شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ علامتي جمال
علامت پنهنجي وجود ۾ تمام گھڻي وسعت ۽ گهرائي رکي ٿي. دنيا ۾ انسان ئي اها واحد مخلوق آهي، جيڪا علامتون رچيندڙ ۽ انهن مان معنائون ۽ مفهوم حاصل ڪندڙ آهي. جانورن ۾ پيدائشي طور ڪيئي گڻ ۽ صلاحيتون ٿي سگهن ٿيون، پر انهن ۾ ڪائي اهڙي سگھه ۽ خوبي نه آهي، جيڪا سندن تجربن ۽ احساسن کي علامتي روپ عطا ڪري سگھي. اهو صرف ماڻهو ئي آهي، جيڪو اهڃاڻ تخليق ڪري ٿو ۽ اهڃاڻ ئي اصل ۾ اهڙا ٻج هوندا آهن، جيڪي سوچ ۽ فڪر جي سلن کي جنم ڏيندا آهن.
اهڃاڻ ۽ علامت ڪا نئين ۽ رڳو جديد دور جي علم، ادب ۽ انساني جيوت سان واسطو رکندڙ سچائي نه آهي، پر ان جي تاريخ به هن ڪائنات جي اتهاس جيتري ئي پراڻي آهي. هي سمورو سنسار ۽ انساني حيات انوکي علامتن جو ڀنڊار آهي. ان جي دائري ۾، رياضي، سائنس، سماجيات، لسانيات، ادب ۽ نفسيات جا شعبا پڻ اچي وڃن ٿا. ٻين لفظن ۾، علامت نگاري زندگيءَ جو اهو اٽوٽ حصو آهي، جنهن کي انساني شعور جي ابتدا کان وٺي اڄ تائين حيات جي مختلف شعبن ۾، شين جي مختلف مفهومن ۽ مبهم معنائن ۾ استعمال پئي ڪيو ويو آهي. اسان جو موضوع جيئن ته شاعري ۾ علامتن جو استعمال آهي، انهيءَ ڪري علامت جي گھڻ رخي دائري ڪار ۽ وسيع تاريخ تي تفصيلي ڳالهائڻ بدران علامت لفظ جي مختصر وضاحت ۽ وصف بيان ڪرڻ بعد شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ گھڻ پهلوئي علامتن جو اڀياس ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
علامت لفظ ، جنهن لاءِ لغوي طور انگريزيءَ زبان ۾ سمبل (Symbol)، سنڌي ۾ اهڃاڻ ۽ علامت، اردو ۽ پنجابيءَ ۾ علامت يا نشاني ۽ عربي ۾ رمز ۽ سجع جا لفظ موجود آهن. جڏهن ته علامت نگاريءَ لاء انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ سمبالزم (Symbolism) جو لفظ مستعمل آهي. ساڳي لفظ جي ’فيروزالغات‘ ۾ معنى هيءَ لکيل آهي: ”علامت (عَ ــ لا ــ مَت) نشان، پتو، سراغ، کهوج، اشارو، ڪنايو“ (60). جامع سنڌي لغات ۾ ساڳي لفظ جي وضاحت هن طرح ملي ٿي. ”عَلامَتَ، ج: علامتون. نشان، اهڃاڻ، اشارو، آثار، مام“ (61).
اشتياق احمد پنهنجي ڪتاب، ’علامت ڪي مباحث‘ ۾، علامت بابت مختلف عالمن جي راءِ هن ريت ڏني آهي: (i) زونگ جي خيال موجب، علامت، لاشعوري تخيل جي پيداوار آهي ۽ اها لاشعور کي شعور سان وابسته ڪندي آهي. علامت ۾ اظهاري ۽ تاثراتي، لاشعوري ۽ شعوري عنصر، پنهنجي مڙني تضادن سميت موجود هوندا آهن. علامت ان ڪيفيت کي پيش ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي، جنهن لاءِ لفظي تصورات موجود نه آهن. (ii) ييٽس لاءِ هي سموري دنيا علامتن جو خوبصورت جھان آهي.
(iii) ڪونررڊ جي راءِ مطابق، ادب جون سموريون عظيم تخليقون علامتي آهن، جنهن ڪري انهن جي قوت، گھرائي ۽ سونهن سبب، هن سنسار جي حُسن ۾ اضافو ٿيو آهي (62).
ڊاڪٽر لوئيس (Dr. Louis) علامت جي معنى ۽ تشريح هن طرح ڪري ٿو:
“A symbol is the use of a concrete object to represent an abstract idea. The word symbol isderived from the Greek verb “symballein” which meansto put together and the related noun“symbolon” which means “mark”, “token” or “sign”.The term symbol, when used in literature is often a figure of speech in which a person, object, or situation represent something in addition to its literal meaning. A symbol may appear in a work of literature in a number of different ways to suggest anumber of different things”(63).
(ڪنهن مجسم شيءِ کي مجرد خيال ذريعي بيان ڪرڻ علامت آهي. سمبل (symbol) يوناني ٻوليءَ جي لفظ سمبلين (symballein) (فعل) يا سمبولون (symbolon) (اسم) مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنى گڏ ڪرڻ، نشان يا نشاني وغيره آهي. ادب ۾ علامت لفظ جڏهن استعمال ٿيندو آهي، تڏهن اهو رواجي معنى کان هڪ مٿاهين معنى رکندو آهي، جنهن ۾ ڪو ماڻهو، ڪا شيءِ يا ڪائي حالت ظاهري معنى کان علاوه ڪنهن ٻي شيءِ جي نمائندگي ڪندڙ به هوندي آهي. ادب ۾ علامت ڪيترن ئي مختلف طريقن سان استعمال ٿيندي ۽ مختلف شين جي تصور کي پيش ڪندي آهي.)
علامت لفظ جي وضاحت يونيورسل انسائيڪلوپيڊيا ۾ هن ريت ٿيل آهي:
“Symbol is the artistic attempt to perceive unity in diversity or to draw together seemingly un related experiences….in seeking more suggestive and subtle images….It is an intellectual approach, stressing the absolute significance of words as keys with which to unlock the doors of perception”(64).
(علامت، اهڙي فنڪارانا ڪوشش آهي، جنهن ذريعي لاڳاپيل ۽ اڻ لاڳاپيل تجربن کي يڪجا ڪري، وڌيڪ حساس ۽ باريڪ منظرن جي تلاش ڪئي ويندي آهي. اهو اظهار جو اهڙو مفڪرانه انداز آهي، جنهن جي چاٻيءَ سان تخيل جا تالا کُلندا آهن)
علامت بابت مٿئين وضاحتن ۽ وصفن مان واضح ٿئي ٿو، ته اها هڪ اهڙي ادبي ۽ فني ورجيس آهي، جنهن جي فنون لطيفه، خاص ڪري ادب، شاعري ۽ اظهار جي کيتر ۾ وڏي وقعت آهي. علامت جي فنائتي ۽ تُز استعمال سان اظهار ۾ نه صرف تاثير ۽ جاذبيت پيدا ٿئي ٿي، پر ان جي اشاريت مان لفظ ۾ معنى ۽ احساس جون ڪيئي حسناڪيون ۽ حقيقتون عيان ٿي سامهون اچن ٿيون.علامتن جو جنم ته انساني شعور سان گڏ ٿيو آهي، جيڪو مختلف دؤرن ۽ حالتن ۾ ڏند ڪٿائن، عقيدن، ڌرمي روايتن ۽ ٻين مختلف اندازن سان رواج ۾ رهيو آهي، پر اهو شين جي مخصوص شناخت ۽ تمثيل طور سورهين صديءَ ڌاري استعمال ٿيو ۽ ان جي ابتدا عيسائي عقيدي سان ٿي. وقت سان گڏ علامت انيڪ روپ ورتا ۽ تبديل ڪيا آهن.
علامتي شاعري جي شروعات برابر بودليئر (Baudelaire) جي شعري مجموعي ’بديءَ جا گل‘ (Flowers of evil) سان ٿي ۽ بودليئر هِن دنيا کي علامتن جو جھنگ قرار ڏنو، پر سچ اهو آهي، ته فرائڊ (Freud) علامتن کي علمي ۽ حسياتي حيثيت عطا ڪري، انساني دماغ ۾، موجود علامتي ’گل و گلزاريءَ‘ جي نشاندهي ڪئي آهي. ڪن عالمن جي راءِ موجب مغرب ۾، علامتي شاعريءَ جي ابتدا، ”صوفي شاعرن سويڊن بورگ (1688ع ــ 1772ع) ۽ سنت مارٽن (1743ع ــ 1783ع) کان ٿي آهي“ (65). ڪي ان خيال جا آهن ته، ”علامت نگاريءَ جي شروعات ٽين صدي هجري يعني ڏهين صدي عيسوي جي ٻي ڏهاڪي ۾ شام ۾ ٿي، جنهن جو پايو وجھندڙ ابو طيب احمد بن حسين المعروف متنبي (303ھ ــ 354ھ) (916ع ــ 967ع) هو“ (66).
علامتن کي مختلف دورن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن جدا جدا معنائن ۽ مفهومن طور اظهاريو ۽ پيش ڪيو آهي. صوفي ازم توڙي زين/ جين مت اظهار پڻ علامتي آهن. علامت نگاريءَ جي ادبي تحريڪ جي حيثيت ۾ باضابطا شروعات 1885ع ۾ فرانس کان ٿي. فرانس ۾ ان کان نه رڳو ويهين صديءَ جا جديد شاعر ازرا پائونڊ (Ezra Pound) ۽ ٽي ايس ايليٽ (T. S. Eliot) متاثر ٿيا، پر ان جا اثرات سريلئزم (Surrealism) ۽ عڪس نگاريءَ (Imagism) جي تحريڪن تي پڻ پيا. ان کان پوءِ علامت نگاريءَ جي تحريڪ جو ڦهلاءُ سڄي دنيا ۾ ٿيو، پر ان جا مُهندار بودليئر (Baudelaire)، ملارمي (Mallarme)، پال واليري (Paul Valairy)، پال ورلين (Paul Verlaine)، رامبو (Rimbauo) ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ شاعر هئا، جنهن بابت سي ايم بوورا (C. M. Bowra) پنهنجي ڪتاب، (The Heritage of Symbolism) ۾ لکي ٿو:
“A Symbolism is a poetical movement, whose chief poets are Baudelaire, Verlaine and Mallarme. Baudelaire was the first to exalt the value of symbols, Verlaine used them instinctively and Mallarme erected a metaphysic to explain and justify them. In his theory and his practice Mallarme was the conclusion and crown of the symbolist movement” (67).
(علامت نگاري شاعراڻي تحريڪ آهي، جنهن جا روحِ روان بودليئر، ورلين ۽ ملارمي آهن. بودليئر اهو پهريون شاعر هو، جنهن علامتن جي اهميت ۽ وقعت کي اُجاگر ڪيو. ورلين انهن کي فطرت لاءِ استعمال ڪيو، جڏهن ته ملارمي، ورلين جي پوئواري ڪندي مافوق الفطرت دنيا تخليق ڪئي. ملارمي پنهنجي فڪر ۽ عمل ذريعي علامتي تحريڪ کي معراج تي پهچايو، ان ڪري علامت نگاريءَ جي تحريڪ جو سهرو به ان جي سِر تي سونهين ٿو.)
ڪيترن عالمن ۽ محققن پنهنجن تحريرن ۾ علامت لاءِ مختلف لفظ استعمال ڪيا آهن. ڊاڪٽر تنوير، پنهنجي ڪتاب، ’شاھ لطيف جي شاعري‘، ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز، ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ ۾، ’اهڃاڻ‘ لفظ ڪم آڻن ٿا. ڊاڪٽر ٻوهيو نشان، علامت ۽ اهڃاڻ لفظن ۾ بنيادي فرق جي وضاحت ڪندي، نشان ۽ علامت جي نسبت اهڃاڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيندي لکي ٿو: ”سنڌي ٻولي تمام پراڻي ٻولي آهي، جنهن نشان ۽ علامت جون منزلون طئي ڪيون آهن، ۽ هاڻي اها اهڃاڻ جي منزل ۾ داخل ٿي چڪي آهي....’ڍُڪي‘ لفظ علامت آهي، پر ’اميد واري، پيرن ڀاري ۽ اميد سان‘ لفظ اهڃاڻ آهن“ (68).
هو صاحب وڌيڪ لکي ٿو، ”اهڃاڻ سماجي نظام جي سطح تي ٺهي ٿو ۽ ڪلچري نظام جي سطح تي ڪم اچي ٿو...اهڃاڻ، لفظ جو اهو باطن آهي، جيڪو پنهنجو روح ڪلچر مان حاصل ڪري ٿو ۽ ورائي اهو روح ڪلچر ۾ ڀري ٿو...لفظ جڏهن علامتن جي صورت وٺن ٿا، تڏهن اهي پنهنجي روايتي معنى کان وڌيڪ ڪا ٻي معنى به ڏين ٿا، پر لفظ جڏهن اهڃاڻ جي صورت وٺن ٿا، تڏهن اهي هڪ مختلف ۽ سڌريل معنى جا سِڪا ٿي پون ٿا. ان وقت معنى جا اهڃاڻ وٽان ملي ٿي، سا رواجي معنى جي آڌار تي ته سمجھي به نه ٿي سگھجي، ڇو ته اهڃاڻ جي حالت ۾ لفظ ظاهر وڃائي باطن جي بنياد تي ٺهي ٿو“ (69).
ڊاڪٽر ٻوهيو انگريزي لفظ سمبل (Symbol) جو سنڌيءَ ۾ اَلٿو’اهڃاڻ‘ ڪري ٿو، جڏهن ته گھڻي قدر ٻين اردو توڙي سنڌي ٻوليءَ جي اديبن ۽ محققن ان لفظ جو ترجمو ’علامت‘ ڪيو آهي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي مقالي، ’شاھ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري‘، ۽ امير علي چانڊيو، اياز تي لکيل پنهنجي پُرمغز مقالي، ’شيخ اياز جي شاعري ــ هڪ مطالعو‘ ۾، ’اهڃاڻ‘ بدران ’علامت‘ لفظ استعمال ڪيو آهي. ڊاڪٽر سڌايو علامت کي اهم سمجھندي، اشاري، نشان، تشبيھه، استعاري ۽ تمثيل کي علامت تائين رَسائي جا مرحلا قرار ڏئي ٿو.
ساڳيءَ ريت اردو جا ڪيترائي نقاد ۽ محقق گوپي چند نارنگ، ’ساختيات، پس ساختيات اور مشرقي شعريات‘، اشتياق احمد، ’علامت ڪي مباحث‘، طارق سعيد،’اسلوب اور اسلوبيات‘، ڊاڪٽر سليم اختر، ’ادب اور لاشعور‘، انيس ناگي، ’شعري لسانيات‘ ۽ صديق ڪليم پنهنجن ڪتابن، ’فڪرِ سخن‘ ۽ ’نئين تنقيد‘ ۾، علامت جو لفظ ئي ڪتب آڻن ٿا. ڪٿي ڪٿي اردو اديبن ۽ عالمن، نشان، رمز ۽ تمثيل جا لفظ به مذڪوره لفظ جي نعم البدل ۽ معنى طور استعمال ڪيا آهن، پر اڪثر ڪري لفظ ’علامت‘ گھڻو مستعمل آهي.
طارق سعيد پنهنجي ڪتاب، ’اسلوب اور اسلوبيات‘ ۾ نشان، اشاري ۽ تمثيل کان وڌيڪ علامت کي اهم ۽ جامع ڄاڻائيندي، دليل طور يونگ جا هي لفظ ورجايا آهن:
“A sign is a substitute for a presentation of the real thing. While a symbol carries a wider meaning and express a psychic fact which can not be formulated exactly” (70).
(نشاني، ڪنهن حقيقي شيءِ کي پيش ڪرڻ جو نعم البدل آهي. جڏهن ته علامت ان کان وڌيڪ معنائون رکندڙ ۽ اهڙي نفسياتي حقيقت کي به پيش ڪندڙ آهي، جنهن جي ڪائي ظاهري صورت نه آهي.)
ڪلچر، ٻولي ۽ سماج جي مختلف فڪري، سماجياتي، نظرياتي ۽ نفسياتي اظهار جي سطحن تي نشان، علامت ۽ اهڃاڻ جي لفظن ۾ ڀلي ڪو جزوي فرق هجي، پر مٿين بحث مان مجموعي طور ضرور اها ڳالھه واضح ٿئي ٿي، ته علامت جي سماج، ادب ۽ خاص ڪري شاعريءَ ۾ تمام وڏي حيثيت ۽ اهميت آهي. هيٺ پنهنجي مقصد جي وضاحت لاءِ اسان ٻنهي لفظن ’علامت ۽ اهڃاڻ‘ کي گڏيل ۽ هڪ معنى طور استعمال ڪنداسين.
علامت، شاعريءَ ۾ اظهار جو اهڙو سگهارو ۽ اثرائتو ذريعو آهي، جنهن سان شاعر خارجي حقيقتن ۽ داخلي احساسن کي اڻ سڌيءَ ريت بيان ڪندو آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو، ”دراصل علامتي شاعري داخلي صلاحيتن ۽ بدلجندڙ حالتن جي اڻٽر صورت آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪيل شاعري تصوف، مذهب، ماورائي قوتن، انساني رشتن ۽ سماجي قدرن کي سمجھڻ جو ذريعو هوندي آهي“ (71).
هر لفظ پنهنجي طور تي ڪنهن معنى ۽ مطلب جي صوتي علامت هوندو آهي، ”پر ادب ۽ خاص ڪري شاعريءَ ۾، اهڃاڻ/ علامت اهو لفظ آهي، جنهن کي نمائنده معنوي حيثيت حاصل ٿي وئي هجي ۽ ان کي بنياد طور استعمال ڪري، ان مان ڪهڙي به قسم جي تاويل يا تفسير ڪري سگھجي... جيئن چنڊ ۽ گل، سونهن جي علامت آهن. چڪور ۽ بلبل، عشق جي علامت آهن. بهار، خوشيءَ جي ۽ خزان، ڏک جي، صُبح، اميد ۽ شام، نااميديءَ جي علامت آهن“ (72).
هر لفظ جي لغوي، ٻاهرين ۽ روايتي معنى سان گڏ ان جي باطني ۽ ڪلچرل (Inner and cultural meaning) معنى به هوندي آهي، جيڪا شين جي نشان ۽ علامت بابت آگهي عطا ڪندي آهي. لفظ جي لغوي معنى، مروج ۽ روايتي مفهوم ٻُڌائيندي آهي. ان جي ڪلچرل معنى، نشان، اشارو يا آثار ڏسيندي آهي، جڏهن ته شاعراڻي معنى، علامت کي جنم ڏئي، ٻولي ۽ اظهار کي سماجي صداقتن سان لاڳاپيندي آهي. هر ٻوليءَ ۾ مختلف قسم جون علامتون هونديون آهن، پر شاعريءَ ۾ علامتون تخليقي ۽ جمالياتي نوع جون ٿينديون آهن، جيڪي نه رڳو وجداني احساس عطا ڪنديون آهن، پر اهي بصيرت افروز به هونديون آهن.
لفظن ۾ شاعرن ۽ تخليقڪارن جي پيدا ڪيل اها شاعراڻي رمز ۽ معنويت (Poetical myth and meaning) ايتري سولي نه آهي ۽ نه ئي هر شاعر اها پيدا ڪري سگهي ٿو. ”ان معنى پيدا ڪرڻ لاءِ، شاعر کي مڪمل سماجي شعور، پنهنجي ڪلچر جي شناس، وسيع مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جي ضرورت هوندي آهي. جنهن شاعر ۾ لفظ جي باطن تخليق ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي، ان جو شعر ئي دائمي حُسن ۽ معنى جي جوت حاصل ڪري سگهندو آهي“ (73).
