شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

سونھن ھر ھر ڏسڻ جي عادت آ،

سونھن ھر ھر ڏسڻ جي عادت آ،
باھ ۾ ھٿ وجهڻ جي عادت آ.

ڀل ھجي ڪيتري پري منزل،
پنڌ موُنکي ڪرڻ جي عادت آ.

دل چوي چُپ ڪري وِھڻ سِکُ توُن،
ساھُ ھوريان کڻڻ جي عادت آ.

ٿوري ٿوري کُلڻ جي عادت آ،
ڳالھ چوندي کلڻ جي عادت آ.

تون دريِ در نہ کول منھنجي لاءِ،
ڀت ڀڃي گهر اچڻ جي عادت آ.

مان خودا کي ڇو ويھيِ ٿو ٻاڏايان،
نالو تنھنجو ڳنھڻ جي عادت آ.

مونکي ڪوئيِ چڱو چوي نہ چوي،
ڇا ڪيان سچُ چوڻ جي عادت آ.

ڇو ٿا سوُريِءَ تي اُن کي لٽڪايو،
صرف جنھن کي لکڻ جي عادت آ.