شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

روُح بنا بس جسم مِلڻ ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي،

روُح بنا بس جسم مِلڻ ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي،
پاڻمرادو ڄڻ چريا کلن ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي.

سُڃيوُن سُڃيوُن سڀ بستيوُن آھن، موڳا آھن شھر گهٽيوُن سڀ،
ڪڄپتليُن جيان ڪي تہ نچن ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي.

ڪوڙ وڇائڻ ڪوڙ ٿا پائن، پوءِ بہ پاڻ کي مُکي چوائن،
پاڻ پڏائي گهڻا ھلن ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي.

جيِئڻ جي چاھن، جيِئڻ نہ سئُلو، مجڻ جي چاھن مرڻ نہ سئُلو،
ھوريان ھوريان ساھُ ڪڍن ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي.

سڀني جي ھٿ ۾ خنجر آ، قاتل کي چءُ ڪيِئن سڃڪڻان؟
چيھرا ساڳيا ئيِ تہ ھجن ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي.