شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

ڪجھ مان چوان

اکل ڀارت سنڌيِ ٻوليِ ۽ ساھت سڀا جي ليکڪ سيميِنار تي 2002 ۾ پچمڙھيِءَ جي دلڪش ھل اسٽيشن تي ايِسر ڪلياڻي ۽ گوپ ھيِراڻي ٻن ڀائران ونود آسوُداڻي ۽ راجيش آسوُداڻيِءَ کي وٺيِ آيا. سندن ھڪ حواس (نوُر) ڄائي ڄم کان بلڪل ڪم نہ پئي ڪيو. پر پنھنجن ٻين حواسن سان گڏُ ، اندر جي نوُرانيِ حواسن سان سرگرم بھرو وٺڻ تي ھنن صاحبن سڀنيِ کي ايتري تہ حيرانيِءَ ۾ وجهي ۽ موھي ڇڏيو جو ھرڪو سندن اِردگِرد پيو رھي.
اُتي ئيِ منھنجي بہ ساڻُن واقفيت ٿيِ ۽ کين پنھنجو لکيل ڪھاڻيُن جو مجموُعو ھٻڪندي ڀيٽ ڪيُم تہ منھنجي ھٻڪ ڏسيِ چيائيِن ”توھان ڪو بہ خيال نہ ڪريو، اسان سڀ گڏجيِ ويھيِ ڪھاڻيوُن پڙھنداسيِن. اسانجيِ ماءُ ۽ ونود جي پتنيِ پڙھيِ ٻُڌائيِنديون.“
ٻن ھفتن ۾ رايو بہ موڪلي ڏنائوُن ۽ اڃا ھاھر ڪيائوُن تہ اھي ڪھاڻيون ھوُ انگريزيِءَ ۾ الٿو ڪرڻ چاھن ٿا. ساڻ ساڻ پنھنجو ھنديِءَ ۾ ڇپيل غزلن جو مجموُعو ”اڌوُرا آڪاش“ بہ موڪلي ڏنائوُن. موُنکي نہ ھندي ۽ نہ ئيِ ديوناگري چڱيِءَ طرح ايِندي آھي انڪري بنا پڙھڻ جي ئيِ چُپ رھيُس.
سال کان پوءِ وري 2003 ۾ ساھت سڀا پاران ڪوٺايل سيميِنار ۾ خجوُراھو جي مندرن واري ماحول ۾ گڏياسيِن. سڄي ڏيِنھن جي پروگرام کان پوءِ رات جو چڱا شاعر ارجن حاسد، ناريِ لڇواڻي ۽ ٻيا 15-20 شاعر چانڊوڪيِءَ جي ڪشش ڪري اچي مشاعرو ڪندا ھئا. مان شاعر ڪون آھيان، پوءِ بہ ھنن جي وچ ۾ ڪانوَ وانگُر ڪُنڊ وٺيِ اچيِ وھندو ھوس. ھڪ رات ونود صاحب بہ اچيِ پاسي ۾ ويٺو. منھنجي واري اچڻ تي موُن چيو ” ڀائيِ، مان شاعر ڪونہ آھيان.“ تنھن تي پاسي ۾ ويٺل ونود چيو”پنڪج صاحب، توھان مھنجُن غزلن تي ڪو بہ رايو ڪونہ موڪليو، اِئين ڇو ڀلا؟“
مونکان عجب گاڏڙ ڇرڪ نڪريِ ويو. پڇيومانس،” توھان کي بنا ڏٺي ڪيِئن خبر پئيِ تہ مان ھري پنڪج آھيان.“
کليِ ڪري چيائيِن، ”سال اڳ ۾ پچمڙھيِءَ ۾ ڏھ منٽ ڳالھايو ھئوسيِن. بس، آواز ياد اٿم.“
نہ صرف تخليِقيِ علم ۾ پر زندگيِءَ جي ھر پھلوُءَ ۾ پنھنجي ٻاھرئين ۽ اندرئين نوُراني ۽ غئبيِ حواس کان گڏيل ڪم وٺندڙ ھيِءَ ادڀُت شخصيت 2004 ۾ منھنجي گهر اچيِ پھتوِ ۽ صاف سٿري غزلن جي باقائدي لکيل ڪاپيِ ھٿ ۾ ڏيِندي چيائيِن،” ھيِءُ مجموُعو سنڌي عربي لپيِءَ ۾ تہ ڇپائي ڏيو. پنھنجي ولر کان وڇڙيِ ويو ھوس.“
مون ۾ تہ جمبش اچيِ وئيِ ۽ ڪيتريون راتيوُن اھي غزلوُن ور ور ڪري پيو پڙھندو آھيان، توھان پاڻ ئيِ پڙھو.


ھريِ پنڪج