شيخ اياز جا غزلَ
ڪي وري ان خيال جا آهن، ته ”عربيءَ جي اثر هيٺ، ايراني شاعريءَ ۾ به قصيدن جي روايت هئي ۽ انهن جي ’تشبيب‘ ۾ عشق، حُسن ۽ شباب جو ذڪر هوندو هو...قصيدي جي شروعاتي حصي يعني ’تشبيب‘ کي الڳ ڪري، ان جو نالو ’غزل‘ رکيو ويو“ (5). جنهن جو باني ’رودڪي‘ (880ع ــ 941ع) چيو وڃي ٿو ۽ ائين شاعريءَ جي هيءَ صنف، جيڪا عربي ۽ فارسيءَ جي قصيدي جي ابتدائي حصي، ’تمهيد يا تشبيب‘ مان جنم وٺي، جواني ۽ شباب جي اڻ جھل جذبن، محبوب جي ناز و ادا جي بيان ۽ حُسن ۽ عشق جي نفيس مضمون جي اظهار لاءِ ادبي دنيا ۾ مشهور ۽ مقبول ٿي.
هن صنف جي خاص خوبي ٻوليءَ جي سلاست ۽ رنگينيءَ سان گڏ جذبن ۽ احساسن جي لفظي مصوري ۽ غَنائيت آهي، انهيءَ ڪري ’غزل‘ رومانوي شاعريءَ طور سڃاپجي ٿو ۽ ان جو لب و لهجو اڪثر ڪري عاشقانه ۽ احساس عارفانه ٿئي ٿو. غزل جي هر شعر ۾ هرڻ جي ڇال جھڙي حُسناڪي ۽ ان جي هر خيال ۾ ڪَتڻ ۽ موتي پِروئڻ جهڙي نفاست جو احساس هوندو آهي. ان ۾ فطرتي مظهرن جي منظرڪشيءَ سان گڏ داخلي اُڌمن جي اُڇل، حُسنِ بيان، حُسنِ زبان ۽ حُسنِ ترتيب جون گوناگون رعنائيون ۽ رنگينيون ٿين ٿيون، جنهن ڪري غزل ۾ هڪ موهيندڙ ۽ حسين هم آهنگي ۽ پُرلطف تاثر قائم رهي ٿو. ٻي ڪنهن شعري صنف ۾ غزل جهڙي جاذبيت، رومانوي رنگيني ۽ جمالياتي دلڪشي مشڪل سان ملندي. اهو ئي سبب آهي، جو شاعريءَ جي ٻين عروضي صنفن ۾ غزل کي پنهنجي موضوع، رنگ، ردم، فني تاڃي پيٽي ۽ فڪري وسعت جي لحاظ کان تمام مٿاهون ۽ معتبر مقام حاصل آهي.
فني لحاظ سان غزل جو هر شعر ٻن سِٽن يا بندن تي مشتمل هوندو آهي. غزل جو هر شعر الڳ ۽ هڪ مڪمل مضمون، مقصد ۽ ڪٿا جو حامل هوندو آهي. غزل جي پهرين شعر کي ’مطلع‘ چيو ويندو آهي، جنهن جون ٻئي مصرعون هم وزن ۽ هم قافيه هونديون آهن، باقي شعرن جي ٻي مصرع ۾ قافيو ايندو آهي، جيڪو مطلع جي قافيي سان هم قافيه هوندو آهي. غزل جي شعرن جو ڪو مقرر ۽ مخصوص انگ ڪونه آهي، پر چئن کان اَٺن شعرن تي مبني غزل متوازن ۽ سونهندڙ سمجھيو ويندو آهي. سُٺي، موهيندڙ يا ڀرپور تاثر واري شعر کي ’شاھ بيت يا بيت الغزال‘ سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته غزل جي آخري شعر کي ’مقطع‘ چيو ويندو آهي، جنهن ۾ عام طور شاعر پنهنجو تخلص به استعمال ڪندا آهن. غزل ۾ قافيو لازمي هوندو آهي ۽ قافيو هم آواز لفظن کي چيو ويندو آهي. قافيي جي پويان بار بار ورجائجندڙ لفظن کي ’رديف‘ ڪوٺيو ويندو آهي. بنا رديف واري غزل کي ’غيرمردف يا مقفى‘ چيو ويندو آهي. قافيي واري غزل جو پنهنجو رنگ ۽ ردم آهي، پر قافيي ۽ رديف جي آميزش سان سِرجيل غزل نه رڳو وڌيڪ مترنم ۽ موهيندڙ لڳندو آهي، پر اهو هڪ شاعر جي قادرالڪلامي جي علامت پڻ هوندو آهي.
