شيخ اياز جي جمالياتي شاعريءَ جا اثرَ
سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ شاھ عبداللطيف جي حيثيت هڪ اهڙي سج جھڙي آهي، جنهن جي سهائي ۽ سوجھري سان سنڌي ادب ۽ خاص ڪري سنڌي شاعريءَ جي فڪري ۽ احساساتي دنيا قائم ۽ دائم آهي. ڀٽائي پنهنجي اظهار ۾ اهڙو وکر وِهايو آهي، جيڪو صدين پُڄاڻان به پَئي پُراڻو نه ٿيو آهي. عظيم تخليقڪار ۽ شاعر پنهنجي فڪر ۽ فن جو سرمايو سالن ۾ نه، پر صدين ۾ سيڙائيندا آهن، اهو ئي سبب آهي، جو دنيا جا سمورا مهان تخليقڪار ۽ ڪوي ’صدين جا سرجڻهار‘ سڏبا آهن.
جھڙيءَ ريت لطيف پنهنجي دؤر کان وٺي اڄ تائين سنڌي شاعريءَ تي ڇانيل رهيو آهي، اهڙيءَ ريت جديد سنڌي شاعريءَ تي فني ۽ فڪري حوالي سان شيخ اياز جي پڻ هڪ ڇاپ آهي.محمد ابراهيم جويو پنهنجي هڪ ليک ۾ لکي ٿو،”سنڌي معاشري ۾جيتري اُٿل پُٿل (جديد دؤر ۾) شيخ اياز جي شعر باعث پيدا ٿي آهي، اُن جو اِن کان اڳ، ڪو به مثال ڪو نه ٿو ملي“(85).
اياز جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نه صرف نئين سوچ، نون لاڙن ۽ جديد فڪر جو سرواڻ شاعر آهي، پر پُراڻن قالبن ۾ نئين سُرت ۽ ساڃاهه جو روح ڀري، جديد شاعريءَ کي نئون ۽ نرمل جيون ارپيندڙ تخليقڪار پڻ آهي. هن جديد سنڌي شاعريءَ کي نه فقط نئون لب و لهجو، نوان گھاڙيٽا، نوان فڪري لاڙا، نوان جمالياتي رجحان، نوان فني اسلوب ۽ انداز عطا ڪيا آهن، پر سندس وڏو ڪارنامو اهو آهي، ته هُن جديد سنڌي شاعريءَ کي ٻوليءَ جي وڏي ذخيري، ڪردارن، نوَن موضوعن ۽ موسيقيت سان مالامال ڪري، ان کي نئين وسعت ۽ نرالي تازگي بخشي آهي. ٻين لفظن ۾ اياز سنڌي ٻوليءَ کي نئون جنم ڏئي، ان ۾ تخليقي شعر و ادب جي اهڙي نرالي دنيا سمائي آهي، جنهن جي جوت موهيندڙ ۽ ان جو فڪر، جيءَ ۾ جذبات جو سمنڊ مؤجزن ڪندڙ آهي.
هُن جي شاعريءَ جو جمالياتي جهان ايترو ته ڪشادو، موهيندڙ، ڳردار، ڳوڙهو ۽ فن ۽ خيال جون نراليون نُدرتون رکندڙ آهي، جو ان کي پڙهڻ ۽ پُرجھڻ کان پوءِ هڪ طرف سوچ، فڪر ۽ داخلي حسيت جي دنيا، مسرتن ۽ آنند جي انوکي احساس سان مُرڪي ۽ مَهڪي پوي ٿي، ته ٻي طرف ان جي وجداني گھرائي ۽ ڳوڙهائي ويچارن ۾ ويڙهي، وڌيڪ سنجيدگي ۽ سُچيتائيءَ سان سندس شاعريءَ کي پرکڻ ۽ پُرجهڻ جي تقاضا به ڪري ٿي.
