, SINDHIOLOGICAL STUDIES, SUMMER, 1980.
    • ABOUT PALANTOLOGIE OF SINDH, 1870-1884, J. SINDH QUARTERLY VOL. VIII, NO. 2, 1980.
    • GREEK AND ROMAN CLASSICAL WRITERS, WHO WROTE ABOUT SINDH, (SINDHI) MEHRAN MARCH, 1981.
    • FAILURE OF GATE OF SUKKUR BARRAGE AND LESSON FOR FUTURE, SINDHIOLOGICAL STUDIES, WINTER, 1981.
    • RANIKOT FORT, ITS ODD LOCATION AND WHY? IN SOUVENIR RANIKOT SEMINAR, 26TH MARCH, 1981. PUBLISHED BY RANIKOT SEMINAR COMMITTEE. ALSO SINDH QUARTERLY.
    • Sindh the archaeological museum of the world; Location of Brahmanka, Patala, Demetrias, Minaggara, Brahmano, Brahmanva, Brahmanabad, Dalu Rai and Mansura, Sindh Quarterly Vol. XI, No. 1 and 2, 1983.
    • ABDULLAH HAROON AND HIS TIMES (1911-1942 AD) J. SINDH QUARTERLY, 1983.
    • CHRONOLOGICAL DICTIONARY OF SINDH, INSTITUTE OF SINDHOLOGY, 1984.
    • 7,000 YEARS OF WOMEN’S SLAVERY, J. SINDHIOLOGICAL STUDIES, PART I, 1984.
    • FOUR ANCIENT RIVERS OF SINDH OR ONE HUNDRED THOUSAND YEARS OF HISTORY OF SANGHAR DISTRICT, J. SINDHIOLOGICAL STUDIES, SUMMER, 1985.
    • DEVELOPMENTS IN HISTORY AND ARCHAEOLOGY OF SINDH, SINCE INDEPENDENCE PART-I AND II, J. SINDHIOLOGICAL STUDIES, WINTER, 1985 AND SUMMER 1986. (ALSO MEHRAN).
    • HAKRA OR (SARSUTI) CONTROVERSY. J. SINDHIOLOGICAL STUDIES, WINTER, 1986.
    • INEVITABILITY OF CONQUEST OF SINDH BY THE BRITISH 1843 AD, J. SINDHIOLOGICAL STUDIES, SUMMER 1987.
    • TRAGEDY OF PAKISTAN AGRICULTURE, CEREAL CULTURE VERSUS HORTICULTURE, J. SINDH QUARTERLY VOL. XVI, NO. 1, 1988.
    • METHODOLOGY FOR RESEARCH INTO THE HISTORY OF SINDH PART I AND II, J. SINDHIOLOGICAL STUDIES, SUMMER AND WINTER, 1988.
    • LANGUAGES OF SINDH BETWEEN RISE OF AMRI AND FALL OF MANSURA (4,000 BC – 1025 AD) BASED ON ARCHAEOLOGICAL EVIDENCE, IN ABDUL JABAR JUNEJO (ED), CULTURAL HERITAGE OF SINDH, SINDHI ADABI BOARD JAMSHORO, 1989.
    • OCEANOGRAPHIC ARCHAEOLOGY, ITS POTENTIAL IN PAKISTAN, J. ARCHAEOLOGICAL QUARTERLY, VOL. II, NO. 1, 1990.
    • PRE-HARAPPAN CHRONOLOGY OF SINDH, I AND II, J. SINDH QUARTERLY VOL. XVII, NO. 4, 1990 AND VOL. XIX NO. 1, 1991.
    • CLIMATIC CHANGES IN SINDH, 67 MILLION YEARS AGO TO 1850, J. SINDH QUARTERLY, VOL. XXII, NO. 3, 1993.
    • 5,000 YEARS OF TRADE THROUGH BARBARICAN AND THE INDUS, J. PIMA, VOL. I, NO. 3, 1994.
    • SINDH ARCHAEOLOGICAL MUSEUM OF THE WORLD, A BRIEF STUDY OF BRAHMANABAD-MANSURA, J. ARCHAEOLOGICAL QUARTERLY, VOL. VI, NO. 3, 1994/95.
    • AGRO-CLIMATE OF COASTAL ZONE OF SINDH AND POTENTIAL FOR DEVELOPMENT, J. WILD LIFE AND ENVIRONMENT, VOL. 4, NO.1, APRIL-JUNE, 1995.
    • HENRY COUSEN AND ARCHAEOLOGY OF SINDH, BEING INFORMATION ON ARCHAEOLOGICAL EXPLORATION AND EXCAVATIONS IN SINDH from 1895/96 TO 1937/38 AND THEIR SOURCES AND PUBLISHED AS INTRODUCTION TO SINDHI TRANSLATION OF HENRY COUSENS’, ARCHAEOLOGY OF SINDH, SINDHI ADABI BOARD, 1995.
    • DEVELOPMENT IN ARCHAEOLOGY SINCE MUJAMDAR’S EXPLORATIONS IN SINDH, TO BE PUBLISHED AS INTRODUCTION TO TRANSLATION OF THIS BOOK, SINDHI ADABI BOARD.
    • Six Thousand Years of History of Irrigation in Sindh, 2011


    ايم اين وهيا M. N. VAHIA

    ايم اين وهيا M. N. VAHIA

    انڊيا جي نامياري نيوڪليئر سائنسدان ڊاڪٽر ماڻڪ نالنڪانت وهيا (ايم اين وهيا) 24 سيپٽمبر 1956ع ۾ گجرات جي ڪڇ ڀڄ ۾ جنم ورتو. پاڻ 1979ع کان ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف فنڊامينٽل ريسرچ ممبئي ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر آهي. هن 1977ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان فزڪس ۽ ميٿ ۾ بي ايس سي ڪئي. جنهن بعد ساڳي يونيورسٽي مان نيوڪليئر فزڪس ۾ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد اسٽرو فزڪس ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. تحقيق جي شعبي ۾ پاڻ دنيا جي مڃيل يونيورسٽين سان لاڳاپيل رهيو آهي. جن ۾ آمريڪا جي لوئيسينا يونيورسٽي، جرمني جي فزڪس بابت انسٽيٽيوٽ ميڪس پلانڪ، برطانيه جي درهم يونيورسٽي، ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۽ ٻيون يونيورسٽيون شامل آهن. جڏهن ته پاڻ ممبئي جي نهرو پالنيٽوريم جو ڊائريڪٽر پڻ آهي. ماڻڪ وهيا نيويارڪ جي سائنس اڪيڊمي، رائل ايسٽرونوميڪل سوسائٽي، ڪامن ويلٿ ايوسيئيشن فار سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ميٿميٽڪس ايجوڪيشن، انڊين نيوڪلئير سوسائٽي جو به ميمبر آهي.
    ايم اين وهيا آرڪيالاجي جي شعبي ۾ به سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي آهي. پاڻ 2005ع کان ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي بابت سوسائٽي جو ميمبر ۽ 2006ع کان آرڪيالاجيڪل سوسائٽي آف انڊيا جو به ميمبر آهي. سندس تحقيق جا خاص شعبا سولر فزڪس، سولر سسٽم ۽ قديم سڀيتا رهيا آهن. پاڻ نيوڪليئر سائنس، سولر فزڪس ۽ قديم سڀيتا تي 150 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا به لکيا آهن، جيڪي دنيا جي ساک وارن سائنسي رسالن ۾ شايع ٿيا آهن.
    ماڻڪ وهيا سنڌو لکت تي جديد سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي. هن ٽاٽا انسٽيٽيوٽ جي هڪ ٻئي آرڪيالاجسٽ نشا يادو سان گڏ سنڌو لکت جو ڪمپيوٽر تي اڀياس ڪيو. هنن پنهنجا نتيجا 2011ع ۾ هڪ مقالي Indus Script: A Study of it’s Sign Design جي صورت ۾ شايع ڪيا. ماڻڪ وهيا سنڌو ماٿري جي لکت تي ٻين به ڪيترن ئي آرڪيالاجي ۽ قديم لکتن جي ماهرن سان گڏ تحقيق ڪئي آهي. جن ۾ راجيش رائو، ستابهارا سنها، اروٿم مهاديون، اڌيڪاري، ڪويتا گينگل، سري ڪمار مينن ۽ ٻيا شامل آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Nisha Yadav • Rajesh P. N. Rao • M. N. Vahia, Indus script, Current science, Dec 2012
    • Sitabhra Sinha • Nisha Yadav • Mayank N. Vahia, In Square Circle: Geometric Knowledge of the Indus Civilization, Dec 2011
    • Mayank Nalinkant Vahia • Nisha Yadav, Reconstructing the History of Harappan Civilization, Sep 2011 • Social Evolution and History
    • Rajesh P. N. Rao • Nisha Yadav • Mayank N. Vahia • Hrishikesh Joglekar • Ronojoy Adhikari • Iravatham Mahadevan, Entropy, the Indus Script, and Language: A Reply to R. Sproat, Dec 2010 • Computational Linguistics
    • Nisha Yadav • Hrishikesh Joglekar • Rajesh P N Rao • Mayank N Vahia • Ronojoy Adhikari • Iravatham Mahadevan, Statistical Analysis of the Indus Script Using n-Grams, Mar 2010 • PLoS ONE
    • Kavita Gangal • M.N. Vahia • R. Adhikari, Spatio-temporal analysis of the Indus urbanization, Mar 2010 • Current science
    • M.N. Vahia • Nisha Yadav, Harappan geometry and symmetry: a study of geometrical patterns on Indus objects, Jan 2010 • Indian journal of history of science
    • P N Rao • Nisha Yadav • Mayank N Vahia • Hrishikesh Joglekar • R Adhikari • Iravatham Mahadevan, A Markov model of the Indus script, Sep 2009 • Proceedings of the National Academy of Sciences
    • Rajesh P N Rao • Nisha Yadav • Mayank N Vahia • Hrishikesh Joglekar • R Adhikari • Iravatham Mahadevan, BREVIA Entropic Evidence for Linguistic Structure in the Indus Script, May 2009 • Science
    • Nisha Yadav • Hrishikesh Joglekar • Rajesh P N Rao • M. N. Vahia •Iravatham Mahadevan • R Adhikari, Statistical analysis of the Indus script using $n$-grams, Feb 2009
    • Sitabhra Sinha • Raj Kumar Pan • Nisha Yadav • Mayank N. Vahia •Iravatham Mahadevan, Network analysis reveals structure indicative of syntax in the corpus of undeciphered Indus civilization inscriptions, Jan 2009
    • Rajesh P. N. Rao • Rob Lee • Nisha Yadav • Mayank Vahia • Philip Jonathan • Pauline Ziman, On statistical measures and ancient writing systems, Dec 2015
    • Mayank Nalinkant Vahia, Evaluating the claims of ancient Indian achievements in science, Jun 2015
    • N. Yadav • A. Salgaonkar • M. Vahia, Computational techniques for inferring the syntax of undeciphered scripts, Jan 2014
    • Mayank N Vahia • Srikumar Menon, A possible Harappan Astronomical Observatory at Dholavira, Journal of Astronomical History and Heritage, Oct 2013


    ماڌو سروپ ويٽس Madho Sarup Vats

    ڀارتي آرڪيالاجسٽ پنڊت ماڌو سروپ ويٽس گڏيل هندستان جي رياست پنجاب ۾ 12 اپريل 1896ع تي جنم ورتو. پاڻ 7 ڊسمبر 1955ع ۾ وفات ڪري ويو. هن پنجاب يونيورسٽي لاهور مان سنسڪرت ۾ گريجوئيشن حاصل ڪئي. هن 1918ع ۾ پٽنا ميوزم ۾ ملازمت سان آرڪيالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. ويٽس اپريل 1920ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ ملازمت حاصل ڪئي. کيس آرڪيالاجيڪل سرڪل اولهه ۾ اسسٽنٽ سپرينٽيندنٽ مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد هن قديم آثارن جي شعبي ۾ وڌيڪ جفاڪشي سان بهرو ورتو. ويٽس سر مارٽيمر ويلر جي سربراهي هيٺ 1920ع ۽ 1930ع ۾ هڙاپا جي کوٽائي ۾ به حصو ورتو. ويٽس کي 1924ع ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ موهن جي دڙي تي کوٽائي ڪرائڻ سبب وڌيڪ شهرت حاصل ٿي. هن 1934-35ع ۾ هڙاپا جي قديم ماڳ تي به کوٽايون ڪرايون. سخت محنت ۽ ڪم سان لڳاءَ سبب کيس 1950ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي هن لڳاتار 4 سال 1954ع تائين ذميواريون نڀايون. پنهنجي عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد هن قديم آثارن تي ڪرايل کوٽاين ۽ کوجنا کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Madho Sarup Vat, Excavations At Harappa: Being An Account Of Archæological Excavations At Harappa Carried Out Between The Years 1920-21 And 1933-34. Volume 1, Manager of Publications (1940)
    • Madho Sarup Vat, Excavations At Harappa: Being an Account of Archeaological Excavations At Harappa Carried Out Between the Years 1920-21 and 1933-34 (2 Volumes), Archaeological Survey of India. 1997
    • Madho Sarup Vat, The Gupta Temple At Deograh, Archaeological Survey of India; 1999


    مالتي جي شاندي Malati J. Shendge

    مالتي جي شاندي Malati J. Shendge


    مالتي جي شاندي سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي تحقيقي ڪتاب لکيا آهن، هن ڀارتي انڊولاجسٽ جو جنم پهرين جنوري 1934ع ۾ ٿيو، پاڻ 1955ع ۾ فرگوسن ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ پوني يونيورسٽي مان ٻڌازم تي ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد پاڻ دهلي يونيورسٽي مان ٻڌ ڌرم تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ انڊين ڪائونسل آف هسٽاريڪل ريسرچ جي فيلو رهي چڪي آهي. جڏهن ته جواهر لال نهرو يونيورسٽي جي به فيڪلٽي ميمبر رهي چڪي آهي. شاندي پوني ۾ ڀارتي ثقافت ۽ تمدن بابت جوڙيل رنگ دتا وديڪار سينٽر جي اعزازي ڊائريڪٽر پڻ آهي.
    مالتي شاندي سنڌو سڀيتا ۽ ويدڪ ڪلچر ۾ لاڳاپن بابت ڪيترن ئي ڪتابن جي به خالق آهي. نيويارڪ جي فورڊ فائونڊيشن کيس تحقيق جي شعبي ۾ ٻه ڀيرا فنڊ پڻ مهيا ڪيا. پاڻ ڪيترن ئي زبانن ۾ مهارت رکندڙ آهي. جنهن سبب کيس تحقيق جي ميدان ۾ وڌيڪ سهوليت حاصل ٿي. پاڻ سنڌو سڀيتا ۽ ويدڪ ڪلچر بابت 75 کان وڌيڪ مقالا به لکيا آهن. مالتي ان خيال جي آهي ته رگ ويد، سنسڪرت ٻولي ۽ انڊيا جي ثقافت سنڌو ماٿري جي تهذيب جي پيداوار آهن. سندس خيال موجب انڊيا جي تاريخ جو بنياد سنڌو ماٿري جي سڀيتا آهي. هن سنڌو سڀيتا جي لکت کي به پڙهڻ جي دعوى ڪئي آهي. سنڌو لکت جي نتيجن بابت پاڻ هڪ ڪتاب UNSEALING THE INDUS SCRIPT به تحرير ڪيو آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • The Civilized Demons: the Harappans in Rig Veda, 1977.
    • Rigveda: The Original Meaning and its Recovery, 1989.
    • Indian Historiography and Ethnolingustic History, 1993.
    • The Aryas: Facts Without Fancy and Fiction. 1996.
    • Songs and Ruins: Rigveda in Harappan Setting, 1995.
    • The Language of the Harappans: From Akkadian to Sanskrit. 1997.
    • Sat-Sashastrika Hevajratika, 2004
    • UNSEALING THE INDUS SCRIPT, Anotomy of its Decipherment, 2009
    • Buddhahood in this Body: Japanese Esoteric Buddhism (Shin-gon) in Context, 2009.
    • Spectrum of Power Distribution in the Indus Civilization, paper read at IInd conference on Hierarchy and power in the History of Ancient Civilizations, St. Petersburg. 2002.
    • The beginning of Philosophy in India: The Philosophy of the Rgveda, Journal of Indian Council of Philosophical Research, Special Issue, Chronology and Indian Philosophy, 145 - 161. 2001.
    • The Political Organization of the Indus civilization: The First State of India, Paper read at the conference on Hierarchy and power in the History of Ancient. Civilizations I, Moscow, 2000.
    • The Authorship of Rgveda, Annals, Bhandarkar Oriental Research Institute (=BORI), Vol. 81, 169 -73. 1998.
    • The Language of the Harappans: From Akkadian to Sanskrit, New Delhi: Abhinava Publications. 1997.
    • The Primordiality of Siva: Some New Linguistic evidence, Annals, BORI, Vol. 76, 114 - 128. 1996.


    ماسيمو ودالي Massimo Vidale

    ماسيمو ودالي Massimo Vidale

    سنڌو سڀيتا تي کوجنا ڪندڙ ماسيمو ودالي اٽلي جو ناميارو آرڪيالاجسٽ آهي، پاڻ 10 اپريل 1956ع ۾ اٽلي جي شهر باسانو ديل گراپا ۾ جنم ورتو. هن وقت پاڻ اٽلي جي پاڊوا يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي جي پروفيسر طور ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ پاڻ 1990ع کان 2003ع تائين روم ۾ قديم آثارن بابت تحقيق ڪندڙ اداري آءِ ايس سي آر ۾ به آرڪيالاجي جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو. جڏهن ته پاڻ 1995ع کان 1998ع تائين اٽلي جي يونيورسٽي گينووا جو وزيٽنگ پروفيسر به رهيو. ودالي 1999ع کان 2002ع تائين يونان ۾ اٽيلين آرڪيالاجيڪل اسڪول ۾ به قديم آثارن واري شعبي ۾ تعليم ڏيندو رهيو. پاڻ مختلف يونيورسٽين ۾ آرڪيالاجي بابت ليڪچر ڏيندو رهيو آهي. آرڪيالاجي ۾ سندس خاص شعبو قديم سڀيتائن جي دور ۾ هٿ جي ٺهيل ٿانون تي تحقيق رهيو آهي.
    ودالي دنيا جي ٻين قديم تهذيبن سميت سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي به ڪافي تحقيق ڪئي آهي. کيس سنڌو سڀيتا ۽ عراق جي قديم تهذيب ميسوپوٽيما وچ ۾ واپاري لاڳاپن تي تحقيق بابت ماهر تصور ڪيو ويندو آهي. پاڻ اٽلي جي يونيورسٽي پاڊوا مان 1980ع ۾ اورينٽل آرڪيالاجي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جڏهن ته 1987ع ۾ موهن جو دڙو مان مليل هٿ جي ٺهيل ٿانون تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ودالي اٽلي جي اورينٽل يونيورسٽيIstituto Universitario Orientale مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري جرمني ۽ اٽلي جي موهن جي دڙي تي تحقيق متعلق پراجيڪٽ تحت حاصل ڪئي. هن 1987ع کان 1988ع تائين واشنگٽن ڊي سي سمٿسونين انسٽيٽيوٽ ۾ موهن جي دڙي مان مليل زيورن ۽ خاص ڪري پٿر جي ڪنگڻن تي تحقيق به ڪئي. پروفيسر ودالي 1997ع ۾ اٽلي جي ايٿنو آرڪيالاجي انسٽيٽيوٽ جو بنياد وڌو. جنهن تحت قديم سڀيتائن بابت تحقيق جي ڪم کي وسيع ڪيو ويو. کيس اٽلي، ڏکڻ ايشيا ۽ اتر آفريقا جي قديم سڀيتائن تي فيلڊ ريسرچ جو به وڏو تجربو حاصل آهي. ودالي اٽلي، پاڪستان، ايران، ڪويت، انڊيا، نيپال ۽ ترڪمنستان ۾ ڪيترن ئي آرڪيالاجي جي پراجيڪٽن تي 25 سال کان وڌيڪ عرصو ڪم ڪيو. پاڻ پاڪستان جي سوات ماٿري ۾ آرڪيالاجي، ڪميونٽي ۽ ٽورازم پراجيڪٽ جو ميمبر به آهي. ان پراجيڪٽ تحت پاڻ سوات ماٿري ۾ ٻڌ دور جي ماڳن جي به کوٽائي ڪرائي آهي. هن پنهنجي تحقيق جي سلسلي ۾ 8 ڪتاب ۽ 300 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا تحرير ڪيا آهن، سندس تحقيقي مقالا مختلف وقتن تي دنيا جي مشهور سائنسي جنرلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. جڏهن ته سندس 2 ڪتاب ٻين ليکڪن سان گڏ به شايع ٿيا آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • M. Vidale, Stoneware Industry of the Indus Civilization: an Evolutionary Dead-End in History of Ceramic Technology, In D. Kingery (ed.) The Changing Roles of Ceramics in Society: 26,000 B.P. to the Present. Ceramics and Civilization, V, The American Ceramic Society, Inc., Westerville, 231- 255, 1990
    • Massimo Vidale, De-constructing terracotta female figurines: a Chalcolithic case-study, Volume VI ● Issue 1/2015 ● Online First
    • Massimo Vidale and Dennys Frenez, Indus Components in the Iconography of a White Marble Cylinder Seal from Konar Sandal South (Kerman, Iran),
    • Massimo Vidale, An Ethno-historical and Ethno-archaeological Look to the Off-Site Archaeological locations of the Swat Valley (Khyber Pakhtunkhwa, Pakistan), Archeologia Medievale, XLI, 2014, 55-64
    • M. Vidale, Stoneware Industry of the Indus Civilization: an Evolutionary Dead-End in History of Ceramic Technology, In D. Kingery (ed.) The Changing Roles of Ceramics in Society: 26,000 B.P. to the Present. Ceramics and Civilization, V, The American Ceramic Society, Inc., Westerville, 231- 255, 1990
    • M. Vidale, G.M. Shar, Zahr-Muhra: Soapstone-Cutting in Contemporary Baluchistan and Sindh, Annali dell'Istituto Universitario Orientale di Napoli, 50, 1, 61-78, 1990
    • M. Vidale,G. M. Sher, Surface Evidence of Craft Activity at Chanhu-Daro, March 1984, Annali dell'Istituto Universitario Orientale, 45, 585-598, 1985
    • M. Vidale, H.-M. Miller, On the Development of Indus Technical Virtuosity and Its Relation to Social Structure, M. Taddei and G. De Marco (eds.) South Asian Archaeology 1997, IsIAO, Rome, 115-132, 2000
    • K. Bhan, M. Vidale, J. M. Kenoyer, Harappan Technology: Theoretical and Methodological Issues. Man and Environment, XIX, 1-2, 141-157, 1994
    • M. Vidale, Some aspects of Lapidary Craft at Moenjodaro in the Light of the Surface Record of the Moneer S.E. Area, In M. Jansen and G. Urban (eds.) Interim Reports Vol. 2, Aachen, 1987, 113-150, 1987
    • M. Vidale, C. Balista, Towards a Geo-archaeology of Craft at Moenjodaro, in G. Leonardi, Moenjodaro: from Surface Evaluation to Ground Testing. Interim Reports Vol. 3, Roma, 93-108, 1988
    • M. Vidale, On the Exploitation of Corals in the Indus Tradition, C. Jarrige and V. Lefévre (eds.) South Asian Archaeology 1991, Volume 1 Prehistory, 317-326, 2005
    • M. Vidale, M. Lechevallier, Example of recent transformation processes of a Chalcolithic 'activity area' at Mehrgarh, Pakistan, South Asian Archaeology 1993, 1994


    ميڪس مولر Max Müller 

    جرمني جي نامياري آرڪيالاجسٽ، ٻولي ۽ لکت جي ماهر فريڊرچ ميڪس مولر 6 ڊسمبر 1823ع ۾ ڊيسو ۾ جنم ورتو ۽ پاڻ 28 آڪٽوبر 1900ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ برطانيه ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ زندگي جو وڏو حصو به برطانيه ۾ گذاريو. پاڻ هند سنڌ جي قديم دور ۽ هتان جي مذهبن تي تحقيق جو بنياد وجهندڙ هيو. پاڻ برصغير جي مذهبن، قديم تاريخ ۽ لکتن بابت ڪافي تحقيق ڪئي. مولر 50 جلدن تي مشتمل ڪتاب Sacred Books of the East جو به خالق هيو. ان ڪتاب ۾ هن ايشيائي مذهبن بابت ڪيترو ئي مواد ترجمو ڪري شامل ڪيو.
    ميڪس مولر ليپزگ يونيورسٽي مان 1841ع ۾ قديم ٻولين ۽ لکت جي موضوع تي ڊگري حاصل ڪئي.پاڻ ڪلاسيڪل ٻولين يوناني، لئٽين، عربي، فارسي ۽ سنسڪرت ۾ به مهارت حاصل ڪئي. کيس 1850ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ يورپي ٻولين جي شعبي جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پنهنجي رٽائرمينٽ يعني 1875ع تائين ان عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. مولر پنهنجي ملازمت کان اڳ ۽ پوءِ سنسڪرت ٻولي ۽ انڊيا جي ثقافت تي تحقيق ڪندو رهيو. هو برصغير تي انگريزن جي قبضي کي جائز قرار ڏيندڙ برطانوي ماهرن جي صف ۾ شامل هيو. جنهن ڪري هو برصغير تي تحقيق ڪندڙن ماهرن ۾ تڪراري شخص قرار ڏنو ويو. ميڪس مولر جرمن نسل پرستي جو به شڪار رهيو. سندس سنڌو سڀيتا تي آرين جي نام نهاد حملي وارو تصور به جرمن نسل پرستي جو هڪ ثبوت هيو. هن پنهنجي تحقيق ذريعي برصغير جي ٻولين کي به هتان جو اصلوڪيون ٻوليون تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن جو وٽس ڪوبه سائنسي دليل موجود نه هيو.
    سنڌو ماٿري تي يورپي آرين جي حملي جي بي بنياد ٿيوري به 19 صدي جي وچ ڌاري ميڪس مولر جي پيش ڪيل نتيجن جي آڌار تي جوڙي وئي، جنهن جو حقيقتن سان ڪوبه واسطو نه هو. اصل ۾ ان ٿيوري جو بنياد جرمن نسل پرستي تي ٻڌل هو، ڇاڪاڻ ته جنهن وقت موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جي قديم آثارن جي کوٽائي جرمن ۽ يورپي آرڪيالاجسٽن ڪئي ته هنن لاءِ اها حقيقت تسليم ڪرڻ انتهائي ڏکئي هئي ته جنهن ديس تي هو قابض آهن، ان جي ماضي ڪا ايتري شاندار ٿي سگهي ٿو. ان ڪري تعصب جي بنياد تي يورپي ماهرن هتان جي اصلوڪن رهاڪن کي نفسياتي طور غلام رکڻ ۽ پنهنجي برتري ۽ بيٺڪيت جو جواز پئدا ڪرڻ لاءِ سنڌو ماٿري تي يورپي نسل جي آرين جي حملي جو مفروضو گهڙيو. جنهن کي اڳتي هلي ماهرن سائنسي ثبوتن سان رد ڪري ڇڏيو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Friedrich Max Müller (1859). A History of Ancient Sanskrit Literature So Far as it Illustrates the Primitive Religion of the Brahmans. Williams and Norgate.
    • Friedrich Max Müller (1866). Lectures on the Science of Language: Delivered at the Royal Institution of Great Britain in April, May, & June 1861. Longmans, Green.
    • Lectures on the Science of Language were translated into Russian in 1866 and published at the first Russian scientific linguistic magazine "Filologicheskie Zapiski".
    • Chips from a German Workshop (1867–75, 5 vols.)
    • Introduction to the Science of Religion (1873)
    • Max Muller (1878). Lectures on the origin and growth of religion as illustrated by the religions of India.
    • Friedrich Max Müller (1883). India: what Can It Teach Us? A Course of Lectures Delivered Before the University of Cambridge. Longmans, Green.
    • Biographical Essays (1884)
    • Upanishads. Wordsworth Editions. 1 January 2000.
    • Studies in Buddhism. Asian Educational Services. 1999.
    • Six Systems of Hindu Philosophy (1899)


    مائيڪل پيتراگليا Michael Petraglia

    مائيڪل پيتراگليا Michael Petraglia

    مائيڪل پيتراگليا آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ايشين آرڪيالاجي بابت سينٽر جو ڪو ڊائريڪٽر ۽ قديم تاريخ ۽ انساني نسل جي ارتقا بابت شعبي جو پروفيسر آهي. پاڻ ساڳي وقت لينسر ڪاليج آڪسفورڊ جو سينئر ريسرچ فيلو به آهي. مائيڪل واشنگٽن جي سنٿسونين انسٽيٽيوٽ جي هيومن اوريجنس پروگرام جو به ميمبر آهي. سندس تحقيق جا خاص شعبا پيليولٿڪ آرڪيالاجي، لٿڪ آرڪيالاجي ۽ ماڊرن هيومن اورينجس رهيا آهن. پاڻ برصغير، اوڀر اتر آمريڪا، عرب سحارا تي تحقيق ڪري رهيو آهي.
    آرڪيالاجي جي ماهر پيتراگليا 1982ع ۾ نيويارڪ يونيورسٽي مان انيٿروپلاجي ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ پاڻ يونيورسٽي آف نيو ميڪسيڪو مان ساڳي شعبي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد هن ساڳي يونيورسٽي مان اينٿروپلاجي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد تحقيق جي ميدان ۾ پير پاتو. پاڻ سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي سلسلي ۾ مختلف پراجيڪٽن تي ڪم ڪري رهيو آهي. پيتراگليا 2008ع کان ڀارت جي مڌيا پرديش ۾ سون ماٿري آرڪيالاجيڪل پراجيڪٽ جو ڊائريڪٽر آهي. جڏهن ته 2003ع کان آنڌرا پرديش ۾ ڪرنول ڊسٽرڪٽ آرڪيالاجيڪل پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر طور به ذميواريون نڀائي رهيو آهي. پيتراگليا 2004ع کان ڏکڻ دکن ۾ قديم تاريخ بابت پراجيڪٽ جو به ڪو ڊائريڪٽر آهي. پاڻ سنڌو ماٿري ۾ پٿر دور جي ماڳن تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا شايع ٿيل اٿس.

