شاعر جي قلم مان.
ننڍپڻ کان ئي سنڌي شعر ۾ گهڻي دلچسپيِ رھيِ آھي. سنڌيِءَ جا ناميارا شاعر جھڙو ڪِ نارايڻ شيام، ھريِ دلگير، ارجن حاسد ۽ ايم.ڪمل وغيرہ جا شعر مان ننڍيِ عمر کان ئيِ پڙھندو ايِندو آھيان. ھنن اديِبن جي شعرن مان موُن گهڻو ڪجه پرايو آھي.
اڄُ غزل جي کيتر ۾ نہ رڳو پيار، محبت جو جذبو بيان ڪرڻ تائيِن محدوُد آھي، پر غزل زندگيِءَ ڪي ھر کٽي مٺي احساس کي بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي. ھر طرح جو احساس، امنگ، درد، خوشي وغيرہ سڀنيِ ڀاونائُن کي غزل ۾ شاعر بخوُبيِ بيان ڪري سگهي ٿو. شايد اھو ئيِ ڪارڻ آھي تہ غزل اڄُ ھن مقبوُل مقام تي اچيِ پھتو آھي.
تخليِق پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ڏکيِ ۽ رھسيہ ڀريل پرڪريا آھي. تخليِق ڪيِئن ٿيِ ٿئي، ان جو ڪو سڌو سنواٽو جواب ڏيڻ تمام مشڪل آھي. اُڀرندڙ سج جو نڪرڻ، سنجھا جيِ ويل لھندڙ سج جو نماڻو سروُپ، ٽاڪ منجهند جي وقت وسندڙ گرميِءَ جا اولا، رات جو گَھرو سناٽو، سمنڊ ۾ ٽپا ڏيِندڙ لھروُن يا ڪناري تي ڀِڳل ريتيِءَ جو ڪو ڪڻ، آڪاش ۾ ترندڙ بادل، چنڊ جي شيِتل چانڊوڪيِ، تارن ستارن جو ٽمٽمائڻ يا وريِ ڪو سڏ،ڪو سُڏڪو، ڪو اڌوُرو خواب، ڪا تڙفندڙ تمنا، ڪو درد، ڪو منجهيل احساس، ڪو جهوُمندڙ جذبو، ڪا مٺيِ مرڪ، ڪو ڀڳل ٻنڌن، ڪو رُٺل رشتو، يا وري ماضيِءَ جي مھڪ، ڪا مستقبل جي آھٽ، ڪا دل جي ڌڙڪن، ڪنھن پير جا نشان، ڪنھن ھٿ جو ڇُھاءُ، ڪنھن اک جي گھرائيِ، ڪنھن پايل جي جهنڪار، انھن مان ڪھڙي ڳالھ ڪڏھن شاعر جي دل کي ڇھيِ وڃي ۽ ھوُ انکي قلمبند ڪري شعر جو، ڪويِتا جو روُپ ڏيئيِ ڇڏي، چئيِ نہ ٿو سگهجي.
مونکي ڪنھن اسڪوُل يا ڪاليج ۾ سنڌيِ تعليِم حاسل ڪرڻ جو موقعونہ مليِ سگهيو آھي. ننڍپڻ کان اسانجي مرحوُم پتا صاحب شري ھرديالداس آسوُداڻيءَ مونکي ۽ اسان سڀِني ڀائرن ڀينرُن کي ھفتيوار سنڌيِ اخبار ”ھندواسيِ“ پڙھي ٻڌائيِندا ھئا. ھن اِخبار ذريعي الڳ الڳ سنڌيِ شاعرن ۽ ليکڪن کي ٻُڌڻ جو موقعو مليو. اڄُ ڏينھن تائيِن منھنجي ماتا صاحب شريِمتي لڪشميِ آسوُداڻي عہ رڳو سنڌي اخبار پر عربيِ لپيِءَ ۾ ڇپيل سنڌيِ شاعرن ۽ ليکڪن جا ڪتاب پڙھيِ ٻُڌائيِندي آھي. اڄُ اگر مان سنڌي غزل لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھيان تہ اِھو منھنجي ماتا پتا جيِ آسيِس جو ئيِ نتيجو آھي. مان پنھنجي پياري ڌرمپتنيِ آرتيِ، ڌيِءُ آسٿا ۽ ننڍي پُٽ ونيہ جو بہ ٿورائتو آھيان جيڪي نہ رڳو ھر قدم تي مونکي ساٿ ڏين ٿا، پر ھنن پنھنجي پيار سان منھنجيءَ شخسيت ۾ گهڻا ئيِ خوبصورت رنگ ڀريا آھن.
