شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

درد رھندو اِئين مرڻ تائيِن،

درد رھندو اِئين مرڻ تائيِن،
زندگيِءَ جو سڳو ٽُٽڻ تائيِن.

آھي پاڻي يا مئہ پڇو ڇو ٿا،
فرق لڳندو آ پيِئڻ تائيِن.

ڪير رُئندو اچيِ اسان سان گڏ،
دوست آھن رڳو چوڻ تائيِن.

پيار جو ھڪ ڏئو جلائي رک،
رات گذري سھر ٿيڻ تائيِن.

توُن نہ رھُ موُنسان عمر تائيِن ڀل،
ساٿ ڏي ساھ ڪي کڻڻ تائيِن.

زندگي ڀر نہ مل ڪڏھن موُنسان،
ڪا تہ حسرت رھي مرڻ تائيِن.

ڪا دوا يا دُئا، نہ فرق آھي،
مان تہ رھندُس چريو مرڻ تائيِن.