شيخ اياز جي شاعريءَ جو اهو وڏو ڪمال آهي، ته ان کي هر دفعي پڙهڻ سان ان مان نه رڳو نئون جمالياتي حُسن ۽ حِظ حاصل ٿئي ٿو، پر نيون معنائون، نوان احساس، فني حُسناڪيون ۽ فڪري صداقتون پلئه پون ٿيون. هو انسان، ڌرتي ۽ ان جي سونهن ۽ سندرتا سان عشق جي حد تائين اُنسيت رکندڙ شاعر ۽ تخليقڪار آهي. هن جي شاعريءَ ۾ فطرت ۽ ان جون گوناگون حقيقتون ۽ حُسناڪيون هڪ مصوراڻي احساس ۽ انداز ۾ ملن ٿيون. هو هر انساني ڪيفيت، احساس توڙي فطرت جي منظرڪشي اهڙي موهيندڙ ۽ اثرائتي انداز ۾ ڪري ٿو، جو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ان منظر ۽ ماحول جو حصو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ زندگي ۽ فطرت جا سمورا رنگ اهڙي نفيس ۽ لطيف پيرائي ۾ اظهاريل آهن، جو انهن جو عڪس ۽ احساس اکين اڳيان اُڀري اچي ٿو. منظر جيئرا جاڳندا ۽ چُرندي پُرندي محسوس ٿين ٿا.
حقيقت ۾ هو هڪ اهڙو سُچيت، انسان دوست، فطرت پسند ۽ حُسن شناس سرجڻهار آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ زندگي ۽ فطرت جي سونهن ۽ صداقت جا مظهر پنهنجي مِڙني رعنائين ۽ رنگينين سان نظر اچن ٿا. هو جڏهن برسات جي منظرن ۽ ماحول جو ذڪر ڪري ٿو، ته ڄڻ احساس جي اکين اڳيان کنوڻ جا چمڪاٽ ۽ گھنگھور گھٽائون تري اچن ٿيون ۽ بادلن جي گجگوڙ ڪَنين ٻُڌجي پئي. هن نه رڳو پنهنجي شاعريءَ ۾ گلن جي خوبصورتي ۽ خوشبوءِ، لهندڙ ۽ اُڀرندڙ سج جي سُندرتائن، ستارن جي سجيلي سٽاءَ، چنڊ جي چانڊوڪي ۽ انسان جي مسرور ڪري ڇڏيندڙ حُسن ۽ جمال جو نقش چِٽيو آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ صوفياڻي فڪر جي سونهن جي اصلي جوهر يعني حُسنِ ڪل جا جلوا به جهلڪندا محسوس ٿين ٿا، ته حُسنِ جز جي سونهن ۽ سچائي به موجود ملي ٿي.
هُن جي شاعريءَ ۾ جتي سُکَ، سڪون ۽ مسرتن جي جمال جا احساس ملن ٿا، اتي ڏک، غم، بي چيني، پيڙا ۽ درد جي سونهن به پنهنجي پوري حسيت ۽ حُسناڪيءَ سان موجود ملي ٿي. اياز وٽ ڏک ۽ سور جو فلسفو، تخليقي ۽ پُرڪشش آهي. موت، جنهن کي ڀوائتو، مشڪل ۽ اذيت جو اهڃاڻ تصور ڪيو ويندو آهي، اهو سندس شاعريءَ ۾ موهيندڙ، فطري، نجات، آرام ۽ آنند جو ذريعو ۽ محبوب جي آغوش جيان محسوس ٿئي ٿو. هُو موت کي زندگيءَ جو اَٽوٽ حصو قرار ڏيندي، اهو پڻ چوي ٿو ته زندگي، موت جي ڪري ئي محبوب ۽ معنى واري هجي ٿي. هُن وٽ درد فقط ٽوڙيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ نه آهي، پر هڪ اهڙي حقيقت ۽ سچائي آهي، جيڪا انسان کي سهپ، برداشت ۽ ثابت قدمي سان مُنهن مقابل ٿيڻ جو درس ڏئي ٿي. اياز جي شاعريءَ ۾ درد جو احساس تخليقي ۽ تعميري آهي، جنهن کي پنهنجي الڳ حقيقت ۽ حُسناڪي آهي.
شمشيرالحيدري پنهنجي هڪ ليک ۾ لکي ٿو: ”شيخ اياز اسان جو پوئٽ لاريٽ ۽ وڏو شاعر آهي..... وڏي شاعر جو هڪڙو اهڃاڻ اهو هوندو آهي، ته هو پنهنجي دؤر کان اڳ واري دؤر جي ٻولي ڳالهائيندو آهي. متروڪ لفظن کي وري جياري پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪندو آهي. اهو منهنجي، تنوير ۽ امداد جي وس کان ٻاهر آهي. اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون، پر شاهه لطيف ائين ڪيو آهي ۽ اها ئي خوبي اياز ۾ به آهي“ (86).