عام طور تي علامتون ٽن قسمن جون ٿينديون آهن. يعني آفاقي علامتون (Universal symbols)، علائقائي علامتون (Regional symbols) ۽ انفرادي علامتون (Personal symbols)، جيڪي دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ موجود ملن ٿيون. سنڌي شاعري پڻ ان وکر سان مالامال آهي. لوڪ توڙي ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ جو مطالعو ڪبو، ته ان ۾ علامتي ۽ اڻ سڌي اظهار جا انيڪ نمونا نظر ايندا، جن ۾ نه رڳو عام زندگيءَ جون ڳالهيون گھڻ ــ رُخي معنائن ۾ بيان ٿيل آهن، پر اهي داخلي ڪيفيتن جي ڪيترن ئي ڳوڙهن پهلوئن ڏانهن اشارا پڻ ڏين ٿيون. خاص ڪري شاھ لطيف جي شاعري ۾ نه رڳو تاريخي لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار گھڻ علامتي آهن، پر ان ۾ آفاقي ۽ ڀٽائي جي پنهنجي تخليقي علامتن جو وڏو ڀنڊار پڻ موجود ملي ٿو، جنهن ڪري ئي تنوير عباسي سندس شاعريءَ کي علامتن جو گلزار سڏيو آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ ۾، شيخ اياز جي شاعري انوکي علامتي تاڃي پيٽي جو مثال آهي. هن نه رڳو پنهنجي ماضيءَ جي ادب ۽ ڪلچر جي اهم علامتن ۽ اهڃاڻن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني آهي، پر اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي نيون علامتون پڻ تخليق ڪيون آهن. اياز جي علامتي شاعري ۾، روايتي علامتن سان گڏ تاريخ، تهذيب، مٿ ۽ ڪلچر سان وابسته ڪيئي ڳوڙهيون ۽ گھڻ معنوي علامتون به ملن ٿيون، جن کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ لاءِ شعوري پختگي ۽ تخليقي وجدان درڪار آهي.
حقيقت ۾ شاعر ڪنهن به علامت ۾، طبعي يا حياتياتي پهلوئن تي بحث ڪرڻ بدران ڪنهن مخصوص مقصد يا ڪنهن نفسياتي ڪيفيت ڏانهن اشارو ڪندو آهي. اياز جي علامتي شاعريءَ جي وڏي خوبي اها آهي، ته اها پڙهندڙ کي مُنجھائي نه ٿي، پر ان لاءِ موثر ابلاغ جو ذريعو بڻجي، کيس احساساتي طور مقصد تي پهچائي ٿي. شيخ اياز پنهنجي شاعري ۾، تمام گھڻيون علامتون استعمال ڪيون آهن، انهن سڀني جو ذڪر ممڪن نه آهي، پر هتي ڪجهه انهن منتخب علامتن ۽ اهڃاڻن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن ذريعي مجموعي طور اياز جي فڪر ۽ فن جو تجزيو ممڪن آهي.
’سنڌ‘ کي لطيف ۽ ٻين انيڪ سنڌي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي انداز ۽ احساس سان اظهاريو آهي، پر اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ ’سنڌ‘ کي جنهن وسيع علامتي انداز ۾ استعمال ڪري ٿو، اهو انتهائي نرالو ۽ نرمل آهي.هُن لاءِ ’سنڌ‘ رڳو مخصوص جاگرافيائي سرحدون رکندڙ ديس نه آهي، پر هڪ ڌڙڪندڙ دل آهي. سونهن ۽ عشق جو استعارو آهي. محبت جو موجون هڻندڙ سمنڊ ۽ جذبن جو بي انت بحر آهي.
”توهان هُن جي شاعري پڙهي هڪ مڪمل سنڌ سان ملي سگھو ٿا. هڪ اهڙي سنڌ، جيڪا فقط لڪيرن وسيلي دنيا جي گولي تي ڪڍيل نقشو نه آهي، پر هڪ ڪبوتر جي دل ۽ عقاب جي اک به آهي. جيڪا مور جو پَر به آهي ۽ رڃ ۾ هرڻ جي ڊوڙ به آهي. جيڪا پاڻياريءَ جي مٿي تي ٻيلهڙو آهي ۽ دور کان نظر ايندڙ اُٺن جو قافلو آهي. سنڌ، جيڪا ڪڏهن تاڙي جي تنوار ۽ ٻاٻيهي جو ٻول آهي، ته ڪڏهن ڪاريهر جو وِھُ ۽ واگھه جي گُھورَ آهي. اها ئي سنڌ، هن جي شعرن ۾ سانوڻ جي سِنڌوءَ وانگر اُٿلون کائيندي ڏسي سگھجي ٿي“ (74).
توکي ڪهڙي ڪل،جيءَ نه اچي جھل،
مون کان سنڌ نه وسري.
باکون باکون سونهن جون، راتيون روپ ــ رتل،
مون کان سنڌ نه وسري.
ڪـونـجـون ڪـرڪـن روھ ۾، تـارن هـيـٺـان تـل،
مون کان سنڌ نه وسري.
ـــ ڌرتي منهنجو ديس مگر، مان سنڌڙي جندڙي لايان وو!
(ڪلهي پاتم ڪينرو، ص29)
اها سنڌ ڪعبو به آ ڪاشي به آ
چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمڻ
انهيءَ لاءِ بنواس ڀوڳيون پيا
انهيءَ سان اسان جو انوکو وچن.
’تون‘ ته تون آهين
منهنجي ڀون آهين،
او آيل! او سنڌڙي!
منهنجي ساري ڏات تون
منهنجي ’مون‘ آهين ــ
او آيل! او سنڌڙي!
تون ئي منهنجا بيت آن
تون وايون آهين ــ
او آيل! او سنڌڙي!
(راج گھاٽ تي چنڊ، ص49)
توتان واريان جند،
منهنجي مٺڙي سنڌ!
تــون آن مـنـهـنـجـو چـنـڊ، ته آهـيان تـنـهـنـجو آءٌ چڪور،
تون بادل جئن برسين مون تي، مان هان تنهنجو مور،
توتان واريان جند،
منهنجي مٺڙي سنڌ!
منهنجي من ۾ آهن تنهنجون چانڊوڪيون ۽ چيٽ،
منهنجون لاتيون منهنجون باتيون، آهن تنهنجي ڀيٽ،
توتان واريان چند،
منهنجي مٺڙي سنڌ!
