شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

پنھنجن کان ئيِ مان وڇڙان ٿو، ھوريان ھوريان،

پنھنجن کان ئيِ مان وڇڙان ٿو، ھوريان ھوريان،
پنھنجن پيرن تي بہ بھان ٿو ھوريان ھوريان.

ڪير اچيِ ڪنھن کي اُلفت ڪيِئن سيکاريِندو،
پنھنجن غلطيُن مان نہ سکان ٿو ھوريان ھوريان.

منھنجن سُڏڪن کي جو ٻُڌندو، روئيِ ڏيِندو،
پنھنجيُن اکڙيُن کي بہ اُگھان ٿو ھوريان ھوريان.

گُل کان پڻ نازڪ آھن، ھي يادوُن تنھنجيوُن،
تنھنجا ڪي احساس ڇھان ٿو ھوريان ھوريان.

ڄڻ ڪا سنھڙي سار کڻي ويٺو آھيان،
چچريل دامن کي تہ سڀان ٿو ھوريان ھوريان.