هڪ طرف اياز سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل روايتن کي اَپنائي، پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جو ثقافتي روح بيدار ڪيو آهي، ته ٻي طرف هڪ ماهر مصور وانگر ويهين صديءَ جي بي چين عصري حالتن جو عڪس پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي. هُن هڪ ئي وقت پنهنجي اظهار ۾ ڪلاسيڪي روايتن ۽ جديد عصري حالتن جو احساس به اوتيو آهي، ته مغربي فڪر، فن ۽ فلسفي جي اُپٽار به ڪئي آهي. آصف فرخي سندس ان خوبيءَ کي پَسي، ان حوالي سان اياز جي ڪتاب، ’ڪاري رات ڪهنگ‘ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”سهيوڳي شاعريءَ ۾ ڀلا اهڙو ڪو ٻيو آهي، جيڪو انهيءَ فراوانيءَ سان پنهنجو پاڻ کي لُٽائي سگهي ۽ جنهن جي لُٽائڻ ۾ زر و نقد و جواهر جھڙو کڙڪو هجي؟ دل جي دولت کي ايڏي فياضيءَ سان اهو ئي لُٽائي سگهي ٿو، جنهن جي پنهنجي هڙ ۾ سموري دنيا ۽ ان جا تجربا ۽ ٻيوگھڻو ڪجهه هوندو. شيخ اياز جي اڳيان هيءَ دنيا هر هر آليءَ مٽيءَ وانگر اچي ٿي ۽ هو ماهر ڪنڀار وانگر ان کي کڻي چَڪ تي رکي ٿو“ (87).
جديد سنڌي شاعريءَ جي کيتر ۾ اياز ئي هڪ اهڙو سرجڻهار آهي، جيڪو اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين جديد سنڌي شاعريءَ تي ڇانيل رهيو آهي ۽ سندس سرسبز ۽ بڙ جي گھاٽي وڻ جهڙي جمالياتي فڪر ۽ فن جي ڇانو هيٺان ڪيترائي ٻوٽا ڦُٽا، اُسريا ۽ نِسريا آهن. غلام رباني آگرو پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”اياز سنڌي زبان جي اڳوڻن عظيم شاعرن کان ان ڳالهه ۾ يڪسر منفرد آهي، ته هو اسلامي تصوف جو شارح ۽ مبلغ ڪونه آهي.... توڙي جو سندس ڪلام ۾ تصوف جو رنگ موجود آهي..... هو پنهنجي دؤر جي سياسي ۽ سماجي واقعن جو مؤثر ترجمان آهي. نه فقط ايترو، پر موجوده دؤر جي سياسي پس منظر ۾سنڌ جي ڪن تحريڪن جو علمبردار آهي.... اياز جي باري ۾ اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته، سنڌ ۾ تمام گھڻي زماني کان پوءِ اسان جي پنهنجي دؤر ۾ هڪ اهڙو شاعر پيدا ٿيو، جنهن سنڌ جي اڳوڻن عظيم شاعرن جون سِڪون لاٿيون ۽ پنهنجي سڄي دؤر کي متاثر ڪيائين. جيئن شاهه ڀٽائيءَ کان پوءِ ايندڙ ڪيترن ئي وڏن شاعرن جي شعر ۾ سندن لافاني ڪلام جو پڙلاءُ آهي، تئين موجوده دؤر جي ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام ۾، فن توڙي فڪر جي لحاظ کان، اياز جو عڪس چمڪي رهيو آهي“ (88).
شيخ اياز جا نه رڳو جديد سنڌي ادب ۽ شاعري، پر سنڌي ٻولي ۽ سماج تي پڻ تمام گھڻ رُخا اثرَ آهن. سندس مقبوليت ۽ عوامي مڃتا جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو، ته اڪثر ادبي، علمي ۽ سياسي محفلن جي ابتدا سندس ئي شاعريءَ سان ٿئي ٿي. هن جي شاعري جڏهن ڪنهن مجلس ۽ محفل ۾ پيش ٿئي ٿي، ته ماڻهو خود بخود جهومي پون ٿا. اياز جي شاعريءَ ۾ اها طاقت آهي، جو اها پٿر دل ماڻهوءَ کي پِگهاري موم بڻائي سگهي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ ولولو ۽ جوش به آهي، ته بي خودي، سرمستي، فڪري گهرائي ۽ فني جماليات به. اهو ئي سبب آهي جو هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو سندس شعري جمال مان پنهنجي پنهنجي طريقي سان لطف ۽ لذت ماڻي ٿو. اهڙا انيڪ ماڻهو ملندا، جن کي اياز جو ڪلام نه رڳو ياد آهي، پر ان کي موقعي ۽ ماحول جي مناسبت سان فنائتي انداز سان استعمال ڪرڻ ۽ اظهارڻ به ڄاڻن ٿا. سندس ڪيتري ئي شاعري مختلف فنڪارن ڳائي آهي. اڄ به جڏهن عابده پروين، علڻ فقير، جيجي زرينه بلوچ ، بيدل مسرور، صادق فقير، رحمت ميرالي يا ڪنهن ٻي راڳيءَ جي آواز ۾،
•سکي پيا کي ملين ته چئجان، تو سوا چاندني نه ٿيندي....
•ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو....
•سنڌڙي کي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار.....
•سنڌو ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان مان....
•ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين .....
•وڃو ڪويلنيون وڃو، وڃي پرينءَ کي چئو.....
•تتر تيز اڏار، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.....
•ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کان پوءِ توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون.... يا
•روح کي ول جيان وَڪوڙيو ٿي.....جا ٻول ٻُرڻ لڳن ٿا، تڏهن روح جون سموريون تندون تڙپي پون ٿيون ۽ من سراپا ’مي رقصم‘ بڻجي پوي ٿو. اهو اياز جي شاعريءَ جو جمالياتي جادو ئي آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي پنهنجي مَنڊ ۾ مُنڊي ڇڏي ٿو.
شيخ اياز پنهنجي شاعري ذريعي هڪ پاسي سنڌ ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪري، ڌرتي سان محبت جو احساس اجاگر ڪيو آهي، ته ٻي پاسي هُن پنهنجي مادري زبان کي اظهار جو ذريعو بڻائي، ڌاري ٻوليءَ جي غلبي کان بچايو آهي. اياز جي شعرن، دل جي تارن کي جلترنگ جيان مضطرب ڪرڻ جو ڪم به ڪيو آهي، ته هُن جي اظهار جي تند تلوارن سان به لَڙي آهي. هُن جي شاعري ڪمزورن کي قوت ڏئي آمرن سان مُنهن مقابل به ڪيو آهي، ته هُن جي شعري جمال ۽ جوت جي ڏڍ سان ڪيئي نوجوان پتنگن جيان مقتل تي پهچندي به پُرمسرت ۽ ثابت قدم رهيا آهن.
شيخ اياز جي شاعريءَ جي فڪري سگهه ۽ جمالياتي اثرانگيزيءَ جي حوالي سان عبدالواحد آريسر پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو، ”اياز جي شاعري سنڌ ۾ ايتري اثرانگيز ثابت ٿي، جو ضيا جي آمريت جي دؤر ۾ جڏهن سنڌ جا ماڻهو ٽارچر سيلن ۾ زندگيءَ کان مايوس ٿي، آپگهات لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿيندا هئا، ان وقت اياز جي شاعري محبوب جي مُرڪ وانگر ڪِرڻا ڪِرڻا ٿي سامهون ايندي هئي ۽ مايوس نوجوانن ۾ نه رڳو زندگيءَ سان محبت جو شعلو روشن ڪندي هئي، پر اڳتي رِڙهڻ ۽ جھيڙڻ جو جذبو پيدا ڪندي هئي..... اها اياز جي مزاحمتي شاعري ئي هئي، جنهن مون جھڙي ڪمزور ماڻهوءَ ۾ فولادي سگھه پيدا ڪئي، پر اها ئي شاعري، ان کان اڳ ۾ هزارين نوجوانن کي ميدان ۾ آڻي، ون يونٽ جو قهري ڪوٽ ڪيرائي چُڪي هئي. اياز جي مزاحمتي شاعريءَ جو ڪمال اهو آهي، ته ان ۾ پُرجوش لهجي، خوبصورت لفظن ۽ بي پناهه آهنگ سان گڏ نفيس ۽ نازڪ جماليات به آهي ۽ اياز جي اها جماليات ئي آهي، جنهن سنڌ جي قومي تحريڪ کي انارڪيءَ ڏانهن وڌڻ کان روڪيو. اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي آهي، ته سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ انتشار، انارڪزم ۽ ڪرائيم جو زور انهن ئي سالن ۾ وڌيو، جن سالن ۾ اياز جي شاعريءَ کي قومي تحريڪ کان الڳ ڪيو ويو“ (89).