(ڀونر ڀري آڪاس، ص177)
جي تون اُڏري چنڊ ڏي پُٺِ تي نهارين،
ڌرتي ڪيڏي موهڻي!
هن ساري سنسار تي جي تون ويچارين،
ڌرتي ڪيڏي موهڻي!
ان تي پويان ڏينهڙا جيڪي به گهارين،
ڌرتي ڪيڏي موهڻي!
جڏهن گل ڇڻي وڃن انهن کي سارين،
ڌرتي ڪيڏي موهڻي!
(اُڀر چنڊ پس پرين، ص239)
سنڌُ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سِيس نمايان...
مٽي ماٿي لايان.
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان،
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا! بيت به تنهنجا ڀايان...
جيءُ جيءُ جيجل! جيءُ جيءُ جيجل! توکي ڪيئن لنوايان!
سارا سڏ پڙاڏا تنهنجا وائيءَ ۾ ورنايان،
ڪالهه مليران مَهڪ اُٿي جا نگر نگر ڦهلايان،
تنهنجي مٽيءَ منجهه مِلان جي، آءٌ امرتا پايان،
مٽي ماٿي لايان.
(وڄون وسڻ آئيون، ص80)
ڌرتي! توکي منهنجي چُميّ
اڌ ۾ رهجي ويندي....
ڌرتي! تنهنجي ڀاڪر ۾ آ
مَهڪ چنبيليءَ ول جي
پوءِ به سڳنڌن
ڪهڙا ٻنڌن...؟
ڏور ڏسائن ۾ او ڌرتي!
ڇا تون ويندينءَ وسري؟
مون سان رهندينءَ؟
مون ۾ ڪَهندينءَ؟
(چنڊ چنبيليءَ ول، ص97)
شيخ اياز کان جتي سنڌ جون رونقون ۽ راحتون، سنڌ جون سُندرتائون، گل ۽ گلزاريون، بارشون ۽ بارشن کان پوءِ مٽيءَ جو هڳاءُ نه ٿا وسرن. ان جي خوبين ۽ خوبصورتين جا ڳُڻ ڳائيندي سندس جيءُ نه ٿو ڍاپي، اُتي هُن کان سنڌ ۽ سنڌ واسين جا بُک ۽ بدحالي سبب ويران ٿيل وجود ۽ اهنجن ۽ عذابن جي لُکَ ۾ لوساٽيل چهرا به ڪونه ٿا وسرن. ’سنڌ‘ هن لاءِ سک ۽ ڏک جي گڏيل طور هڪ اهڙي علامت آهي، جنهن جي حُسن ۽ جمال تان جندڙي به گهوري ٿو، ته ان جي بُکين ڏکين ماروئڙن کي ڏسي سندس من به جھُري ۽ جِھڄي ٿو.
آ گدري جي ڦار امان!
اڄ پورو ناهي چنڊ، اسان کي بُک به ڏاڍي آ!
ڏاڙهونءَ ڪڻِ چوڌار امان!
هي تارا تارا مَنڊُ، اسان کي بُک به ڏاڍي آ!
ڏٿ به ڏونرن ڏار، امان!
تون پينهين خالي جنڊُ، اسان کي بُک به ڏاڍي آ!
هي چنڊُ امان! هي منڊُ امان!
پر سڀ کان ڳورو جنڊُ، امان!
هي تنهنجو ڪورو جنڊُ، اسان کي بُک به ڏاڍي آ!
(وڄون وسڻ آئيون، ص153)
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
سائو نه سلڙو، ڇانگو نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا!
پنڊيءَ نه ڳڀڙو، وِھُ وات ويلا،
مُنهنـڙا به ڀيلا، ڳوڙها ڳهيلڙا، مارو اڪيلڙا!
ساري سيارو ٿي ماٺ ماري،
سومر، اڱاري، ماڻهو نه ميلڙا، مارو اڪيلڙا!
ٿا جيءُ جُھورنِ ۽ روھ رولن،
جنهن وقت ٻولن، ڪڻڇي ڪُويلڙا، مارو اڪيلڙا!
مارو اڪيلڙا!
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ص57)
اياز جا مٿيان ٻئي نظم خوشحال سنڌ جي بُکئي ۽ بدحال ماڻهن جي چٽي پٽي تصوير آهن. پيڙهيل ۽ پورهيت ماڻهن جو هنن نظمن ۾، جيڪو احساساتي درد اوتيل آهي، اهو هڪ حساس دل ماڻهوءَ جي لونءَ ڪانڊاري ڇڏي ٿو. نظمن ۾ موجود علامتي احساس، شاعر جي دلي ڪرب ۽ ذهني اضطراب کي ظاهر ڪري ٿو، ته ساڳي وقت انهن ۾ ٻولي ۽ خيال جي تاثريت ۽ لفظي اشاريت ڪمال جي آهي. اياز لفظن کان جيڪو تصورن جو ڪم ورتو آهي ۽ انهن تصورن ۾ جذبن ۽ احساسن جو جيڪو روح ڀريو آهي، اهو سچ ته سندس علامتي حِس ۽ ڪمال ڏات جو ڏسُ ڏئي ٿو.
شيخ اياز لاءِ ’سنڌ‘ جي علامت ڪُليت جي حامل آهي، پر ’ٿر‘ کي به هن گھڻ ــ علامتي انداز ۾ اظهاريو آهي. ’ٿر‘ سان هُن جو عجيب اُنس ۽ عشق هو. ’ٿر‘، جنهن جو فطري حُسن، مٽيءَ جي سڳنڌ سان مهڪيل ماحول، ان جا صُبحَ ۽ سانجھيون، ان جا گل، ٻوٽا، ڀِٽون، ڏهر، مور، مارو، ڪارونجھر، مطلب ته اياز جي شاعري ۾، ’ٿر‘ حيرتن ۽ حُسناڪين جي علامت آهي.