غزل جيئن ته فارسي ۽ اردو جون فني ۽ فڪري روايتون ساڻ کڻي، سنڌي ادب ۾ داخل ٿيو، انهيءَ ڪري ان ۾ گھڻي عرصي تائين نه صرف فارسي ۽ اردو زبان جي تشبيهن، ترڪيبن ۽ تلميحن جو اثر رهيو آهي، پر ماضيءَ ۾ اڪثر شاعرن جو سڄو زور فڪر بدران بحر وزن ۽ قافيي رديف تي هيو. فارسي آميز انداز، اوپري ۽ دقيق لفظن جي استعمال کي ئي فن جو ڪمال ۽ وڏي ڪاريگري سمجھيو ٿي ويو. خاص طور تي لفاظي ۽ قافيي رديف تي شاعرن جو ايترو توجهه مرڪوز هو، جو شعر ۾ ڪنهن اڇوتي خيال ۽ احساس جو ظاهر ٿيڻ يا شعري جماليات ۽ فني نُدرت جو پيدا ٿيڻ جھڙوڪر ممڪن ئي نه هو. اوپرو ماحول، ڌاريو لهجو، اجنبي احساس، مبالغه آميز اظهار، مطلب ته ان جو سڄو ٽڪساٺ عمر رسيده عورت جي ميڪ اَپ وانگر مصنوعي هو.
”مشاعرن ۾ محبوب جي سروقد، مشڪبو زلفن، قاتل مزگان و ابرو، چشم ميگون جي مدح سرائي ۾ زمين آسمان هڪ ڪيا پئي ويا. سنڌيءَ جو عام سادو سودو، سچو ۽ محجوب عاشق به ڪڏهن تصوراتي ليلى جو مجنو بڻجي صحراءِ عرب جي خاڪ پيو ڇاڻي، ته ڪڏهن فرهاد بڻجي شيرين لاءِ ٽَڪر پيو ٽُڪي. غزل جي شاعري بازاري شاعريءَ ۾ بدلجي چڪي هئي..... عشقيه شاعريءَ جي ٻولي لنڊي ۾ وڪرو ٿيندڙ ڪپڙن وانگر بي رنگ ۽ فرسوده هئي. تشبيهون ۽ استعارا ڦِٽل کير وانگر وات جو ذائقو خراب ڪري رهيا هئا، جي ٻُڌي روح کَٽو ٿي پيو هو“(6).
خليفي گل ۽ مير عبدالحسين سانگي پنهنجي طور تي غزل جي ان بيٺل ڍنڍ جھڙي روايتي رنگ ۾، ٻولي جي سلاست ۽ خيال جي جدت جون ڪجھه رنگينيون پيدا ڪيون، جيڪي فقط ٻولي جي سلاست ۽ سڀاءُ جي حد تائين ئي محدود رهيون ۽ هو غزل ۾ ڪائي خاص تخليقي سونهن، فڪري نرالپ ۽ موضوعاتي ڪشادگي پيدا ڪري ڪونه سگھيا، ايترو سو ضرور هو، جو هنن فارسي ۽ اردو غزل جي ٽاريءَ ۾ سنڌي رنگ ۽ روايت جي جيڪا پيوند ڪاري ڪئي، ان اڳتي هلي غزل کي چڱي تازگي ۽ رنگيني بخشي.
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز اهو منفرد شاعر آهي، جنهن غزل کي فني جدت ۽ تخليقي احساس جي نئين ۽ نرمل دنيا ارپي، ان کي پنهنجو مخصوص غزليه انداز ۽ اسلوب عطا ڪيو. هڪ طرف هن غزل ۾ سنڌي تهذيب ۽ تمدن سان لاڳاپيل سچائين ۽ سندرتائن کي ورتائي، ان کي زندگي جي حقيقتن سان هم آهنگ بڻايو، ته ٻي طرف ان ۾ پنهنجي ٻولي، تخيل ۽ تخليقي سگھه جا جوهر اوتي، هُن غزل کي اهڙو گل و گلزار ڪيو، جو اڳ جنهن مان ڪفن ۽ ڪافور جي بوءِ ايندي هئي، ان مان ’مٽيءَ جون مَهڪارون ۽ سنڌيت جون هُٻڪارون‘ ٿي آيون.
ڪجهه نقادن غزل ۾ اياز جي اهڙين فڪري ۽ فني تبديلين تي اعتراض پڻ واريا آهن، جيئن لڇمڻ ڪومل پنهنجي هڪ ليک، ’سرحد جي هن پار سنڌي غزل جو رنگ‘ ۾، اياز جي غزل ۾ انهن تخليقي ۽ نوَن تجربن بابت لکي ٿو،”مان سمجھان ٿو، ته شاعريءَ ۾ سلاست ۽ (Lucidity) غزل جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي، نه رڳو خيال جي سطح تي، پر ٻولي ۽ ڊڪشن جي سطح تي پڻ! ان جو چِٽو ۽ واضح مثال سنڌي غزل ۾ سدا حيات شاعر شيخ اياز جو ’گيڙوءَ رتو غزل‘ هو، جيڪو سنڌ خواهه هند ۾ غزل گو شاعرن مان ڪنهن کي به قبول نه پيو“(7).