    ڪتاب

    • Petraglia, M.D. and Boivin, N. (eds). From Colonisation to Globalisation: Species Movement in Human History. Cambridge University Press: Cambridge, 2014
    • Petraglia, M.D., R. Korisettar and J.N. Pal (Eds). The Toba Super-Volcanic Eruption of 74,000 Years Ago: Climate Change, Environments, and Evolving Humans. Special journal issue of Quaternary International. no. 258. 2012
    • Petraglia, M.D. & Allchin, B., (2007), The Evolution and History of Human Populations in South Asia: Inter-disciplinary Studies in Archaeology, Biological Anthropology, Linguistics and Genetics, Netherlands: Springer Press, 2007
    • Petraglia, M.D. & Potts, R., (2004), The Old World Paleolithic Collections and the Development of a National Collection, Washington, D.C.: Smithsonian Contributions to Anthropology Seriesm 2004


    مائيڪل جانسين Michael R. N. Jansen

    مائيڪل جانسين Michael R. N. Jansen

    جرمني جي آر ڊبليو ٽي ايڇ آچين يونيورسٽي RWTH Aachen University جي پروفيسر مائيڪل جانسين کي سنڌو ثقافت تي ماهر تصور ڪيو ويندو آهي. پاڻ آچين يونيورسٽي جي جرمن ريسرچ سينٽر موهن جو دڙو جو ڊائريڪٽر آهي. آچين 2013ع کان سنڌ جي قديم تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن بابت اليڪٽرانڪ ڊيٽابيس تيار ڪري رهيو آهي. سندس جنم 1947ع ۾ جرمني جي شهر ڪوسروو ۾ ٿيو. پاڻ بون يونيورسٽي مان 1967ع ۾ ميٿاميٽڪس ۽ فزڪس ۾ ڊگري ورتي. بعد ۾ 1968 ۽ 1973ع ۾ آچين يونيورسٽي مان آرڪيٽيڪچر ۽ آرڪيٽيڪچرل هسٽري ۾ تعليم حاصل ڪئي. جانسين 1974ع ۾ روم يونيورسٽي مان آرڪيٽيڪچرل هسٽري، آرڪيالاجي ۽ ڪنزرويشن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. جنهن بعد دهلي يونيورسٽي مان ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي ۾ پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ٿيسز جو موضوع پاڪستان ۽ انڊيا ۾ هڙاپا ڪلچر بابت فيلڊ اسٽيڊي هيو. هن 1979ع ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي.
    مائيڪل جانسين آچين يونيورسٽي طرفان 1978ع کان 1987ع تائين موهن جو دڙو بابت ريسرچ پراجيڪٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. آچين کي 1981ع ۾ موهن جو دڙو بابت اٽلي ۽ جرمني جي گڏيل پروجيڪٽ جو به جوائنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. پاڻ 1983ع ۽ 1987ع ۾ آچين يونيورسٽي طرفان يونيسيڪو جي تعاون سان ”سنڌو جا وساريل شهر“ جي عنوان هيٺ عالمي نمائشون به منعقد ڪيون. کيس پاڪستان سرڪار طرفان سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي مڃتا طور ستاره امتياز جو تمغو به ڏنو ويو. مائيڪل جانسين 1993ع کان يونيسيڪو ۽ پاڪستان طرفان ”فنڊ فار موهن جو دڙو“ جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جو به ميمبر آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا جي ماڳن جي شهري رٿابندي، گهرن جي اڏاوت جي فن، پاڻي جي نيڪاسي، گهٽين ۽ رستن جي رٿابندي تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي. سندس سنڌو سڀيتا سميت گنڌارا تهذيب بابت به ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا جرمن ٻولي سميت انگريزي ۾ شايع ٿيل آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Jansen, Michael; Ley, Karsten (Hrsg.),The Indus Civilization – Center Periphery: A Time‐Space Relation, International Workshop from 8‐11 July 2012, 2013
    • Toubekis, Georgios; Mayer, Irmengard; Doering-Williams, Marina; Maeda, Kosaku; Yamauchi, Kazuya; Taniguchi, Yoko; Morimoto, Susumu; Petzet, Michael; Jarke, Matthias; Jansen, Michael, Preservation and Management of the UNESCO World Heritage Site of Bamiyan, Laser Scan Documentation and Virtual reconstruction of the Destroyed Buddha Figures and the Archaeological Remains, In: Stylianidis, Efstratios; Patias, Petros; Santana Quintero,Mario (Hrsg.): XXI International Symposium – CIPA 2007, Athens : XXII International Symposium – CIPA 2009, Kyoto (International Archives of Photogrammetry, Remote Sensing and Spatial Information Sciences ; 38,5/C19), S. 93-100, 2011
    • Jansen, Michael, Architectural Measurements in the Indus cities: The case study of Mohenjo-Daro, In: Morley, Ian; Renfrew, Colin (Hrsg.): The Archaeology of Measurement. Comprehending Heaven, Earth and Time in Ancient Societies, S. 125-129, New York: Cambridge Univ. Press. 2010
    • Toubekis, Georgios; Mayer, Irmengard; Döring-Williams, Marina; Maeda, Kosaku; Yamauchi, Kazuya; Taniguchi, Yoko; Morimoto, Susumu; Petzet, Michael; Jarke, Matthias; Jansen, Michael, Preservation and management of the UNESCO world heritage site of Bamiyan: Laser scan documentation and virtual reconstruction of the destroyed Buddha figures and the archaeological remains, In: Takase, Yutaka (Hrsg.): 'Digital Documentation, Interpretation & Presentation of Cultural Heritage' ; CIPA Symposium ; 11 - 15 Oct. 2009 in Kyoto, Japan, 2009
    • Jansen, Michael, Gandhara - eine Kulturgeographie = The cultural geography of Gandhara, In: Luczanits, Christian [u.a.] (Hrsg.): Gandhara: Das buddhistische Erbe Pakistans; Legenden, Klöster und Paradiese; 21. November 2008
    • Jansen, Michael, Mohenjo-Daro and the River Indus
    In: Meadows, Azra; Meadows, Peter S. (Hrsg.): The Indus River : biodiversity, resources, humankind; proceedings of a symposium held at the Linnean Society, Burlington House, London, 13 - 15 July 1994, S. 349-383,
    Oxford/Karachi: Oxford Univ. Pr. 1999
    • Jansen, Michael; Ardeleanu-Jansen, Alexandra, Mohenjo-Daro and the Indus Civilization, In: Hauptmann, Harald; Ardeleanu-Jansen, Alexandra; Jansen, Michael; Bemmann, Martin; Bandini, Ditte (Hrsg.): The Indus Cradle and Crossroads of Civilizations. Pakistan-German Archaeological Research, S. 1-28, Islamabad: Embassy of the Federal Republic of Germany, 1997
    • Jansen, Michael,Mohenjo-Daro und Harappa - Städtebau und Wohnkultur im alten Indien, In: Brockhaus Die Bibliothek. Kunst und Kultur, Bd 2, S. 418- 422, Leipzig: Brockhaus, 1997
    • Jansen, Michael, CD-Rom Data Bank on Historic and Other Photos on Mohenjo-Daro, Aachen: Aachen University RWTH, 1997
    • Jansen, Michael, Stadt und Macht in der Indus Zivilisation, In: Jansen, Michael; Hoock, Jochen; Jarnut, Jörg (Hrsg.): Städtische Formen und Macht. Veröffentlichungen der interdisziplinären Arbeitsgruppe Stadtkulturforschung. 1. Symposium 2. - 4. Juli 1993, Paderborn; Festschrift zur Vollendung des 65. Lebensjahres von Werner Joel, S. 53- 71, Aachen: FdR, 1994
    • Jansen, Michael, Mohenjo-Daro: Type Site of the Earliest Urbanization Process in South Asia, In: Spodek, H.; Srinivasan, D.M. (Hrsg.): Urban Form and Meaning in South Asia: The Shaping of Cities from Prehistoric to Precolonial Times, S. 35- 52, Washington D.C.: National Gallery of Art, 1993
    • Jansen, Michael, Stadt der Brunnen und Kanäle. Mohenjo-Daro / City of Wells and Drains. Mohenjo-Daro, In: Frontius Gesellschaft (Hrsg.): Wasserluxus vor 4500 Jahren / Water Splendor 4500 Years Ago, Bonn: Wirtschafts- und Verl.-Ges. Gas und Wasser, 1993
    • Jansen, Michael, Pre, Proto-, Early, Mature-, Urban, Late-, Post Harappan: Linearity, Multi-Linearity: Babylonian Language Confusion or Ideological Dispute?, In: South Asian Archaeology (SAA), 1991, S. 135- 148, 1993
    • Jansen, Michael, Mohenjo-Daro - a City on the Indus,In: Jansen, Michael; Urban, Günter; Mulloy Maire (Hrsg.): Forgotten Cities of the Indus, S. 145- 165, Mainz: von Zabern, 1991
    • Jansen, Michael, The Concept of Space in Harappan City-Planning: Mohenjo-Daro, In: Vatsyayan, K. (Hrsg.): Concepts of Space: Ancient and Modern, S. 75- 81, New Dehli: Abhinav Publications, 1991
    • Jansen, Michael, Early Cities: A Comparative Study of Urban Development
    In: Lahore Museum Bulletin, 11, 1, S. 5- 14, 1989
    • Jansen, Michael, Water Supply and Sewage Disposal at Mohenjo-Daro
    In: World Archaeology, 21, 2, S. 172- 192, 1989
    • Jansen, Michael, Mohenjo-Daro- Stadt am Indus, In: Indo-Asia : Politik, Kultur, Wirtschaft in Indien, Südasien, Ostasien, (1988), 3, S. 32- 39
    Sachsenheim-Hohenhaslach: Burg Verlag, 1988
    • Urban, Günter; Jansen, Michael, Interim Reports Vol. 2, Reports on Fieldwork Carried out at Mohenjo Daro, Pakistan, 1983-84, Aachen: Forschungsprojekt Mohenjo-Daro, RWTH Aachen, 1987
    • Urban, Günter; Jansen, Michael, Vergessene Städte am Indus, Frühe Kulturen in Pakistan vom 8. bis 2. Jt. Katalog zur Ausstellung. Mainz: von Zabern, 1987
    • Jansen, Michael, Mohenjo-Daro- Stadt am Indus, In: Jansen, Michael; Urban, Günter (Hrsg.): Vergessene Städte am Indus. Frühe Kulturen in Pakistan vom 8. bis 2. Jt. Katalog zur Ausstellung. Mainz, S. 153- 172, Mainz: von Zabern, 1987
    • Jansen,Michael, Rettet Mohenjo-Daro!, In: Jansen,Michael; Urban, Günter (Hrsg.): Vergessene Städte am Indus. Frühe Kulturen in Pakistan vom 8. bis 2. Jt. Katalog zur Ausstellung. Mainz, S. 228- 242, Mainz: von Zabern, 1987
    • Jansen, Michael, State of Research on the Architecture in Moneer Area, Mohenjo-Daro, In: Urban, Thomas; Urban, Günter; Jansen, Michael (Hrsg.): Interim Reports vol. 2. Reports on Fieldwork Carried out at Mohenjo Daro, Pakistan, 1983-84. Is M, S. 23- 32, Aachen: Forschungsprojekt Mohenjo-Daro, RWTH Aachen, 1987
    Jansen, Michael, Die Indus-Zivilisation, Wiederentdeckung einer frühen Hochkultur, Köln: DuMont, 1986
    • Jansen, Michael, Some Speculations Regarding the forma urbis Mohenjo-Daro, In: South Asian Archaeology (SAA), 1985, S. 247- 254, 1986
    Jansen, Michael, Mohenjodaro. Data Collection Vol I, Fieldbooks and Concordance of HR Area, Leiden: Forschungsprojekt Mohenjo-Daro, RWTH Aachen, 1985
    • Jansen, Michael, The Significance and Value of the Excavation Registers for the Interpretation of Documented Artifacts, In: Jansen, Michael; Urban, Günter (Hrsg.): Mohenjodaro. Data Collection Vol I. Fieldbooks and Concordance of HRArea, S. XVI- XVIII, Leiden: Forschungsprojekt Mohenjo-Daro, RWTH Aachen, 1985
    • Jansen, Michael, Bauforschung an den Ufern des Indus, In: Universitas, Zeitschrift für Wissenschaft, Kunst und Literatur, 465 (40. Jg.), 5, S. 207- 218, 1985
    • Jansen, Michael, Mohenjo-Daro, cite de l'Indus
    In: La Recherche, 16, 163, S. 166- 176, 1985
    • Jansen, Michael 1985, Mohenjo-Daro, City of the Indus Valley
    In: Endeavour New Series, 9, 4, S. 161- 169, 1985
    • Urban, Günter; Jansen, Michael, Interim Reports Vol. 1, Reports on Field Work Carried out at Mohenjo Daro Pakistan 1982-83, Aachen: Forschungsprojekt Mohenjo-Daro, RWTH Aachen, 1984
    Jansen, Michael, Architectural Remains in Mohenjo Daro, In: Lal, Braj Basi; Gupta, Swarajya Prakash (Hrsg.): Frontiers of the Indus Civilization, S. 75- 88, New Dehli: Books & Books, 1984
    • Jansen, Michael, Theoretical Aspects of Structural Analyses for Mohenjo-Daro, In: Jansen, Michael; Urban, Günter (Hrsg.): Interim Reports Vol. 1. Reports on Field Work Carried out at Mohenjo Daro Pakistan 1982-83, S. 39- 62, Aachen: Forschungsprojekt Mohenjo-Daro, RWTH Aachen, 1984
    • Jansen, Michael, Preliminary Results of two Years Documentation in Mohenjo-Daro, In: South Asian Archaeology (SAA), 1981, S. 135- 153, 1984
    • Urban, Günter; Jansen, Michael, Dokumentation in der Archäologie; Techniken, Methoden, Analysen, Forschungsprojekt DFG Mohenjo-Daro: Dokumentation in der Archäologie; Techniken, Methoden, Analysen; Veröffentlichung der, Seminarbeiträge, 5. - 6. Dezember 1981 Aachen, Aachen: Geodätischen Instituts der RWTH Aachen, 1983
    • Jansen, Michael; Urban, Günter, An Approach Towards the Replacement of Artifacts into the Archaeological Context of the Great Bath in Mohenjodaro
    Forschungsprojekt DFG Mohenjo-Daro: Dokumentation in der Archäologie; Techniken, Methoden, Analysen; Veröffentlichung der Seminarbeiträge, 5. - 6. Dezember 1981, In: Technische Hochschule Aachen: Veröffentlichung des Geodätischen Instituts der Rheinisch-Westfälischen Technischen Hochschule in Aachen; Nr. 34, S. 43- 70, Aachen: Geodätisches Inst. 1983
    • Jansen, Michael, Preliminary Results of Three Years Documentation in Mohenjo-Daro, Forschungsprojekt DFG Mohenjo-Daro: Dokumentation in der Archäologie; Techniken, Methoden, Analysen; Veröffentlichung der Seminarbeiträge, 5. - 6. Dezember 1981 Aachen, In: Urban, Günter; Jansen, Michael (Hrsg.): Technische Hochschule Aachen: Veröffentlichung des Geodätischen Instituts der Rheinisch-Westfälischen Technischen Hochschule in Aachen; Nr. 34, S. 21- 36, Aachen: Geodätischen Instituts der RWTH Aachen, 1983
    • Jansen, Michael, Preservation as a Way of Planning, In: Buschmann, Karl Heinz (Hrsg.): International Seminar, Preservation & Documentation of Traditional Architecture, 24-27 March 1982, Karachi, S. 71- 77, Karachi: Society for the Preservation of Muslim Heritage(Pakistan), Rheinisch-Westfälische Technische Hochschule Aachen, Goethe-Institut, 1983
    • Jansen, Michael,Settlement Patterns in the Harappa Culture
    In: South Asian Archaeology (SAA), 1979, S. 251- 269, 1981
    Jansen, Michael, Public Spaces in the Urban Settlements of the Harappa Culture, In: Art and Archaeology Research Papers (AARP), 17, S. 11- 19, 1980
    • Jansen, Michael, Architektur in der Harappakultur, Eine kritische Betrachtung zum umbauten Raum im Industal des 3.-2. Jahrtausend, Bonn: Habelt, 1979
    • Jansen, Michael; Taddei, Maurizio, Architectural Problems of the Harappa-Culture, In: South Asian Archaeology (SAA), 1977, S. 405- 431, Bonn: Habelt, 1979
    • Jansen, Michael, Rekonstruktion der Harappastädte, Materialien für einen semiotischen Versuch, In: Arbeitsgruppe Semiotik (Hrsg.): Die Einheit der Semiotischen Dimensionen, S. 265- 302, Tübingen: Narr, 1978
    • Jansen, Michael, City Planning in the Harappa Culture
    In: Art and Archaeology Research Papers (AARP), 14, S. 69- 74, 1978
    • Jansen, Michael, Mohenjo-Daro, 5000 Jahre Keramik im Kanalbau (cont. in vol. 25), In: Steinzeug Informationen, 24, S. 7- 15, 1976


    مائيڪل وٽزل Michael Witzel

    مائيڪل وٽزل Michael Witzel

    جرمن آرڪيالاجسٽ مائيڪل وٽزل هارورڊ يونيورسٽي ۾ سنسڪرت جو پروفيسر آهي. سندس جنم 18 جولاءِ 1943ع ۾ پولينڊ جي شهر اسڪويبس ۾ ٿيو. پاڻ انڊيا جي قديم تاريخ، تهذيب ۽ ٻولين بابت تحقيق ۾ خاص دلچسپي رکندڙ آهي. وٽزل 1965ع کان 1971ع تائين انڊيا جي تهذيب ۽ ثقافت بابت جرمني ۾ تعليم حاصل ڪئي. جنهن بعد پاڻ هتان جي ٻولين ۽ قديم لکتن بابت کوجنا جو ڪم شروع ڪيو. وٽزل ويدڪ سنسڪرت جي مختلف لهجن سميت انڊيا جي تاريخ، ويدڪ مذهب ۽ برصغير جي قديم ٻولين ۽ لکتن تي تحقيق ڪري رهيو آهي. پاڻ هارورڊ يونيورسٽي جي ويدڪ اسٽيڊيز بابت اليڪٽرانڪ جرنل جو ايڊيٽر انچيف به آهي. وٽزل 1972ع کان برصغير جي پراڻين لکتن ۽ ويدن بابت تحقيق ڪري رهيو آهي. پاڻ رگ ويد جو جرمن ٻولي ۾ به ترجمو ڪيو آهي. هن قديم انڊيا، ويدن ۽ مهاڀارت بابت ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا تحرير ڪيا آهن.
    وٽزل 2004ع ۾ سنڌو سڀيتا جي لکت بابت اهو سوال اٿاريو ته موهن جو دڙو ۽ سنڌو ماٿري جي ٻين ماڳن تان ملندڙ تحريرون لکت به آهن يا فقط ڪي مذهبي نشانيون آهن. وٽزل ۽ سندس ساٿين فارمر ۽ اسپروٽ سنڌو لکت تي ڪنهن ٻولي جي لپي هجڻ بدران محض مذهبي نشانيون هجڻ وارو سوال اٿاري هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو. جنهن جي جواب ۾ سنڌو لکت تي ورهين کان ڪم ڪندڙ ماهرن آسڪو پرپولا، مهاديون، راجيش رائو نه فقط ان جو دليلن سان رد پيش ڪيو، پر قديم سنڌو سڀيتا جي لکت کي پڙهڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون. وٽزل تي نه فقط سنڌو لکت کي ڪنهن ٻولي جي لکت تسليم ڪرڻ کان انڪار تي شديد تنقيد ٿي پر مٿس اهو به الزام لڳندو رهيو ته پاڻ هندو ڌرم سان نفرت ڪندڙ ماهر آهي. جنهن ڪري سندس تحقيق کي غير جانبدار قرار ڏئي نه ٿو سگهجي. مٿس اهو به الزام لڳندو رهيو آهي ته هو جرمن نسل پرستي ۾ مبتلا هجڻ سبب آرين جي سنڌو ماٿري تي حملي واري تصور جو وڏو حامي رهيو آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • The Collapse of the Indus-Script Thesis: The Myth of a Literate Harappan Civilization by Steve Farmer, Richard Sproat, and Michael Witzel EJVS 11-2 (Dec. 13, 2005) pdf:
    http://www.ejvs.laurasianacademy.com/issues.html, http://www.people.fas.harvard.edu/~witzel/fsw2.pdf
    Discussion in SCIENCE MAGAZINE 306, Dec. 17., 2004, 2026-2029
    • Central Asian Roots and Acculturation in South Asia: Linguistic and Archaeological Evidence from Western Central Asia, the Hindukush and Northwestern South Asia for Early Indo-Aryan Language and Religion. In: T. Osada (ed.) Linguistics, Archaeology and the Human Past. Kyoto : Indus
    Project, Research Institute for Humanity and Nature 2004, 87-211
    • The Origins of the World's Mythologies, Oxford 2012.
    • Early Indian History: Linguistic and Textual Parameters. in: Language,
    Material Culture and ethnicity. The Indo-Aryans of Ancient South Asia, ed. G. Erdosy, (Indian Philology and South Asian Studies, ed. Albrecht Wezler and Michael Witzel, Vol. 1) Berlin/New York (de Gruyter) 1995, 85-125
    • Early Sanskritization. Electronic Journal of Vedic Studies (EJVS), vol. 1, 4, Dec. 1995
    • Classical Studies and Indology. In: H. Nakatani (ed.) Reconstitution of Classical Studies. Special Issue : A Report on the First Symposium towards a Reconstitution of Classical Studies, No. 3. 3/11/ Heisei 11 /[1999]: 16-36
    • Aryan and non-Aryan Names in Vedic India. Data for the linguistic situation, c. 1900-500 B.C. in : J. Bronkhorst & M. Deshpande (eds.), Aryans and Non-Non-Aryans, Evidence, Interpretation and Ideology. Cambridge (Harvard Oriental Series, Opera Minora 3). 1999, 337-404.
    • The Home of the Aryans. Anusantatyai. Fs. für Johanna Narten zum 70.
    Geburtstag, ed. A. Hintze & E. Tichy. (Münchener Studien zur Sprachwissenschaft, Beihefte NF 19) Dettelbach: J.H. Roell 2000, 283-338
    • Autochthonous Aryans? The Evidence from Old Indian and Iranian Texts.
    EJVS 7-3 May 25, 2001.
    • Possehl, G. and M. Witzel. Vedic. In: P.N. Peregrine and M. Ember, eds.,
    Encyclopedia of Prehistory, Volume 8: South and Southwest Asia. Published in conjunction with the Human Relations Area Files at Yale University. Kluwer, Academic/Plenum Publishers, New York New York 2003: 391-396.
    • Early Linguistic Realationships between Central Asia and South Asia.
    Tsushin, Tokyo Gaikokugo Daigaku, 112, 2004, 74-75


    محمد رفيق مغل Mohammed Rafique Mughal

    محمد رفيق مغل Mohammed Rafique Mughal

    پاڪستاني آرڪيالاجسٽ محمد رفيق مغل سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي حوالي سان ڪافي تحقيق ڪئي آهي. ايم آر مغل(M R Mughal) جي نالي سان مشهوري ماڻيندڙ هن ماهر نه فقط قديم تاريخ ۽ آرڪيالاجي تي تحقيق ڪئي آهي، پر ان سان گڏ ٻڌ دور ۽ اسلام جي اچڻ کان پوءِ واري دور جي قديم ماڳن ۽ تاريخ تي به کوجنا ڪئي آهي. پاڻ هن وقت بوسٽن يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي ۽ هيريٽيج جي شعبي جو پروفيسر آهي. نامياري آرڪيالاجسٽ ايم آر مغل 2 سيپٽمبر 1936 ۾ پاڪستاني پنجاب جي گجرانولا شهر ۾ جنم ورتو. پاڻ گورڊن ڪاليج راولپنڊي مان 1956ع ۾ بي اي آنرس ڪئي. جنهن بعد 1958ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۽ تاريخ جي مضمون ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ايم آر مغل 1970ع ۾ آمريڪا جي پينسلونيا يونيورسٽي جي اينٿروپلاجي جي شعبي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس پي ايڇ ڊي جو مقالو سنڌو سڀيتا جي ڳوٺاڻي ثقافت جي بلوچستان ۾ مليل قديم ماڳن تي تحقيق “The Early Harappan Period in the Greater Indus Valley and Northern Baluchistan, circa 3000 – 2400 BC.” بابت هيو.
    محمد رفيق مغل سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختون خواهه ۽ ملڪ جي اترين قبائلي علائقن ۾ قديم ماڳن جي سروي ۽ کوٽائي جي سلسلي ۾ عالمي سطح جي ماهرن سان گڏجي ڪوششون ورتيون. هن ڪيترائي قديم ماڳ به دريافت ڪيا آهن، جنهن سان سنڌو سڀيتا بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ٿي آهي. ايم آر مغل پاڪستان ۾ ڪيترائي ميوزم به قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. جن ۾ 1994ع ۾ اسلام آباد ميوزم، ملتان ميوزم، گلگت ميوزم، سوات ميوزم ۽ جپاني آرڪيالاجسٽن جي مدد سان سيدو شريف ميوزم شامل آهن. کيس پاڪستان حڪومت طرفان 1959ع ۾ آرڪيالاجيڪل ميوزم هڙاپا جو ڪيوريٽر انچارج مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي هن 2 سال 1961ع تائين ذميواريون نڀايون. جنهن بعد پاڻ پاڪستان سرڪار طرفان آرڪيالاجي جي کاتي ۾ فيلڊ آفيسر مقرر ڪيو ويو. پاڻ ان عهدي تي 1961ع کان 1966ع تائين پنج سال ڪم ڪندو رهيو. بعد ۾ کيس ترقي ڏئي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي پاڻ پهريان 2 سال 1966ع کان 1967ع تائين ۽ بعد ۾ ٻيهر 1971ع کان 1973ع تائين ذميواريون نڀايون. 1973ع ۾ کيس ٻيهر ترقي ڏئي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. پاڻ 1973ع کان 1977 ۽ بعد ۾ 1982ع کان 1983ع تائين ان عهدي تي 5 سالن تائين ڪم ڪندو رهيو. ايم آر مغل کي 1983ع ۾ پاڪستان سرڪار طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي پاڻ 1983ع کان 1988ع ۽ بعد ۾ 1989ع کان 1993ع تائين 9 سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنيون. کيس 1979ع ۾ نيشنل ميوزم ڪراچي جو به ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي پاڻ 1980ع تائين هڪ سال ڪم ڪيو. ايم آر مغل 1993ع کان 1996ع تائين سنڌ ۽ پنجاب ۾ قديم تاريخي ماڳن بابت سروي ۽ دستاويز تيار ڪرڻ واري پراجيڪٽ جو ڊائريڪٽر به رهيو.
    رفيق مغل سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي حوالي سان ڪيترن ئي بين الاقوامي مشنز سان به گڏجي ڪم ڪيو. پاڻ 1958ع ۾ چارسده جي قديم ماڳ تي کوٽائي ۾ سر مورٽيمر ويلر سان گڏ بهرو ورتو. جڏهن ته 1960ع ۽ 1966ع ۾ جارج ايف ڊيلز سان گڏ ملير ندي جي پسگردائي ۽ مڪران جي سامونڊي ڪناري تي سنڌو سڀيتا جي ماڳن بابت تحقيق ڪئي. هن 1990ع ۾ جپان جي ماهر ايڇ فجيوارا سان گڏ هڙاپا دور ۾ چانورن جي پوک بابت کوجنا ڪئي. جڏهن ته 1996ع ۾ آمريڪي ماهر ريتا پي رائيٽ سان گڏ هڙاپا ۽ ان جي پسگردائي ۾ سروي جو ڪم ڪيو.
    ايم آر مغل سنڌو سڀيتا جي ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي. جن ۾ 1973ع ۽ 1974ع ۾ جهڪر، 1975ع ۾ ملير ۾ پٿر دور جا ماڳ، 1967ع ۽ 1992ع ۾ هڙاپا، 1971ع ۽ 1976ع ۾ جلالپور، 1974ع ۾ جهنگ ۽ 1960ع ۾ ستڪاجن در جا قديم ماڳ شامل آهن. سنڌ ۾ عرب فتح کان اڳ ۽ پوءِ جي دور جي ماڳن منصوره، ڀنڀور ۽ ڀيرو ڀام جي به کوٽائي ڪرائي. پاڻ سنڌ ۾ نواب شاهه، جيڪب آباد، ٺٽي، ملير ندي جي پسگردائي، سکر روهڙي جي پٿري ماڳن، ڪراچي ۽ ٿاڻو بولا خان، ڪوهستان، ننگر پارڪر ۾ به پراڻي ۽ نئين پٿر دور جي قديم ماڳن تي کوجنا ڪئي. ايم آر مغل جا سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي ڪتاب، مقالا ۽ رپورٽون شايع ٿيل آهن. سندس اهي مقالا مختلف ملڪن برطانيه، فرانس، اٽلي، جرمني، آمريڪا، بحرين، جاپان، ايران ۽ انڊيا جي بين الاقوامي معيار جي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا جپاني، فرينچ، جرمن ۽ سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري به شايع ڪيا ويا آهن.