اياز لاءِ ’ٿر‘، وجودِ ذات جو استعارو ۽ بقول امير علي چانڊيو، ”انڪشافِ ذات جو هڪ مسلسل عمل آهي، جنهن ۾ شاعر آد جڳاد کان سفر ۾ آهي. هي سفر شاعر جي ذات اندر جاري آهي، ليڪن ردِ عمل طور سندس انڪشافات، مادي دنيا سان ٽڪرائجن ٿا ۽ سندس ان ذات جي سفر جا اولڙا (Reflections) ئي سندس شاعريءَ جو تاڃي پيٽو جوڙين ٿا....اياز جي ’ٿر‘ ۾، حسياتي لحاظ کان ڪٿي ڪٿي ٽي ايس ايلئٽ (T. S. Eliot) جي مشهور نظم (The Waste land) جون ساروڻيون ملن ٿيون، پر اياز جي ’ٿر‘ ۽ ايلئٽ جي ’دي ويسٽ لينڊ‘ ۾ اهو فرق آهي، ته ايلئٽ جو ڊرائنگ روم جي مصنوعي خوشبوئن ۾ دم گُھٽجي ٿو، پر اياز کُليل فضائن ۾، نيري آڪاش هيٺ مولسري ۽ ڌنار کٿوري مان طراوت حاصل ڪري ٿو. ايلئٽ جنهن ماحول جو ذڪر ڪري ٿو، سو مڪينيڪل ۽ مصنوعي آهي، پر اياز جو ماحول قدرتي آهي. ان ڪري ايلئٽ جي نظم ۾ زندگيءَ کان بيزاري، قنوطيت ۽ فراريت جي بوءِ اچي ٿي، پر اياز جي ’ٿر‘ ۾ جيئڻ لاءِ ڪشش ۽ جيوت جو اتساھ موجود آهي“(75). تڏهن ئي ته چوي ٿو:
پـــــلــي آس ٿــــر مــــان نه آ ٿــوهـــرن
ڀٽائي! ڏسين ٿو وِڄون ٿيون ورن.
اُتـــر ڏانـــهـن ٻـــڪرال ٻهـڪا ڪيا،
ڪـــري رنــگ آگـــم اِجھو ٿا وسن.
پَـون ٿــــا نــــوان ڳـــنــڍ ڳـــنـــڍير ۾،
ڀِٽـن تـي وري ڪَـرَ کـنيا ڪونڀٽن.
ٻنـا ٻـوڙ وَسنـديون ٻڪر ٻوس تي،
گھڻي وقت کان ٿيون گھٽائون گِڙن.
(وڄون وسڻ آئيون، ص165)
سـانـجھيءَ ٽــاڻي مــور، ٿــر جي ٿــڌڙي ريت تي،
جئن مون نينهن نڪور، تئن هو پنهنجي ٽور ۾.
(ص40)
کوٽي ساري کاڻ، مون تو هيرا آڇيا،
تو، جنهن ڪَٺا ڪوئلا ڪيا پنهنجي پاڻ
واري مون واکاڻ، جيڏا تنهنجي جوءِ ۾.
(ص26)
اُڏري ڪيڏي سيءَ ۾، نيرڳ پنڌ پيا،
پر تو ڪونه چيا، گيت ڪلهوڪي ڏاڍ تي!
(ص29) ــ (جھُڙ نيڻان نه لهي)
مٿين سِٽن ۾ ’آس، ٿر، ٿوهر، وِڄون، ٻڪرال، آگم، گھٽائون، سانجهيءَ ٽاڻو، مور، کاڻ، هيرا، ڪوئلا، نيرڳ ۽ گيت‘ سڀ اهڙيون علامتون آهن، جن مان زندگيءَ جي متحرڪ تجربن جا ڪيئي اشارا ملن ٿا ۽ انهن مان ٻيا ڪيترائي تصور اُڀرن ٿا. مثال طور ’ٿر‘ رڳو واريءَ جي ڀٽن، صحرا، پياسي مورن، اداس ڊيلن، اوجاڳيل ڏهرن، ويڳاڻي ٿوهرن، بُکاري، بدحال ۽ ڏڪاريل ماڻهن جو ڏيھه نه آهي، پر ’ٿر‘ تهذيب ۽ ثقافت، امن ۽ محبت، مساوات ۽ رواداري، سونهن ۽ سندرتا، آس ۽ اميد، آجپي ۽ آدرشي احساسن جي علامت به آهي، جنهن ۾ وِڄن جا چمڪاٽ آهن ۽ گھنگھور گھٽائون وسڻ جا ويس ڪري صحرا کي سيراب ڪرڻ لاءِ آتيون آهن. جُھڙالي موسم ۾ رقص ڪندڙ مورن ۽ ٽِلندڙ ڊيلن جون خوشيون ۽ کيج آهن. چؤڏس روهيڙي جي رتي گُلڙن، ڪونڀٽن ۽ ڦوڳ ڦولارن، موليسريءَ جي سُڳنڌ، سرهائي ۽ سُرهاڻ آهي. چونري مٿان وڻندڙ چنڊ جي چانڊوڪي، ڏهرن ۾ ٽمڪندڙ ڏيئن جي روشني ۽ محبت جون ميل ملاقاتون، اهي سڀ اهڙيون سچائيون آهن، جن ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ راحتون آهن.
هر لفظ ۾ هڪ مخصوص ۽ مقرر معنى سان گڏ ڪيترائي علامتي اشارا آهن ۽ هر اشاري ۾ فطري زندگيءَ جي سچائي آهي. بلاشبه ’ٿر‘ هڪ جاگرافيائي حقيقت آهي، پر ان سان گڏوگڏ اياز لاءِ ’ٿر‘ علامتي احساسن جي هڪ انوکي دنيا آهي، جنهن ۾ توڙي جو سُکن بدران ڏک جهجھا آهن، پر هو انهن ڏکن کي به پنهنجي اظهار، شاعراڻي تخليقي ابهام ۽ علامتي رمزيت ذريعي ائين پيش ڪري ٿو، جو اهي ڏڍ بڻجي پون ٿا.
شيخ اياز پنهنجي شاعراڻي اظهار ۾ قنوطيت پسند هجڻ بدران گھڻو ڪري رجائيت پسند نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو ’موت‘، جنهن کان دنيا جي اڪثر شاعرن فرار اختيار ڪيو آهي، پر اياز ’موت‘ جي حقيقت جو ويچار پنهنجي اعلى شعور جي معرفت حاصل ڪرڻ جي نه فقط جستجو ڪري ٿو، پر ’موت‘ کي ڪيترين ئي مثبت علامتن ۽ اهڃاڻن ۾ اظهاري، انيڪ ڪيفيتي تجربن جي اُپٽار پڻ اوري ٿو. عام طور تي ادب ۽ شاعريءَ ۾، ’موت‘ عذاب ۽ ڪرب جي علامت طور استعمال ٿيندو آهي، پر اياز وٽ ’موت‘ نجات ۽ نرملتا جي تصور طور ملي ٿو. ڀٽائي وٽ ’موت‘ پڻ سهڪاري، ساٿي ۽ رهبر جي علامت طور نظر اچي ٿو. جيئن:
تو سڱُ ساھَ! گھڻن سين، جيئڻ! گوشي جاءُ،
مرڻ! مــــــون سين آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪــريان.
