شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

Title Cover of book باھ جون پاڙون

ھوائن جي اڄُ مان ھلڻ کان ڊڄان ٿو،

ھوائن جي اڄُ مان ھلڻ کان ڊڄان ٿو،
مان خود کي بہ ڄڻ ڪجھ چوڻ کان ڊڄان ٿو.

ھليو مان تہ آيس، سندس در تي يارو،
مگر کيس سڏڙا ڪرڻ کان ڊڄان ٿو.

سُڃاڻن ھي ماڻھوُ سڀئي ٿا مونکي،
مگر مان تہ ڪنھن کان ملڻ کان ڊڄان ٿو.

سوالن پٺيان آ جوابن جو وارو،
الائي ڇو مان ڪجھ پُڇڻ کان ڊڄان ٿو.

نوان رنگ آھي، نوان ڍنگ آھن،
زماني جوُن ڳالھيوُن سکڻ کان ڊڄان ٿو.

سنڀالي سنڀالي سڄڻ توُن بہ ھلجانءِ،
ڏٺل راھ تي پڻ ھلڻ کان ڊڄان ٿو.

لڳا ڪيترا زخم دل تي چوان ڇا؟
فضائُن کي ھاڻي ڇھڻ کان ڊڄان ٿو.