لوڪ سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات
ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ پنهنجي ڪتاب، ‘سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس‘ ۾ لوڪ ادب جي سماجي ۽ جمالياتي اهميت جو اعتراف ڪندي لکي ٿو،”لوڪ ادب ۾ سنڌي ثقافت جي سونهن ۽ سوڀيا، سڳنڌ ۽ سرهاڻ سمايل آهي. هي ادب عام ماڻهن جي جذبن ۽ امنگن، مايوسين ۽ محرومين، احساسن ۽ ذهني ڪيفيتن، ڏکن ۽ ڏاکڙن، اميدن ۽ آسرن، مزاج ۽ فطرت، مذهبي ۽ ذهني رجحانن جو ترجمان آهي. نه فقط ايترو، پر لوڪ ادب سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ ۽ ساخت، لغوي ذخيري ۽ فطري خوبين جو محافظ آهي. هن ادب جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ آهن، انهيءَ ڪري ان ۾ سنڌ ڌرتيءَ واري فطري سونهن آهي“(45).
لوڪ شاعريءَ ۾ سماجي رسمن، رواجن، پيار ۽ عشق جي جذبن، رشتن ۽ ناتن جي سُٻنڌن، سونهن ۽ سرهائيءَ جي ڪيفيتن، مطلب ته زندگيءَ جي سمورين احساساتي ۽ نفسياتي وارتائن جي اُپٽار سمايل آهي.”لوڪ ادب پلر جي صاف پاڻيءَ مثل آهي. جيئن پلر جي پالوٽ سببان، ٽَڪر تي ڪِرندڙ پاڻي تيزيءَ سان هيٺاهينءَ تي هلندي، واٽ وارن وَرن وَڪڙن سان ٽَڪرندي، گُڙ گُڙ جو عجيب آواز ڪڍندي هيٺ ايندو آهي، تيئن لوڪ ادب به عوام جي دلين مان نِڪرندي، خيالن جي مختلف منزلن تي ايندي، عجيب و غريب الفاظ کڻندي، تشبيهون ۽ استعارا آڻيندي ظاهر ٿئي ٿو. اهي الفاظ، اهي اصطلاح، اهي تشبيهون، اهي استعارا طلسم جو ڪم ڪن ٿا“(46).
لوڪ سنڌي شاعري اسان جي جيون جو اهڙو مها ساگر آهي، جنهن ۾ اسان جي ماضي ۽ حال جي تهذيب ۽ تمدن جا اَملھه فڪري، احساساتي ۽ جمالياتي خزانا سمايل آهن، ان جي سمورين صنفن جو جمالياتي تجزيو پيش ڪرڻ لاءِ ته دفتر گھرجن، پر اسان کي جيئن ته لوڪ شاعريءَ مان جماليات جي جھلڪ پَسڻي آهي، ان ڪري ’ڪَڻي مان کرار پرکڻ‘ مصداق چند مثال پيش ڪنداسين.
”لوڪ شاعريءَ جي صنفن ۾ سينگار جي صنف وڏي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ محبوب جي حُسن ۽ جمال، خد و خال، باڪمال ۽ بي مثال جو بيان نازڪ ۽ نفيس نموني ڪيل هوندو آهي... اهڙا سهائيندڙ ۽ سيبائيندڙ لفظ، تشبيهون ۽ استعارا ڪم آيل هوندا آهن، جو محبوب جو سارو نقشو، نَهن کان چوٽي تائين عين بين اچيو اڳيان بيهندو آهي“ (47).
سنڌي سينگار شاعري بنيادي طور تي هندي شاعريءَ جي ’سنگار‘ جو تتبع آهي. هنديءَ ۾ سنگار شاعريءَ جو باني بِهاري لال کي چيو وڃي ٿو، جڏهن ته سنڌ ۾ ان جو مُهندار سُگھڙ جلال کٽي آهي. سينگار شاعري هڪ پاسي پرينءَ جي حُسن ۽ جمال، نرملتا ۽ نکار، هار ۽ سينگار جو سهڻو نقش پيش ڪري ٿي، ته ٻي پاسي ان ۾ سڪ ۽ سوز، تڙپ ۽ تانگھه جا احساس ۽ جذبا آهن، جيڪي پٿر دل کي به نرمائي ۽ پِگھاري وجھن ٿا. جلال جي هنن سِٽن ۾ محبوب جي بي مثال سونهن ۽ سوڀيا جي ذڪر سان گڏ، ٻن شين جي تضاد مان هڪ نئين ۽ اَڇوتي خيال جي خوبصورتيءَ کي پَسي سگهجي ٿو:
آهو جتي آھ، ماري به ان ماڳ تي،
سَپ سُري، ڀَرِ مور جي، سو ڀي سرس سوا،
سج ڪناري جُھڙ جي، بيٺو پاڻ پَساءِ،
سي نِس دِن دائم دوست سين، رچي رنگ رتاءِ.