    ڪتاب، مقالا ۽ رپورٽون

    • The Archaeology of Sindh: Updated supplement to the Antiquities of Sind. 3rd. Department of Culture and Tourism, Government of Sindh, Karachi: 153–208. 1998
    • Ancient Cholistan, Archaeology and Architecture. Ferozesons, Lahore. 1997
    • PIATR: The Pakistan Institute of Archaeological Training and Research – A Comprehensive Report 1988-95. Department of Archaeology and Museums, Karachi. by Mohammed Rafique Mughal and Gulzar M. Khan. 1995
    • Present State of Research on the Indus Valley Civilization. International Symposium on Mohenjo-daro. Department of Archaeology & Museums, Karachi. 1973
    • The Early Harappan Period in the Greater Indus Valley and Northern Balochistan, ca. 3000–2400 BC. Ph.D. Thesis. Department of Anthropology, University of Pennsylvania, Philadelphia. (University Microfilms, Ann Arbor, Michigan, No.71-19, 263). 1970
    • Sir Aurel Stein's papers on the survey of Ghaggar-Hakra River, 1940–42. In South Asian Archaeology 2001, edited by C. Jarrige and V. Lefevre: 277-80. Paris. 2005
    • Geoarchaeology of Harappa's eastern countryside: Observations along the buried bed of the Upper Beas River, Punjab Province, Pakistan. In South Asian Archaeology 2001, edited by C. Jarrige and V. Lefevre: 277-80. Paris. by Mohammed Rafique Mughal, J. Schuldenrein, Rita Wright, and M. Afzal Khan. 2005
    • Landscapes, soils, and mound histories of the Upper Indus Valley, Pakistan: New insights on the Holocene environments near ancient Harappa. Journal of Archaeological Science. 31: 777–97. by Mohammed Rafique Mughal, J. Schuldenrein, Rita Wright, and M. Afzal Khan. 2004
    • Evidence of rice and ragi at Harappa in the context of South Asian prehistory. In Introduction of African Crops into South Asia, V. N. Misra, and M. D. Kajale: 73–8. Indian Society for Prehistoric and Quaternary Studies, Pune. 2003
    • Resurrecting Sir Aurel Stein from the Cholistan Desert, Context. 15(2): 1–4. 2001
    • A preliminary review of archaeological surveys in Punjab and Sindh: 1993–95. South Asian Studies. 13: 275–84. 1997
    • Recent documentation of ancient sites and monuments in the Punjab Province. Punjab Journal of Archaeology and History. 1(1). by Muhammad Afzal Khan and Muhammad Hassan. 1997
    • Archaeological sites and monuments in Punjab: Preliminary results of explorations, 1992–96. Pakistan Archaeology. Special Number 29. by Farooq Iqbal, Muhammad Afzal Khan and Muhammad Hassan. 1996
    • The Indus Valley: 3000–1500 BC. In History of Humanity: Scientific and Cultural Development, edited by A. H. Dani and J. -P. Mohan. Vol. II: 246-65. UNESCO and Routledge, Paris and London. by B. K. Thapar. 1996
    • The Harappan Nomads of Cholistan. In, Allchin B. (ed.), Living Traditions: Studies in the Ethnoarchaeology of South Asia: 53–68. Oxford & 1BH Publishing, New Delhi. 1994
    • The Geographical Extent of the Indus Civilization during the Early, Mature and Late Harappan Times. In, Possehl, G. (ed.), South Asian Archaeology Studies. New Delhi: Oxford & IBH Publishing Co. Pvt. Ltd.: 123-43. 1992
    • The consequences of River Changes for the Harappan settlements in Cholistan. Eastern Anthropologist. 45(1–2): 105–16. 1992
    • Jhukar and the late Harappan Cultural mosaic of the Greater Indus Valley. In South Asian Archaeology 1989, Jarrige C. (ed.), Madison, Wisconsin: The Prehistory Press: 213-21. 1992
    • Rice and Ragi at Harappa: Preliminary Results by Plant Opal Analysis, Pakistan Archaeology(Karachi), No. 27: 129–142. 1992
    • Ancient Sites in Cholistan, Bahawalpur (1974–77). Lahore Museum Bulletin. IV (2): 1–52. 199
    • The Cultural Patterns of Ancient Pakistan and Neighboring Regions, circa 7000–1500 BC, Pakistan Archaeology.26: 218–237. 1991
    • Archaeological Field Research in Pakistan since Independence: An Overview, Bulletin of Deccan College and Postgraduate Research Institute (Pune), Vol.49: 261–278. 1990
    • Further Evidence of the Harappan Culture in the Greater Indus Valley: 1971–90, South Asian Studies (London), No. 6: 175- 199. 1990
    • The Protohistoric Settlement Patterns in the Cholistan Desert, Pakistan. In, Teddei, M. (ed.), South Asian Archaeology 1987. Rome: Instituto Italiano per il Medio ed Estremo Oriente: 143- 156. 1990
    • The Decline of the Indus Civilization and the Late Harappan Period in the Indus Valley, Lahore Museum Bulletin (Lahore), Vol.III (2): 1–17. 1990
    • The Harappan Settlement Systems and Patterns in the Greater Indus Valley (Circa 3500–1500 BC), Pakistan Archaeology (Karachi), No.25: 1–72. 1990
    • The Harappan twin Capitals and Reality, Journal of Central Asia, (Islamabad), Vol. XIII (1): 155–162. 1990
    • New archaeological evidence on the Harappan problem from the recent researches in the Cholistan Desert. Kokogaku Zasshi. 75(3): 34–57. 1990
    • The development of Protohistoric research in Pakistan: 1970–85. Journal of Central Asia. 3(1): 47–77. 1989
    • Genesis of the Indus Valley Civilization. Lahore Museum Bulletin. 1(1): 45–54. 1988
    • Die Indus Civilization: Entstehung Einer Hockhultur. Vegessene Stadte Am Indus, Mainz Am Rhein: Verlag Philipp Von Zabern: 112-8. 1987
    • La naissance de la civilisation de l'Indus. In Les Cities Oubliees de lí Indus: Archaeologie due Pakistan: 71-4. Musee National des Arts Asiatiques Guimet, Paris. 1988
    • The significance of some Pre-and Protohistoric discoveries in the Karakorum Region. Journal of Central Asia. 8(2): 213–35. 1985
    • The Post-Harappan Phase in Bahawalpur District, Pakistan. In, Lal, B.B. and Gupta, S.P. (eds.), Frontiers of the Indus Civilization. New Delhi: Books and Books: 499–503. 1984
    • Current Research Trends on the Rise of Indus Civilization. In, Urban G. /Jansen M. (eds.), Veroffentlichungen des Geodatischen Institutes der Rheinisch -Westfalischen TechnischenHochschule Aachen, Nr. 34:500 and 6. December 1981 (Aachen, Germany): 13–20, 1983. 1983
    • Recent archaeological research in the Cholistan Desert. In Harappan Civilization: A contemporary perspective, edited by G. L. Possehl: 85–95. Oxford & IBH Publishing, New Delhi. 1982
    • New archaeological evidence from Bahawalpur. In Indus Civilization: New Perspective, edited by A. H. Dani: 33–41. Centre for the Study of the Civilizations of Central Asia, Quaid-e Azam University, Islamabad. 1981
    • The origins of the Indus Civilization. Sindhological Studies. 1–10. 1980
    • The Early Harappan Cultural Phase: A reply. Purattatva. 10: 84–8. 1978
    • Cultural links between Pakistan and Iran during the Protohistoric Period (5000–1000 BC). In Pakistan-Iran: A common culture: 33–82. Institute of Persian Studies, Islamabad. 1975
    • Explorations in Northern Balochistan, 1972: New evidence and fresh interpretation. In Proceedings of the IInd Annual Symposium on Archaeological Research in Iran: 276-86. Muzeh- e-Iran Bastan, Tehran. 1974
    • New evidence of the Early Harappan culture from Jalilpur. Archaeology. 27(2): 276–86. 1974
    • A summary of excavations and explorations in Pakistan. Pakistan Archaeology. 8: 113–58. 1972
    • Introduction to the pottery of Periods I and II of Sarai Khola. In Excavations at Sarai Khola, Part II, edited by M. A. Halim. Pakistan Archaeology. 8: 34–53. 1972
    • Excavations at Tulamba, West Pakistan. Pakistan Archaeology. 4: 11–152. 1967
    • Gujarat by the Chenab. Pakistan Quarterly. 12(1): 12–9. 1964
    • in preparation Sir Aural Stein’s Survey of the Ghaggar-Hakra Region, Thar Desert 1940–42.


    مولائي شيدائي Moali shedaie

    سنڌ جي نامياري محقق ۽ تاريخدان رحيمداد خان ”مولائي شيدائي“ ولد شير محمد خان بروهي 1894ع ڌاري سکر شهر ۾ جنم ورتو. پاڻ 12 فيبروري 1978ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن ابتدائي تعليم سکر جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ ورتي. انگريزي پڙهڻ لاءِ سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. هو مئٽرڪ ۾ پهتو ته سندس والد جيڪو ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو، رٽائر ٿيو. هن کيس تعليم اڌ ۾ ڇڏرائي ريلوي کاتي ۾ ”سن ڪوٽا“ تحت نوڪري وٺرائي ڏني. 1913ع ۾ ڀرتي ٿيل رحميداد ترقي ڪري گارڊ جي عهدي تي پهتو, جتان 1939ع ۾ رٽائر ڪيائين، جنهن بعد پنهنجو سڄو ڌيان لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ طرف لڳايو. پاڻ رٽائرمينٽ بعد صحافت جو شعبو به اختيار ڪيو. پاڻ ستاره سنڌ، سنڌ زميندار ۽ توحيد اخبارن ۾ لکندو رهيو. سندس سنڌ جي تاريخ، سياست ۽ ثقافت جي موضوع تي هزارين مقالا شايع ٿيا. مولائي شيدائي سنڌ جي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • جنت السنڌ، 1958ع
    • تاريخ بلوچستان، 1941ع
    • تاريخ تمدن سنڌ، 1959ع
    • تاريخ خاصخيلي، 1961ع
    • تاريخ بکر،
    • تاريخ سکر،
    • سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ،
    • تاريخ ٽالپر،
    • تاريخ سنڌ،
    • سنڌ جا قديم شهر،


    مورٽيمر ويلر Mortimer Wheeler

    مورٽيمر ويلر Mortimer Wheeler

    سر مورٽيمر ايرڪ ويلر برطانيه جو ناميارو آرڪيالاجسٽ رهيو آهي. هن برطانوي فوج ۾ به اهم عهدن تي ذميواريون نڀايون. پاڻ 10 سيپٽمبر 1890ع تي گلاسگو ۾ جنم ورتو ۽ 22 جولاءِ 1976ع ۾ وفات ڪيائين.مورٽيمر ويلر آرڪيالاجي تي 24 ڪتابن جو خالق آهي. کيس ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي تي وڏو ماهر تصور ڪيو وڃي ٿو. پاڻ ويلس نيشنل ميوزم ۽ لنڊن ميوزم جو ڊائريڪٽر رهيو. مورٽيمر ويلر سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي کوجنا ڪندڙ ماهرن ۾ خاص مقام رکي ٿو. کيس 1944ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. ان دوران هن سنڌو ماٿري جي قديم آثارن تي کوجنا شروع ڪئي. نئين دهلي ۾ نيشنل ميوزم آف آرڪيالاجي جو قيام ۽ ٽيڪسيلا ۾ آرڪيالاجي بابت فيلڊ اسڪول قائم ڪرڻ سندس اهم ڪارنامن ۾ شامل آهي.
    هن موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جي قديم آثارن جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائي ۽ آرڪيالاجي بابت ”قديم انڊيا“ (Ancient India) جي نالي سان شماهي جرنل پڻ جاري ڪيو، جنهن ۾ برصغير ۾ قديم آثارن تي ٿيندڙ کوجنا جا نتيجا شايع ڪيا ويندا هئا. برصغير جي ورهاڱي بعد کيس پاڪستان حڪومت آرڪيالاجي جو صلاحڪار مقرر ڪيو. سندس ئي ڪوششن سان اپريل 1950ع ۾ ڪراچي ۾ نيشنل ميوزم آف پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو. پاڪستان سرڪار مورٽيمر ويلر کي ئي پاڪستاني ميوزم ايسوسيئيشن جو صدر مقرر ڪيو. پاڻ 1950ع ڌاري پاڪستان جي آرڪيالاجي تي ”پاڪستان جا 5 هزار سال“ (Five Thousand Years of Pakistan) نالي ڪتاب تحرير ڪيو. هن پاڪستاني شاگردن کي آرڪيالاجي بابت سکيا ڏيڻ لاءِ موهن جو دڙو جي سائيٽ تي ٽريننگ اسڪول قائم ڪيو. پاڪستان سرڪار سان ڪم بابت لاڳاپا خراب ٿيڻ بعد پاڻ هتان واپس لنڊن هليو ويو. بعد ۾ کيس آڪٽوبر 1956ع ۾ ٻيهر پاڪستان گهرايو ويو. هتي پهچڻ بعد هن چارسده جي قديم آثارن تي تحقيقي ڪم شروع ڪيو. سنڌو سڀيتا تي هن ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا آهن. مورٽيمر ويلر جي سنڌو سڀيتا تي لکيل هيٺين 5 ڪتابن کي وڏي اهميت حاصل آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Wheeler, Mortimer, Five Thousand Years of Pakistan, Christopher Johnson (London), 1950
    • Wheeler, Mortimer, The Indus Civilization, Cambridge University Press (Cambridge), 1953
    • Wheeler, Mortimer, Early India and Pakistan: To Ashoka, Thames and Hudson (London), 1959
    • Wheeler, Mortimer, My Archaeological Mission to India and Pakistan, Thames and Hudson (London), 1976
    • Wheeler, Mortimer, Still digging; interleaves from an antiquary's notebook. London, M. Joseph, 1955
    • Wheeler, Mortimer, Rome beyond the imperial frontiers. London: Penguin Books. 1955


    اين جي مجمدار N. G. Majumdar

    اين جي مجمدار N. G. Majumdar

    قديم آثارن جي ماهر ناني گوپال مجمدار سنڌو سڀيتا جي کوج جي حوالي سان انتهائي وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ ان ئي جاکوڙ دوارن پنهنجي جان به گهوري ڇڏي. پاڻ پهرين ڊسمبر 1897ع تي گڏيل هندستان جي رياست بنگال جي شهر جيسور ۾ جنم ورتو. مجمدار ڪلڪتي يونيورسٽي مان 1920ع ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان سان گڏ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. جنهن بعد پاڻ ساڳي يونيورسٽي مان 1923ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد هن آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ ملازمت حاصل ڪئي. جتان ئي سندس قديم آثارن تي کوجنا جو ڪم موهن جي دڙي جي کوٽائي ۾ حصو وٺڻ سان شروع ٿيو. اين جي مجمدار کي 22 اپريل 1929ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو.
    اين جي مجمدار سنڌ ۾ چانهون جي دڙي سميت 62 قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ 1927ع ۾ قديم آثارن جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو ۽ هن سنڌو سڀيتا جي ڳوٺاڻي ثقافت ۽ شهري تمدن سان واسطو رکندڙ قديم ماڳن تي تحقيق ڪئي. مجمدار کي سنڌ ۾ قديم آثارن جي کوٽائي لاءِ 1927-28ع ۾ فنڊ مهيا ڪيو ويو، جنهن بعد هن موهن جو دڙو لڳ جهڪر جي قديم ماڳ جي کوٽائي ڪرائي. مارچ 1930ع ۾ پاڻ سنڌو سڀيتا جي ٻن قديم ماڳن، ٺارو جون ٽڪريون ۽ چانهون جي دڙي جي ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. جنهن بعد هن کيرٿر جي پهاڙي سلسلي لڳ قديم دور جي ماڳن جي کوجنا شروع ڪئي. هن مارچ 1931ع تائين قديم دور جا 32 ماڳ هٿ ڪيا. پنهنجي ان کوجنا متعلق تفصيلي رپورٽ ”ايڪسپلوريشن ان سنڌ“ (Exploration in Sind) جي نالي سان ڪتاب جي صورت ۾ اڳيان آندي. آمري جي قديم ماڳ جي عظمت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ به اين جي مجمدار جو هٿ هيو. سندس هي ڪتاب 1934ع ڌاري شايع ڪيو ويو. ان بعد کيس پهرين آڪٽوبر 1938ع ۾ ٻيهر سنڌ جي قديم ماڳن تي تحقيق جو ڪم سونپيو ويو. مجمدار پيرين پنڌ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي موهن جي دڙي جي دور جون ڊزن کن قديم وسنديون دريافت ڪيون. هن ان کوجنا لاءِ 200 ميل پيرين پنڌ ڪري هڪ مثال قائم ڪيو. کيس اهو پراجيڪٽ 6 مهينين لاءِ ڏنو ويو هو، پر افسوس جو هن سنڌو سڀيتا تي تحقيق دوران پنهنجي جان ڏئي، هڪ ٻيو انوکو مثال قائم ڪيو. پاڻ جڏهن ان پروجيڪٽ تحت دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ تحقيق ڪري رهيو هو ته 11 نومبر تي روهيل جو ڪنڊ نالي قديم ماڳ تي ڌاڙيلن سندس ڪيمپ تي حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. اين جي مجمدار کي سنڌ ۾ قديم آثارن تي تحقيق جو بانيڪار قرار ڏنو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ٻين ماهرن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي وڌيڪ ڪم ڪيو ۽ تحقيق جا اهڙا بنياد فراهم ڪيا، جيڪي مستقبل ۾ ڪم ڪندڙ ماهرن لاءِ سونهان ثابت ٿيندا.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • N. G. Majumdar, Exploration in Sind, Indus Publications, 1981
    • N. G. Majumdar, A Guide to the Sculptures in the Indian Museum, Part 1, Archaeological Survey of India, 1937
    • Nani Gopal Majumdar, Explorations in Art and Archaeology of South Asia: Essays Dedicated to N.G. Majumdar, Directorate of Archaeology and Museums, Government of West Bengal, 1996


    نبي بخش بلوچ Nabi Bux Baloch

    سنڌ جي نامياري تاريخدان ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 16 ڊسمبر 1917ع ۾ ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.ابتدائي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪرڻ بعد 1936ع ۾ جهونا ڳڙهه ڪاليج، بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرز ڪرڻ بعد 1943ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم اي جي ڊگري ورتي. ساڳئي ئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان وڪالت جي ڊگري ورتي ۽ 1947ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيو يارڪ مان ايجوڪيشن جي موضوع تي ايم. اي ڪيائين، جنهن بعد 1949ع ۾ ساڳي موضوع تي ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پاڻ مختلف سرڪاري ملازمتون ڪيون. سيپٽمبر 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فئڪلٽي آف ايڊيوڪيشن طور ذميواريون نڀايون. ڊاڪٽر بلوچ ڊسمبر 1973ع کان جنوري 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهيو. جنوري 1976ع کان 9 مارچ 1979ع تائين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ جو ڊائريڪٽر طور به ڪم ڪيو.جڏهن ته 22نومبر 1980ع کان 1983ع تائين اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) اسلام آباد جو وائيس چانسلر به ٿي رهيو.پاڻ 1991ع کان آخر تائين علامه آءِ آءِ قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعزازي ڊائريڪٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.
    ڊاڪٽر بلوچ ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ادارن جو ميمبر به رهيو. جن ۾ اٿارٽي فار موهن جو دڙو، انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان، چيئرمين وائيس چانسلرس ڪميٽي آف يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، ميمبر پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊ اينڊ آرڪائيوز ڪميشن، ميمبر سينٽرل اردو بورڊ لاهور، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور، ميمبر ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، ميمبر سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ سنڌ يونيورسٽي، ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ميمبر سنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل قائد اعظم يونيورسٽي، ميمبر لوڪ ورثـه، ميمبر مقتدره قومي زبان، ميمبر قائد اعظم اڪيڊمي، ميمبر پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سر سيد يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي لئنگئيج اٿارٽي شامل آهن. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ائمريٽس پڻ رهيو. ڊاڪٽر کي ڪيترائي ايوراڊ به ڏنا ويا، جن ۾ تمغهءِ پاڪستان 1962ع ۽ 1968ع ۾، ستاره قائد اعظم، صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس 1979ع، صدارتي ايوارڊ، اعزاز ڪمال 1991ع، صدارتي ايوارڊ، ستاره امتياز 2001ع ۽ ٻيا شامل آهن.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي وارثن جي ٻولي ۽ لکت بابت پنهنجو الڳ نقطي نظر رکي ٿو. سندس خيال هو ته سنڌي ٻولي سڌو سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، پر سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي. لهندا، ڪشميري ۽ اترين سنڌو ماٿر جون داردي ٻوليون ان جون ڀينر آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب سنڌ جي قديم ٻولي غالبن ڪا سامي زبانن جي سٿ مان هئي. جنهن تي پوءِ آريائي زبانن جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان قديم زماني ۾ سنڌ جي ٻوليءَ تي گهڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو ۽ ان بعد پالي پراڪرت ذريعي سنسڪرت جو پيو. ڊاڪٽر بلوچ جي سنڌو ماٿري جي ٻولي بابت آخر تائين اها راءِ رهي ته سنڌي سنسڪرت مان پئدا نه ٿي آهي، ۽ نه وري اپڀرنش مان پئدا ٿي آهي. پر سنڌو ماٿر جي ڪنهن اوائلي آريا ٻولي مان نڪتي آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • نبي بخش بلوچ، ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ 1962ع
    • سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، 1991ع
    • سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ
    • سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي
    • سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو
    • جتڪي ٻولي
    • ٻيلاين جا ٻو‘
    • سومرن جو دور (2 جلد)


    نارائڻ ڊڪشٽ Narayan Dikshit

    نارائڻ ڊڪشٽ Narayan Dikshit

    سنڌو ماٿري جي سڀيتا کي دنيا آڏو نروار ڪرڻ ۾ جن عالمن ۽ ماهرن اهم ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ ڪي اين ڊڪشٽ جو نالو نمايان جڳهه والاري ٿو. سندس اصل نالو راءِ بهادر ڪشناٿ نرائڻ ڊڪشتهو. انڊيا جي هن نامياري آرڪيالاجسٽ 21 آڪٽوبر 1889ع ۾ مهاراشٽرا جي برهمڻ خاندان ۾ جنم ورتو. پاڻ برصغير جي ورهاڱي کان 3 سال اڳ 6 آڪٽوبر 1944 ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ 1937ع کان 1944ع تائين آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. هن آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ مقرري کان اڳ انڊين ميوزم ۾ آرڪيالاجي جي سپرينٽينڊنٽ طور به ذميواريون نڀاهيون. ڊڪشٽ موهن جي دڙي جي کوٽائي دوران سر جان مارشل جي ٽيم جو حصو هو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Kashinath Narayan Dikshit, Excavations at Paharpur, Bengal, (Memoirs of the ArchÃ|ological survey of India) 1938
    • Kashinath Narayan Dikshit, Prehistoric civilization of the Indus Valley, (Sir William Meyer lectures, 1935),1967
    • Kashinath Narayan Dikshit, Banerji, Rakhal Das Dikshit, Eastern Indian school of mediaeval sculpture 1933
    • K.N. Dikshit (Editor), S.P. Gupta (Editor), K.S. Ramachandran (Editor) Puratattva: v. 10: Bulletin of the Indian Archaeological Society


    نائينجوت لاهري Nayanjot Lahiri

    نائينجوت لاهري Nayanjot Lahiri

    نامياري آرڪيالاجسٽ ۽ تاريخدان نائينجوت لاهري دهلي يونيورسٽي جي تاريخ واري شعبي جي پروفيسر آهي. سندس جنم 3 مارچ 1960ع تي ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم دهلي جي اسٽيفن ڪاليج مان حاصل ڪئي. بعد ۾ هن دهلي يونيورسٽي مان ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد کيس دهلي يونيورسٽي جي هندو ڪاليج جي تاريخ واري شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 1982ع کان 1993ع تائين تاريخ جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. بعد ۾ کيس دهلي يونيورسٽي جي تاريخ واري شعبي ۾ ريڊر مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 1993ع کان 2001ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. پاڻ انڊيا جي آرڪيالاجي ۽ قديم تاريخ تي تحقيق ڪري رهي آهي. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي به ڪافي تحقيق ڪئي آهي. سندس سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا لکيل آهن. لاهري سنڌو سڀيتا جي دريافت سميت ان جي پوئتي پوڻ جي ڪارڻن تي به تحقيق ڪئي آهي. ان سان گڏ پاڻ سنڌو سڀيتا جي وارثن جي پرڏيهه سان واپاري لاڳاپن تي به کوجنا ڪئي آهي. پاڻ ڪيترن ئي ملڪي ۽ بين الاقومي ايسوسئيشنس ۽ ادارن سان به لاڳاپيل آهي. لاهري 2007ع کان 2010ع تائين دهلي اربن آرٽ ڪميشن جي ميمبر رهي. پاڻ آمريڪن اينٿروپلاجسٽ جرنل جي ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبر ۽ برطانيه جي ورلڊ آرڪيالاجي جرنل جي صلاحڪاري ايڊيٽوريل بورڊ جي به ميمبر آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Nayanjot Lahiri, The Decline and Fall of the Indus Civilization, Orient Longman Ltd., April, 2000
    • Nayanjot Lahiri, Finding Forgotten Cities: How the Indus Civilization was Discovered, Jul 15, 2013
    • Nayanjot Lahiri, The Archaeology of Indian Trade Routes up to c. 200 BC: Resource Use, Resource Access and Lines of Communication, Oct 15, 1992
    • Nayanjot Lahiri, MARSHALLING THE PAST, 2016
    • Nayanjot Lahiri, Secrets in The Dust: India The First Civilization
    • Nayanjot Lahiri, Ancient India: New Research,2009 (with Upindar Singh)
    • Nayanjot Lahiri, South Asian Demographic Archaeology and Harappan population estimates: A brief reassessment. The Indian Economic and Social History Review. 35(1): 1-22.1998.
    • Nayanjot Lahiri, Some ethnographic aspects of the ancient copper-bronze tradition in India. Journal of the Royal Asiatic Society of Great Britain and Ireland. 3 (2): 219-232.1993.
    • Nayanjot Lahiri, Harappa as a centre of trade and trade routes: A case study of the resource use, resource-access and lines of communication in the Indus Civilization. The Indian Economic and Social History Review. 27: 405-444.1990.
    • Nayanjot Lahiri and D P Sharma. Harappan Settlers of the Yamuna-Ganga Doab. In Indus Civilization Sites in India: New Discoveries, ed. D K Chakrabarti, 52-56, Mumbai: Marg series.2004.
    • Nayanjot Lahiri, The discovery of the indus civilization: Early intuitions and unknown reports, 1826-1920. In Negotiating India’s past essays in memory of Partha Sarthi Gupta, ed. B Pati, B P Sahu and T K Venkatasubramanian, 3-28, New Delhi: Tulika.2003
    • Nayanjot Lahiri, The end of the Harappan Civilization and the Aryan Question: First Formulation. In reconstructing history essays in honour of Prof. V.C. Srivastava, ed. V D Misra, 195-204, Varanasi.1998.


    نشا يادو Nisha Yadav

    نشا يادو Nisha Yadav

    ڀارتي سائنسدان نشا يادو هونئن ته اسٽرونامي ۽ ايسٽروفزڪس جي شعبي ۾ تحقيق سان لاڳاپيل آهي، پر هن سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت جي حوالي سان به سائنسي بنيادن تي کوجنا ڪئي آهي. ڀارت جي ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف فنڊامينٽل ريسرچ جي ايسٽرونامي ڊپارٽمينٽ جي سائنسدان نشا يادو سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت تي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ اسٽيٽسٽيڪل جي ذريعن کي استعمال ڪندي کوجنا ڪئي آهي. هن ڪمپيوٽر جي مدد سان سنڌو لکت جي گرامر جا بنياد جاچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ سنڌو لکت تي تحقيق نامياري ماهر ايم اين وهيا سان جي سربراهي هيٺ ڪري رهي آهي. ان تحقيق بابت هن ڪيترائي ڪارائتا مقالا به تحرير ڪيا آهن.
    نشا يادو انهن ماهرن ۾ شامل آهي، جيڪي سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي وارثن جي پڙهيل لکيل هجڻ جا دعويدار آهن ۽ موهن جو دڙو ۽ ٻين قديم ماڳن تان مليل لکت جي نشانن کي باقاعدي هڪ ٻولي جي لکت قرار ڏين ٿا. نشا يادو ۽ سندس ساٿين ڪجهه ماهرن جي ان دعوى کي سائنسي بنيادن تي رد ڪيو آهي ته سنڌو ماٿري جي قديم آثارن مان مليل لکتن جا نمونا اصل ۾ ڪابه لکت يا ٻولي نه آهي. پر اهي محض ڪجهه غير لساني نشانيون آهن. انهن ماهرن ۾ رچرڊ اسپروٽ(Richard Sproat) ، مائيڪل وٽزل (Michael Witzel) ۽ سٽيو فارمر (Steve Farmer) شامل آهن. جن مرڳو ان ڳالهه کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ته سنڌو سڀيتا جي وارثن وٽ لکت جو ڪو نظام موجود هو. سندن دعوى مطابق سنڌو ماٿري جا ماڻهو اڻ پڙهيل هيا. هنن وٽ لکت جو ڪوبه نظام موجود نه هو.
    نامياري سائنسدان نشا يادو به انهن لساني ماهرن ۾ شامل رهي آهي، جن سٽيو فارمر، رچرڊ اسپروٽ ۽ مائيڪل وٽزل جي ان ٿيوري کي رد ڪيو ته سنڌو ماٿري جا ماڻهو اڻ پڙهيل هئا يا لکڻ نه ڄاڻندا هئا. نشا سنڌو لکت بابت فارمر ۽ سندس ساٿين جي ان بحث کي هڪ اجايو بحث قرار ڏنو آهي. نشا يادو پنهنجي ساٿي سائنسدانن سان گڏ ان معاملي تي پنهنجي جوابي مقالي ۾ چوي ٿيته سنڌو ماٿري مان لسانيات جا اهڙا مضبوط ثبوت مليا آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو رسم الخط هڪ تحريري سرشتو آهي. جنهن ۾ هڪ خطي جي ٻولي موجود آهي.

    ڪتاب مقالا

    • Harappa Weights
    • Sensitivity of Indus Script to Site and Type of Object
    • Statistical Analysis of the Indus Script Using n-Grams, 2010
    • Indus Script: A Study of its Sign Design
    • Supporting Online Material for Entropic Evidence for Linguistic Structure in the Indus Script
    • The Origin and Growth of Astronomy, as Viewed from an Indian Context
    • Network analysis reveals structure indicative of syntax in the corpus of undeciphered Indus civilization inscriptions, 2009
    • Statistical analysis of the Indus script using $n$-grams, 2009
    • Origin and growth of Astronomy in Indian context, 2008
    • A Markov model of the Indus script, 2009
    • Entropic Evidence for Linguistic Structure in the Indus Script, 2009
    • Entropy, the Indus Script, and Language: A Reply to R. Sproat, 2010
    • SEGMENTATION OF INDUS TEXTS