مَرڻا اڳي جي مُئا، سي مَري ٿين نه مات،
هـــونـدا سـي حـيـات، جـِيــڻـا اڳـي جي جيَا.
مـري، جـيءُ، ته ماڻيين، جـانـب جــو جـمــال،
ٿئين هــونــد حلال، جي پندِ اِها ئي پاريين.
(معذوري ــ 4)
’موت‘ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي دنيا جي هر ذي شعور ماڻهو غور ويچار ڪيو ۽ هر شاعر، اديب ۽ مفڪر ڪجھه نه ڪجھه ڳالهايو ۽ لِکيو ضرور آهي، پر ’موت‘ جي موضوع تي وجودي فلسفين (Existentialist philosophers) جا مفصل بحث ملن ٿا. وجودي فلسفي، وجودي وارتائن جا اهم عنصر هي ٻُڌائن ٿا. موت (Death)، مايوسي (Despair)، ڊپ (Dread)، ويڳاڻپ (Alienation)، ڪراهت (Nausea)، احساسِ جرم (Guilt) ۽ خود فريبي (Bad faith) وغيره. وجودي فلسفين جا ٻه گروھ آهن. هڪڙا مذهبي وجوديت پسند، جن ۾ سورين ڪيرڪ گارڊ (Soren Kierkegard)، ڪارل جيسپرس (Karal Jaspers)، مارٽن بوبر (Martin Bubar) ۽ گئبريل مارسل (Gabriel Marcel) جا نالا شامل آهن. ٻيا لامذهب وجوديت پسند، جن ۾ جان پال سارتر (Jean Paul Sartre)، فريڊرڪ نٽشي (Friedirich Nietzsche)، البرٽ ڪاميو (Albert Camus) ۽ مارٽن هائيڊگر (Martin Heidegger) جا نالا اچي وڃن ٿا.
مذهبي وجوديت جي مبلغن موجب جوهر، وجود کان پهريان آهي، جڏهن ته لادين وجودين جو خيال آهي، ته وجود، جوهر کان اول آهي ۽ ان کي ئي اهميت حاصل آهي. بهرحال موت ازل کان هڪ معمو رهيو آهي، جنهن کي هر دؤر ۾ پروڙڻ ۽ پُرجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز ۾ لکي ٿو، ”مذهب ۾ موت جي خوف کي گھٽائڻ لاءِ ابدي دنيا جو آسرو ڏنو ويو.... گھڻن فلسفين لذتيت جو فلسفو ڏنو، ته موت جي دهشت کان بچڻ لاءِ هن دنيا جي جماليات ۾ گم ٿي، وجود جي ڳڻتي وساري، مادي لذتون حاصل ڪريو. ڪن مادي دنيا کان ڪناره ڪشي ڪرڻ لاءِ چيو، ڇوته موت وڃائڻ جو نالو آهي، جڏهن ڪجھه حاصل ئي نه ڪبو، ته وڃائڻ جو ڏک به ڪونه ٿيندو“ (76).
شيخ اياز وٽ ’موت‘ جو تصور اذيت پسندي وارو نه آهي، پر هُن لاءِ ’موت‘ لذت پسندي ۽ رجائيت جي علامت آهي. اياز ’موت‘ کي ڀيانڪ نه، پر رومانٽي سائيز (Romantisize) ڪري پيش ڪري ٿو ۽ اها شيءَ تمام گھٽ شاعرن کي نصيب ٿي آهي.
تنهنجو موتَ! ڇهاءُ ائين، جئن ڪو پشمينو،
ڄــڻ مـنـهـنـجـو ســيـنـو، سـيـنــي لاتــو سپرين.
(ص53)
آءٌ امـــــرتـــــا آهـــــــيــــــــان، آدي جُـــڳـــــادي،
ڇو ٿو منادي، ڦيرين منهنجي موت جي.
(ص58) ــ (جھڙ نيڻان نه لهي)
مــرتـيو جــيون مـان اچـي، جيون مرتيو مــان،
چڪر تي توسان، ڪيئي ڪنگريون مالھه ۾.
(ص123)
مــوت به آهــي نـنـڊڙي، جــڏهــن لــڳــي اک،
پوءِ به ان جي ٻک، ڇا ڇا جرڪي جندڙي!
(ص136)
آنءُ چـــوان مــون لاءِ هـي مــرڻ نـاھِ مــرڻُ،
وستيءَ ڏانهن ورڻ، سولي آهي ڳالهڙي!
(ص116)
جـــيـڪر تــوکـي مـوت، اڳـيان جھـلـيـان آرســي!
ڏس مون کي ڪيئن هوت! جھليو آهي هنج ۾.
(ص116)
پورهيو ڪري موت کي جي تو ڪَنايو
ڪــيڏو سجــايو، تنهنجو جيئڻ جڳ ۾!
(ص123) ــ (ڪتين ڪر موڙيا جڏهن ــ1)
نيٺ ته سارا دٻدٻا، دٻجي وڃن ٿا،
چَٻجي وڃن ٿا، سڀ ڏاٺن ۾ موت جي.
(ص36)
نه ڪي آنءُ ڄمان مران، نه ڪي موتُ حياتِ،
پر تون منهنجي باتِ، سمجهي سگهندين ڪينڪي!
(ص49)
باقي ڪهڙو موتُ جي، تون ئي تون آهين؟
تون ئي ٿو چاهين، تو ۾ آنءُ سمائيان!
(ص50) ــ (سورج مکيءَ سانجهه)
اياز لاءِ ’موت‘، زندگيءَ وانگر هڪ سچائي آهي. هُو ’موت‘ کي دهشت ۽ درندگي بجاءِ ’ننڊڙي‘ سان مشابھه ٿو سمجھي. مٿي هڪ بيت ۾ هُن موت لاءِ استعاراتي طور ’ننڊڙيءَ‘ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. ننڊ لفظ بذات خود ڪوملتا ۽ آنند جي احساس کي پيش ڪري ٿو، پر ’ننڊڙي‘ لفظ ۾ اڃا به وڌيڪ نفاست ۽ معصوميت جو احساس موجود آهي. اياز لاءِ ’موت‘، زندگيءَ جو انت نه آهي، پر هڪ مسافت کان پوءِ فطري ساهي آهي. زندگي روان دوان ٿي رهي، پر ڪنهن نئين روپ، ڪنهن نئين رنگ ۽ نئين صورت ۾. جيئن ڪوئي ٻوٽو اُسري، نکري، مُرڪي ۽ مَهڪي وري مُرجھائجي مٽيءَ ۾ مِلي پنهنجا ٻج ڇڏي وڃي ٿو، جيڪي نئين نکار ۽ آرنڀ سان اُڀري پون ٿا.