اهي جُنگ مڙيئي هڪ جاءِ، آهن جانب ساڻ جلال چئي.
(جتي هرڻ (محبوب جون سُهڻيون اکيون) آهن، اُتي ماري (پنبڻين جا تير) به ساڳي جاءِ تي موجود آهن. نانگ (محبوب جا ڪارا وار)، مور (محبوب جي سُهڻي ڳچي) تي گڏ پيا سُرن پُرن) (48).
سياهه بادلن جھڙن زلفن مان محبوب جو سج جھڙو سندر چهرو پيو تجلا ڏي. توڙي جو هرڻ ۽ شڪاري، مور ۽ نانگ جو هڪ ئي هنڌ رهڻ ناممڪن آهي، پر اهي چارئي پهر پرينءَ سان گڏ رهڻ ڪري، ان جي رنگ ۾ رچي، ان جي ئي حُسن ۽ جمال جا مشتاق بڻجي ويا آهن. سينگار شاعريءَ ۾ سڪ ۽ سوز، حُسن ۽ عشق جي سهڻي اظهار سان گڏ موهيندڙ ٻولي، فنائتي اسلوب، خوبصورت منظرنگاري، جهجھي لغت ۽ اصطلاحي لطافت جا لاثاني مثال ملن ٿا.
”هن صنف ۾ لوڪ شاعرن ادبي ۽ شاعراڻي لحاظ سان ڪمال ڪيو آهي. ڪنهن جوان عورت جي جوڀن ۽ ان جي سونهن ۽ سوڀيا کي لفظن ۾ نروار ڪرڻ لاءِ، ان جي جسماني حُسن، رعنائي، محبوبيت، نرمائي، ادائن، لباس، زيورن ۽ ٻين انگن عضون لاءِ تشبيهن جا دفتر کولي ڇڏيا آهن“(49). هن شعر ۾ تشبيهن جو هي جمال ڏسو، جنهن ۾ محبوب جي ’چهري کي چنڊ، نيڻن کي نرگس، چشمن کي کنوڻ ۽ مُرڪ کي چانڊاڻ‘ سان ڀيٽيو ويو آهي.
مُنهن مهتاب سڄڻ جو، نرگس نيڻ سندن،
چشمن جا چالا ائين، جئين کنوڻيون ٿيون کنون،
چوڏهن طبق چانڊاڻ ٿئي، جي محب کڻي مرڪن،
سڀ ٿا توھ تڳن، تنهنجي جلوي سان جلال چئي.
هنديءَ جي سنگار رس شاعريءَ ۾، شاعرن محبوب جي حُسن ۽ جمال لاءِ چنڊ ۽ ستارن، سج ۽ بادلن، گلن ۽ سهڻن پکين جون تشبيهون ۽ تمثيلون استعمال ڪيون آهن، پر سنڌي سينگار شاعريءَ ۾، شاعرن محبوب جي سونهن ۽ سندرتا کي بي مثال بڻائي پيش ڪيو آهي. محبوب سڀني وصفين سهڻو ۽ حسين آهي. ان جي نهار ۾ انيڪ نزاڪتون ۽ ادا ۾ هزارين حُسناڪيون آهن. هن جو حُسن بي بها ۽ بي بدل آهي. سپريان جي سونهن اڳيان حُسن جا مڙئي معيار ماند پئجي ويل ۽ ان جا سلامي آهن.
سڀ ڪنهن ويل سڄڻ جي جوت ڪري جلوا،
لالي تنهن لال سين ڪانه اچي ٻي ڪا،
سپريان جي سونهن جي سورج ڪن ثنا،
صورت سون جھَڪائيو، محبوبن جي ماھ،
منهنجا دلبر دوس محمد چئي، آهن برق ڪنا با،
تنهن نافع جي نگاه، منهنجو من مهتاب ڪيو.
لوڪ شاعرن، سينگار شاعري ۾ محبوب جي سونهن ۽ سوڀيا جي حوالي سان، تشبيهن ۽ استعارن، فصاحت ۽ بلاغت جا اهڙا ته واهڙ وهايا آهن، جو انهن جي سحر ۽ سندرتا جو اثر ڀٽ ڌڻي ۽ شاھ عنايت رضوي جھڙن باڪمال شاعرن ۽ ان کان پوءِ جي ڪوتاڪارن خاص ڪري شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ پڻ نظر اچي ٿو. ٿورن لفظن ۾ لوڪ شاعري عام ماڻهوءَ جي جيوت، جذبن ۽ فطرت جي حُسن ۽ حقيقت جي عڪاس آهي ۽ ان جي سادگي ۽ سلوڻائيءَ ۾ پنهنجي سونهن ۽ جمالياتي سچائي آهي.