    پي اجيٿ پرساد P. Ajithprasad 



    آرڪيالاجي جو ماهر ڊاڪٽر اجيٿ پرساد ڀارت جي مهاراجا ساياجيرائو يونيورسٽي برودا ۾ جولاءِ 2009ع کان پروفيسر جي عهدي تي ذميواريون نڀائي رهيو آهي. ان کان اڳ پاڻ 1990ع کان 1995ع تائين ساڳي يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي جو ليڪچرار به رهيو. سندس جنم 30 نومبر 1957ع ۾ ٿيو. اجيٿ 1978ع ۾ ڪيرالا يونيورسٽي مان ڪيمسٽري ۾ بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد برودا جي ايم ايس يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد نئين دهلي جي آرڪيالاجي انسٽيٽيوٽ مان آرڪيالاجي ۾ ڊپلوما ڪيو. پاڻ مهاراجا ساياجيرائو يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس تحقيق جو موضوع گجرات جي اورسانگ ماٿري ۾ سنڌو سڀيتا جي ڦهلاءِ ۽ ارتقا هيو. جنهن ۾ هن سنڌو سڀيتا جي دور ۾ ماحولياتي تبديلين بابت کوجنا ڪئي. اجيٿ پرساد 1985ع کان 1988ع تائين فورڊ فائونڊيشن جي جونيئر ريسرچ فيلو طور ذميواريون نڀايون. بعد ۾ کيس سينئر ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي به پاڻ 1988ع کان 1990ع تائين ڪم ڪندو رهيو. آرڪيالاجي ماهر اجيٿ جنوري 2006ع کان مارچ 2006 تائين يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي آرڪيالاجي انسٽيٽيوٽ جو وزيٽنگ فيلو به رهيو.
    سنڌو سڀيتا تي سندس تحقيق کي نظر ۾ رکندي جاپان جي حڪومت طرفان کيس سنڌو سڀيتا تي تحقيق بابت پراجيڪٽ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. پاڻ ان پراجيڪٽ ۾ اپريل 2008ع کان جون 2008ع تائين ۽ بعد ۾ مئي 2011ع کان آگسٽ 2011ع تائين ذميواريون نڀايون. جاپان حڪومت جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هيومنٽي اينڊ نيچر طرفان انڊس پراجيڪٽ تحت سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي کوجنا ڪئي وئي. جنهن ۾ مختلف ملڪن جي آرڪيالاجي ماهرن کي شامل ڪيو ويو. اجيٿ پرساد سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب لکيا آهن. پاڻ سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڪيترن ئي پراجيڪٽس ۾ شامل رهيو آهي. اجيٿ طرفان گجرات جي اورسانگ ماٿري ۾ سنڌو سڀيتا جي ماڳن تي کوجنا کي وڏي اهميت حاصل آهي. هن 1985ع کان 1990ع تائين فورڊ فائونڊيشن جي مالي تعاون سان ان پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو. بعد ۾ 1992ع کان 1998ع تائين انڊيا جي سکي ماٿري ۽ اتر گجرات ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن بابت تحقيق ڪئي. اجيٿ پرساد 2002ع کان 2007ع تائين يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن انڊيا جي سهڪار سان گجرات ۾ سنڌو سڀيتا بابت کوجنا کي اڳتي وڌايو. هن وقت به پاڻ گجرات ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪري رهيو آهي. اجيٿ پرساد گجرات ۾ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي. جن ۾ گجرات رياست جي ڪڇ ضلعي ۾ شڪارپورا، پتن ضلعي ۾ وهارو ٽمبو، دترانا، پٿاد، جڙاڪ، باگسرا، جوگپرا، امبا ڪٽ، سنٿالي، ناگودا. رتنپورا، ناگيشوار ۽ ٻيا ماڳ شامل آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Ajithprasad. P, Chalcolithic Cultural Patterns and the Early Harappan Interaction in North Gujarat” In Toshiki Osada and Michael Witzel (Eds.) Cultural Relations between the Indus and the Iranian Plateau during the Third Millennium BCE; Harvard Oriental Series; Opera Minora Vol.7:11-40, 2011
    • Ajithprasad. P and V. H. Sonawane. “The Harappa Culture in North Gujarat: Regional Paradigm” In Occasional Paper 12: Linguistics, Archaeology and Human Past. Toshiki Osada and Endo Hitoshi (Eds.). Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto, Japan: PP.223 -269. 2011
    • Archaeological Explorations in the Saurashtra coast of Junagadh District, Gujarat In Occasional Paper 10: Linguistics, Archaeology and Human Past. Toshiki Osada and Akinori Uesugi (Eds.). Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto, Japan: PP.27-70. 2011
    • Madella M., Ajithprasad P., Lancelotti C., Rondelli B., Balbo A., French C., Rodríguez D., García-Granero J.J., Yannitto V., Rajesh S.V., Gadekar C.S., Briz I.. “Social and environmental transitions in arid zones: the North Gujarat Archaeological Project – NoGAP”. Antiquity Bulletin. 2010
    • Lancelotti, C., Madella, M., Ajithprasad, P. & Petrie, C. (2010). Temperature, compression and fragmentation: an experimental analysis to assess the impact of taphonomic processes on charcoal preservation. Archaeological and Anthropological Sciences, 2(4):307-320. 2010
    • Jaidak (Pithad): A Sorath Harappan site in Jamnagar District, Gujarat and its Architectural Features. In Linguistics, Archaeology and Human Past. Occasional Paper 4. Toshiki Osada and Akinori Uesugi (Eds.). Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto, Japan: PP.83-99. 2008
    • “Formation Processes of the Acheulian sites of the Orsang Valley, Gujarat”. In Formation process and Indian Archaeology. K. Paddayya (Ed.). Deccan College Post-Graduate and Research Institute, Pune :PP 79-91. 2007
    • The Rock Paintings in the Sukhi Valley and their Archaeological and Social context. In Kerala Spectrum: Aspects of Cultural Inheritance. Charles Dias (Ed.). The Indo Portuguese Cultural Institute, Cochin: 15-46. 2006
    • Early Middle Palaeolithic: a Transition Phase between the UpperAcheulian and Middle Palaeolithic cultures in the Orsang Valley, Gujarat. Man and Environment XXX(2):1-11. 2005
    • Palaeolithic Cultural Sequence in the Sukhi valley, Gujarat. In River Valley Cultures of India K. K. Chakrabarty and G. L. Badam (Eds.) IGRMS Bhopal and Aryan Book International New Delhi: 83-98. 2005
    • “The Indus Civilization and its Cultural Heritage in Gujarat” In Heritage Tourism: Exploringthe Future. Varum Maira (Ed.) Monograph, Govt. of Gujarat. 2005
    • K.K. Bhan, V. H. Sonawane, P. Ajithprasad and S. Pratapachandran 2005. Excavations of an Important Harappan Trading and Craft Production Centre at Gola -Dhoro (Bagasra), on the Gulf of Kutch, Gujarat, India. Journal of Interdisciplinary Studies in History and Archaeology Vol.1. No.2:153-158. 2005
    • Holocene Adaptation of the Mesolithic and Chalcolithic Settlements in North Gujarat. Ajithprasad. P. In Yasuda, Y and Vasant Shinde (Eds.) “Monsoon and Civilizations” Roli Books Pvt. Ltd. New Delhi. 2004. pp115-132. 2004
    • Excavations at Bagasra 1996-2003: A preliminary Report. Man and Environment XXVIII (2)-2003 V.H Sonawane, P. Ajithprasad, K.K. Bhan, K. Krishnan, S. Pratapachandran, Abhijit Majumdar, Ajita K. Patel and Jaya Menon. 2004. pp.21-50. 2004
    • The Pre-Harappan Cultures of Gujarat. Ajithprasad.P. In S. Settar and Ravi Korisettar (eds.) Indian Archaeology in Retrospect Vol.II Protohistory: Archaeology of the Harappan Civilization ICHR Manohar New Delhi. 2002. pp.129-158. 2002
    • The Mesolithic Culture in the Orsang Valley, Gujarat. Ajithprasad. P. In Misra V.D and J.N. Pal (eds.) Mesolithic India Department of Ancient Indian History culture and Archaeology, University of Allahabad, Allahabad. 2002. pp.154-189. 2002
    • Acheulian Culture of the Orsang Valley: A Regional Approach. Ajithprasad. P ,In Khanduri B.M. and Vinod Nautyal (Eds.) Him-Kanti: Archaeology, Art and History (Professor K.P Nautyal Felicitation Volume) Book India Publishing Co. Delhi 1997.pp. 11-18. 1997
    • Harappa Culture and Gujarat. Sonawane,V.H and P. Ajithprasad Man and Environment XX (1-2), 1994.pp.37-49. 1994
    • Excavation at Nagwada 1987-88: A Preliminary Report. Hegde, K. T. M, V. H. Sonawane, K. K. Bhan, P. Ajithprasad and K. Krishnan. In Adaptationand Other Essays, (Proceedings of the Archaeological Conference 1988) Ghosh, N. C and Subrata Chakrabarti (Eds.) 1990.pp. 191-196. 1990
    • Excavations at Nagwada-1986 and 1987: A Preliminary Report Hegde, K.T.M., V.H. Sonawane, D. R. Shah, K. K. Bhan, P. Ajithprasad, K. Krishnan and S. Pratapachandran. Man and Environment XII -1988.pp55-65. 1988
    • Ajithprasad P. “Bagasra and the Harappan Craft Production” in History of Ancient India (Ed.) Dilip K. Chakrabarti. Vivekananda International Foundation
    • Madella M., Ajithprasad P., Balbo A., Rondelli B., Rodríguez D., Yannitto V., Garcia-Granero J.J., Lancelotti C., French C., Gadekar C.S., Rajesh S.V. “Proyectoarqueológico norte del Gujarat -- North Gujarat Archaeological Project – NoGAP”. Informes y Trabajos, vol 4, Instituto del Patrimonio Cultural de España.
    • Balbo, A., Rondelli, B., Cecília, F., Madella, M., Ajithprasad, P., Remote Geomorphological Information for the study of complex adaptive socio-ecological systems in arid margins: the case of the Northern Gujarat (NW India). Journal of Arid Environment
    • Madella M., Ajithprasad P., Balbo A., Rondelli B., Rodríguez D., Yannitto V., Garcia- Granero J.J., Lancelotti C., French C., Gadekar C.S., Rajesh S.V. “Proyecto arqueológico norte del Gujarat -- North Gujarat Archaeological Project – NoGAP”. Informes y Trabajos, vol 4, Instituto del Patrimonio Cultural de España.


    پائلو بيگي Paolo Biagi

    پائلو بيگي Paolo Biagi

    اٽلي جي آرڪيالاجسٽ پائلو بيگي سنڌ ۾ پٿر دور جي ماڳن تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي. هن اٽلي جي شهر بريسڪا ۾ 30 جنوري 1948ع تي جنم ورتو. پاڻ ميلان يونيورسٽي مان 1972ع ۾ ڪلاسيڪل ادب جي موضوع تي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد لنڊن يونيورسٽي جي آرڪيالاجي انسٽيٽيوٽ مان 1981ع ۾ آرڪيالاجي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ميلان يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد کيس نيچرل هسٽري ميوزم بريسڪا ۾ پهريان اسسٽنٽ ۽ بعد ۾ ڪيوريٽر مقرر ڪيو ويو. جتي هن 1978ع کان 1981ع تائين ذميواريون نڀايون. جنهن بعد پاڻ گينوا يونيورسٽي جي آرڪيالاجي انسٽيٽيوٽ ۾ 1981ع کان 1988ع تائين محقق طور ڪم ڪيو. بيگي بعد ۾ ڪافوسڪيري يونيورسٽي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. جتي هن 1988 کان 2003ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، جتان کيس ترقي ڏئي ساڳي يونيورسٽي ۾ قديم تاريخ جي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. جتي اڃا سوڌو ذميواريون نڀائي رهيو آهي.
    پائلو بيگي سنڌ، بلوچستان، اٽلي، سلواڪيا، انگلينڊ، رومانيا، مقدونيا، ڪويت، اومان ۽ سارڊينيا ۾ قديم آثارن تي تحقيق ڪئي ۽ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي آهي. پاڻ 1993ع کان سنڌ ۾ اٽلي جي آرڪيالاجيڪل مشن جي ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي. هن آرڪيالاجي جي موضوع تي 350 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا به تحرير ڪيا آهن. سندس تحقيقي ڪم اطالوي، فرينچ، اسپينش، برٽش، جرمن، پولش، يوڪرينين، رشين، ڪروشين ۽ پاڪستان سميت مختلف ملڪن جي رسالن ۾ مختلف ٻولين ۾ شايع ٿيل آهي. هن اسلام آباد، حيدرآباد، ڄامشوري، ڪوئيٽا، پشاور سميت پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ آرڪيالاجي تي ليڪچر به ڏنا آهن. جيڪي سنڌ جي قديم تهذيب، ٻولي ۽ ثقافت بابت انتهائي اهميت لائق آهن. کيس 1991ع ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان سندس سنڌ ۾ تحقيق جي مڃتا طور گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. پاڻ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ 1998ع کان 2003ع تائين آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن جو ايڪسٽرنل سپروائيزر به رهيو. پاڻ هن وقت قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي ٽيڪسيلا انسٽيٽيوٽ فار ايشين سولائيزيشن ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن جو سپروائيزر مقرر ٿيل آهي. پائلو بيگي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌالاجي انسٽيٽيوٽ جي جرنل ”سنڌولاجيڪل اسٽيڊيز“ ۽ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي ”جرنل آف ايشين سولائيزيشن“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو به ميمبر آهي. اسان هيٺ سندس انهن ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن جي فهرست پيش ڪريون ٿا، جيڪي سنڌ جي تهذيب متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Paolo Biagi, Past 2001 Mesolithic in Sindh.
    • P. Biagi, E. Starnini, 2011, Neanderthals at the south-easternmost edge: the spread of Levalloisian Mousterian in the Indian Subcontinent.
    • Paolo Biagi and Elisabetta Starnini ,THE BRONZE AGE INDUS QUARRIES OF THE ROHRI HILLS AND ONGAR IN SINDH (PAKISTAN)
    • Paolo Biagi and Renato Nisbet, The prehistoric fisher-gatherers of the western coast of the Arabian Sea: a case of seasonal sedentarization
    • Paolo Biagi and Mauro cremaschi, The early Palaeolithic sites of the Rohri Hills (Sind, Pakistan) and their environmental significance
    • P. Biagi 2014 - Quarries in Harappa
    • P. Biagi 2014 - Shell Middens of the Coast of Balochistan
    • P. Biagi 2003-2004 - Buddhism in Sindh & the Destruction of the City of Seeraj
    • P. Biagi and E. Starnini 2014 - Neanderthals t the south-easternmost edge: The spread of Levallois Mousterian in the Indian Subcontinent
    • P. Biagi and E. Starnini 2014 - The Levallois Mousterian assemblages of Sindh (Pakistan) and their relations with the Middle Palaeolithic of the Indian Subcontinent (English version)
    • P. Biagi and R. Nisbet 2014 - Sonari: a Bronze Age fisher-gatherer settlement at the Hab River mouth (Sindh, Pakistan)
    • P. Biagi, E. Starnini 2014 - The Levalloisian-Mousterian Assemblages of Lower Sindh (Pakistan) and their Relations with the Middle Palaeolithic of the Indian Subcontinent
    • P. Biagi 2004 - Foreword "S.M. Ashfaque - Bedrock of Human Prehistory in Pakistan. The Early Palaeolithic in Northern Punjab"
    • P. Biagi, A. Girod, R. Nisbet 2013 - Prehistoric shell middens, seascapes and landscapes at Lake Siranda (Las Bela, Balochistan) Preliminary results of the 2011 fieldwork season
    • P. Biagi, R. Nisbet, A. Girod, T. Fantuzzi 2013 -The Middle Holocene mangrove shellfish gatherers of Las Bela coast (Balochistan, Pakistan): new AMS dates from Lake Siranda shell middens
    • P. Biagi 2004 - The Early Holocene lithic assemblages of Sindh (Pakistan)
    • P. Biagi 2006 - The Prehistory of Lower Sindh (Pakistan): New Results and More Perspectives
    • P. Biagi, T. Fantuzzi, C. Franco 2013 - The Shell Middens of the Bay of Daun: Environmental Changes and Human Impact Along the Coast of Las Bela (Balochistan, Pakistan) between the 8th and the 5th Millennium BP
    • P. Biagi 2013 - The shell middens of Las Bela coast and the Indus delta (Arabian Sea, Pakistan)
    • P. Biagi 1998 - Le cave di selce delle Rohri Hills nella valle dell'Indo
    • P. Biagi 2003-04 - Buddhism in Sindh & the Destruction of the City of Seeraj
    • P. Biagi 1995 - An AMS Radiocarbon Date from the Harappan Flint Quarry-Pit 862 in the Rohri Hills (Sindh-Pakistan)
    • P. Biagi, M. Cremaschi 1991 - The Harappan flint quarries of the Rohri Hills (Sind, Pakistan)
    • P. Biagi, M.Cremaschi 1990- Geoarchaeological Investigations on the Rohri Hills (Sind, Pakistan)
    • P. Biagi, M. Cremaschi 1988 - The early Palaeolithic sites of the Rohri Hills (Sind, Pakistan) and their environmental significance
    • P. Biagi 2001 - Surveys and excavations in the Rohri Hills (Sindh, Pakistan)
    • P. Biagi and E. Starnini 2012 - Technological Choices and lithic production in the Indus period: case studies from Sindh (Pakistan)
    • P. Biagi, M. Spataro, R. Nisbet 2002 - A Buddhist town at Seeraj in Upper Sindh (Khairpur, Pakistan): Historical, chronological, archaeometrical and archaeological aspects.
    • P. Biagi , M.M. Kazi, A. Pessina 1994 - New Discoveries of Late Palaeolithic Sites on the Rohri Hills (Sindh - Pakistan).
    • P. Biagi, M.M. Kazi, F. Negrino 1996 - An Acheulian Workshop at Ziarat Pir Shaban on the Rohri Hills, Sindh, Pakistan
    • Starnini E. and Biagi P. 2011 - The Archaeological Record of the Indus (Harappan) Lithic Production: The Excavation of RH862 Flint Mine and Flint Knapping Workshops on the Rohri Hills (Upper Sindh, Pakistan).
    • Biagi P. 2011 - Changing the prehistory of Sindh and Las Bela coast: twenty-five years of Italian contribution
    • Biagi P. and Nisbet R. 2010. The prehistoric flint mines at Jhimpir in Lower Sindh (Pakistan)
    • Biagi P. and Nisbet R. 2011 - The Palaeolithic sites at Ongar in Sindh, Pakistan: a precious archaeological resource in danger
    • P. Biagi 2011 - Late (Upper) Palaeolithic Sites at Jhimpir in Lower Sindh (Thatta, Pakistan)
    • P. Biagi 2010 - Archaeological Surveys in Lower Sindh: Preliminary Results of the 2009 Season
    • P. Biagi, E. Starnini 2011 - Neanderthals at the South-easternmost Edge: The Spread of Levalloisian Mousterian in the Indian Subcontinent
    • P. Biagi 2010 - R. Dennell - The Palaeolithic Settlement of Asia. Cambridge University Press 2009
    • P. Biagi, N Shaikh 1998-1999 - Preliminary report on the surveys and excavations carried out by members of the "Joint Rohri Hills Project" in January-February 2000
    • P. Biagi 1997 - Flint Assemblages from the Rohri Hills in British Collections
    • P. Biagi, G.M. Veesar 1998-1999 - An Archaeological Survey in the Neighbourhood of Thari in the Thar Desert (Sindh, Pakistan)
    • P. Biagi, M Cremaschi 1991 - The Harappan flint quarries of the Rohri Hills (Sind - Pakistan)
    • Biagi P. 2000 - Risultati preliminari delle ricerche archeologiche nelle Rohri Hills (Sindh, Pakistan)
    • P. Biagi 1995 - An AMS radiocarbon date from the Harappan flint Quarry-pit 862 in the Rohri Hills (Sindh - Pakistan)
    • P. Biagi, C. Ottomano, A. Pessina, N. Shaikh 1995 - The 1994 campaign on the Rohri Hills (Sindh - Pakistan): A preliminary report
    • C. Ottomano, P.Biagi. 1997 - Palaeopedological Observations and Radiocarbon Dating of an Archaeological Section at Aror (Sindh, Pakistan)
    • P. Biagi, A. Pessina 1994 - Surveys and Excavations in the Rohri Hills (Sindh - Pakistan): A Preliminary Report
    • P. Biagi, R. Nisbet 2009 - Ranikot Fort (Jamshoro, Sindh): An AMS Radiocarbon Date from Sann (Eastern) Gate
    • A Late (Upper) Palaeolithic site at Ziarat Pir Shaban 2
    • The Archaeological Sites of the Rohri Hills (Sindh, Pakistan): the Way they are Being Destroyed
    • P. Biagi 2008 - The Palaeolithic settlement of Sindh (Pakistan): A review
    • The Mesolithic settlement of Sindh (Pakistan)
    • New Discoveries of Mesolithic sites in the Thar Desert (Upper Sindh, Pakistan)
    • The chipped stone assemblage of the Tharro Hills (Thatta, Sindh, Pakistan): A preliminary typological analysis
    • The Levalloisian assemblages of Sindh (Pakistan) and their importance in the Middle Palaeolithic of the Indian Subcontinent
    • Ongar Revisited
    • Quarries in Harappa
    • New radiocarbon dates for the prehistory of the Arabian Sea coasts of Lower Sindh and Las Bela in Balochistan (Pakistan)
    • Excavations at the Late (Upper) Palaeolithic site of Ziarat Pir Shaban 2 (ZPS2) in the Rohri Hills, Sindh, Pakistan
    • Excavations at the Harappan Flint Quarry 862 on the Rohri Hills (Sindh, Pakistan)
    • New data on the Harappan flint quarries of the Rohri Hills (Sindh, Pakistan)
    • Ricerche archeologiche in Balochistan e nel Sindh meridionale
    • P. Biagi, M. Cremaschi 1988 - The Early Palaeolithic Sites of the Rohri Hills (Sind, Pakistan) and Their Environmental Significance


    پروين ٽالپر Parveen Talpur 

    سنڌ سان تعلق رکندڙ تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ پروين ٽالپر سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي حوالي سان ڪافي شهرت حاصل ڪئي آهي. پاڻ پاڪستان جي ناميارن انگريزي اخبارن ڊان ۽ پاڪستان ٽائيمس سان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جنوري 1979ع ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسيڪو طرفان سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي سيمپوزيم ۾ تحقيقي مقالو پيش ڪري تحقيق جي دنيا ۾ پير پاتو. آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ رهندڙ پروين ٽالپر نيويارڪ جي ڪورنيل يونيورسٽي ۾ 1990ع کان 1997ع تائين وزيٽنگ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته پاڻ 2007ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وزيٽنگ پروفيسر به رهي. پروين ٽالپر ايلمرا ڪاليج ۽ نيويارڪ جي بنگهمٽن يونيورسٽي ۾ به تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس پاڪستان ۽ آمريڪا جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا شايع ٿي چڪا آهن.
    پروين ٽالپر سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ تي به تحقيق ڪري رهي ۽ ان سلسلي ۾ سندس تحقيقي مقالو وسڪونسن يونيورسٽي جي آرڪيالاجيڪل رپورٽ 1994ع جي جلد 3 ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ ڪيل کوجنا سندس ڪتاب ”سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۾ جاميٽري بابت ثابتيون“ ۾ شايع ڪئي وئي. سندس هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو طرفان 1995ع ۾ شايع ڪيو ويو. پروين ٽالپر جو موهن جو دڙو تي تحقيقي ڪتاب 2014ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ سنڌو ماٿري جي شهري تمدن ۽ انتظامي ڍانچي تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. پروين ٽالپر ڪورنيل يونيورسٽي جي پراجيڪٽ تحت سنڌ تي ٽالپر دور ۾ برطانوي قبضي بابت به تحقيق ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ”سنڌ ۾ ٽالپر دور“ 2002ع ۾ لاهور مان شايع ڪيو ويو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Moen jo Daro: Metropolis of the Indus Civilization (2600-1900 BCE). Aug 14, 2014.
    • Evidence of Geometry in Indus Valley Civilization 2500-1500 B.C. Sindhology Department, University of Sindh, Jamshoro. 1995
    • Talpur Rule in Sindh. Ferozsons (Pvt) Ltd. Lahore, Pakistan. 2002
    • Footnotes: Selected Verses of Great Poets. Ferozsons (Pvt) Ltd. Lahore, Pakistan 2006
    • Islam Through A Mosaic Of Cultures – (Anthology: Living Our Religions; Kumarian Press)
    • Obscure Women, Obscure Stories. 2012.
    • Women in the Indus Civilization, January 29, 2015
    • Moen jo Daro - New Threats to Indus Valley Civilization, JANUARY 4, 2010


    آر ڊي بئنرجي R. D. Banerji

    آر ڊي بئنرجي R. D. Banerji

    سنڌو ماٿري جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جي دريافت جو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ ماهر آر ڊي بئنرجي هو. ڀارت جي هن آرڪيالاجي ماهر کي ان عظيم دريافت بعد سڄي دنيا اندر شهرت حاصل ٿي ۽ سندس عالمي سطح جي آرڪيالاجيجي ماهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. راکلداس بئنرجي ڀارت جو هڪ مشهور تاريخدان، آرڪيالاجي ۽ قديم لکتن بابت ماهر هيو. پاڻ 12 اپريل 1885ع ۾ ڀارت جي مرشد آباد ضلعي جي شهر برهمپرا ۾ جنم ورتو ۽ 23 مئي 1930ع ۾ وفات ڪئي. هن 1900ع ۾ برهمپرا جي ڪرشناٿ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد پريزيڊنسي ڪاليج ڪولڪتا مان 1907ع ۾ تاريخ جي شعبي ۾ گريجوئيشن ڪئي. جنهن بعد هن ڪلڪتا يونيورسٽي مان 1911ع ۾ تاريخ ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بئنرجي کي ڪلڪتا ميوزم جي آرڪيالاجي سيڪشن ۾ اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد 1911ع ۾ کيس آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو اسسٽنٽ سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. سندس آرڪيالاجي جي شعبي ۾ ڪم ۽ ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي 1917ع ۾ ترقي ڏئي آرڪيالاجي سرڪل اولهه جو سپرينٽينڊنگ آرڪيالاجسٽ مقرر ڪيو ويو. پاڻ 1926ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ملازمت تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. جنهن بعد بنارس هندو يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. راکلداس بئنرجي 1928ع کان پنهنجي وفات يعني 1930ع تائين بنارس هندو يونيورسٽي ۾ قديم انڊيا جي تاريخ ۽ ڪلچر بابت شعبي جو پروفيسر رهيو. هن پنهنجي مادري ٻولي بنگالي ۾ به ڪيترائي ناول لکيا.
    راکلداس بئنرجي کي قديم لکتن جي اڀياس جو تمام گهڻو شوق هوندو هو ۽ پاڻ 1919ع کان قديم دور جي لکتن کي پڙهڻ بابت پنهنجو ڪم جاري رکيو ۽ پراچين بنگالي لکت کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن تي کيس ڪلڪتا يونيورسٽي طرفان جوبلي ريسرچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. بئنرجي پنجاب ۽ سنڌ ۾ سڪندر اعظم جي دور جي قديم ٺلن بابت جاچ پڙتال ڪري رهيو هو ته اتفاق سان هيءُ ماهر ووڙيندو ووڙيندو 1922ع ۾ اچي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شهر کان 6 ميل پري هڪ ٻڌ اسٽوپا وٽ پهتو، جيڪو ٻڌ دور جو هڪ مندر هيو. جڏهن بئنرجي ٺل ڀرسان ڪجهه کوٽائي ڪرائي ته کيس اتان پٿر جا ڪپ ۽ ٺڪر جي ٿانون جو اهڙو ٺيڪراٽ هٿ آيس، جن جو ٻڌ دور سان ڪو به واسطو نه هيو. پر اهي ڪنهن هزارين سال پراڻي دور جي ڪنهن نرالي تهذيب جي نشاندهي ڪن پيا. جڏهن بئنرجي اسٽوپا ڀرسان کوٽائي ڪرائي ته اتان هن کي هڪ اهڙي مهر ملي، جيڪا شڪل ۽ صورت ۾ هڙاپا مان مليل هڪ تصويري رسم الخط واري مهر سان هڪ جهڙائي ڏيکاري پئي. جيڪا سر الگزينڊر ڪنگهم کي هڙاپا جي کوٽائي مان ملي هئي. ان مان بئنرجي اندازو لڳايو ته هتان اڃا ڪنهن قديم تهذيب تي روشني پوندي. جيڪا هڙاپا وانگر 5 هزار سال کن پراڻي هوندي. ڇو جو هتان ملندڙ ڪجهه اوزار ۽ ٺڪر جا ٿانون هڙاپا مان انهن ئي ڏينهن ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان ملي رهيا هئا. جيڪو هنڌ ان وقت برصغير ۾ سڀ کان پراڻو ۽ قديم شمار ڪيو ويندو هو. آر ڊي بئنرجي اهڙو اطلاع برٽش گورنمينٽ جي آرڪيالاجي کاتي کي ڏنو، جنهن بعد 1922ع ۾ برطانوي هند جي آرڪيالاجي کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل موهن جي دڙي پهتو ۽ هن موهن جو دڙو جي کوٽائي شروع ڪئي، جنهن ۾ آرڪيالاجي کاتي جاعملدار ڪي اين ڊڪشٽ ۽ ارنيسٽ ميڪي ساڻس گڏ هئا.
    آر ڊي بئنرجي جي شروعاتي ڪوششن سان ئي سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب مٿان زمانن جا پيل پردا ۽ لٽ لهڻ شروع ٿيا. قديم آثارن جي ماهرن جون پرڏيهي اخبارن ۾ هن عظيم تهذيب بابت رپورٽون ۽ بيان شايع ٿيڻ شروع ٿيا ۽ جلد ئي سڄي دنيا ۾ هن عظيم تهذيب ۽ تمدن جي هاڪ پئجي وئي. ان ئي کوٽائيءَ نه فقط سنڌ ديس جي اڻ لکيل تاريخ ۾ 5 هزار سال اڳ جي سونهري دور جو اضافو ڪيو، پر بئنرجي کي به جڳ جهان ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. موهن جي دڙي جي دريافت بعد آر ڊي بيئنرجي ان بابت ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ مقالا لکيا. سندس انهن مضمونن ۽ ڪتابن ۾ انگريزي ۾” انڊيا جو 5 هزار سال پراڻو شهر“، بنگالي ۾ ”موهن جو دڙو“ ۽ ”تاريخ کان اڳ، قديم هندو انڊيا“ ۽ ”موهن جو دڙو هڪ وساريل رپورٽ“ شامل آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • An Indian City Five Thousand Years Ago
    • Muhen-jodaro" (in Bangla, Basumati, 1331 BS)
    • Prehistoric, Ancient and Hindu India (posthumously published, 1934)
    • Mahenjodaro – A Forgotten Report
    • History of India (1924)
    • A Junior History of India (1928)


    آر اڌيڪاري R. Adhikari



    ڀارتي سائنسدان آر اڌيڪاري جو اصل نالو رونوجاءِ اڌيڪاري آهي، پاڻ چنائي ۾ انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽيڪل سائنس ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي. پاڻ ڀارتي شهر چنائي ۾ پئدا ٿيو ۽ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سائنس مان فزڪس ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. جنوري 2012ع کان انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽيڪل سائنس سان لاڳاپيل آهي. اڌيڪاري نيويارڪ يونيورسٽي ۽ پرنسٽن يونيورسٽي جو فيلو ۽ ڪيمبرج يونيورشتي جو وزيٽنگ پروفيسر به رهي چڪو آهي. پاڻ مٽيريل فزڪس ۽ ڪمپيوٽر ۾ هيومن انٽيليجنس جي شعبي ۾ مهارت رکندڙ آهي. کيس سندس تحقيق جي مڃتا طور ڪيترائي عالمي ۽ ملڪي ايوارڊ به ملي چڪا آهن. اڌيڪاري سنڌو سڀيتا تي سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۾ شامل آهي. هن ڪيترن ئي ملڪي ۽ بين الاقومي آرڪيالاجسٽن ۽ ٻولي ۽ قديم تاريخ جي ماهرن سان گڏجي سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪئي آهي. سنڌو ماٿري جي لکت جي حوالي سان پاڻ ڪمپيوٽر انٽيليجنس جي مدد سان تحقيق ڪندڙ ماهرن جي سٿ ۾ شامل آهي.

    ڪتاب

    • Fluvial landscapes of the Harappan civilization, Liviu Giosan, Peter D Clift, Mark G Macklin, Dorian Q Fuller, Stefan Constantinescu, Julie A Durcan, Thomas Stevens, Geoff AT Duller, Ali R Tabrez, Kavita Gangal, Ronojoy Adhikari, Anwar Alizai, Florin Filip, Sam VanLaningham, James PM Syvitski, Proceedings of the National Academy of Sciences, Volume: 109, Issue, 26, 2012/6/26
    • Entropic evidence for linguistic structure in the Indus script, Rajesh PN Rao, Nisha Yadav, Mayank N Vahia, Hrishikesh Joglekar, R Adhikari, Iravatham Mahadevan, Journal Science, Volume: 324, Issue: 5931, 2009/5/29
    • Statistical analysis of the Indus script using n-grams, Nisha Yadav, Hrishikesh Joglekar, Rajesh PN Rao, Mayank N Vahia, Ronojoy Adhikari, Iravatham Mahadevan, PLoS One, Volume: 5, Issue: 3, 2010/3/19
    • Entropy, the Indus script, and language: A reply to R. Sproat, Rajesh PN Rao, Nisha Yadav, Mayank N Vahia, Hrishikesh Joglekar, Ronojoy Adhikari, Iravatham Mahadevan, Computational Linguistics, Volume: 36, Issue: 4, 2010/12/15
    • Spatio-temporal analysis of the Indus urbanization, K Gangal, MN Vahia, R Adhikari, Current Science(Bangalore), Volume: 98, Issue, 6, 2010/3/25
    • A Markov model of the Indus script, Proceedings of the National Academy of Sciences, Volume: 106, Issue: 33. 2009/8/18


    راجيش رائو Rajesh P. N. Rao

    راجيش رائو Rajesh P. N. Rao

    راجيش رائو جو نالو سنڌو سڀيتا جي لکت تي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. پاڻ سنڌو لکت جي ڀاڃ decipherment لاءِ ڪمپويٽر ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندڙ پهريون ماهر آهي. سندس جنم ڀارت جي مدراس شهر ۾ 2 جولاءِ 1970ع تي ٿيو. پاڻ اينگلو اسٽيٽ يونيورسٽي مان 1992ع ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ گريجوئيشن ڪئي. بعد ۾ يونيورسٽي آف روچيسٽر مان 1994ع ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سي ۽ 1998ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. راجيش رائو هن وقت سينٽر آف سينسريموٽر نيورل انجنئيرنگ Center for Sensorimotor Neural Engineering جو ڊائريڪٽر ۽ يونيورسٽي آف واشنگٽن سيٽلي ۾ ڪمپيوٽر سائنس جو پروفيسر آهي. راجيش رائو ڪمپيوٽشنل نيرو سائنس، آرٽيفيشل انٽيلجنشيا ۽ برين ڪمپيوٽر انٽرفيسنگ جو محقق آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا جي لکت جي ڀاڃ لاءِ کوجنا ڪري رهيو آهي.

