شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

اُس کي ڪيئن مان ڇانو چوان؟

اُس کي ڪيئن مان ڇانو چوان؟
بزم ۾ تنھا ڪيِئن رھان؟

چنڊ جو ٽڪڙو مونکي ڏي،
آنءُ سڄو ٿو ڪٿي گهران؟

راھ گلن جي وک وک تي،
ٿورا ڪنڊا ڇو نہ رکان؟

درد در وٽ رکي ڇڏيا،
چويِن تہ اندر کڻي اچان؟

صرف چپن تي مرڪ رھيِ،
ٻيو تہ خدا کان ڪجھ نہ گهران؟

ياد رکڻو ڪونھي پر،
مان وساري بہ ڪيِن سگھان؟

تنھنجي اڱڻ جي ڪنھن ڪنڊ ۾،
آ تمنا اچي وھان؟

ڀڳل آرسيِ آھي ھيِءَ،
اولڙو ڀت تي ڪيِئن وجھان؟