شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

ٿورو اکرن سان کيڏڻ ڏي،

ٿورو اکرن سان کيڏڻ ڏي،
چَند سَلا من ۾، اُڀرڻ ڏي.

اوُندہ ۾ گُم ٿيِ ويو آھي،
وجوُد پنھنجي کي ڳولھِڻ ڏي.

اڄُ ھوُ سِر پڻ لاھي ڏيِندو،
ٻيِجل بڻجي چنگ چورڻ ڏي.

سڳو وڃي ٿو عمر جو کُلندو،
گهڙيوُن ڪي ڪاڳر ۾ ويڙھڻ ڏي.

ذھن سڄو وڪڻيِ کاڌو موُن،
خواب بچيل آھن، وڪڻن ڏي.

وراثت جا خالي کوکا سڀُ،
باھ جلائي ھڪ ساڙڻ ڏي.

ياد جي ڪنھن ويِران ٻنيِءَ ۾،
فصل سِنڌيت جو پوکڻ ڏي.