    ڪتاب، مقالا:

    • Probabilistic Analysis of the 4000-year-old Indus Script
    • Probabilistic Analysis of an Ancient Undeciphered Script (invited article, IEEE Computer, vol. 43(4), 76-80, April 2010). Abstract on the IEEE Computer webpage.
    • Statistical analysis of the Indus script using n-grams (with N. Yadav et al., PLOS One, 5(3): e9506, March 2010)
    • A Markov model of the Indus script (Proceedings of the National Academy of Sciences (PNAS), vol. 106, 13685-13690, August 2009). Abstract on thePNAS webpage.
    • Entropic evidence for linguistic structure in the Indus script (Science, vol. 324, p. 1165, May 2009). Abstract on the Science webpage.
    • Entropy, the Indus script, and language: A reply to R. Sproat (Computational Linguistics, vol. 36(4), 2010). PDF preprint .
    • Rebuttal of Sproat, Farmer and other Indus "non-script" adherents

    Other Publications
    • PNAS paper on learning BCIs
    • Curr Opinion Neurobio paper on BCIs for scientific inquiry
    • J Neur Eng paper on probabilistic co-adaptive BCIs
    • First brain-controlled humanoid robot and human brain-to-brain interface
    • NIPS article on how priors influence decision making
    • Review article on predictive coding models of brain function


    رنڊال وليم لا Randall William Law

    رنڊال وليم لا Randall William Law

    سنڌو سڀيتا جي شهرن تمدن تي تحقيق ڪندڙ ماهر رنڊال وليم لا (ٽو) وسڪونسن ميڊسن يونيورسٽي ۾ آنرري فيلو آهي. پاڻ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري مشهور آرڪيالاجسٽ جوناٿن مارڪ ڪينوائر جي رهبري هيٺ وسڪونسن ميڊسن يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. رنڊال وليم لا سنڌو سڀيتا جي شهري مرڪزن وچ ۾ قائم گڏيل رابطن ۽ ان دور جي رهواسين وچ ۾ قدرتي وسيلن جي مٽاسٽا جي نظام تي تحقيق ڪري رهيو آهي. سندس تحقيق جو خاص محور موهن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ رابطن بابت رهيو آهي. هن تحقيق بعد اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ ڍولاويرا مان مليل سوراخ وارا پٿر هڙاپا مان آندا ويا هئا. سندس سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا دنيا جي مشهور تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا:

    • Ancient Indus Silver Isotope Analysis, (with James H. Burton), American Laboratory, Sept. 2008
    • Moving Mountains: The Trade and Transport of Rocks and Minerals with the Greater Indus Valley Region, Space and Spatial Analysis in Archaeology, Jan 1, 2006
    • A Technique for Determing the Provenance of Harappan Banded Limestone "Ringstones" Using ICP-AES, Jan 1, 2006
    • A Diachronic Examination of Lithic Exchange Networks During the Urban Transformation of Harappa, South Asian Archaeology, 2003.
    • Regional Interaction in the Prehistoric Indus Valley, South Asian Archaeology 2001
    • Black Chert Source Identified at Nammal Gorge, Salt Range, Ancient Pakistan
    • Potential Steatite Sources for the Indus Civilization, Paper delivered at the April 6-8 2001 at the International Colloquium on the Indus Valley Civilization in Islamabad, Pakistan
    • The Important Stone and Metal Resources of Gujarat during the Harappan Period,
    • INAA of agate sources and artifacts from the Indus, Helmand, and Thailand Regions, Archaeology, Agate, and Instrumental Neutron Activaation Analysis (INAA), (with Alison Carter and Kuldeep Kumar Bhan)
    • Inter-regional interaction and urbanism in the ancient Indus Valley: a geologic provenience study of Harappa's rock and mineral assemblage, RIHN, Kyoto, Jan 1, 2011
    • Non-destructive: Pb isotope analysis of Harappan Lead Artifacts using Ethylenediaminetetraacetic Acid and ICP-MS.(practically), dialnet. unirioja.es, Jan 1, 2006


    رائمنڊ آلچن Raymond Allchin

    رائمنڊ آلچن Raymond Allchin

    برطانوي آرڪيالاجي ماهر رائمنڊ آلچن سنڌو سڀيتا ۽ ڏکڻ ايشيا جي قديم تهذيب ۽ آرڪيالاجي تي ڪافي تحقيق ڪئي ۽ ان متعلق سندس تحرير ڪيل ڪتاب ۽ مقالا تاريخ ۽ آرڪيالاجي جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ بي بها اثاثو آهن. پاڻ 9 جولاءِ 1923ع ۾ برطانيه جي شهر هيرو ۾ جنم ورتو ۽ 4 جون 2010ع تي ڪيمبرج ۾ وفات ڪري ويو. رائمنڊ ويسٽ منسٽر ۾ 3 سال آرڪيٽيڪچر ۾ تعليم حاصل ڪئي. جنهن بعد کيس 1944ع ۾ انڊيا ۾ ملازمت ملي. هن هندي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ بي اي جي ڊگري ورتي ۽ بعد ۾ قديم تاريخ تي ڊاڪٽريٽ ڪئي. جتي سندس ملاقات برگيٽ آلچن سان ٿي. هنن ٻنهي 1951ع ۾ شادي ڪئي ۽ ساڳي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا. رائمنڊ پي ايڇ ڊي مڪمل ٿيڻ بعد 1954ع ۾ يونيورسٽي آف لنڊن جي اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽيڊيز ۾انڊيا جي آرڪيالاجي واري شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. پاڻ ان عهدي تي 1959ع تائين ڪم ڪندو رهيو، بعد ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ انڊين اسٽيڊيز جو ليڪچرار مقرر ٿيو. رائمنڊ ۽ سندس گهرواري سنڌ ۽ هند ۾ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي ۽ پٿر دور جا ڪيترائي ماڳ ڳولي لڌا. برطانيه جو هي جوڙو سنڌو سڀيتا تي وڌ کان وڌ تفصيلي تحقيق ڪندڙ ماهرن جي اڳين صف ۾ شامل رهيو آهي. پاڻ برصغير جي قديم تاريخ، اينٿروپلاجي، لکتن ۽ ٻولين تي به تحقيق ڪئي. هن قديم آثارن جي ٻين يورپي ماهرن سان گڏ 1978ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ انڊيا ايران ٽرسٽ جو بنياد وڌو. جنهن جو مقصد ڏکڻ ايشيا جي شاگردن کي آرڪيالاجي ۾ اعلى تعليم ۽ تحقيق لاءِ فنڊ مهيا ڪرڻ هيو. رائمنڊ قديم تهذيب تي تحقيق بعد پنهنجي زال سميت ٻين ڪيترن ئي ماهرن سان گڏ توڙي اڪيلي سر ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا تحرير ڪيا.
    رائمنڊ آلچن آرڪيالاجي جي شعبي ۾ وڌ کان وڌ فيلڊ ورڪ ڪندڙ ماهر طور سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ سنڌو ماٿري جي پراڻي پٿر دور جي تاريخ تي به ڪم ڪيو، جنهن کي اڪثر آرڪيالاجي ماهر سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي پنهنجي مڙني حسناڪين سان گڏ نڪري نروار ٿيڻ تي وساري چڪا هئا. رائمنڊ آلچن 1952ع ۽ بعد ۾ ٻيهر 1957ع ۾ سنڌو ماٿري جي پراڻي ۽ نئين پٿر دور تي تحقيقات شروع ڪئي. هن آنڌرا پرديش جي آرڪيالاجي ۽ ميوزم ڊپارٽمينٽ جي تعاون ۽ فنڊنگ سان ان تحقيقات جي شروعات ڪئي. پاڻ پاڪستان ۾ 1963ع کان 1964ع تائين پروفيسر اي ايڇ داني سان شيخان ڍيري جي ماڳ تي کوجنا ڪئي، جنهن بعد هن 1967ع ۾ گجرات جي سامونڊي ڪناري تي سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن تي تحقيقات جو ڪم شروع ڪيو. آلچن 1977ع کان 1979ع تائين خيبر پختون خواهه صوبي ۾ بنون جي علائقي ۾ قديم ماڳن تي به کوجنا ڪئي. پشاور يونيورسٽي جي تعاون سان ٿيل هن کوجنا ۾ آلچن سان پاڪستان جا آرڪيالاجسٽ پروفيسر ايف اي دراني ۽ پروفيسر فريد خان به شريڪ هئا.
    ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي تي انتهائي اهم ۽ تفيصلي تحقيق ڪرڻ تي رائمنڊ آلچن کي 1953ع ۾ رائل ايشياٽڪ سوسائٽي جو فيلو ۽ بعد ۾ 1963ع ۾ مڃتا طور ڪيمبرج جي چرچل ڪاليج جو فيلو مقرر ڪيو ويو. کيس 2007ع ۾ دکن ڪاليج پوني طرفان ڊاڪٽر آف لٽريچر جي اعزازي ڊگري به ڏني وئي. رائمنڊ آلچن 1981ع ۾ برٽش اڪيڊمي جو فيلو مقرر ڪيو ويو. جتان هن 1989ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Development of Early Cultures in the Raichur District of Hyderabad. PhD Dissertation, University of London, School of Oriental and African Studies. 1954
    • Piklihal Excavations, Andhra Pradesh Archaeological Series, 1, Hyderabad, Government of Andhra Pradesh, pp xvii, 154. 1960
    • Utnur Excavations, Andhra Pradesh Archaeological Series 5, Hyderabad, Government of Andhra Pradesh, pp 75. 1961
    • Neolithic Cattle Keepers of South India: A study of Deccan ashmounds, Cambridge, Cambridge University Press, pp xvi, 189. 1963
    • Tulsi Das, Kavitavali, translated with introduction (UNESCO), London, Allen & Unwin, pp 229. 1964
    • Tulsi Das, The petition to Ram, translation of Vinayapatrika with introduction, notes and glossary, London, Allen & Unwin, pp 365. 1966
    • A Source-book of Indian Archaeology (with D.K. Chakrabarti), New Delhi, Munshiram Manoharlal, Vol. 1, pp x, 354. 1979
    • Indian Monuments through British Eyes, 1780-1980: Handlist of the exhibition in the Fitzwilliam Museum, Cambridge, Fitzwilliam Museum, pp 1–18. 1982
    • The Conservation of the Indian Heritage (with B. Allchin and B. K. Thapar, ed. and contributor), New Delhi, Cosmo Publications, pp 275. 1989
    • The archaeology of Early Historic South Asia: The emergence of cities and states, (ed.), Cambridge, Cambridge University Press, xvii-317. 1995
    • Excavations at Malvan; report of the collaboration of the Archaeological Survey of India and Cambridge University in 1970, on the Gujarat Plain (with J. P. Joshi) New Delhi, Memoirs of the Archaeological Survey of India 92, pp vii, 117. 1995
    • A Source-book of Indian Archaeology (with D.K. Chakrabarti), New Delhi, Munshiram Manoharlal, Vol. 2: Settlements, Technology and Trade, pp 708. 1997
    • South Asian archaeology, 1971-1991 : index of the proceedings of the biennal conferences of the European Association of South Asian Archaeologists (formerly, Association of South Asian Archaeologists in Western Europe), (compiler). Naples: Indices, Istituto Universitario Orientale. Dipartimento di Studi Aisatici; 3, pp 109. 1997
    • Ancient Buddhist Scrolls from Gandhara: The British Library Kharosthi Fragments (with Richard Salomon and Mark Barnard), London, British Library. 1999
    • The Ancient India and Iran Trust Library. Second, revised edition. Cambridge : Ancient India & Iran Trust Library. 2000
    • A Source-book of Indian Archaeology (with D.K. Chakrabarti), New Delhi, Munshiram Manoharlal, vol. 3: Prehistoric Roots of Religious Beliefs, Human Remains, The First Steps in Historical Archaeology: Sculpture, Architecture, Coins and Inscriptions. pp 291. 2003
    • A flake tool from the Oxus’, Proceedings of the Prehistoric Society, 19, 227. 1953
    • Rock paintings and engravings in Raichur, Hyderabad’, (with D.H. Gordon), Man, 55, 114, 97–99. 1955
    • Stone alignments of Southern Hyderabad’, Man, 56, 133–136. 1956
    • The Neolithic stone industry of North Karnataka region’, Bulletin of the School of Oriental and African Studies, 19, 321–335. 1957
    • The culture sequence of Bactria’, Antiquity, 31, 131–141. 1957
    • Sanskrit eduka – Pali eduka’, Bulletin of the School of Oriental and African Studies, 20, 1-4. 1957
    • Poor men’s thalis, a Deccan potter’s technique’, Bulletin of the School of Oriental and African Studies, 22, 250–257. 1959
    • Upon the contextual significance of certain groups of ancient Indian signs’, Bulletin of the School of Oriental and African Studies, 22, 548–555. 1959
    • Ideas of history in Indian archaeological writing’, in C. Philips, ed., Historians of India, Pakistan and Ceylon, Oxford, Oxford University Press, 241–259. 1961
    • The antiquity and methods of gold mining in ancient India’, Journal of the Economic and Social History of the Orient, 5, 195–211. 1961
    • The Neolithic stone industry of the Santal Parganas’, Bulletin of the School of Oriental and African Studies, 25, 306–330. 1962
    • A Neolithic pot from the Billa Surgam caves, Andhra Pradesh, Antiquity, 36, 302–303. 1962
    • Painted pottery from Patapad in Andhra Pradesh, Antiquity, 36, 221–224. 1962
    • Cattle and economy in the Neolithic of South India’, in A.E. Mourant and F.E. Zeuner, eds, Man and Cattle, London 149–155. 1963 ‘The cultural tradition of India’, The Listener, March, 25–39. 1963
    • An inscribed weight from Mathura’, Journal of the Economic and Social History of the Orient, 7, 201–205. 1964
    • Pottery and head-rests from Narasipur Sangam’, in D. Sen and A.K. Ghosh, eds, Studies in Prehistory, Robert Bruce Foote Memorial Volume, Calcutta, Firma K. L. Mukhopadhyay, 58–63. 1966
    • The place of Tulsi Das in North Indian devotional tradition’, Journal of the Royal Asiatic Society, 123–140. 1966
    • The social thought of Swami Vivekananda’, Swami Vivekannanda in East and West, London, Ramakrishna Vedanta Centre, 84–105. 1968
    • Archaeology and the date of Kaniska’, in A.L. Basham, ed., Papers on the Date of Kaniska, Leiden, E. J. Brill, 4–34. 1968
    • Explorations in districts Baroda, Broach and Surat’ (with J.P. Joshi), Indian Archaeology 1967-68 – a review, New Delhi, Archaeological Survey of India, 9-13. 1968
    • Early domestic animals in India and Pakistan’, in P.J. Ucko and G.W. Dimbleby, eds, The Domestication and Exploitation of Plants and Animals, London, Duckworth, 317-22. 1969
    • Early cultivated plants in India and Pakistan’, in P.J. Ucko and G.W. Dimbleby, eds, The Domestication and Exploitation of Plants and Animals, London, Duckworth, 323-29. 1969
    • Dilmun and the gulf of Cambay’, Antiquity, 43, 315-16. 1969
    • Malvan – further light on the southern extension of the Indus Civilisation’ (with J.P. Joshi), Journal of the Royal Asiatic Society¸ 1, 20-28. 1970
    • A pottery group from Ayun, Chitral’ (in honour of Sir Harold Bailey), Bulletin of the School of Oriental and African Studies, 33, 1-4. 1970
    • The attaining of the void – a review of some recent contributions in English to Virasaiva studies’, Religious Studies, 7, 339-59. 1971
    • Malvan’ (with J.P. Joshi), in S.B. Deo, ed., Archaeological Congress and Seminar Papers, Nagpur, Nagpur University, 36-42. 1972
    • A piece of scale armour from Shaikhan Dheri, Charsada’, Journal of the Royal Asiatic Society, 2, 113-20. 1972
    • A cruciform reliquary from Shaikhan Dheri, Charsada’, in P. Pal, ed., Aspects of Indian Art, Leiden, E. J. Brill, 15-26. 1972
    • An inscribed reliquary from Shaikhan Dheri, in H.H. Hartel and V. Moeller, eds, Indologen-Tagung, 1971, Wiesbaden, Steiner, 265-72. 1973
    • Problems and perspectives in South Asian archaeology’, in N. Hammond, ed., South Asian Archaeology, 1971, Park Ridge, Noyes Press, 1-11. 1973
    • The emergence of civilisation in North India’, Encyclopedia Britannica. London, Encyclopedia Britannica, 1974
    • Preface for reprint of Annual Reports of the Archaeological Survey of Mysore, 1-3. 1976
    • Religious symbols and Indian thought’, in H.R.E. Davidson, ed., Symbols of Power, Cambridge, The Folklore Society Mistletoe Series, 1-35. 1977
    • A modern Indian potter’s technique’, in D. Chattopadhyaya, ed., History and Society: Essays in honour of Professor Niharanjan Ray, Calcutta, Firma K. L. Mukhopadhyay, 1-13. 1977
    • Surface collections from Pushkar’, in B. Allchin, A.S. Goudie and K. Hegde, eds, The Prehistory and Palaeogeography of the Great Indian Desert, New York, Academic Press, 331-1+9. 1978
    • Monument conservation and policy in India’, Journal of the Royal Society of Arts, 126, 746-65. 1978
    • India – the ancient home of distillation?’, Man, 14, 55-63. 1979
    • Stamped Tangas and condensers: evidence of distillation at Shaikhan Dheri’, in M. Taddei, ed., South Asian Archaeology, 1977, Naples, Istituto Universitario Orientale, 755-97. 1979
    • A note on the "Asokan" stupas of Patan’, in A.L. Dallapiccola, ed., The Stupa, its Religious, Historical and Architectural Significance, Wiesbaden, Frantz Steiner Verlag, 147-56. 1980
    • Textile impressions from the South Indian Iron Age’, P.E.P. Deraniyagala Commemoration Volume, Sri Lanka, 64-7. 1980
    • Archaeological and language evidence for the movement of Indo-Aryan speaking peoples into South Asia’, J. K.R. Cama Oriental Institute, Bombay, 48, 68-102; also published in 1981, in M.S. Asimov, B.A. Litvinsky, L.I. Miroshnikov and D.S. Rayevsky, eds, Ethnic Problems of the history of Central Asia in the Early Period (2nd millennium B.C.), Moscow 336-49. 1980
    • Preliminary report on the Bannu Basin Project (1977-79) – Introduction’, in H. Härtel (ed.), South Asian Archaeology, 1979, Berlin: Dietrich Reimer Verlag, 217–218. 1981
    • Preliminary report on the excavations at Lewan (1977-78)’ (with J.R. Knox), in H. Hartel, ed., South Asian Archaeology, 1979, Berlin, Dietrich Reimer Verlag, 241-44. 1981
    • The legacy of the Indus Civilisation’, in Gregory L. Posssehl, ed., Harappan Civilization, A Contemporary Perspective¸ New Delhi, Oxford & IBH, 325-33. 1981
    • Antiquity and continuity’, in P. Jayakar et al., eds, The Indian Experience, 125-29. 1981
    • Antecedents of the Indus Civilization (10th Annual Mortimer Wheeler Archaeological Lecture)’, Bulletin of the British Academy, 66, 135-60. 1981
    • How old is the city of Taxila?’, Antiquity, 56, 8-14. 1981
    • The northern limits of the Harappan culture zone in the light of recent observations’, in B.B. Lal and S.P. Gupta, eds, Frontiers of the Indus Civilization, New Delhi, Books and Books, 51-4. 1984
    • Guide to the Asokan inscriptions’ (with K.R. Norman), in B. Allchin, ed., South Asian Studies, 1, 43-50. 1985
    • The interpretation of a seal from Chanhu-daro and its significance for the religion of the Indus Civilization, South Asian Archaeology 1983, in J. Schotsmans, J. and M. Taddei, M., eds. Naples, Instituto Universitario Orientale, Dipartimento di Studi Asiatici, Series Minor 23: 369-84. 1985
    • Radiocarbon dating of some early sites in North West Pakistan’ (with K.D. Thomas), South Asian Studies, 2: 37-44. 1986
    • The aims of the Seminar’, introductory remarks, in B. Allchin, F.R. Allchin and B.K. Thapar, eds, The Conservation of the Indian heritage, New Delhi, Cosmo Publications. 1989
    • Threats to the conservation of monuments in urban and rural settings’, in B. Allchin, F.R. Allchin and B.K. Thapar eds, The Conservation of the Indian heritage, New Delhi. 1989
    • City and State Formation in Early Historic South Asia’, South Asian Studies 5: 1-16. 1989
    • Indo-Aryan and Aryan: language, culture and ethnicity’. Ancient Ceylon 10:13-23. 1990
    • Patterns of city formation in Early Historic South Asia’. South Asian Studies 6: 163-74. 1990
    • The end of the Harappan Urban Phase and its aftermath’. Ancient Ceylon 10: 25-40. 1990
    • An Indus ram: a hitherto unrecorded stone sculpture from the Indus Civilization’. South Asian Studies 8: 53-4. 1992
    • Coningham R.A.E., Allchin F.R., Batt C.M. & Lucy D. Passage to India? Anuradhapura and the Early Use of the Brahmi Script. Cambridge Archaeological Journal 6(1): 73–97. 1996
    • The interface of archaeology and history’. Man and Environment 23, (1): 19–36. 1998

    زال برگيٽ آلچن سان گڏ تحرير ڪيل ڪتاب

    • Allchin, Bridget, and F. Raymond Allchin 1968. The Birth of Indian Civilization: India and Pakistan Before 500 B.C. Harmondsworth: Penguin Books.
    • Allchin, Bridget, and F. Raymond Allchin 1982. The Rise of Civilization in India and Pakistan. Cambridge: Cambridge University Press.
    • Allchin, Bridget, and F. Raymond Allchin 1997. Origins of a Civilization: The Prehistory and Early Archaeology of South Asia. New Delhi: Viking.
    • Allchin, F. Raymond, and Bridget Allchin 2012. From the Oxus to Mysore in 1951: The start of a great partnership in Indian Archaeology. Kilkerran: Hardinge Simpole


    رچرڊ ايڇ ميداو Richard H. Meadow

    رچرڊ ايڇ ميداو Richard H. Meadow


    آمريڪا جي آرڪيالاجي ماهر رچرڊ ايڇ ميداو پاڪستان ۾ سنڌو سڀيتا سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي آهي. پاڻ هارورڊ يونيورسٽي مان بي اي، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون. آرڪيالاجي جي شعبي ۾ سندس ٽيڪنيڪل فيلڊ زوآرڪيالاجي (Zooarchaeology) رهي آهي. هن قديم آثارن جي ماڳن تان ملندڙ جانورن جي باقيات ۽ نسل بابت تحقيق ڪئي آهي. پاڻ ڏکڻ ايشيا، اوڀر ايشيا، وچ اوڀر جي ملڪن ۾ قديم دور ۾ جهنگلي جانورن سميت پالجندڙ جانورن بابت کوجنا ڪئي آهي. رچرڊ ايڇ ميداو سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو آهي ۽ ان بابت ڪيترائي مقالا لکيا آهن. ڊاڪٽر رچرڊ پيباڊي ميوزم جي زوآرڪيالاجي ليبارٽري جو ڊائريڪٽر آهي. پاڻ هارورڊ يونيورسٽي ۾ اينٿروپلاجي جو سينئر ليچڪرار به رهيو آهي.
    رچرڊ ايڇ ميداو پاڪستان ۾ سنڌو ماٿري جي قديم سڀيتا تي لڳاتار 35 سال ڪم ڪيو. هن هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور به ذميواريون سنڀاليون. جنهن دوران پاڻ سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي قديم ماڳن ڪراچي ڀرسان بالاڪوٽ، بلوچستان ۾ مهر ڳڙهه ۽ هڙاپا ۾ 1995ع ڌاري کوٽايون ڪرايون. هن پروفيسر جارج ايف ڊيلز سان گڏ 1970ع ڌاري بالاڪوٽ جي قديم ماڳ جي کوٽائي ڪرائي. جنهن بعد هن ٻيهر ڊاڪٽر مارڪ ڪينوائر سان گڏ بالاڪوٽ تي وڌيڪ تحقيق ڪئي. پاڻ هڙاپا تي ٿيل پنهنجي تحقيق سميت 70 کان وڌيڪ ڪتاب ۽ مقالا تحرير ڪيا آهن. رچرڊ ايڇ ميداو هڙاپا پراجيڪٽ تحت ڊاڪٽر جين فرانسڪوس جارج جي رهنمائي هيٺ بلوچستان جي مشهور قديم ماڳ مهر ڳڙهه جي به کوٽائي ڪرائي. پاڻ سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق سميت ايران، اومان، ٿائيلينڊ، ترڪي ۽ اولهه آمريڪا ۾ به قديم ماڳن ۽ تهذيبن تي ڪم ڪيو. اسان هيٺ سندس سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي لکيل ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن جي فهرست پيش ڪريون ٿا.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • R H Meadow, B Allchin, R Allchin , C Jarrige, J.-F Jarrige, G Quivron, The Decline of the Indus Valley Cities
    • Richard H. Meadow, Harappa Excavation Reports 1986-1990,
    • Richard H. Meadow, The origins and spread of agriculture and pastoralism in northwestern South Asia
    • Richard H. Meadow, Jean-François Jarrige,The Antecedents of Civilization in the Indus Valley, Aug 1980 • Scientific American
    • Richard H. Meadow, A Comment on “Horse Remains from Surkotada” by Sándor Bökönyi, Article • Aug 2010
    • Richard H. Meadow, Irene L. Good • Jonathan Mark Kenoyer, New Evidence for Early Silk in the Indus Civilization, Jun 2009 • Archaeometry
    • Richard H. Meadow, The chronological and cultural significance of a steatite wig from Harappa, Feb 2002 • Iranica Antiqua
    • Richard H. Meadow, Pre- and Proto-Historic Agricultural and Pastoral Transformations in Northwestern South Asia, Jan 1998
    • Richard H. Meadow • F. R. Allchin • George Erdosy • R. A. E. Coningham • D. K. Chakrabarti • Bridget Allchin, The Archaeology of Early Historic South Asia: The Emergence of Cities and States, May 1997 • The Journal of Asian Studies


    رچرڊ اسپروٽ Richard Sproat

    رچرڊ اسپروٽ Richard Sproat

    آمريڪي سائنسدان رچرڊ اسپروٽ ڪمپيوٽر جي مدد سان ٻولين بابت کوجنا ڪندڙ ماهرن جي صف ۾ شامل آهي. پاڻ آمريڪي شهر ڪيليفورنيا ۾ جنم ورتو. هن ڪيليفورنيا يونيورسٽي مان 1981ع ۾ لسانيات جي مضمون ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته 1985ع ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. پاڻ جنوري 2009ع کان آڪٽوبر 2012ع تائين اوريگون هيلٿ اينڊ سائنس يونيورسٽي جي سينٽر فار اسپوڪن لينگوجز انڊراسٽينڊنگ ۾ پروفيسر طور ذميواريون نڀايون. ان کان اڳ پاڻ الينوس جي ٻولين بابت ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر رهيو. جڏهن ته هو بيڪمين انسٽيٽيوٽ ۾ فل ٽائيم فيڪلٽي ميمبر به آهي. اسپروٽ هيومن ڪمپيوٽر انٽرايڪشن ريسرچ ڊپارٽمنيٽ ۾ به ذميواريون ادا ڪري چڪو آهي.پاڻ قديم ٻولين ۽ ڪمپيوٽشنل لنگسٽڪس جي مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ آهي. خاص ڪري ٻولين جي لکتن واري نظام کي ڪمپويٽر ايپليڪيشنز ذريعي سمجهڻ ۽ پڙهڻ بابت ڪافي تحقيق ڪئي آهي. سندس قديم لکتن کي پڙهڻ ۽ ٻولين جي لکتن واري نظام بابت 80 کان وڌيڪ ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿيل آهن.
    رچرڊ اسپروٽ سنڌو لکت بابت اها دعوى ڪئي آهي ته سنڌو ماٿري جي قديم آثارن مان مليل لکتن جا نمونا اصل ۾ ڪابه لکت يا ٻولي نه آهي. پر اهي محض ڪجهه غير لساني نشانيون آهن. هن تحقيق ۾ جيڪي ٻيا ماهر ساڻس گڏ هئا، انهن ۾ مائيڪل وٽزل (Michael Witzel) ۽ اسٽيو فارمر (Steve Farmer) شامل آهن. رچرڊ اسپروٽ ۽ سندس ساٿين مرڳو ان ڳالهه کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ته سنڌو سڀيتا جي وارثن وٽ ڪو لکت جو نظام موجود هو. سندن دعوى مطابق سنڌو ماٿري جا ماڻهو اڻ پڙهيل هيا. رچرڊ اسپروٽ جي چوڻ موجب ان ڪري هاڻي سنڌو سڀيتا جي وارثن جي انهن نشانين (لکتن) کي رسم الخط قرار ڏيڻ بند ڪرڻ گهرجي. رچرڊ اسپروٽ ۽ سندس ساٿين جي راءِ آهي ته سنڌو ماٿري جي قديم آثارن مان مليل نشانيون محض ڪن مذهبي، سياسي ۽ سماجي عملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هيون. جن جو ڪنهن لساني ڪارج يا ٻولي يا يادگيريءَ سان ڪوبه لاڳاپو نه هيو. هنن ماهرن موجب سنڌو لکت جا ڪي به ڊگها متن نه مليا آهن. ان ڪري مليل نشان ڪنهن رسم الخط جي نمائندگي نه ٿا ڪن. سندن چوڻ آهي ته هاڻي ان مفروضي کي رد ڪرڻ گهرجي ته دنيا جي پهرين الفابيٽ سنڌو ماٿري ۾ ايجاد ٿي. رچرڊ اسپروٽ ۽ سندس ساٿين جي هن دعوى کي سنڌو لکت تي تحقيق ڪندڙ ٻين ماهرن سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ قديم لکتن تي اڀياس ڪندڙ ناميارو ماهر آسڪو پرپولا، آرڪيالاجي جو ماهر ماسيمو وڊيل، لساني ماهر اروٿم مهاديون، ايم اين وهيا، نشا يادو ۽ ٻيا شامل آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Steve Farmer, Richard Sproat and Michael Witzel. "The Collapse of the Indus-Script Thesis: The Myth of a Literate Harappan Civilization". Electronic Journal of Vedic Studies, 11(2), 2004
    • Richard Sproat. Language, Technology and Society. Oxford, Oxford University Press, 2010.
    • Brian Roark, Richard Sproat. Computational Approaches to Morphology and Syntax. Oxford, Oxford University Press, 2007.
    • Martin Neef, Anneke Neijt and Richard Sproat (editors) The Relation of Writing to Spoken Language. Tübingen: Niemeyer (= Linguistische Arbeiten 460), 2002.
    • Richard Sproat, A Computational Theory of Writing Systems, (ACL Studies in Natural Language Processing Series), Cambridge, Cambridge University Press, 2000.
    • Richard Sproat (editor), Multilingual Text-to-Speech Synthesis: The Bell Labs Approach, Boston, MA, Kluwer Academic Publishers, 1997.
    • Jan van Santen, Richard Sproat, Joseph Olive and Julia Hirschberg (editors), Progress in Speech Synthesis, New York, Springer, 1997.
    • Richard Sproat, Morphology and Computation, Cambridge, MA, MIT Press, 1992.
    • Aamir Wali, Richard Sproat, Prakash Padakannaya and Bhuvaneshwari, B. "Model for phonemic awareness in readers of Indian script". Written Language and Literacy, 12:2, 161-169, 2009.
    • Richard Sproat, Prakash Padakannaya. "Script Indices". International Conference on Cognitive Science, Allahabad, India, December 2004.


