ھاڻي ھاڻي آيو آھين، توُن وڃڻ جو ضد نہ ڪر،
ڳالھ دل ۾ ڀلي رھي، پر توُن چوڻ جو ضد نہ ڪر.
آھيوُن درياھ جا ڪنارا، ڪيِن مِلنداسيِن ڪڏھن،
ڇا صديوُن، ڇا ھڪ گھڙي دلبر، ملڻ جو ضد نہ ڪر.
باھ وانگُر پل ٻرن ٿا، وقت ٽانڊن جيان لڳي،
يار ڀل محسوُس ڪر توُن، پر ڇُھڻ جو ضد نہ ڪر.
لڙڪ اکڙيُن ۾ لُڙيِ آيا الئي ڇو پريِن،
ھڪ ٻئي کي ڪيِئن چئوُن، توُن رُئڻ جو ضد نہ ڪر.