شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

ڪيِئن ٻُڌايان ڪھڙو آ ھوُ،

ڪيِئن ٻُڌايان ڪھڙو آ ھوُ،
پنھنجن کان ڄڻ پنھنجو آ ھوُ.

رات سڄيِ موُن ويٺي گھاريِ،
پوئين پھر ۾ آيو آ ھوُ.

ڇو ھوُ موُنکي پيار ڪري ٿو،
ھر ڪنھن کي ڏِسُ وڻدو آ ھوُ.

خواب اکيُن ۾، مرڪ چپن تي،
ننڍڙن ٻارن جھڙو آ ھوُ.

ساوڻ جي ڪاريُن راتيُن ۾،
ڪڪرن وانگر لڳندو آ ھوُ.

لڙڪ اکيُن ۾ ڪيِن ڏٺاسيِن،
دل ئيِ دل ۾ لُڇندو آ ھوُ.