    ريتا پي رائيٽ Rita P. Wright

    ريتا پي رائيٽ Rita P. Wright

    ڊاڪٽر ريتا پي رائيٽ آمريڪا جي نيويارڪ يونيورسٽي ۾ اينٿروپلاجي شعبي جي پروفيسر آهي. پاڻ ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون هارورڊ يونيورسٽي مان حاصل ڪيون. پاڻ نيويارڪ يونيورسٽي جي سينٽر فار اسٽڊي آف هيومن اوريجنس (Center for the Study of Human Origins) جي به ميمبر آهي. هن ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر ايشيا جي قديم سڀيتائن تي تحقيق ڪئي آهي. هن افغانستان، ايران، عراق، پاڪستان ۽ انڊيا ۾ قديم آثارن تي ڪافي کوجنا ڪئي آهي. سندس تحقيق جو محور قديم سڀيتائن جا شهري مرڪز، رياستي جوڙجڪ ۽ جنسياتي لاڳاپا رهيا آهن. ڊاڪٽر ريتا هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پروجيڪٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جون ذميواريون نڀائي رهي آهي. ان سان گڏ پاڻ بياس ندي پنجاب جي ڪنارن تي قديم آثارن بابت سروي جي به ڊائريڪٽر آهي. هن سنڌو سڀيتا جي بياس ندي جي ڪنارن تي ڳوٺاڻي ثقافت ۽ شهري تمدن جي ماڳن ۽ آبادين بابت تحقيق ۾ به ڪافي اڳڀرائي ڪئي آهي.
    ريتا پي رائيٽ جي سنڌو سڀيتا تي لکيل ڪتاب ۾ هن قديم تهذيب جي اهم ۽ بحث هيٺ نه آيل رخن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان ڇپايل ڪتاب The Ancient Indus: Urbanism, Economy and Society ۾ سنڌو سڀيتا جي معيشت ۽ سوسائٽي کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. ريتا رائيٽ سنڌو سڀيتا جي آبهوا جي تبديلي ۽ ان جي هن تهذيب تي پيل اثرن بابت پهريون ڀيرو سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي آهي. هن پنهنجي تحقيق ۾ سائنسي بنيادن تي کوجنا ڪري سنڌو تهذيب جي ترقي ۽ پوئتي پوڻ جا نوان رخ متعارف ڪرايا آهن. کيس سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي مڃتا طور نيشنل جگرافڪ سوسائٽي طرفان 1999ع ۾ ايوارڊ ڏنو ويو. ريتا کي نيويارڪ يونيورسٽي طرفان هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ لاءِ 1993-1994ع ۾ گرانٽ به ڏني وئي. پاڻ 1996ع کان بياس رور سيٽلمينٽ سروي (اپر انڊس ويلي) پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر طور به ذميواريون سرانجام ڏئي رهي آهي. ريتا رائيٽ 1994ع کان اپريل 1996ع تائين هڙاپا آرڪيالاجيڪل پراجيڪٽ جي اسسٽنٽ دائريڪٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. هن 1989ع کان 1992ع تائين مختلف وقتن تي هارورڊ يونيورسٽي، ڪيلفورنيا يونيورسٽي، وسڪونسن يونيورسٽي ۽ نيشنل جگرافڪ سوسائٽي جي فنڊن تحت هڙاپا جي قديم ماڳ تي وڌيڪ کوٽايون ڪرايون. جڏهن ته مهرڳڙهه ۽ نوشهره جي قديم ماڳن تي به فيلڊ ريسرچ ڪيو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Beas and Landscape Survey. R. Wright, J. Schuldenrein, M. R. Mughal, A. Khan, M. Smith, S. Malin-Boyce, Laura Miller, Carrie Hritz. Report to Department of Archeology, Government of Pakistan.
    • Cemetery R-37: An Account of the Excavations of the Cemetery in 1986, 1987, 1988 and 1994. Authored with the Harappa team: G. F. Dales, B. E. Hemphill, K.A.R. Kennedy, J. M. Kenoyer, N. B. Lovell, J. R. Lukacs, R. H. Meadow, L. J. Miller and R. P. Wright. Cambridge: Peabody Museum Press.
    • Commodities and Things – The Kulli in Context (2013) - Connections and Complexities: New Approaches to the Archaeology of South and Central Asia, S. Abraham, P. Gulpalli, T. Raczek, U. Rizvi, ed., Left Coast Press.
    • Comparative Studies and Early Civilisations Revisited. K. Almquist and A. Linklater, ed. Civilization: Perspectives from the Engelsberg Seminar 2013, Axel and Margaret Axeson Johnson Foundation, 41-50.
    • Cultural Landscapes, Preservation and Sustainability – Perspectives on Pakistan and the Beas Doab”. J. M. Kenoyer, ed. Cultural Heritage in Pakistan. Islamabad: American Institute of Pakistan Studies. In Review “Power Systems in the Indus and Near Eastern States: Testing the Limits of Corporate Political Strategies. Lars Fargher, Gary Feinman, Timothy Earl, editors. Alternative Pathways to Complexity. [University Press of Colorado.].
    • Early Harappan Painted Grey Wares in Pakistan and Iran. In. D. P. Sharma, ed., Harappan Potteries. Delhi: BKP Press:106-116.
    • Early Harappan/Kot Diji in the Punjab, Pakistan. Eighteenth International Conference on South Asian Archaeology, European Association of South Asian Archaeologists. London. England. July 6-10,2005.
    • Excavations at Rehman Dheri: The Pottery Typology and Technology. R. Wright and F. Durrani. G. Possehl, ed. South Asian Archaeology Studies. New Delhi: Oxford and IBH Publishing Co. Pvt.
    Ltd.:145-162.
    • Fine Ware Traditions at the site of Mehrgarh. C. Jarrige, JF. Jarrige, R. Meadow, G. Quivron, eds. MEHRGARH: Field Reports 1974-1985 from Neolithic Times to the Indus Civilization. Dept. of Culture and Tourism, Government of Sindh, Pakistan. In collaboration with the French Ministry of Foreign Affairs:662-671.
    • Gender and Archaeology (1996) (editor) - University of Pennsylvania Press.
    • Gender in Southwest Asian Prehistory (2013) (with Diane Bolger) - Companion to Gender Prehistory, D. Bolger, ed., Wiley-Blackwell.
    • Gender in Southwest Asian Prehistory. Co-Author Diane Bolger and Rita Wright, Companion to Gender Prehistory, edited by Diane Bolger, 372-394. Wiley-Blackwell
    • Harappan Geoarchaeology Reconsidered: Holocene Landscapes and Environments of the Greater Indus Plain. J. Schuldenrein, R. Wright, M. A. Khan. In E. Stone (ed.) Settlement and Society UCLA Cotsen Institute of Archaeology:83- 116.
    • Modeling Holocene Climates and Rivers in the Harappa Vicinity”. Reid Bryson, Rita P. Wright and Joseph Schuldenrein. In. R. A. Bryson and K. McE. DeWall, ed..
    A Paleoclimatology Workbook: High Resolution, Site Specific, Macrophysical Climate Modeling:123-128. The Mammoth Site of Hot Springs, SD, Inc. Rita P. Wright December 2014
    • New Evidence for Jute (Corchorus capsularis L.) in the Indus Civilization.” R. Wright, D. Lentz, H. Beaubien, C. Kimbrough. Archaeological and Anthropological Sciences, Vol. 4, #2:137-143. [hard copy and online]
    • Patterns of Technology and the Organization of Production at Harappa. R. Meadow, Ed., Harappa Excavations 1986-1990. A Multidisciplinary Approach to Third Millennium Urbanism. Prehistory Press:71-88.
    • Perspectives from the Indus: Contexts of Interaction in the Late Harappan/Post-Urban Period. Fifty Years of Emirates Archaeology, ed. By D. T. Potts, P. Hellyer. Ministry of Culture, Youth, and Community Development Abu Dhabi, UAE. Motivate Publishing:.101-111.
    • Redefining Early States in the Indo-Iranian Borderlands: Konar Sandal and Shahr-I Sokhta”
    • Regional Networks and Cultural Heritage. A Conference on Cultural Heritage: Archaeology, Rita P. Wright December 2014. Museums and Conservation. American Institute of Pakistan Studies and Pakistan Department of Cultural Heritage.
    • Rethinking Urbanism in the Indus Valley civilization. Settlement and Landscape in Regional
    Perspective. CRANE Lecture, Binghamton University.
    • Satellite Remote Sensing Imagery: New Evidence for Site Distributions and Ecologies in the Upper Indus. R. Wright & C. Hritz. In M. Tosi and D. Frenez, ed. South Asia Archaeology 2007.Archaeopress:315-321.
    • Settlement Surveys along the Beas River: Harappa and its Rural Network. Sixteenth International Conference on South Asian Archaeology, European Association of South Asian Archaeologists, July 2 -6, 2001, Paris, France.
    • The Ancient Indus: Urbanism, Economy and Society (2010) - Cambridge University Press
    • The Beas River Landscape and Settlement Survey: Preliminary Results from the Site of Vainiwal. R. P. Wright, J. Schuldenrein, M. Afzal Khan and S. Malin-Boyce. In U. Franke-Vogt and H-J Weisshaar, ed. South Asian Archaeology 200, Aachen: Linden Soft:101-111.
    • Landscapes. Soils and Mound Histories of the Upper Indus Valley, Pakistan: New Insights on the Holocene Environments near Ancient Harappa. J. Schuldenrein, R. P. Wright, M. Rafique Mughal and M. Afzal Khan. Journal of Archaeological Sciences Volume 31:777-792.
    • The Beas Settlement Survey: Urbanism and Rural Settlements in the Upper Indus co Authored with collaborators, R. Wright, J. Schuldenrein, M. Afzal Khan. Reflections on Gender in Archaeology: Conversations with Feminist Scholars [University of Pennsylvania Press; Single author, edited –
    • The Frontiers of Prehistoric Baluchistan and the Development of the Indus
    Civilization". K. M. Trinkaus, ed. Polities and Partitions: Human Boundaries and the Growth of Complex Societies. Arizona State Anthropological Research Papers No. 37:61-82. Temple, Az.
    • The Harappa Museum Collection: Typological and Technological Evidence. Pakistan Archaeology. Department of Archaeology, Government of Pakistan:1-23.
    • The Indus Valley and Mesopotamian Civilizations: A Comparative View of Ceramic Technology. J. M. Kenoyer, Ed., Old Problems and New Perspectives in the Archaeology of South Asia. Wisconsin Archaeological Reports, Vol.2:145-156.
    • The Making of the Indus Civilization: Recent Research in Comparative Perspective. Invited by the Editors, Journal of Archaeological Research.
    • Third Millennium Changing Times (2009) - Archaeological Dialogues 16(2):142-148.
    • Traditional Potters of India." M. Beaudry, J. M. Kenoyer, R. Wright. Expedition. Vol. 29, No. 3:55- 63.
    • Urbanism in the Indus Valley: Environment and Settlement on the Beas River. R. P. Wright, M. Afzal Khan and J. Schuldenrein. M. A. Halim and Abdul Ghafoor, ed. Indus Valley Dialogue Among Civilizations. Islamabad. Crystal Printers:102-113. Knowledge and Society. Vol. 12:31-51.
    • Urbanism in the Indus Valley: Environment and Settlement on the Beas River. International Colloquium on Indus Civilization. Joint UNESCO/Government of Pakistan Conference in celebration of the Year of Dialogue Among Civilizations, Islamabad, Pakistan. April 4 - 7, 2001. Sponsored by Ministry of Minorities, Culture, Sports, Tourism and Youth Affairs, United Nationals Educational, Scientific and Rita P. Wright December 2014.
    • Water Supply and History: Harappa and the Beas Settlement Survey (2008). Co-authoried, R. Wright, R. Bryson and J. Schuldenrein. Antiquity, Vol. 82, 315:37-48.
    • Water Supply and History: Harappa and the Beas Settlement Survey. R. Wright, R. Bryson and J. Schuldenrein. Antiquity, Vol. 82, 315:37-48.


    رابن ڊينل Robin Dennell

    رابن ڊينل Robin Dennell

    پروفيسر رابن ڊينل 1969ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۽ اينٿروپلاجي ۾ گريجوئيشن ڪئي. جنهن بعد ساڳي يونيورسٽي مان 1977ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ پنهنجي رٽائرمينٽ يعني 2010ع تائين آرڪيالاجي ۽ اينٿروپلاجي جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو. ڊينل 1973ع ۾ شفيلڊ يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي جي موضوع تي تدريس سان لاڳاپيل رهيو. 1983ع ۾ سينئر ليڪچرار طور ذميواريون نڀايون. جڏهن ته 1995ع ۾ پروفيسر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو.
    رابن ڊينل پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي عرصي دوران آرڪيوباٽني تي کوجنا ڪئي. هن ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ ۾ نئين پٿر دور ۾ زراعت ۽ زرعي آبادين بابت تحقيق ڪئي. هن 1981ع کان 1999ع تائين پاڪستان ۾ انساني نسل جي ارتقا متعلق مليل ثابتين ۽ قديم پٿر دور جي آبادين تي تحقيق ڪئي. برٽش آرڪيالاجيڪل مشن طرفان کيس 1988ع ۾ پاڪستان ۾ فيلڊ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان دوران هن پاڪستان جي اترين علائقن خاص ڪري سون ماٿري ۾ 12 کان وڌيڪ ماڳن تي فيلڊ ريسرچ ڪئي. ڊينل برٽش اڪيڊمي جي فنڊنگ تحت 2003ع کان 2006ع تائين پاڪستان ۾ اوائلي انساني آبادين بابت کوجنا به ڪئي. آرڪيالاجي ۽ اينٿروپلاجي جي مختلف موضوعن تي سندس 7 ڪتاب ۽ 120 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا شايع ٿي چڪا آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Dennell, R.W. and Porr, M. (eds.) 2014. East of Africa: Southern Asia, Australia and Modern Human Origins. Cambridge University Press.
    • Gao Xing and Dennell, R.W. (eds.) 2014. Late Pleistocene and Palaeolithic studies in Northeast Asia. Special issue of Quaternary International.
    • Dennell, R.W. 2014. Movius and the Line that never was. In Living in the Landscape: Essays in Honour of Graeme Barker, ed. K. Boyle, R. Rabett and C. Hunt. Cambridge: McDonald Institute Monograph, pp.11-34.
    • Dennell, R.W. and Porr, M. 2014. The past and present of human origins in southern Asia and Australia. In Southern Asia, Australia and the Search for Human Origins, ed. R.W. Dennell and M. Porr, pp. 1-7. Cambridge University Press.
    • Dennell, R.W. 2014. East Asia and human evolution: from cradle of mankind to cul-de-sac. In Southern Asia, Australia and the Search for Human Origins, ed. R.W. Dennell and M. Porr, pp. 8-20. Cambridge University Press. 3
    • Dennell, R.W. 2014. Smoke and mirrors: the fossil record for Homo sapiens between Arabia and Australia. In Southern Asia, Australia and the Search for Human Origins, ed. R.W. Dennell and M. Porr, pp. 33-50. Cambridge University Press.
    • Boivin, N., Fuller, D.Q., Dennell, R.W., Allaby, R. and Petraglia, M. 2013 Human dispersal across diverse environments of Asia during the Upper Pleistocene.Quaternary International 300, 32-47.
    • Dennell, R.W. 2013 Hominins, deserts, and the colonisation and settlement of continental Asia. Quaternary International xxx, 1-9.
    • Dennell, R.W., Louys, J.L., O’Regan, H.J. and Wilkinson, D.M. 2013 The origins and persistence of Homo floresiensis on Flores: biogeographical and ecological perspectives. Quaternary Science Reviews xxx, 1-10. 3
    • Dennell, R.W. and Petraglia, M.D. 2012 The dispersal of Homo sapiens across southern Asia: how early, how often, how complex? Quaternary Sciences Reviews 47, 15-22.
    • Dennell, R.W. 2004 Early Hominin Landscapes in Northern Pakistan: Investigations in the Pabbi Hills (with contributions from M. Anwar, M. Beech, R. Coard, L. Hurcombe, H. Rendell, and A. Turner). British Archaeological Reports International Series 1265: 1-454. (175 tables, 140 figures).

    This monograph completes the full publication of the primary data (fossils and stones tools between 0.8-2.2 million years old) that I and my team collected in the Pabbi Hills, Pakistan from 1986-1992 and in 1999.
    • Rendell, H.R., Dennell, R.W. and Halim, M. 1989. Pleistocene and Palaeolithic Investigations in the Soan Valley, Northern Pakistan. British Archaeological Reports International Series 544. (364 pp., 110 figs). This monograph presents the primary data from the Soan Valley, Pakistan from the 1981-1985 field seasons.

    Articles/chapters:
    • Dennell, R.W. 2011 An earlier Acheulian arrival in South Asia. Science 331, 1532-1533.
    • Dennell, R.W., Coard, R. and Turner, A. 2008 Predators and scavengers in Early Pleistocene southern Asia. Quaternary International 192, 78-88. (Invited paper in volume to the memory of Gudrun Corvinus).
    • Dennell, R.W. 2008 The taphonomic record of Late Pliocene and Early Pleistocene landscapes in the Pabbi Hills, northern Pakistan, and its implications on the preservation of hominin remains. Quaternary International 192, 62-77. (Invited paper in volume to the memory of Gudrun Corvinus).
    • Dennell, R.W. 2007 “Resource-rich, stone-poor”: early hominin land use in large river systems of northern India and Pakistan. In “The Evolution and Diversity of Humans in South Asia”, ed. by M. Petraglia and B. Allchin, pp. 41-68. Springer.
    • Dennell R.W., Coard, R. and Turner, A. 2006 The biostratigraphy and magnetic polarity zonation of the Pabbi Hills, northern Pakistan: an Upper Siwalik (Pinjor Stage) Plio-Pleistocene fluvial sequence. Palaeogeography, Palaeoclimatology, Palaeoecology 234, 168-185.
    • Dennell, R.W., Coard, R., Beech, M., Anwar, M. and Turner, A. 2005 Two Upper Siwalik (Pinjor Stage) fossil accumulations from localities 73 and 362 in the Pabbi Hills, Pakistan. Journal of the Palaeontological Society of India 50 (2), 101-111.
    • Dennell, R.W., Coard, R., Beech, M., Anwar, M. and Turner, A. 2005 Locality 642, an Upper Siwalik (Pinjor Stage) fossil accumulation in the Pabbi Hills, Pakistan.Journal of the Palaeontological Society of India 50 (1), 83-92.
    • Dennell, R.W. 1999 The Palaeolithic and Pleistocene potential of the Indus drainage system: a review of recent work. In The Indus River: Biodiversity, Resources, Humankind, ed. A. and P. Meadows, pp. 306-319. Linnaean Society, London/Karachi: Oxford University Press.
    • Dennell, R.W. 1998 Grasslands, tool-making and the earliest colonization of south Asia: a reconsideration. In Early Human Behavior in Global Context: The Rise and Diversity of the Lower Palaeolithic Record, pp. 280-303, ed. by M. Petraglia and R. Korisettar. London: Routledge. (This resulted from the World Archaeological Congress conference in Delhi in 1994).
    • Dennell, R.W. 1995 The early stone age of Pakistan: a methodological review. Man and Environment: 20 (1), 21-28.
    • Dennell, R.W. and Rendell, H. 1991 De Terra and Paterson, and the Soan flake industry: a perspective from the Soan Valley, Pakistan. Man and Environment 16 (2), 91-99.
    • Dennell, R.W., Rendell, H., Halim, M. and Moth, E. 1991 Site 55, Riwat: a 42,000 yr.-bp. open-air palaeolithic site from northern Pakistan. Journal of Field Archaeology 19, 17-33.
    • Dennell, R.W., Rendell, H. and Hailwood, E. 1988. Early tool-making in Asia : two-million year-old artefacts in Pakistan. Antiquity 62, 98-106.
    • Rendell, H., Hailwood, W. and Dennell, R.W. 1987 Magnetic polarity stratigraphy of Upper Siwalik Sub-Group, Soan Valley, Pakistan: implications for early human occupance of Asia. Earth and Planetary Science Letters 85, 488-496.
    • Rendell, H. and Dennell, R.W. 1987 The dating of an upper pleistocene archaeological site at Riwat, northern Pakistan. Geoarchaeology 1, 6-12.


    ايس ڪليانارامائن S. Kalyanaraman

    ايس ڪليانارامائن سنڌو سڀيتا تي کوجنا ڪندڙ ”سرسوتي سنڌو ريسرچ سينٽر“ چنائي جو بانيڪار آهي. پاڻ انهيءَ ريسرچ سينٽر کي والنٽري بنياد تي يعني بنا نفعي ۽ نقصان جي هلائي رهيو آهي. پاڻ ڀارت جي انامالي يونيورسٽي مان اسٽيٽسٽڪس ۽ ايڪانامڪس جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد فلپائين جي يونيورسٽي مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. رامائن 20 سالن تائين ڀارتي حڪومت جي ريلوي ۽ ڪرناٽڪا اليڪٽرڪسٽي بورڊ ۾ اقتصادي صلاحڪار ۽ آءِ ٽي اسپيشلسٽ طور ذميواريون نڀايون. جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بينڪ ۾ سينئر ايگزيڪيوٽو طور به فرض سرانجام ڏنا.
    رامائن ملازمت دوران فارغ وقت ۾ سنڌو سرسوتي سڀيتا تي تحقيق ڪندو رهيو. هن 18 سالن جي لڳاتار محنت بعد ڀارت جي 25 قديم ٻولين بابت 15 جلدن ۾ ڪمپريٽو ڊڪشنري تيار ڪئي. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو قرار ڏنو وڃي ٿو. پاڻ 1995ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد سنڌو سرسوتي سڀيتا تي تحقيق طرف مڪمل ڌيان ڏنو. پاڻ هن وقت نه فقط سرسوتي ريسرچ سينٽر جو دائريڪٽر آهي، پر ويدڪ دور تي کوجنا ڪندڙ عالمي ايسوسيئيشن جي بورڊ آف دائريڪٽرز جو به ميمبر آهي. هندو مت جو اثر وڌيڪ هجڻ سبب هن جي تحقيق جو مرڪز به هندو سڀيتا رهي آهي. ويدڪ سرسوتي ندي، هندو سڀيتا جا بنياد، سنڌو ماٿري جي لکت ۽ ٻولي تي تحقيق سندس دلچسپ موضوع رهيا آهن. پاڻ تامل، تيلگو، سنسڪرت ۽ هندي ٻولين جو به ماهر آهي. هو سنڌو سرسوتي سڀيتا ۽ هندو مذهب سميت قديم لکتن ۽ ثقافتن بابت 18 کان وڌيڪ ڪتابن جو به خالق آهي. رامائن سنڌو سڀيتا جي لکت تي به تحقيق ڪري رهيو آهي. ان بات هن پنهنجا نتيجا ڪتابي صورت ۾ پڌرا ڪيا آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Indus Script deciphered: Rosetta stones, Mlecchita vilalpa, 'meluhha cipher'
    • Samskrta Bharati: Indus Script Dictionary, Epigraphia Mlecchita Vikalpa, 'Meluhha cipher', 2016
    • Meluhha: A visible language, 2013
    • Indus Script Cipher: Hieroglyphs of Indian linguistic area, 2010
    • Indus Writing in ancient Near East: Corpora and a dictionary, 2013
    • Indus Script: Meluhha metalwork hieroglyphs, 2014
    • Philosophy of symbolic forms in Meluhha cipher, 2014
    • Rastram: Hindu history in United Indian Ocean States, 2011
    • Indian hieroglyphs: Invention of writing, 2012
    • Invention of Writing: Indian Sprachbund 3500 BCE, 2012
    • Vedic River Sarasvati and Hindu Civilzation, 2009
    • Sarasvati, 2000
    • The River Sarasvati: Legend, myth and reality, 1999


    ايس آر رائو S. R. Rao

    ڀارتي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر شڪارپورا رانگناٿ رائو آرڪيالاجي جي دنيا ۾ ايس آر رائو S. R. Rao جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ پهرين جولاءِ 1922ع ۾ جنم ورتو ۽ 3 جنوري 2013ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. رائو ميسور يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد برطانوي انڊيا جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت حاصل ڪئي ۽ کيس برودا رياست ۾ مقرر ڪيو ويو. پاڻ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي ذميواريون نڀايون. جيتوڻيڪ پاڻ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ملازمت تان 1980ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي، پر پوءِ به کيس حڪومت طرفان ڪيترن ئي آرڪيالاجي جي پروجيڪٽن کي جاري رکڻ لاءِ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. رائو جي ڪوششن سان ئي انڊيا ۾ پهريون ڀيرو 1981ع ۾ ميرائن آرڪيالاجيڪل ريسرچ سينٽر قائم ڪيو ويو. ايس آر رائو ئي انڊيا ۾ ميرائن آرڪيالاجيڪل سوسائٽي جو بنياد وجهندڙ هو.
    رانگناٿ رائو سنڌو سڀيتا جي ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي، جن ۾ سنڌو سڀيتا جي بندر گاهه وارو شهر لوٿل، رانگپور، امريلي، اهولي، دوارڪا ۽ ٻيا ماڳ شامل آهن. سندس انتهائي اهم کوجنا سنڌو ماٿري جي اهم ماڳ ۽ بندرگاهه واري شهر لوٿل تي هئي.
    ايس آر رائو سنڌو سڀيتا جي لکت کي به پڙهڻ deciphered جي ڪوشش ڪئي، 1992ع ۾ هن دعوى ڪئي ته پاڻ سنڌو لکت کي پڙهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. پر ٻين ماهرن سندس نتيجن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Lothal and the Indus Civilisation, Bombay: Asia Publishing House, (1973)
    • Lothal: A Harappan Port Town (1955 - 1962), Vols. I and II, Memoirs of the Archaeological Survey of India, no.78, New Delhi, (1979 and 1985)
    • Lothal, New Delhi: The Director General, Archaeological Survey of India (1985)
    • Dawn and Devolution of the Indus Civilization, Delhi: Aditya Prakashan (1991)
    • New Trends in Indian Art and Archaeology: S.R. Rao's 70th Birthday Felicitation Volumes, edited by B.U. Nayak and N.C. Ghosh, 2 vols. (1992)
    • New Frontiers of Archaeology, Bombay: Popular Prakashan, (1994)
    • The Lost City of Dvaraka, National Institute of Oceanography, (1999)
    • Marine Archaeology in India, Delhi: Publications Division, (2001)


    سمر ڪنڊو Samar Kundu

    ڀارتي آرڪيالاجسٽ سمر ڪنڊو سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جي صف ۾ شامل آهي. پاڻ ڪلڪتي جي يونيورسٽي مان بائيو آرگنڪ ڪيمسٽري ۾ ڊاڪٽر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد نيويارڪ جي يونيورسٽي آف پٽسبرگ مان 1971ع ۾ آرگينڪ ۽ بائيو آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪنڊو آڪٽوبر 1975ع کان جولاءِ 1980ع تائين نيويارڪ جي البرٽ آئنسٽائين ڪاليج آف ميڊيسن ۾ 4 سالن تائين وزيٽنگ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهيو. هن بائلر ڪاليج آف ميڊيسن ۾ جولاءِ 1980ع کان نومبر 1983ع تائين ساڍا ٽي سال ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي ذميواريون ادا ڪيون. پاڻ 30 کان وڌيڪ ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن جو خالق آهي. سندس تحقيق جا مکيه موضوع سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۽ ڪيمسٽري رهيا آهن. سندس سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي لکيل ڪتاب وڏي مڃتا ماڻي آهي.

    ڪتاب

    • INDUS VALLEY CIVILIZATION, September 2013


    شاهده انصاري Shahida Ansari

    شاهده انصاري Shahida Ansari

    ڀارتي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر شاهده انصاري گجرات ۽ اوڀر پنجاب ۾ سنڌو سڀيتا جي ماڳن تي تحقيق ڪري رهي آهي. شاهده 8 ڊسمبر 1972ع تي جنم ورتو ۽ پاڻ ننڍي عمر ۾ ئي سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جي سٿ ۾ شامل ٿي. شاهده هن وقت دکن ڪاليج پوني ۾ ايپيگرافي ۽ پيليوگرافي جي شعبي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ذميواريون ادا ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر شاهده 1992ع ۾ ڪي سي ڪاليج بمبئي مان تاريخ ۽ انڊيا جي قديم ڪلچر تي بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ دکن ڪاليج پوني مان 1994ع ۾ انڊيا جي قديم تاريخ، ڪلچر ۽ آرڪيالاجي ۾ ايم اي ڪئي. پاڻ ساڳي ڪاليج مان 2002ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس تحقيقي مقالي جو موضوع ڏکڻ ۽ مرڪزي گنگا ماٿري ۾ اوائلي دور جي آبادين جي رهائشي نظام بابت کوجنا ڪرڻ هيو. شاهده انصاري ميوزولاجي ۽ سنسڪرت ٻولي ۾ به ڊپلوما جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن.
    هن سنڌو سڀيتا جي ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي آهي ۽ اڳ دريافت ڪيل وسندين تي کوجنا ڪئي آهي. جن ۾ اوڀر پنجاب ۾ قديم ماڳ روپانگر، راجسٿان ۾ ڪرانپورا، ڪڇ ضلعي ۾ ڪانمير جا قديم ماڳ شامل آهن. پاڻ ميوزم ايسوسيئيشن انڊيا دهلي، انڊين سوشل سائنس ايسوسيئيشن آگرا، سوسائٽي آف سائوٿ ايشين آرڪيالاجي پوني ۽ سوسائٽي فار ميرين آرڪيالاجي گوا جي تاحيات ميمبر پڻ آهي. شاهده انصاري سنڌو سڀيتا سميت قديم انڊيا جي آرڪيالاجي ۽ انيٿروپلاجي تي 4 ڪتاب لکيا آهن، جڏهن ته سندس 19 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا انڊيا سميت ٻين بين الاقوامي جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Ansari, Shahida, Ethnoarchaeological Perspectives of Prehistoric Settlement Patterns of South-Central Ganga Valley (British Archaeological Reports International Series), British Archaeological Reports (2011)
    • SHAHIDA ANSARI, VIJAY SARDE and MOHAN S. PARDHI, ARCHAEOLOGICAL INVESTIGATIONS IN 'APSINGA'A SATAVAHANA SETTLEMENT IN OSMANABAD DISTRICT, MAHARASHTRA, Bulletin of the Deccan College Research Institutem Vol. 72/73 (2012-2013), pp. 225-244
    • SHAHIDA ANSARI, DECCAN COLLEGE MUSEUM: A SPECIALIZED MUSEUM IN ARCHAEOLOGY, Bulletin of the Deccan College Research Institute, Vol. 68/69 (2008-2009), pp. 243-276


    شري ڪلارڪ Sharri Clark

    شري ڪلارڪ Sharri Clark

    سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ آمريڪا جي نامياري آرڪيالاجي ماهر شري ڪلارڪ هارورڊ يونيورسٽي جي اينٿروپلاجي ڊپارٽمينٽ مان آرڪيالاجي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ آمريڪا جي اوڪلاهوما شهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽريٽ جي ڊگري دوران سندس تحقيق جو محور پاڪستان، انڊيا ۽ اسرائيل ۾ آرڪيالاجي بابت فيلڊ ورڪ هيو. شري ڪلارڪ جي تحقيق جو محور هڙاپا مان مليل پڪل مٽي جا ٿانون ۽ ان دور جي ماڻهن ۾ سماجي رابطا هو. شري ڪلارڪ پنهنجي تحقيق دوارن پاڪستان حڪومت جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ طرفان ٿيل تحقيق ۽ ميوزمن ۾ گڏ ٿيل قديم نوادرات ۽ ٻئي مواد کي استعمال هيٺ آندو. هن پنهنجي تحقيق دوران هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ پاران پاڪستان ۾ قديم آثارن جي کوٽاين دوارن هڙاپا ميوزم، نيشنل ميوزم ۽ لاهور ميوزم ۾ رکيل نوادرات کي به پنهنجي کوجنا ۾ شامل ڪيو. ان سان گڏوگڏ پاڻ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا طرفان ٿيل تحقيق ۽ نيشنل ميوزم آف انڊيا ۾ رکيل قديم نوادرات مان به فائدو حاصل ڪيو. ڊاڪٽر ڪلارڪ گڏيل قومن جي اداري يونيسيڪو جي پاڪستان ۾ ڪلچرل هيريٽيج پرزرويشن پروگرام ۽ هڙپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پروجيڪٽ جي ڪنسلٽنٽ به رهي. شري ڪلارڪ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي آرڪيالاجي بابت به ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا آهن. پاڻ ڪمپيوٽر سسٽم اسپيشلسٽ به آهي. هن ڪمپيوٽر سائنس ۾ اوڪلاهوما اسٽيٽ يونيورسٽي مان بي ايس جي ڊگري به حاصل ڪئي آهي.