مان سنڌيِ ٻوليِءَ جي مھان اديِب مرحوُم شريِ ھري دلگيِر صاحب جو بہ ٿورائتو آھيان. ھنن صاحبن مونکي شعر جي بحر ۽ وزن ڏيڻ جي بہ ڪرپا ڪئيِ آھي.
سنڌيِ غزل جي بادشاہ ارجن حاسد جو مان تحيدليِءَ سان شڪرانا ادا ڪرڻ ٿو چاھيان. مان ھنن جي شعر کان ننڍپڻ کان ئي متاثر تہ ھوس ئيِ پر جڏھن مونکي پچمڙھيِءَ ۽ خجُراھو وارن اکل ڀارت سنڌيِ ٻوليِ ۽ ساھت سڀا طرفان ڪوٺايل سيمينارن ۾ روُبروُ ملڻ جو موقعو مليو، منھنجيِءَ دل ۾ ھنن جي لاءِ شرڌا ۽ عزت وڌيِ ويئيِ. مون ناچيز جي نماڻي وينتيِءَ کي قبوُل ڪري حسد صاحبن نہ رڳو ھن ڪتاب جو مھاڳ لکيو آھي، پر ھُنن ھر ھڪ غزل پنھنجي عالماڻيِ نظر مان ڪڍي، بحر، وزن، ٻوليِءَ جون جيڪي بہ گهٽ وڌايوُن ھيوُن سي درست ڪيون آھين حاسد صاحب جي ان رھنمائيِءَ کان سواءِ ھيِءُ منھنجو ”باہ جوُن پاڙوُن“ اوھانجي مبارڪ ھٿن ۾ ھن سھڻي انداز ۾ نہ پھچيِ سگهي ھان.
حقيِقت تہ اِھا آھي تہ مون سڀنيِ کان پھريِن ھندي ٻوليِءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. ناگپور جي سنڌي ساھت سڀا جي صدر شريِ ايِشر ڪلياڻيِءَ ۽ ٻين ساٿيُن مونکي سنڌيِءَ ۾ لکڻ لاءِ ھمٿايو. ڌيِري ڌيِري مان سنڌيِءَ ۾ قلم آزمائيِ ڪرڻ لڳُس. منھنجي ھمٿ افزائي ڪرڻ لاءِ مان ناگپور جي سنڌيِ ساھتيہ سڀا جي سڀنيِ ساٿيُن جو شڪرگذار آھيان.
مان شري ايِشر ڪلياڻيِءَ جو نہ رڳو انھي لاءِ ٿورائتو آھيان تہ ھنن مونکي وقت بہ وقت سنڌيِءَ ۾ لکڻ لاءِ پئي ھمٿايو آھي، پر ھنن پنھنجي مصروُف زندگيِءَ مان وقت ڪڍيِ ڏاڍي قرب سان ھن ڪتاب جي عربي لپيِءَ ۾ دستخت تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئيِ ۽ ھڪ اھميت ڀريو يوگدان ڏنو آھي.
مان شري ھريِ پنڪج جو بہ ٿورائتو آھيان، جنھن ھن ڪتاب کي سندر روُپ ۾ ڇپائي اوھان تائيِن پھچايو آھي. آخر ۾ مان پنھنجن سڀني ڀائرن ڀينرُن ۽ ادبيِ ساٿيُن جو شڪرگذار آھيان، جن وقت بہ وقت منھنجا غزل ٻُڌي پنھنجي قيِمتي رايا پئي ڏنا آھن.
اوھانجو پنھنجو،
ونود آسوُداڻي،
ڏياريِ، 12 نومبر 2004
پتو:
45/ڊيِ، ھيموُ ڪالاڻي چونڪ، جريِپٽڪا، ناگپور – 440014
موبائل : 7028953456