شيخ اياز جي هزارن صفحن تي ڦهليل نثر ۽ نظم جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو، تڏهن ان جي اٿاهه فڪري گھرائي، فني نُدرت، معنوي وشالتا ۽ جمالياتي حُسناڪي پَسي ماڻهو حيران ٿي وڃي ٿو. مختلف شعري صنفن تي ڪمال قدرت، اندازِ بيان جي اَڇوتائي، خيال جي نرملتا، تجرباتي ساهس، لفظي ترنم، فطرت نگاري، انقلابيت، مزاحمت، رومانيت، ترقي پسندي، روشن خيالي، وطن پرستي، انسان دوستي، بين الاقواميت، علامتي ۽ عڪسي اظهار، موضوعي ڪشادگي ۽ گھڻ رخي معنويت، اياز جي شاعريءَ جو اهڙو جمالياتي جهان آهي، جنهن جو سندس سهيوڳي توڙي نئين ٽهيءَ جي اڪثر شاعرن نه رڳو اثر قبول ڪيو آهي، پر انهن جو سرهائيءَ سان ڪيترن شاعرن تتبع پڻ ڪيو آهي. خاص ڪري هم عصر شاعرن تي سندس شاعريءَ جا تمام گهرا ۽ گهڻ رُخا اثر آهن.
تاج جويي ان ڳالهه جو اعتراف هڪ ليک ۾ هن طرح ڪيو آهي، ”آءٌ اياز جي شاعريءَ کان نه رڳو متاثر آهيان، پر منهنجي سڄي شاعري، اياز جي اولڙي ۽ تاڃي پيٽي (Diction) کان ٻاهر نڪري نه سگهي آهي. آءٌ اعتراف ٿو ڪريان ۽ منهنجي دعوى آهي ته سموريءَ جديد سنڌي شاعريءَ تي اياز جي ڇاپ موجود آهي. هن دؤر ۾، سنڌ تمام وڏا شاعر پيدا ڪيا آهن، جن جو ڊڪشن ۽ لهجو، اياز کان مختلف ۽ ڌار هوندي به انهن ڪنهن نه ڪنهن روپ يا صورت ۾ اياز جو اثر قبول ڪيو آهي. هري دلگير ۽ نارائڻ شيام کان وٺي تنوير عباسيءَ ۽ استاد بخاريءَ تائين هر وڏي شاعر اهڙو اعتراف ڪيو آهي. اها ڳالهه نه رڳو سنڌ جي انهن بلند مرتبت شاعرن جي وڏائيءَ جو دليل آهي، پر اياز جي عظمت ۽ مڃتا جو به وڏو اهڃاڻ آهي“ (90).
شيخ اياز جي ڪلام جو اثر انتهائي گهڻ پهلوئي ۽ وسيع آهي، ان جي دائري ۾ سماجي انقلاب کان وٺي سياسي بيداري، ترقي پسندي، قوم پرستي، امنِ عالم، مذهبي رواداري، سيڪيولرزم، فطرت نگاري، جماليات، خود شناسي ۽ صوفياڻي فڪر جون رمزون ۽ رنگينيون اچي وڃن ٿيون.اياز فڪري توڙي فني هر لحاظ کان حُسن شناس، حقيقت نگار ۽ تخليقي تغير پسند سِرجڻهار آهي. ”هن دؤر ۾ ننڍي کنڊ جي سڀني شاعرن وٽ جيڪو ڪجهه آهي، اهو اياز وٽ آهي، پر جيڪو ڪجهه اياز وٽ آهي، اهو هن دؤر جي ٻي ڪنهن به تخليقڪار وٽ ناهي. اها نرالپ ۽ انفراديت ئي آهي، جيڪا اياز کي پنهنجي دؤر جي تخليق جي ڪائنات جي اڪيلي مهان امام ۽ پيغمبر جو اوچو مقام ڏئي ٿي“ (91).
شيخ اياز جي شاعريءَ جي مجموعي جمالياتي اڀياس ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو ته، اياز جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سگهارو جمالياتي شعور موجود آهي، پر هُن جو شعر لوڪ، ڪلاسيڪل ۽ نئين دؤر جي فڪر ۽ فن جي حسناڪيءَ جو حسين سنگم آهي، جنهن ۾ وڏي عرصي تائين قائم رهڻ، موهڻ ۽ متاثر ڪرڻ جي جمالياتي سگھه محسوس ٿئي ٿي.