    سندس سنڌو سڀيتا تي لکيل مقالن ۽ ڪتابن جو وچور هتي پيش ڪجي ٿو.

    • Sharri R. Clark, The Social Lives of Figurines
    • Recontextualizing the Third-Millennium-BC Terracotta Figurines from Harappa. Papers of the Peabody Museum 86


    شيرين رتناگر Shereen Ratnagar

    شيرين رتناگر Shereen Ratnagar

    ڀارتي آرڪيالاجسٽ شيرين رتناگر سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو آهي. هن سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا آهن. جيڪي مستقبل ۾ هن قديم تهذيب تي ڪم ڪندڙن لاءِ سونهان بڻجي سگهن ٿا. پاڻ پونا يونيورسٽي جي دکن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. جڏهن ته يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي آرڪيالاجي شعبي مان ميسوپوٽين آرڪيالاجي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي. کيس جواهر لال يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي ۽ قديم تاريخ جي شعبي جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. جتان پاڻ 2000ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. رٽائرمينٽ بعد به هن پنهنجي شعبي ۾ ڪم جاري رکيو. پاڻ سنڌو سڀيتا جي مختلف رخن تي تحقيق ڪئي ۽ دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ ليڪچر به ڏنا. شيرين رتناگر سنڌو سڀيتا جي زوال واري مفروضي تي به تفصيلي تحقيق ڪئي. پاڻ هن وقت بمبئي ۾ رهائش پذير آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Encounters, the westerly trade of the Harappa civilization, Oxford University Press (1981).
    • Enquiries into the political organization of Harappan society, Ravish Publishers (1991).
    • The End of the Great Harappan Tradition, New Delhi: Manohar, ISBN 81-7304-331-0. (2000)
    • Understanding Harappa: Civilization in the greater Indus Valley, Tulika Books, ISBN 81-85229-37-6 (2002)
    • Mobile and Marginalized Peoples, New Delhi: Manohar (2003)
    • Trading Encounters: From the Euphrates to the Indus in the Bronze Age, Oxford University Press (2nd edition), ISBN 0-19-568088-X (2006)
    • The Other Indians - Essays on Pastoralists and Prehistoric Tribal People, Three Essays Collective (2004)
    • Ayodhya: Archaeology After Excavation, New Delhi: Tulika Books (2007)
    • The Timechart History of Ancient Egypt, Worth (2007). ISBN 190302532X.
    • Makers and Shapers: Early Indian Technology in the Household, Village, and Urban Workshop, Tulika Books (2007).
    • Being Tribal, Primus Books (2010). ISBN 9380607024.
    • Materials used in the Bronze Age
    • The Aryan Homeland Debate in India
    • Island in the Rann
    • Archaeology and the Long Lineages of Tradition


    سراج الحق ميمڻ Siraj Ul Haq Memon

    سراج الحق ميمڻ Siraj Ul Haq Memon


    سنڌو سڀيتا جي قديم لکت تي کوجنا ڪندڙ ڏيهي ماهرن ۾ سراج الحق جو نالو به اهم حيثيت رکي ٿو. پاڻ 24 آڪٽوبر 1933ع ڌاري حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊو ڄام شهر ۾ جنم ورتو. جڏهن ته پاڻ 2 فيبروري 2013ع ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سراج الحق ميمڻ جنهن کي سنڌ جا ماڻهو فقط سراج طور سڃاڻن، نه فقط سنڌو سڀيتا جي لکت تي ڪم ڪيو، پر پاڻ سنڌي ٻولي جو سٺو ناول نگار، ڪالم نگار، صحافي ۽ ڪهاڻيڪار به تسليم ڪيو ويندو آهي. پاڻ حيدرآباد مان ميٽرڪ ڪرڻ بعد ڊي جي نيشنل ڪاليج ڪراچي مان تعليم حاصل ڪئي. سراج 1957ع ۾ سول سروسز آف پاڪستان جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. کيس 1969ع ۾ فوجي حڪمران جنرل يحيى خان جي دور ۾ ملازمت تان جبري برطرف ڪيو ويو. سرڪاري ملازمت تان فارغ ٿيڻ بعد پاڻ انڪم ٽيڪس جي وڪيل طور ڪم ڪرڻ لڳو. ان سان گڏ پاڻ روزاني هلال پاڪستان ۾ ايڊيٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. هن سنڌي صحافت ۾ جديد ۽ صحتمند لاڙا متعارف ڪرايا. هن ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻيون به لکيون. کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور 2011ع ۾ پاڪستان سرڪار طرفان ”ستاره امتياز“ ايوارڊ سان نوازيو ويو.
    سراج ميمڻ کي سنڌي ٻولي جي تاريخ ۽ قديم لکت ۾ به خاص دلچسپي هوندي هئي. پاڻ سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت تي 1964ع ۾ ”سنڌي ٻولي“ نالي تحقيقي ڪتاب لکي پڌرو ڪيو. هن پنهنجي ان ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت کي سنڌ جي اصلوڪي ٻولي قرار ڏنو ۽ ان کان اڳ عالمن جي قائم ڪيل ان نظرئي کي رد ڪري ڇڏيو ته سنڌو ماٿري جي وارثن جي ٻولي هتان جي مقامي اصلوڪي ٻولي نه پر دراوڙي يا سامي صفت رکندڙ ٻولي هئي. سراج پنهنجي هن ڪتاب ذريعي اڳ قائم ڪيل ان نظرئي کي به رد ڪيو ته سنڌو سڀيتا جا وارث درواڙ نسل جا هئا ۽ آرين سنڌو ماٿري تي حملو ڪري کين هتان تڙي ڪڍيو. سندس هن ڪتاب سان سنڌو سڀيتا جي لکت بابت نوان بحث ڇڙي پيا. سندس هي ڪتاب بعد ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽي طرفان 2009ع ۾ انگريزي ۾ به شايع ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزي ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج ڪيو ۽ نظرثاني جون ذميواريون ڊاڪٽر فهميده حسين ادا ڪيون. سنڌ جي هن نامياري محقق پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ انگريزي ٻولي ۾ ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ڪتاب به لکيو.
    سراج الحق ميمڻ سنڌ ۾ سنڌو لکت تي تحقيق ڪندڙ مقامي ماهرن ۾ وڏو نالو قرار ڏنو ويندو آهي. سندس تحقيق موجب موهن جي دڙي ۽ سنڌو ماٿري جي ٻين وسندين مان مليل لکتون سنڌي ٻوليءَ جون آهن. سنڌي ٻولي سنڌو ماٿريءَ جي اصلوڪي ٻولي آهي. اها ڪٿان ٻاهران نه آئي هئي ۽ نه وري ڪنهن ٻي ٻولي مان ڦٽي نڪتي هئي. هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته جيئن ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا تمام گهڻي قديم آهي، ان ڪري ان جي ٻولي به سڀني ٻولين کان قديم هوندي. جنهن مان پوءِ ٻيون ٻوليون ڦٽي نڪتيون هونديون. سراج ميمڻ پروٽو سنڌي کي پروٽو دراوڙي، پروٽو آريائي ۽ هن خطي جي ٻين قديم ٻولين جي ماءُ قرار ڏئي ٿو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • سنڌي ٻولي (تحقيق)، 1964ع
    • ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، 1953ع
    • اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون)، 1985ع
    • سنڌ جي اقتصادي تاريخ (ترجمو)، 1958ع
    • چونڊ آمريڪي افسانا (ترجمو)، 1958ع
    • اي درد هلي آ (ڪهاڻيون)، 1961ع
    • پڙاڏو سوئي سڏ (ناول)، 1979ع
    • منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، 1988ع
    • تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، 1989ع
    • منهنجي دنيا مرگهه ترشنا 1990ع


    اسٽيون ويبر Steven A. WEBER

    اسٽيون ويبر Steven A. WEBER


    سنڌو سڀيتا جي وارثن دنيا اندر پهريون ڀيرو زراعت جو بنياد وڌو، فصل پوکيا ۽ ان اپايو. سنڌ ماٿري جي سڀيتا جي وارثن جي زرعي زندگي بابت آمريڪي آرڪيالاجسٽ ۽ آرڪيوباٽنسٽ (Archaeobotonist) اسٽيون ويبر ان بابت تفصيلي تحقيق ڪئي آهي. هن ناردرن اريزونا يونيورسٽي مان انٿروپلاجي ۾ بي ايس ۽ ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. پاڻ 1989ع ۾ پينسلونيا يونيورسٽي مان آرڪيالاجي جي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. اسٽيون ويبر واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽي جي اينٿروپلاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي. پاڻ 1982ع ۾ ايٿنوبائيولاجي سوسائٽي جو بنياد وجهندڙن ۾ شامل هو ۽ ايٿنوبائيولاجي بابت تحقيقي جنرل شايع ڪرڻ جي به هن شروعات ڪئي.
    اسٽيون ويبر 1994ع کان پاڪستان، انڊيا ۽ ٿائيلينڊ سميت ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ قديم دور جي سڀيتائن ۾ زراعت بابت تحقيق ڪري رهيو آهي. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي زرعي معيشت بابت هڪ پراجيڪٽ ”زراعت ۽ سنڌو سڀيتا“ تحت 2005ع ۾ کوجنا ڪئي. سندس تحقيق جو موضوع آڳاٽي دور جي ماڻهن طرفان فصل پوکڻ طرف لاڙو هو. هن ان ڳالهه تي تحقيق ڪئي ته آخر قديم دور جي ماڻهن کي فصل پوکڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي ۽ هنن اوائل ۾ ڪهڙن ٻوٽن کي هٿراڌو طور اپائڻ طرف اڳڀرائي ڪئي. قديم دور جي ماڻهن قدرتي ماحوليات سان ڪيئن مهاڏو اٽڪايو. ويبر موجب ماحولياتي تبديلين يعني برساتن گهٽجي وڃڻ سبب زراعت کي ڪافي ڌڪ رسيو ۽ زراعت جو پوئتي پوڻ سنڌو سڀيتا جو زوال جو هڪ سبب هيو. پاڻ سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي دور ۾ زراعت بابت ڪيترن ئي ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن جو مصنف آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Weber SA and Belcher WR, Indus Ethnobiology (Lexington Books 2003)
    • Weber SA, Plants and Harappan Subsistence (Westview Press 1991)
    • Weber, Kashyap, and Mounce 2011. Archaeobotany at Farmana: New Insights Into Harappan Plant Use Strategies. In: Excavations at Farmana. V. Shinde, T. Osada and M. Kumar (eds). RIHN, Nakanish Printing: Kyoto, 808-823.
    • Kashyap and Weber 2010. Harappan plant use revealed by starch grains from Farmana, India. Antiquity, 84.
    • Weber, Kashyap and Harriman 2010. Does Size Matter: The Role and Significance of Cereal Grains in the Indus Civilization. Archaeological and Anthropological Sciences, 2, 35-43.
    • Weber, Lehman, and Barela 2010. Ecological Continuity: An Explanation for Agricultural Diversity in the Indus Civilization and Beyon. Man and Environment, XXXV, 62-75.
    • Weber, Lehman, Barela, Hawks and Harriman 2010. Rice or Millets: Early Farming Strategies in Central Thailand. Archaeological and Anthropological Sciences, 2(2), 79-88.
    • Weber SA and Fuller DQ 2007. Millets and Their Role in Early Agriculture. Pragdhara.
    • Fuller DQ and Weber SA 2005. Formation Processes and Paleoethnobotanical Interpretation in South Asia. Journal of Interdisciplinary Studies in History and Archaeology, 2, 93-115
    • Pennington and Weber 2004. Paleoethnobotany: Modern Research Connecting Ancient Plants and Ancient Peoples. Critical Reviews in Plant Sciences, 23:1, 13-20.
    • Weber 2003. Archaeobotany at Harappa: Indications for Change. Indus Ethnobiology: New Perspectives from the Field. S. Weber and B. Belcher eds. Lexington Books, 175-198.
    • Weber SA 1999. Seeds of urbanism: palaeoethnobotany and the Indus Civilization. Antiquity, 73, 813-826.
    • Weber SA 1998. Out of Africa: The Initial Impact of Millets in South Asia. Current Anthropology, 39, 267-274.
    • Weber SA 1996. Distinguishing Change in the Subsistence and the Material Records: The Interplay of Environment and Culture. Asian Perspectives, 35, 155-164.
    • Weber SA 2005. An Overview of Paleoethnobotany of the Indus Civilization.


    اسٽورٽ پگوٽ Stuart Ernest Piggott

    اسٽورٽ پگوٽ Stuart Ernest Piggott

    برطانوي آرڪيالاجي جي ماهر اسٽورٽ پگوٽ 28 مئي 1910ع ۾ پيٽرسفيلڊ شهر ۾ جنم ورتو ۽ 23 سيپٽمبر 1996ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ چرچرس ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ بعد کيس 1927ع ۾ برطانيه جي ريڊنگ ميوزم ۾ اسسٽنٽ طور ڀرتي ڪيو ويو. جتي هن آرڪيالاجي بابت ڪافي علم پرايو. هن هند ۽ سنڌ سميت ڪافي ملڪن ۽ خاص ڪري برطانيه ۾ پٿر دور جي قديم ماڳن تي تحقيق ڪئي. هن 1928ع ۾ ويلز ۾ رائل ڪميشن آن دي اينشنٽ اينڊ هسٽاريڪل مونومينٽس ۾ ملازمت اختيار ڪئي. ان دوارن پگوٽ قديم آثارن ۽ تاريخ تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ۽ پاڻ مشهور آرڪيالاجسٽ الگزينڊر ڪيلر سان گڏ ڪجهه قديم ماڳن جي کوٽائي ۾ به بهرو ورتو. جيتوڻيڪ کيس آرڪيالاجي جي شعبي ۾ ڪابه ڊگري ڪانه هئي، پر پوءِ به کيس ان شعبي سان خاص دلچسپي رهي. پاڻ 1936ع ۾ سر مورٽيمر ويلر جي انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجي مان ڊپلوما جي ڊگري حاصل ڪئي. ٻي عالمي جنگ دوران کيس انڊيا ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي هن برصغير جي آرڪيالاجي تي ڄاڻ حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. ان ئي دلچسپي سبب هن برصغير جي قديم تاريخ ۽ آرڪيالاجي بابت ٻه ڪتاب تحرير ڪيا. جيڪي 1946ع ۽ 1950ع ۾ شايع ٿيا. پاڻ قديم تاريخ ۽ آرڪيالاجي بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ۾ بهرو پڻ ورتو. پاڻ 1960ع کان 1963ع تائين پري هسٽارڪ سوسائٽي جو صدر به رهيو. جڏهن ته 1963ع کان 1967ع تائين اسڪاٽ لينڊ جي قديم نوادرات بابت سوسائٽي جو صدر به رهيو. پاڻ 1967ع کان 1970ع تائين برٽش آرڪيالاجي ڪائونسل جي صدارت به سنڀالي. پاڻ دل جي دوري پوڻ سبب 23 سيپٽمبر 1996ع ۾ وينٽيج برڪشائر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Some Ancient Cities of India (1946)
    • Prehistoric India (1950).
    • Ancient Europe, Aldine Transaction; New edition 2007
    • PIGGOTT , STUART , DANIEL , GLYNE, A PICTURE BOOK OF ANCIENT BRITISH ART, CAMBRIDGE UNIVERSITY PRESS, CAMBRIDGE , FIRST EDITION 1951
    • Stuart Piggott, The Dawn of Civilization, Book Human Cultures in Early Times, 1967
    • Stuart Piggott, The Earliest Wheeled Transport from the Atlantic Coast to the Caspian Sea, Aug 1983


    ايس پي گپتا S. P. Gupta

    ايس پي گپتا S. P. Gupta

    ڀارتي آرڪيالاجسٽ سوراج پرڪاش گپتا (ايس پي گپتا)سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ماهر طور سڃاتو ويندو آهي. سندس جنم 1931ع ڌاري ٿيو ۽ پاڻ 2007ع ۾ وفات ڪري ويو. ننڍپڻ ۾ پاڻ هندو بنياد پرست تنظيم راشٽريا سيوامسيوڪ سنگهه جو ميمبر به رهيو. کيس قديم ڀارت جي آرٽ جي تاريخ تي اٿارٽي تصور ڪيو ويندو آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ هڙاپا تي ٿيل ڪيترين ئي کوٽاين ۾ بهرو ورتو. هن ڀارت جي تاريخ ۽ قديم آرٽ تي ڪيترائي مقالا ۽ ڪتاب لکيا آهن. گپتا انڊين آرڪيالاجيڪل سوسائٽي جو چيئرمين به رهيو. پاڻ ان ئي سوسائٽي جي بليٽن جي ڪيترن ئي شمارن جو ايڊيٽر به رهيو. جڏهن ته الهه آباد ميوزم جي ڊائريڪٽر طور به ذميواريون نڀايون. پاڻ زندگي جي آخري لمحن ۾ انڊيا جي تاريخ ۽ ثقافت تي تحقيق خاطر انڊين هسٽري اينڊ ڪلچرل سوسائٽي جي قيام لاءِ جاکوڙيندو رهيو.
    گپتا قديم سنڌو سڀيتا کي دنيا اندر روشناس ڪرائڻ لاءِ 30 کن ملڪن ۾ ليڪچر به ڏنا. کيس آرڪيالاجي جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ گولڊ ميڊل به ڏنا ويا. انهن ايوارڊن ۾ سر مورٽيمر ويلر ايوارڊ به شامل آهي. ايوڌيا جي جامع مسجد جي قديم دور جي مندر هجڻ بابت تڪراري رپورٽ ڏيڻ تي سندس شخصيت به تڪراري بڻجي وئي. سندس شخصيت مٿان بنياد پرست هندو تنظيم راشٽريا سيوامسيوڪ سنگهه جو نظرياتي اثر موجود رهيو، جنهن ڪري سندس انڊيا جي قديم تهذيب بابت جوڙيل راءِ به مذهبي اثر هيٺ رهي ۽ پنهنجي غير جانبداري قائم رکي نه سگهيو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Tourism, Museums and Monuments (1975)
    • The Roots of Indian Art (1980) (French edition: 1990)
    • Cultural Tourism in India (S. P. Gupta and K. Lal), Indraprastha Museum of Art and Archaeology and D. K. Printworld, 2002.
    • Elements of Indian Art: Including Temple Architecture, Iconography and Iconometry (S. P. Gupta and S. P. Asthana) New Delhi: Indraprastha Museum of Art and Archaeology, 2002.
    • Temples in India (S. P. Gupta and V. Somasekh) New Delhi: Centre for Research and Training in History, Archaeology and Paleo-Environment, 2010.
    • Disposal of the Dead and Physical Types in Ancient India (1971)
    • Mahabharata, Myth and Reality - Differing Views (S. P. Gupta and K. S. Ramachandran, ed.) Delhi: Agam Prakashan, 1976.
    • Archaeology of Soviet Central Asia and the Indian Borderlands (2 volumes) (1978)
    • 'Frontiers of the Indus Civilization (B. B. Lal and S. P. Gupta, Eds.). New Delhi: Indian Archaeological Society, 1984.
    • The lost Sarasvati and the Indus Civilization, Jodhpur: Kusumanjali Prakashan, 1984
    • The Indus-Sarasvati Civilization, Delhi: Pratibha Prakashan (1996).
    • Dimensions in Indian History and Archaeology (S. P. Gupta and K. S. Ramachandran, eds.) New Delhi: Indian History and lture Society, 1993.
    • S. P. Gupta. The dawn of civilization, in G. C. Pande (ed.) History of Science, Philosophy and Culture in Indian Civilization ed., D. P. Chattophadhyaya, vol I Part 1) (New Delhi: Centre for Studies in Civilizations, 1999)


    سيد حاڪم علي شاهه بخاري Syed Hakim Ali Shah Bukhari

    سيد حاڪم علي شاهه بخاري Syed Hakim Ali Shah Bukhari

    سنڌ جو ناميارو آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه صوبن ۾ سنڌو سڀيتا سان لاڳاپيل ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي ۽ ڪيترن ئي ماڳن جو سروي به ڪرايو آهي. پاڻ 15 فيبروري 1938ع ۾ دادو لڳ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ پئدا ٿيو، 1950ع ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪري 1957ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي 1968ع ۾ پشاور يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. حاڪم علي شاهه 1969ع ۾ موهن جو دڙو ميوزم ۾ گيلري اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو. پاڻ قديم آثارن واري کاتي ۾ 29 سال ملازمت بعد 14 فيبروري 1998ع تي رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. هن آرڪيالاجي کاتي طرفان 1967ع ۽ 1968ع ۾ خيبر پختون خواهه صوبي ۾ قديم ماڳ اندان جي کوٽائي ڪرائي. جڏهن ته بلوچستان جي قديم ماڳ پيرڪ جي ٻه ڀيرا 1970ع ۽ 1974ع ۾ کوٽائي ڪرائي. سنڌ ۾ 1973ع ۾ سنڌو ماٿري جي قديم ماڳ جهڪر جي کوٽائي ڪرائي، پاڻ ساڳي ئي سال ۾ سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ هڪ مهيني تائين قديم ماڳن جي چوک ۽ چڪاس ڪئي. پاڻ هن وقت سنڌ آرڪائيوز کاتي طرفان آرڪيالاجي شعبي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Khirthar (English) ENI Pakistan Islamabad as Co-author
    • سنڌ جي قديم آثارن جي ڊڪشنري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2008- شريڪ ليکڪ)
    • Kalhora Period Architecture
    Sindh Archives 2006 Author


    توشيڪي اوساڊا Toshiki OSADA

    توشيڪي اوساڊا Toshiki OSADA

    جپان جو آرڪيالاجي ماهر توشيڪياوساڊا سنڌو ماٿري تي تحقيق جي حوالي سان هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿو. سندس جنم 1954ع ۾ ٿيو. هن 1991ع ۾ جهارکنڊ انڊيا جي رانچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس پي ايڇ ڊي جي مقالي جو موضوع ڀارت جي جهارکنڊ ۾ منڊا ٻولي ۽ ثقافت بابت تحقيق هيو. اوساڊا توشيڪي 1992ع کان 2001ع تائين جاپان بابت انٽرنيشنل ريسرچ سينٽر ڪيوٽو جو ريسرچ ايسوسيئيٽ به رهيو. جنهن بعد 2001ع کان 2003ع تائين هن ڪيوٽو يونيورسٽي جي آرٽس ۽ ڊزائن شعبي ۾ پروفيسر طور ذميواريون ادا ڪيون. توشيڪي 1984ع ۾ ڀارت جي جهارکنڊ جي منڊا ثقافت ۽ ٻولي بابت تحقيق ڪئي.
    اوساڊا ڪيوٽو يونيورسٽي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هيومنٽي اينڊ نيچر (RIHN) جو پروفيسر ۽ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ انڊس پراجيڪٽ جو سربراهه به رهيو آهي. کيس 2006ع ۾ جپان جي ڪيوٽو يونيورسٽي طرفان سنڌو سڀيتا بابت انڊس پراجيڪٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. ان پراجيڪٽ جو مقصد سنڌو ماٿري ۾ ماحولياتي تبديلين بابت تحقيق ڪرڻ هئي. انڊس پراجيڪٽ تحت سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي 5 سال تحقيق بعد 9 جلد ترتيب ڏئي شايع ڪيا ويا. سنڌو ماٿري تي ان قسم جي تفصيلي تحقيق فقط جپان جي ڪيوٽو يونيورسٽي جي انڊس پراجيڪٽ تحت ڪئي وئي. انڊس پراجيڪٽ کان سواءَ به هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي کوجنا ڪئي. جنهن بابت سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿيل آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Toshiki Osada, Indus Civilization: Text and Context, Vol. 1 (2006)
    • Toshiki Osada, Indus Civilization: Text and Context, Vol. 2 (2009)
    • Toshiki Osada, Linguistics, Archaeology and Human Past in South Asia (2009) Manohar Publishers & Distributors, 2009
    • Toshiki Osada (ed.) 2007 Occasional Paper 2: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto, Kita-ku, 187pp.
    • Toshiki Osada, Akinori Uesugi (ed.) 2008 Occasional Paper 3: Linguistics, Archaeology and the Human Past. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto, Kita-ku, 178pp.  
    • Toshiki Osada 2007 Reciprocals in Mundari. Vladimir Nedjalkov (ed.) Reciprocal constructions. John Benjamin, Amsterdam/Philadelphia, pp.1575-1590.(reviewed).  
    • Kharakwal, J.S., Y.S. Rawat, Toshiki Osada 2007 Kanmer: A Harappan site in Kachchh, Gujarat, India.. Toshiki Osada (ed.) Occasional Paper 2: Linguistics, Archaeology and the Human Past.. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto, Kita-ku, pp.21-46.
    • Toshiki Osada; Michael Witzel, Cultural relations between the Indus and the Iranian Plateau during the third millennium BCE : Indus Project, Research Institute for Humanities and Nature, June 7-8, 2008, Cambridge : Department of South Asian Studies, Harvard University ; Columbia.


    يوٽي فرانڪ ووگٽ Ute Franke-Vogt

    يوٽي فرانڪ ووگٽ Ute Franke-Vogt

    جرمن آرڪيالاجسٽ يوٽي فرانڪ ووگٽ سنڌو سڀيتا جي اهم ماڳ موهن جو دڙو تي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۾ شامل رهي آهي. پاڻ جرمني جي شهر ميونخ ۽ برلن ۾ آرڪيالاجي بابت تعليم حاصل ڪئي. سندس تحقيق جا مکيه موضوع وچ اوڀر ايشيا ۽ ايران جي قديم تهذيب رهي آهي. پاڻ ايران ۽ عراق ۾ قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. هن ايم اي جي ڊگري ايران ۾ تخت سليمان اسلامي دور تي تحقيق ڪري حاصل ڪئي. جڏهن ته سندس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري جو موضوع موهن جو دڙو تان مليل باقيات تي تحقيق هيو.
    ووگٽ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪرڻ لاءِ نه فقط موهن جو دڙو جي باقيات تي پي ايڇ ڊي ڪئي پر پاڻ موهن جو دڙو تي جرمن ريسرچ پراجيڪٽ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ 1981ع ۾ پاڪستان پهتي. هن هتي جرمني جي آچين يونيورسٽي جي ماهرن سان گڏ موهن جو دڙو پراجيڪٽ تي 1987ع تائين کوجنا ڪئي. يوٽي فرانڪ ووگٽ جيئن ته وچ اوڀر ايشيا جي آرڪيالاجي تي تحقيق ڪري رهي هئي، ان ئي سلسلي ۾ هن سنڌو سڀيتا ۽ ميسوپوٽيما جي تهذيب وچ ۾ واپاري لاڳاپن تي به کوجنا ڪئي. پاڻ سنڌو سڀيتا تي ٿيل تحقيق کي مختلف ڪتابن ۽ مقالن جي شڪل ۾ شايع ڪرايو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Ute Franke-Vogt,The Archaeology of Southeastern Balochistan
    • Excavations at Sohr Damb/Nal 2001-04, Baluchistan/Pakistan, 2003
    • Tracking the Prehistory of Baluchistan, Las Bela, 2008
    • Between Euphrates and Indus: The Arabian Peninsula from 3500–1700 BC, 2011
    • The Southern Indus Valley during the later 2nd and 1st millennia B.C.: The Dark Age. 2001
    • Ute Franke and Asma Ibrahim, A new perspective of an old site: Reopening excavations at Sohr Damb/Nal (Balochistan), 2005
    • Ute Franke, Implications of Radiocarbon Dates from Sohr Damb/Nal, Balochistan, 2007
    • Ute Franke-Vogt; European Association of South Asian Archaeologists, South Asian archaeology 2003: proceedings of the seventeenth international conference of the European Association of South Asian Archaeologists (7 - 11 July 2003, Bonn), Aachen LINDEN SOFT 2005
    • Ute Franke-Vogt, Die Glyptik aus Mohenjo-Daro: Uniformitat und Variabilitat in der Induskultur : Untersuchungen zur Typologie, Ikonographie und raumlichen Verteilung (Baghdader Forschungen) (German Edition) (German), 1991


    وي ايڇ سوناواني V. H. Sonawane

    وي ايڇ سوناواني V. H. Sonawane


    قديم آثارن جو ماهر ڊاڪٽر وشواسرائو ايڇ سوناواني، مهاراجا سائياجيرائو (ايم ايس) يونيورسٽي بروڊا سان لاڳاپيل آهي. پاڻ ان ئي يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ ان ئي اداري ۾ آرڪيالاجي ۽ قديم تاريخ ۽ ثقافت جي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. پاڻ گذريل 36 سالن کان قديم تاريخ، آرڪيالاجي ۽ ثقافت تي تحقيق ڪري رهيو آهي. سوناواني 15 کان وڌيڪ ملڪي ۽ بين الاقوامي سوسائٽين ۽ ايسوسيئيشنن جو ميمبر ۽ عهديدار به آهي. جن ۾ سوسائٽي آف سائوٿ ايشين آرڪيالاجي جو نائب صدر، راڪ آرٽ سوسائٽي انڊيا جو ميمبر، ميرائن آرڪيالاجيڪل سينٽر جو ميمبر آهي. هن گجرات ۾ سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان لاڳاپيل ماڳن سميت پٿر تي به تحقيق ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي ماڳن جي کوٽائي ۾ به بهرو ورتو آهي. سندس پٿر دور جي ماڳن تي تحقيق کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. پروفيسر سوناواني سنڌو سڀيتا بابت 100 کان وڌيڪ ملڪي ۽ عالمي ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪري چڪو آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • V. H. Sonawane, Chandravati: A Report on Explorations Conducted in March 1978. The M. S. University Archaeological Series No. 16, Baroda- 1980. (with R. N. Mehta, R. C. Agrawal and V. S. Parekh).
    • V. H. Sonawane, Excavation at Nageswar, Gujarat, A Harappan Shell working site on the Gulf of Kutch. The M. S. University Archaeological series, No. 18. Baroda - 1990 (with K.T.M. Hegde, K.K. Bhan, K. Krishnan and D.R. Shah).
    • V. H. Sonawane, Kuntasi - A Harappan Emporium on West Coast, by M.K. Dhavalikar, M.H. Rawal and Y.M. Chitalwala, Deccan College, Pune, 1996, Published in Man and Environment, Vol. 21 (2) 1996, pp.91-92.
    • V. H. Sonawane, Historical Archaeology of India, by M.K. Dhavalikar, Books and Books, New Delhi, 1999, Published in Man and Environment, Vol. 26 (1), 2001, pp. 128-129.
    • V. H. Sonawane, Bronze and Iron Ages in South Asia- by D.P. Agrawal and J.S. Kharakwal. Published in Man and Environment. Vol-29 (I), 2004. Pp. 111-113.
    • V. H. Sonawane, Explorations in the Daskroi Taluka, District Ahmedabad. Journal of the M.S. University of Baroda (Humanities), Vol. XIX (1), 1970, pp. 7-14 (with R.N. Mehta).
    • V. H. Sonawane, Explorations in the Panchmahals District, Journal of the M.S. University of Baroda (Humanities), Vol. XX-XXI (1), 1971, pp. 53-56.
    • V. H. Sonawane, Mandavi Step-well Inscription at Champaner - Samvat 1554, Shaka 1419, Journal of the Oriental Institute, Baroda, Vol. XXI, No. 3, March 1972. pp. 224-227.
    • V. H. Sonawane, Tarsang an Important Archaeological Site, Journal of the M.S. University of Baroda (Humanities), Vol. XXIII (1), 1973-74, pp. 57-60.
    • V. H. Sonawane, Jain Sculptures from Panchmahals, Journal of the M.S. University of Baroda (Humanities), Vol. XXIV (1), 1975, pp. 37-40.
    • V. H. Sonawane, Explorations in the Panchmahals District, in Archaeological Congress and Seminar: 1972, Ed. U.V. Singh, Kurukshetra, 1979, pp. 110-112.
    • V. H. Sonawane, Prehistoric Remains from Nathkuva Taluka Halol, District Panchmahals, Archaeological Studies, Mysore, Vol. III, 1978, pp. 91-94 (with R.N. Mehta).
    • V. H. Sonawane, Matruka Sculptures from Mataria and Ardhanarishwara from Tarsang, (Panchmahals), Journal of the Indian Society of Oriental Art, New series, Calcutta. Vol. IX, 1977-78, pp. 42-49. (Dr. Moti Chandra Com. Vol. Part II).
    • V. H. Sonawane, Archaeology of Panchmahals, Journal of the M.S. University of Baroda (Humanities), Vol. XXVII-XXVIII (1), 1978-79, pp. 115-121.
    • V. H. Sonawane, Rotary Quern Mining Industry at Kakachia, Dist. Panchmahals, Gujarat, Puratattva, Vol. 1, 1979-80, pp. 149-50.
    • V. H. Sonawane, A Prehistoric Engraving, Man and Environment, Vol. V, 1981, p. 91 (with R.N. Mehta).
    • V. H. Sonawane, Some More Sculptures from Kaleshvari, Prachya Pratibha, Vol. IX-X, Bhopal, 1981-82, pp. 55-62.
    • V. H. Sonawane, Rock Paintings at Tarsang, Gujarat, Journal of the Oriental Institute, Vol. XXXI (3), Baroda, 1982, pp. 293-299.
    • V. H. Sonawane, Tarsang ¬ A First Excavated Mesolithic Rock-Shelter of Gujarat, in Indian Archaeology ¬ New Perspective, Ed. R.K. Sharma, 1982, pp. 59-64, Delhi: Agam Kala Prakashan.
    • V. H. Sonawane, The Microlithic Industry of Tarsang, Gujarat, Man and Environment, Vol. VII, 1983, pp.31-38.
    • V. H. Sonawane, Prehistoric Cultures of the Panchmahals, Gujarat, Man and Environment, Vol. VII, 1984, pp. 20-30.
    • V. H. Sonawane, Excavation of Zinc Distillation Furnaces at Zawar, Abstracts ¬ 1984, Symposium on Archaeometry, Smithsonian Institute, Washington D.C., 1984 (with K.T.M. Hegde and P.T. Craddock).
    • V. H. Sonawane, An Important Evidence to Date Rock-Paintings of Mesolithic Period, in Rock-Art of India, Ed. K.K. Chakravarty, 1984, pp. 61-63, New Delhi: Arnold-Heinemann.
    • V. H. Sonawane, Excavation at Nageswar-1984 - A Preliminary Report, Journal of the M.S. University of Baroda, (Humanities), Vol. XXXIII-XXXIV, 1984-85, pp. 3-20 (with K.T.M. Hegde & K.K. Bhan).
    • V. H. Sonawane, Vagad - A Rural Harappan Settlement in Gujarat, Man and Environment, Vol. IX, 1985, pp. 38-44 (with R.N. Mehta)
    • V. H. Sonawane, Early Zinc Production in India, Mining Magazine, London, January 1985, pp. 45-52. (with P.T. Craddock, K.T.M. Hegde and others).
    • V. H. Sonawane, Two Rare Sculptures of Gajendramoksa from Gujarat, Journal of the Oriental Institute, Baroda, Vol. XXXV, Nos. 1-2, 1985, pp.127-130.
    • V. H. Sonawane, Landscape and Settlement Pattern of Harappa Culture Villages in the Rupen Estuary, Man and Environment, Vol. X, 1986, pp.23-31. (with K.T.M. Hegde).


