شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

ماڻھوُ ملي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو،

ماڻھوُ ملي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو،
ڇاپ ڇڏي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

تيز ھوا ۾ پٽ ٿيِ پِيا سڀ،
ڪيِن ڌُڏي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

ھرڪو ڪري ٿو رڙ ۽ واڪو،
سانت رھي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

ناھي اثر چوٽُن ۾ ڀيِ ڪو،
زخم جھُري ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

ايِندي ويندي ھرڪو مشڪي،
حال پُڇي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

ڇيِنھوُن ڇيِنھون سارا جذبا،
دل ۾ چڀي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

ڪيڏا پوکيا سپنن جا وڻ،
ٻوُر جھلي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

قرض سڀن تي مٽيِءَ جو پر،
ادا ڪري ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.