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ فني تجربن ۽ تخليقي نُدرتن تي ڳالهائي سگهجي ٿو ۽ سچ ته ان تي کرائيءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڳالهائڻ جي تمام گھڻي گنجائش ۽ مدلل راءِ قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، پر شرط اهو آهي، ته اها راءِ علمي، ادبي ۽ ٺوس حقائق تي مبني هجي. ذاتي ۽ انفرادي تحفظات جي بنياد تي جوڙيل راءِ ڪڏهن به ’ادبي ۽ علمي اصولن‘ جو حق ادا ڪري نه ٿي سگهي. ممڪن آ ته اياز جي غزل ۾ اها نُدرت ۽ نواڻ ڪجهه ماڻهن کي نه آئڙي هجي، پر لڇمڻ ڪومل جي مٿئين راءِ بنهه اُڇاتري آهي، ڇو ته شيخ اياز شاعريءَ ۾،’هڪ دؤر ۽ نئين تخليقي انداز ۽ اسلوب جي خالق‘ طور نه رڳو سنڌ، پر هند ۾ پڻ سگهاري سڃاڻپ رکي ٿو، ان جي انداز ۽ ڊڪشن کي شاعرن جي اڪثريت اپنايو آهي. هن سنڌ ۾ مروج فارسي غزل، جيڪو فني توڙي فڪري لحاظ کان ڪمند جي رس نڪتل چوپي وانگر هو، تنهن کي بنا مبالغي ’سنڌيت جو رس، رنگ ۽ روح‘ عطا ڪيو آهي، جنهن کان انڪار فقط فهم ۽ فراست کان وانجهيل ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا.
اياز پنهنجي فني ۽ فڪري سگهه سان نه رڳو پنهنجي دؤر جي ڪايه پلٽ ڪري سنڌي شاعريءَ کي نئين جيون ۽ جوت سان روشناس ڪيو آهي، پر هن پنهنجي ڪوَتا ۾ فڪر، فن، اسلوب، احساس، آهنگ، تخيل، ٻولي، هيئت ۽ حسيت جي هڪ اهڙي حسين ۽ نرمل دنيا تخليق ڪئي آهي، جنهن کان متاثر ۽ مرغوب ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
اياز، فارسي ۽ اردو جي روايتن جي رنگ ۾ رڱيل، بي سواد ۽ بي سود ’روايتي سنڌي غزل‘ کي نه رڳو نئون روح، نئين رنگيني ۽ نرالو روپ عطا ڪيو آهي، پر هن ان کي پنهنجي ڌرتيءَ جو حقيقي واس ۽ ون پڻ بخشيو آهي، جنهن کان سنڌ توڙي هند جو وڏو ادبي حلقو نه رڳو متاثر رهيو آهي، پر انهن ان جي غزل جي تقليد پڻ ڪئي آهي، جنهن لاءِ هند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي جديد شاعرن جا نالا پيش ڪري سگهجن ٿا. ڀلا ههڙي مُورَ جي کنڀن ۽ ڊيل جي ٽور جھڙي اياز جي ’غزلن‘ کان ڪير نه موهبو ۽ متاثر ٿيندو!
تتي ۾ گھڙو ڪا ڀري ٿي پئي،
ٿري سونهن چمڪا ڪري ٿي پئي.
اُٺي جي هوا ۾ کنيا مور پَرَ،
ڊُڪي ڊيل هر هر ٺَري ٿي پئي
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ص92)
روح کي ول جيان وڪوڙيو ٿي!
جيءَ سان جيءُ ايئن جوڙيو ٿي.
چوڙيون چنڊ جئن ٽٽيون آهن،
ٻانهن کي ايترو مَروڙيو ٿي!
هاءِ ميهار بنسري تنهنجي،
ايترا سڏ! اڄ ته ٻوڙيو ٿي!
پيار کان ڪو نه ٿو مُڙين اڄ ڀي،
ڪيترو اي ’اياز‘ لوڙيو ٿي!
(سورج مُکيءَ سانجهه، ص197)
اياز غزل کي پراڻي روايتي فارسي رنگ ۽ روڳ مان ڪڍي ان کي نه رڳو نئين موضوعاتي، تخليقي ۽ احساساتي صورت بخشي، پر سنڌي غزل کي جديد دؤر جي تقاضائن، سياسي، سماجي حقيقت نگاري، مزاحمتي، قومي، انقلابي رنگ، ترقي پسند، روشن خيال ۽ انسان دوست لاڙن سان هم آهنگ پڻ ڪيو. هن پنهنجي شاعريءَ جي ٻين صنفن وانگر غزل ۾ پڻ اهڙيون انيڪ فني، فڪري ۽ جمالياتي نُدرتون پيدا ڪيون آهن، جو ان مان اياز جو انفرادي رنگ جهلڪندو محسوس ٿئي ٿو.