    وريندرا ناٿ مسرا V. N. Misra

    وريندرا ناٿ مسرا V. N. Misra

    ڀارتي آرڪيالاجسٽ وريندرا ناٿ مسرا (وي اين مسرا) سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ آرڪيالاجسٽن جي سٿ جو ساٿي رهيو آهي. پاڻ اتر پرديش جي ضلعي فرخ آباد جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کانڊولي ۾ 9 جنوري 1935ع تي جنم ورتو ۽ 31 آڪٽوبر 2015ع ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ لکنو يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد دکن ڪاليج ۾ ملازمت حاصل ڪئي، بعد ۾ آرڪيالاجي جي شعبي ۾ پوني يونيورسٽي مان گريجوئيشن جي ڊگري ورتي. پاڻ قديم تاريخ ۽ ايٿنو آرڪيالاجي ۾ ماهر تصور ڪيو ويندو هو. هن راجسٿان، مڌيا پرديش ۽ مهاراشٽرا ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن تي تحقيق ڪئي ۽ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • V. N. Misra and M. S. Mate (eds.). Indian Prehistory: 1964. Pune: Deccan College.1965.
    • V. N. Misra. Pre and Proto-history of the Berach Basin, South Rajasthan. Poona : Deccan College.1965.
    • J. R. Lukacs, V. N. Misra, and K. A. R. Kennedy. Bagor and Tilwara: Late Mesolithic Cultures of Northwest India. Vol. I: The Human Skeletal Remains. Poona: Deccan College.1967.
    • V. N. Misra, Y. Mathpal and M. Nagar. Prehistoric Man and his Art at Bhimbetka, Central India. Poona.1978.
    • V. N. Misra and Peter Bellwood (eds.). Recent Advances in Indo-Pacific Prehistory. Delhi: Oxford-IBH.1985.
    • V. N. Misra (ed.) Indus Civilization, a special Number of the Eastern Anthropologist. Lucknow: Ethnographic & Folk Culture Society.1992.
    • V. N. Misra and A. K. Kanungo (eds). Dr. Swarajya Prakash Gupta: An Academic and Human Profile. Indian Society for Prehistoric and Quaternary Studies.2009.


    وسنت شيورام شاندي Vasant Shivram Shinde

    وسنت شيورام شاندي Vasant Shivram Shinde

    ڀارت ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر وسنت شيورام شاندي جو جنم 15 جون 1956ع تي ٿيو. پاڻ آڪٽوبر 2013ع کان دکن ڪاليج پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو وائيس چانسيلر ۽ اپريل 2003ع کان آرڪيالاجي شعبي جو پروفيسر آهي. شاندي پونا يونيورسٽي مان تاريخ ۾ بي اي آنرس ڪرڻ بعد ساڳي يونيورسٽي مان انڊيا جي آرڪيالاجي، قديم تاريخ ۽ ثقافت تي ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد هن ساڳي يونيورسٽي مان آرڪيالاجي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ گجراتي، ميراٺي، هندي ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو آهي. وسنت شاندي آڪٽوبر 2000ع کان اپريل 2001ع تائين انٽرنيشنل ريسرچ سينٽر ڪيوٽو جاپان جو به وزيٽنگ پروفيسر رهيو. جڏهن ته جاپان جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هيومنٽي اينڊ نيچر ۾ به وزيٽنگ پروفيسر طور ذميواريون نڀايون. پاڻ گذريل 36 سالن کان آرڪيالاجي جي شعبي ۾ تحقيق سان سلهاڙيل آهي. کيس ڏکڻ ايشيا جي قديم تاريخ ۽ فيلڊ آرڪيالاجي تي مهارت حاصل آهي.
    شاندي سنڌو سڀيتا جي ڪيترن ئي ماڳن کي دريافت ڪيو ۽ انهن جي کوٽائي ۾ به بهرو ورتو آهي، جن ۾ راجسٿان، ڪڇ، گجرات، دکن ۽ مهاراشٽريا جا قديم ماڳ شامل آهن. سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي سلسلي ۾ گهاگهر سرسوتي ندي جي ڪنارن تي قديم ماڳن جي دريافت ۽ کوٽائي سندس اهم ڪاميابين ۾ شامل آهي. وسنت شاندي ڪيترن ئي ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن ۽ سوسائٽين جو به ميمبر آهي. پاڻ انڊين سائنس ڪانگريس، ورلڊ آرڪيالاجيڪل ڪانگريس جو ميمبر ۽ سوسائٽي آف سائوٿ ايشين آرڪيالاجي ۽ انڊين آرڪيالاجيڪل سوسائٽي جو به تاحيات ميمبر آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Excavations at Kaothe. (with M.K. Dhavalikar and S. Atre) Deccan College Research Institute, Pune. 1990
    • Early Farming Community in the Central Tapi Basin (Study of Settlement and Subsistence Patterns), Munshiram Manoharlal Publishers, New Delhi. 1998.
    • A Report on the Excavations at Farmana (2007-08): A Harappan site in the Ghaggar Basin. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto, Japan. 2008.
    • Harappan Necropolis at Farmana in the Ghaggar Basin, New Delhi: Indian Archaeological Society. 2009-2010.
    • Heritage sites in Gujarat: A Gazetteer, (with Shweta Sinha Deshpande and Sanjay Deshpande) Aryan International Books, New Delhi. 2011.
    • Excavations at Farmana, District Rohtak, Haryana, India 2006-2008. Kyoto: Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Japan. 2011.
    • Excavations at Girawad, District Rohtak, Haryana, India 2006. Kyoto: Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Japan. 2011.
    • Excavations at Gilund: The Artifacts and Other Studies. University of Pennsylvania Museum of Archaeology and Anthropology, Philadelphia, USA. 2014.
    • Chalcolithic South Asia: Aspects of Crafts and Technologies, Infinity Foundation, USA.

    Monograph:
    • Chalcolithic Mewar and its interaction with the Harappans”, Professor R. P. Vyas Memorial Lecture Series-II organized by Mahila P. G. Mahavidhyalaya, Kamala Nehru, Soorsagar Road, Jodhapur-342009 on 25th July 2015.


    وينا مشرف ترپاٺي Veena Mushrif Tripathy

    وينا مشرف ترپاٺي Veena Mushrif Tripathy

    وينا مشرف ترپاٺي دکن ڪاليج پوني جي آرڪيالاجي شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر آهي. پاڻ 12 جولاءِ 1975ع تي جنم ورتو. هن تاريخ جي مضمون ۾ بي اي ڪرڻ بعد انڊيا جي قديم تاريخ، ثقافت ۽ آرڪيالاجي ۾ ايم اي ڪئي. جنهن بعد ساڳي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي 16 سالن کان تحقيق ڪري رهي آهي. قديم تهذيبن جي کوٽائين مان هٿ آيل انساني ڍانچن جي نسلي جائزي ۽ منجهن موجود بيمارين بابت تحقيق سندس خاص شعبو آهي. پاڻ 2011ع ۾ ڀارت جي هريانه رياست جي قديم ماڳ فرمانا جي بائيو اينٿروپلاجيڪل پراجيڪٽ تي به شريڪ محقق طور ڪم ڪيو. ان کان اڳ 2010ع ۾ ڪالي بنگن ۽ هڙاپا جي قديم ماڳن تان مليل انساني ڍانچن تي به تحقيق ڪئي، ان تحقيق جو مقصد سنڌو سڀيتا جي دور ۾ ان وقت جي ماڻهن جو نسلي جائزو ۽ منجهن موجود بيمارين جو سائنسي بنياد تي پتو لڳائڻ هو. وينا مشرف ترپاٺي هريانه، گجرات ۽ پاڪستان ۾ سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي قديم ماڳن تي تحقيق ڪري آهي. پاڻ ڪيترن ئي تحقيقي ڪتابن ۽ مقالن جي مصنف آهي.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Shantanu Ozarkar and Veena Mushrif-Tripathy, Population affinities of Parsis in the Indian subcontinent, Wiley Online Library, Jan 1, 2011.
    • Veena Mushrif-Tripathy, Human Skeletal Studies in India: A Review, SpringerBriefs in Archaeology, 2014.
    • Erik R Otárola-Castillo, Benjamin Valentine, George Kamenov, and Veena Mushrif-Tripathy, Evidence for Patterns of Selective Urban Migration in the Greater Indus Valley (2600-1900 BC): A Lead and Strontium Isotope Mortuary Analysis, PLOS ONE, 2015.
    • Veena Mushrif-Tripathy, Osteological Study of a Human Skeleton Excavated from Vaharvo Timbo, District Patan, Gujarat.
    • Veena Mushrif-Tripathy and Roopashree Talanki, A Study on Human Skeletal Remains from Porunthal, Tamil Nadu.
    • Veena Mushrif-Tripathy, Harappan Interments at Rakhigarhi, Haryana.
    • Veena Mushrif-Tripathy, LIVING WITH FLOODS Archaeology of a Settlement in the Lower Ganga Plains, c.600-1800 CE.
    • Veena Mushrif-Tripathy, Maxillary Sinusitis from India: A Bio-cultural Approach.
    • Veena Mushrif-Tripathy and Subhash Walimbe, A Companion to South Asia in the Past.
    • Gwen Robbins Schug, Veena Mushrif-Tripathy, Dr. A.R. Sankhyan, and Kelsey Gray, A Peaceful Realm? Trauma and social differentiation at Harappa.
    • Veena Mushrif-Tripathy and Sutapa Lahiri, Where are they now? Human Skeletal Remains in India.


    والٽر فيئرسروس Walter Ashlin Fairservis

    والٽر فيئرسروس Walter Ashlin Fairservis

    ڊاڪٽر والٽر ايشلين فيئرسروس کي قديم دور جي تهذيبن جي اوسر ۽ زوال بابت اٿارٽي تصور ڪيو ويندو آهي. سندس جنم 1921ع ۾ آمريڪا جي شهر بروڪلن ۾ ٿيو ۽ پاڻ 12 جولاءِ 1994ع تي 74 سالن جي ڄمار ۾ شيرون ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ ڪولمبيا يونيورسٽي مان اينٿروپلاجي ۾ بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيون ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ تعليم حاصل ڪرڻ بعد شروع ۾ 1941ع تائين آمريڪن ميوزم آف نيچرل هسٽري سان لاڳاپيل رهيو. بعد ۾ کيس پهريون ڀيرو 1949ع ۾ آمريڪا جي آرڪيالاجيڪل مشن هيٺ افغانستان موڪليو ويو. پاڻ 1960ع ۾ پاڪستان ۾ آيو ۽ هتي سنڌو ماٿري جي سڀيتا سميت ڪيترن ئي آرڪيالاجي جي پروجيڪٽن سان لاڳاپيل رهيو. سنڌو سڀيتا جي لکت کي پڙهڻ جي به ڪوشش ڪئي ۽ ان موضوع تي جامع ڪتاب تحرير ڪيو.
    فيئرسروس ڪيترن ئي ادارن سانلاڳاپيل رهيو. جن ۾ هارورڊ يونيورسٽي جو پيباڊي ميوزم، پينسلوينيا يونيورسٽي جو ميوزم ۽ ٿامس برڪي ميمورل واشنگٽن اسٽيٽ ميوزم شامل آهن. 1969ع ۾ پاڻ واسر ڪاليج جي اينٿروپلاجي دپارٽمينٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 1969ع کان 1993ع تائين فرض سرانجام ڏيندو رهيو. پاڻ ساڳي ڪاليج ۾ ايشيا بابت اڀياس جو مرڪز قائم ڪري پاڻ ان جي دائريڪٽر طور ذميواريون نڀايون. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي ماڳ الهه ڏنو سميت ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي. بلوچستان ۾ به سنڌو سڀيتا جي ماڳن تي کوجنا ڪئي. سنڌو سڀيتا تي سندس ڪتابن ڪافي مقبوليت ماڻي ۽ نه صرف بحث جو موضوع بڻيل رهيا، پر سنڌو سڀيتا تي بعد ۾ کوجنا ڪندڙن لاءِ مددگار ثابت ٿيا.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • The Roots of Ancient India (1969).
    • The Ancient Kingdoms of the Nile and the Doomed Monuments of Nubia (1962).
    • Cave Paintings of the Great Hunters (1959).
    • The Harrapan Civilization and Its Writing: A Model for the Decipherment of the Indus Script(1992).
    • The Archaeology of the Southern Gobi -- Mongolia (1993)
    • Excavations at the Harappan site of Allahdino: the seals and other inscribed material (1976).
    • South Asian Archaeology Studies (1993).


    وليم بيلچر William Belcher

    وليم بيلچر William Belcher

    آمريڪي آرڪيالاجسٽ وليم بيچلر پنهنجي شاگردي واري دور ۾ ئي قديم آثارن جي علم ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. پاڻ پهريون گريجوئيٽ شاگرد هيو، جيڪو هڙاپا آرڪيالاجيڪل پراجيڪٽ جو حصو بڻيو. بيچلر ويسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي مان اينٿروپلاجي ۾ بي اي ۽ ايم اي جي ڊگري ورتي. جڏهن ته ايم ايس جي ڊگري ميرائين يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. هن پي ايڇ ڊي جي ڊگري وسڪونسن ميڊسن يونيورسٽي مان ڊاڪٽر جي ايم ڪينوائر جي رهبري هيٺ حاصل ڪئي. پاڻ هن وقت اولهه اوهيو جي هوائي يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي. سندس تحقيق جو موضوع سنڌو سڀيتا جي معيشت ۽ واپار رهيو آهي. سندس سنڌو سڀيتا تي هيٺيان تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا لکيل آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Belcher, W.R. The Ethnoarchaeology of a Baluch Fishing Village. In Archaeology of Seafaring: The Indian Ocean in the Ancient Period, edited by Himanshu Prabha Ray, Indian Council of Historical Research and Pragati Publications, Delhi, India. 1999
    • Belcher, W.R. 1998. University of Wisconsin-Madison: USA, Ph.D. in Anthropology. Ph.D. Dissertation: Fish Exploitation of the Baluchistan and Indus Valley Traditions: an Ethnoarchaeological Approach to the Study of Fish Remains.
    • Belcher, W.R. 1997. Marine and riverine resource use during the Indus Valley Tradition: a preliminary comparison of fish remains from Balakot and Harappa. In South Asian Archaeology 1995, edited by B. Allchin and F.R. Allchin. Oxford and IBH Publishers, Pvt. Ltd. New Delhi, India.
    • Belcher, W.R. 1994. Riverine fisheries and habitat exploitation of the Indus Valley Tradition: an example from Harappa, Pakistan. In: A. Parpola and P. Koskikallio (eds.), South Asian Archaeology 1993. Annales Academiae Scientiarum Fennicae, Series B, Vol. 271. Suomalainen Tiedeakatemia, Helsinki, Finland
    • Belcher, W.R. 1994. Multiple approaches to the reconstruction of fishing technology: net-making and the Indus Valley Tradition. In From Sumer to Melluha: Contributions to the Archaeology of West and South Asia in Memory of George F. Dales, edited J.M. Kenoyer, pp.129-140. Wisconsin Archaeological Reports 3. Madison, Wisconsin, USA.
    • Belcher, W.R. 1994. Butchery practices and the ethnoarchaeology of South Asian fisherfolk. Fish Exploitation in the Past, edited by W. Van Neer, pp. 169-176. Annales du Musee Royal de l'Afrique Centrale, Sciences Zoologiques No. 274. Tervuren, Belgium.
    • Belcher, W.R. 1993. Riverine and marine fish resource utilization of the Indus Valley Tradition. Journal of the Pakistan Archaeologists Forum 2:1&2:241-279. Karachi, Pakistan.
    • Belcher, W.R. 1991. Fish resources in an early urban context at Harappa. In Harappa Excavations 1986-1990: a Multidisciplinary Approach to Third Millennium Urbanism, edited by R. Meadow, pp. 107-120. Prehistory Press, Madison, Wisconsin, USA.


    ياما ڊڪشٽ Yama Dixit

    ياما ڊڪشٽ Yama Dixit

    ڀارتي آرڪيالاجي جي ماهر ياما ڊڪشٽ سنڌو سڀيتا جي پوئتي پوڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪافي تحقيق ڪئي ۽ ان نتيجي تي پهتي ته موسمي تبديليون هن تهذيب جي پوئتي پوڻ يا ڍرڪڻ جو اهم سبب هيون. ياما ڊڪشٽ سينٽ جان ڪاليج مان پڙهائي ڪرڻ بعد دهلي يونيورسٽي مان ڪيمسٽري ۾ گريجوئيشن ڪئي. جنهن بعد 2009ع ۾ جواهر لال يونيورسٽي مان ماحوليات جي شعبي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ياما سنڌو سڀيتا جي پوئتي پوڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي موضوع تي ڪيمبرج يونيورسٽي مان 2012ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ پروفيسر ڊيوڊ هوڊيل جي سربراهي هيٺ پنهنجي ٿيسز مڪمل ڪئي. ارٿ سائنس، قديم دور ۾ ماحولياتي تبديليون، جيو ڪيمسٽري ۽ سامونڊي آرڪيالاجي سندس تحقيق جا اهم موضوع آهن. پاڻ آمريڪن جيو فزيڪل يونين، انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف سيڊيمينٽولاجسٽ ۽ ڀارت ۾ ڪيمبرج فرينڊس ٽرسٽ جي ميمبر آهي. هن پروفيسر ڊيوڊ هوڊيل، ڪيمرون پيٽرياءِ ۽ راجيو سنها سان به گڏ ڪيترائي مقالا ۽ ڪتاب تحرير ڪيا آهن.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Y Dixit, Holocene monsoon variability inferred from paleolake sediments in Northwestern India, University of Cambridge, 2013
    • Yama Dixit, David A Hodell, Cameron A Petrie, Abrupt weakening of the summer monsoon in northwest India~ 4100 yr ago, Journal: Geology, Geological Society of America, Volume:42, Issue: 4, 2014
    • Yama Dixit, David A Hodell, Rajiv Sinha, Cameron A Petrie, Abrupt weakening of the Indian summer monsoon at 8.2 kyr BP, Journal: Earth and Planetary Science Letters, Volume: 391, Elsevier, 2014
    • Y Dixit, DA Hodell, R Sinha, CA Petrie, Oxygen isotope analysis of multiple, single ostracod valves as a proxy for combined variability in seasonal temperature and lake water oxygen isotopes, Journal of Paleolimnology 53 (1), 35-45, 2015
    • DA Hodell, Y Dixit, CA Petrie, Abrupt climate change and the decline of Indus urbanism, AGU Fall Meeting Abstracts 1, 03, 2012
    • Y Dixit, DA Hodell, CA Petrie, Holocene monsoon variability inferred from palaeolake sediments in NW India. EGU General Assembly Conference Abstracts 14, 927, 2012
    • Y Dixit, DA Hodell, C Petrie, A Holocene climate record from palaeolakes in NW India, AGU Fall Meeting Abstracts 1, 1748, 2011
    • Y Dixit, Stable isotope geochemistry from Palaeo-lake Riwasa for Holocene Palaeoclimate history of NW India, Congrès des doctorants Abstracts, 1, 2011
    • Y Dixit, AD Hodell, A Climate Record from Riwasa Lake, Haryana, India; The Results of Carbon and Oxygen Stable Isotope Analysis, European Association for South Asian Archaeology and Art (EASAA) Conference ,2010


    يوري ڪنوروزوف Yuri Valentinovich Knorozov

    يوري ڪنوروزوف Yuri Valentinovich Knorozov

    سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت تي روسي ماهرن به ڪافي تحقيق ڪئي آهي. انهن ماهرن ۾ يوري ڪنوروزوف جو نالو پڻ سر فهرست آهي. روسي ماهر يوري ڪنوروزوف 19 نومبر 1922ع تي يوڪرين جي شهر کارڪف لڳ هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو ۽ 31 مارچ 1999ع تي سينٽ پيٽرسبرگ ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ 1940ع ۾ ماسڪو ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ماسڪو جي اسٽيٽ يونيورسٽي جي ايٿونالاجي ڊپارٽمينٽ مان تعليم حاصل ڪئي. بعد ۾ هن مصر ۽ عراق جي تهذيبن تي مهارت حاصل ڪئي. هن روسي ماهر قديم عراق جي تهذيب ميسوپوٽيما جي مايا لکت کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪنوروزوف سنڌو لکت تي تحقيق دوران تامل ماهرن جي ويجهڙائپ سبب سندن اثر قبول ڪندي، سنڌو لکت کي دراوڙي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪافي وقت اڳ سنڌو لکت کي سمجهڻ decipherment جي دعوى ڪئي، پر سنڌو لکت تي تحقيق ڪندڙ دنيا جي ٻين ماهرن سندس دعوى کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سندس سنڌو لکت کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ واري دعوى کي به مشڪوڪ قرار ڏئي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ڪنوروزوف اهڙا ڪي به نتيجا ڏئي نه سگهيو، جنهن سان اهو ثابت ٿئي ته هن واقعي سنڌو لکت کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
    هن روسي ماهر به ماضي جي ماهرن وانگر اها غلطي ورجائي ته سنڌو لکت کي سنڌو ماٿري وارين سرحدن اندر ڳولڻ جي ڪوشش بدران ان کي هزارين ميل پري تامل ناڊو ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڻ تامل ٻولي ماهرن جي اثر هيٺ تحقيق کي تعصب جي ور چاڙهي ڇڏيو. جنهن سبب سندس نتيجا قابل قبول قرار نه ڏنا ويا. سنڌو ماٿري جي اصل رهواسين ڏانهن سندس تعصب جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ سنڌو لکت تي تحقيق دوران اهڙي ٻولي استعمال ڪئي، جيڪا ڪنهن محقق لاءِ نه پئي سونهين. يوري ڪنوروزوف پنهنجي تحقيق دوارن فرمائي ٿو ته ” انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ڪيترائي ماهر اها دعوى ڪري رهيا آهن ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا سندن پنهنجي تهذيب آهي. ٻنهي طرفن کان ڪجهه اڻ ڄاڻ ماڻهو ان تهذيب جي سنڌي سڀيتا هجڻ جي دعوى ڪن ٿا. پر روسي محقق ان تصور جي سختي سان حمايت ڪن ٿا ته سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت پنهنجي ماهيت ۾ دراوڙي هئي.“ڪنوروزوف سنڌو لکت تي اها تحقيق هڪ ٻئي روسي ماهر ۽ انڊولاجسٽ نڪيتا گروف Nikita Gurov سان گڏجي ڪئي. هنن ٻنهي ماهرن جي راءِ هئي ته سنڌو سڀيتا جي ٻولي آڳاٽي دراوڙي ٻولي هئي ۽ سنڌو لکت جي براهمي لکت سان ويجهڙائپ هئي. ڪنوروزوف سنڌو لکت تي پنهنجي آخري پساهه يعني 1975ع تائين تحقيق ڪندو رهيو. سنڌو لکت تي تحقيق ڪندڙ ٻين روسي ماهرن ۾ اليگزينڊر ڪندراتوف Alexandr Kondratov به شامل هيو.

    ڪتاب ۽ مقالا

    • Protoindiyskie nadpisi (k probleme deshifrovki)". Sovetskaya Etnografiya 5 (2): 47–71. 1981. (on the Harappan script of the Indus Valley civilization)
    • Knorozov, Proto-Indica, 1979: Report on the investigation of the Proto-Indian texts, "Nauka" Publishing House, Central Dept. of Oriental Literature (1981)
    • Yuri Knorozov (ed.), ed. (1965). Predvaritel’noe soobshchenie ob issledovanii protoindiyskih tekstov. Moscow: Institut Etnografii, Akademiya Nauk SSSR. (Collated results of a research team under Knorozov investigating the Harappan script, with the use of computers)
    • Tatiana Proskouriakoff (Ed.), ed. (1967). "The Writing of the Maya Indians". Russian Translation Series 4. Sophie Coe (trans.). Cambridge MA.: Peabody Museum of Archaeology and Ethnology.
    • A brief summary of the studies of the ancient Maya hieroglyphic writing in the Soviet Union". Reports of the Soviet Delegations at the 10th International Congress of Historical Science in Rome ((Authorized English translation) ed.). Moscow: Akademiya Nauk SSSR. 1955.
    • Drevnyaya pis’mennost’ Tsentral’noy Ameriki. (Ancient Writings of Central America)". Sovetskaya Etnografiya 3 (2): 100–118. 1952.
    • Pis'mennost' drevnih mayya. (Written Language of the Ancient Maya)". Sovetskaya Etnografiya 1: 94–125. 1955.
    • New data on the Maya written language". Journal de la Société des Américanistes de Paris 45: 209–217. 1956.doi:10.3406/jsa.1956.961.
    • Problem of deciphering Mayan writing". Diogènes (Montreal) 40: 122–128. 1962. doi:10.1177/039219216201004007.
    • Machine decipherment of Maya script". Soviet Anthropology and Archeology 1 (3): 43–50. 1963. doi:10.2753/aae1061-1959010343.
    • Pis'mennost' Indeytsev Mayya. Moscow-Leningrad: Institut Etnografii, Akademiya Nauk SSSR. 1963.
    • Ieroglificheskie Rukopisi Mayya. Leningrad: Institut Etnografii, Akademiya Nauk SSSR. 1975.
    • Maya Hieroglyphic Codices. Sophie Coe (trans.). Albany NY.: Institute for Mesoamerican Studies. 1982.


    ليکڪ جو تعارف : رڪ سنڌي Ruk Sindhi

    ليکڪ جو تعارف : رڪ سنڌي Ruk Sindhi

    رڪ سنڌي 5 آگسٽ 1961ع تي تعلقي ڪنڊياري ضلع نواب شاهه جي ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو اصلي نالو غلام اصغر منگي آهي. هن سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. پاڻ روزاني سنڌ سجاڳ جي ايڊيٽر ۽ روزاني جاڳو ڪراچي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ مختلف صحافتي تنظيمن ۾ شامل رهيو آهي.
    رڪ سنڌي (Ruk Sindhi) سنڌ جي حقن خاطر مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن ۾ به سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هو گذريل 20 سالن کان ادب، سياست ۽ صحافت سان لاڳاپيل هجڻ سميت ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو آهي، جن ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇاپيل آهن. جڏهن ته سندس سوين مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. رڪ سنڌي جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي“، ”ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو“، ”سنڌي قوم جو مقدمو“، ”سنڌ جي سياسي صورتحال“، ”سنڌ آزادي ۽ انقلاب“، ”تاريخ جي لاٽ“، ”قاضي فيض محمد“، ”سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد“، ”اڄ جي سنڌ“ ۽ ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“ ڪتاب ڳڻائي سگهجن ٿا.
    رڪ سنڌي ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن. جن ۾ بينظير ڀٽو جو ڪتاب ”پاڪستان طوفان جي گهيري ۾“ به هڪ آهي. جڏهن ته ڪيئي ڪتاب مرتب به ڪيا آهن. جن ۾ ”باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي“، ”سنڌي ٻولي رت رتولي“ ۽ ٻيا شامل آهن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 865
    ڪتابن جو مشاهدو: 2388275
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 610160
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