شيخ اياز جي ’موت‘ جي تصور ۾ اَواگون جو احساس به ملي ٿو، ته شوپنهار جي مسرت پسندي جي جھلڪ به نظر اچي ٿي. اياز جي بصيرت موجب جيڪي ماڻهو زندگي کي ڀرپوريت سان جيئنَ ۽ ان جي هر لمحي کي سڦل بڻائن ٿا، موت انهن لاءِ محبوبا جي آغوش وانگر آهي. توڙي جو ڪٿي ڪٿي اياز جي شاعريءَ ۾ ’موت‘ لاءِ ’ڪاري حبشي، گھوڙي سوار، راڪاس، منجھڌار ۽ اوجھاڻ‘ جون تمثيلون به ملن ٿيون، پر گھڻي قدر هن لاءِ موت، محدود (Finite) کان لامحدود (Infinite) طرف ارتقا پذيري جي علامت آهي. هُن ’موت‘ کي هڪ اسرار پرست صوفيءَ وانگر اپنائيو آهي ۽ هُو موت کي هڪ جاءِ تي ’جھوني آرائينءَ‘ سان ڀيٽ ڏئي، پنهنجو احساس هيئن اوري ٿو:
موتُ، متان ڀانئين، سُڪا پن مِيڙي پيو!
جھـــونـــو آرائــيــن، ڇـِـنــي گــل گـلاب جا.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص231)
”اياز نئين تهذيب جي تقاصائن موجب لفظن جا نوان معنوي لاڳاپا تلاش ڪري پنهنجن تجربن کي زنده علامتن ذريعي واضح ڪري ٿو....هو پنهنجي زبردست تخليقي صلاحيت ذريعي ماضيءَ جي لفظن منجھان ئي جديديت جو تصور پيدا ڪري ٿو. هن جي اهڙي روان دوان تخليقي صلاحيت جو ثبوت سندس هڪ ٻي علامت ’چنڊ ۽ چانڊوڪيءَ‘ مان ملي ٿو. چنڊ اياز جي جنسي خواهش جو مظهر آهي“ (77).
دنيا جي ڪيترن شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾، چنڊ کي علامت طور استعمال ڪيو آهي. اطالوي شاعر ليوپارڊي لاءِ ’چنڊ‘ آوارگي ۽ خانه بدوشيءَ جو اهڃاڻ آهي. ڀٽائي لاءِ ’چنڊ‘ سونهن ۽ قاصد جي علامت آهي. جڏهن ته قرطبه جي ڪوي لورڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي سرجڻهار موليزو لاءِ ’چنڊ‘ حُسن ۽ حيرتن جي علامت آهي. شيخ اياز پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾، ’چنڊ‘ کي مختلف علامتن ۾ پيش ڪيو آهي. ڪٿي هن لاءِ اهو، موهه ۽ منڊَ جي علامت آهي، ته ڪٿي روشني ۽ جوانيءَ جو اهڃاڻ. هُو ان کي ڪٿي خوبصورت عورت جي علامت ۾ استعمال ڪري ٿو، ته ڪٿي استعاراتي طور سونهن ۽ سندرتا جي احساس لاءِ ڪتب آڻي ٿو. تشبيھه ۽ استعاري، ٻنهي صورتن ۾، ’چنڊ ۽ چانڊوڪي‘، جون علامتون اياز جي شاعريءَ جو اهم حصو آهن. اياز لاءِ ’چنڊ‘ ازلي حقيقت جو اهڃاڻ ۽ احساساتي آٿت جي نشاني به آهي. تڏهن ئي ته چوي ٿو:
هو جو نيري اُڀ ۾ چمڪي پيو چَنڊُ،
جنهن سان سارو مَنڊُ، آهي ايڏو موهڻو!
(ص61)
چنڊ کنڊر ۾ ان طرح ڪنهن ٿو ڳولي؟
ڇا کي ٿو ڦولي، ڀوڏيسر جي ڀونءِ تي؟
(ص64)
هي جا منهنجي جندڙي ڪوئي جهونو گهرُ،
اڃا جنهن آڳر چمڪي پيو چنڊ سان!
(ص74) ــ (اُڀر چنڊ پس پرين)
وڃــــان ٿـــو ويســاهه ســان، اونداهيءَ ۾ آنءُ،
مون تي تنهنجو نانءُ، چمڪي ٿو چنڊ جان.
جئن پاڻيءَ ۾ چنڊ، ترندو وڃي سير ۾،
تئن هي سارو منڊ، مون لئه مايا اولڙو.
(ص59) ــ (جھڙ نيڻان نه لهي)
چنڊ لُڙهي لس ليٽ ۾، جهاڳي جھڙ جي جهاڳ،
مينهوڳيءَ جي مُند آ، وسن پيا ويراڳ،
ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون، واري اچ تون واڳ،
مٺڙا، منهنجا ماڳ، سڄڻ منهنجي ساهه ۾.
نهاريم نيراڻ ۾، تڪيندي تارا،
ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون، پرهه کان پيارا،
چنڊ پُٺيان چارا، رُليم ڪيئي راتڙيون.
(ص3)
چئو منهنجي چنڊ کي، رهي وڃي رات،
ڏئي وڃي ڏات، سرچي منهنجي ساهه ۾.
(ص8) ــ (ڀونر ڀري آڪاس)
شيخ اياز خالي ٿڌن شوڪارن ۽ صرف تصوراتي محبتن (Platonic love) جو قائل نه آهي، پر هو زندگيءَ جي فطري لذتن ۽ حقيقتن جو پيروڪار شخص ۽ شاعر آهي. هو خيالي پُلائن پچائڻ بدران وصال جي عملي مسرتن ۽ لذتن ماڻڻ جو حامي آهي ۽ هو انهن لذتن جي احساسن ذريعي پنهنجي شاعريءَ ۾ زنده اشارن ۽ علامتن تخليق ڪرڻ تي به ڪمال قدرت رکي ٿو.
ســتارن جـي سـيج تي سُتس ســاري رات
پڌري ٿي پرڀات، چمندي ڪنهن چنڊ کي.
چانڊوڪي ۾ چيٽ جي، سُتو رات سڄڻ،
چمڪيو چوڏينهن چنڊ سان، آڌيءَ ويل اڱڻ،
اَلا اَسُر جو سندس منهنڙي جو مَهڪڻ،
هيرن ۾ ٿي ڄڻ، هن جون هُٻڪارون مليون.
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، نور ڀري نيراڻ،
آيو پرين پاڻ، چمڪيا چنڊَ زمين تي.
تون چانڊوڪي چيٽ جي، منهنجو من چڪور،
اچي ڪڏهن اور، مون سان ