شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

اندر اندر جھرندو آھيان،

اندر اندر جھرندو آھيان،
ٻاھر ٻڙڪ نہ ڪڍندو آھيان.

پائڻ منزل مقصد ناھي،
پو بہ سدائيِن ڊُڪندو آھيان.

مون جھڙو ڪو پاڳل ناھي،
کن ۾ کلندو رُئندو آھيان.

ذھن ۾ تنھنجي يادن جا گئل،
پوکي خود ئي لُڻندو آھيان.

شام جو پل ڊيڄاريِندڙ آ،
بند ڪري در وھندو آھيان.

موُن وٽ نلندءِ خواب ٽٽل سڀ،
ٽڪرا سانڍي رکندو آھيان.