شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

شاعري ۽ سوُنھن

شاعري انسان جي اُڃ سان جڙيل سوُنھن آھي. ھرڪو پنھنجي پنھنجي نموُني پئندو آھي. پيئڻ ۽ جيئڻ جيِ پرک، ھج ڪنھن دور ۾ ميچ بہ ھونديِ آھي تہ مرم بہ سوُنھن ۽ شاعري ھر دور ۾ نت نئيِن آھي. ونود آسوُداڻيِءَ جو ھيِءُ غزلن جو مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. غزل شاعريءَ جيِ اُھا صنف آھي، جنھن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو آھي..

بند منھنجون اکيوُن گر ٿين ننڊ ۾،
صرف توکي ڏسان، ٻيو ن ڪوئيِ ھجي،
درد تنھنجا سڄڻ، سوُر تنھنجا سڄڻ،
مان اڪيليِ جيان، ٻيو نہ ڪوئيِ ھجي.

شاعرِي اُھو پنڌ آھي، جنھن جي وک وک انيڪ اٺسٺا آھن، وِلورا آھن، تہ بِہ ھن پيچري تي صدين کان شاعر اڪيلو ۽ اُٻاڻڪو آھي.

ڪوئيِ سمجهي نہ ٿو، پنھنجو مونکي ھتي،
ڪو نہ ٿو شھر ۾ ڪو ڏسان ڳوٺ جو،
گفتگوُ ڪان مونسان بہ تون ڪر ڪڏھن،
توکي خاموش ڪيسي ڏسان زندگيِ

ونود جا ڇھ ئي حواس نھايت ئيِ حساس آھن، ڏکڻا آھن. ڏسڻ جو حواس البت ڪمزور اٿس تہ من جو حواس، ماڻڻ جو حواس، ڀاونائن جي درد کي ڇھي ٿو وٺي.

چانڊوڪيُن راتيُن ۾ مونکي برپٽ جيِ،
ڪي ڪڻا سونھہ جا ڇڻيا ھوندا
چنڊ کي ارڳُ ھن ڏنو ھوُندو،
موُن وائدو ڪيو آ، ڪڏھن ڪيِن رُئندُس،
لڙيِ لڙڪ آيا، اُگهڻ کان ڊڄان ٿو.

ڪو بہ لظيِف فن، ھڪ لاڳيِتي مسلسل پرڪريا آھي.ڪنٽنيوُئس پروسيس. شاعر پاڻ تائيِن پھچڻ سان ئيِ، ڪنھن بہ ڀاو ٻوڏ سان پاڻ کي جوڙي ٿو. ھر ڪنھن فن کي پنھنجيوُن ڪي باريِڪيون بہ آھن، نزاڪتون بہ آھن. موُزون شاعريِ ڇند، وزن جي ردم سان بہ واسطو ٿي رکي. لفظ سان جُڙاءُ بہ آھي تہ وھنوار بہ آھي، جنھن سان ڪجھ خلقيِ سگهڻ ممڪن بڻجيِ ٿو، ڪٿان کان ڪٿي پھچيِ وڃجي ٿو، ڪي معنائوُن ڪي مُلھ اِظھار پائن ٿا.
ڪيِن لکندُس مان لفظ ڪاڳر تي
ڪوري ڪاغذ کي ئيِ ڏسيِ سمجهي،
آزموُدا ڪيا تو خوُب ڪيا،
ڪير دنيان مان ڇا کڻيِ ويندو
ڪنھن بہ فن جون ڪي بہ حدوُن ڪونھن، ڪو احساس ڪنھن نفيِس سوچ جي آس پاس وٺيِ ويندو آھي.

توُن ھوا آھيِن، پر ھوا کي پڻ،
مان تہ خوشبوُ بڻي ڇھيِ وٺندُس،
کٽ جي واڏڻ ڪوئيِ ڇڪي ويٺو،
زندگيِءَ سان بہ ڄڻ وڙھي ويٽو،
خون ھر ھر اُصوُلن جو ٿيِندو رھيو،
ڌرتيِ ٻيِھر وريِ ڇو ڌڏيِ سج لٿي.

شاعر پاڻ سان سڄي سنسار کي ھٿ جيِ اڱر پڪڙي وٺيِ ٿو ھلي. ھنجا صادق جثبا، ھر ڪنھن کي پنھنجا لڳندا آھن. پاٺڪ جي پاڻ سان مُرڪيِ سگهي تہ ھوند ڪو ڪو کٽو مٺو سواد بہ ماڻي وٺيش

تنھا تنھا ويٺو آھيان
روز رُئن ڇا مسئلو آھي، توُن موُن جھڙو، مان تو جھڙو، فرق ڪرڻ ڇا سولو آھي

ھن شاعر جو ھيِءُ ستون مجموُعو آھي. سندس پھريون مجموُعو ھندي ڀاشا ۾ ھئو. عنوان اٿس اڌوُرا آسمان. ان ۾ سندس ڀاءُ راجيش آسوداڻيِ رقيِب جا بہ ڪجه غزل آھن. ان ڪتاب جو مھوُرت پچمڙھيِءَ ۾، اکل ڀارت سنڌي ٻوليِ ۽ ساھت سڀا طرفان ڪوٺايل سيمينار ۾ ٿيو ھئو، جتي ٻئيِ شاعر حاَضر ھئا. ونود آسوُداڻيءَ جي غزلن جو ٻيون مجموُعو چڻگوُن چڻگوُن سنڌيِءَ ۾ آھي، ديوناگريِ لپيِءَ ۾. ونود جي رھائش ناگپور ۾ آھي، جتي سنڌي ٻوليِ ديوناگريِ لپيِءَ ۾ سيکاريِ وڃي ٿيِ. ان ڪتاب جو مھوُرت کجوُراھو ۾ اکل ڀارت سنڌي ٻوليِ ۽ ساھت سڀا طرفان سڏايل سيمينار ۾ ٿيو ھئو، ان سيميِنار ۾ ونود محسوس ڪيو تہ ديوناگريِ لپيِءَ ۾ لکڻ بدران سنڌيِ لپيِءَ ۾ لکي، سڄاڻ پاٺڪن تائيِن پھچيِ سگهبو ۽ سندس شاعريِءَ جيِ تڪ تور پڻ تڏھن ئيِ ممڪن ٿيِنديِ. ھيِءُ سندس ٽيون غزلن جو مجموُعو باھ جوُن پاڙوُن سنڌي لپيِءَ ۾ آھي.
اِھا مڃيل حقيِقت آھي تہ شاعر ئيِ ٻوليءَ کي پالي نپائي ٿو. ھوُ ئي ساھت جي سگھ ۽ معيار کي نوان ماڻ ٿو بخشي ۽ اڳتي ھليِ پنھنجي فن، شعوُر ۽ سوُجھ ٻوُجھ سان جاتيِءَ جو نگھبان بڻجي ٿو.

سڃاڻپ مان توکي ڏيان ڪھڙيِ دلبر
ڏيئو بڻجي توفان سان وڙھندو رھندُس
ساز پراڻي کي چورڻ ۾، وقت تہ لڳندو آ،
وسريل ورقن کي کولڻ ۾ وقت تہ لڳندو آ
روُح بنا بس جسم ملن ٿا، ھن چوراھي، ھن چوراھي
پاڻ مرادو چريا کلن ٿا، ھن چوراھي، ھن چوراھي

ونود آسوُداڻيِءَ جو ھيِءُ مجموُعو توھانجي ھٿن ۾ آھي. توھان ھن شاعر سان شايد اڳُ واقف نہ آھيو. ساريِ دنيان چوڻ مڃي ويندءِ
ٿوري پنھنجي ھلائي توُن بہ تہ ڏِسُ.


ارجن حاسد
264/بي، سردار نگر،
احمدآباد - 382485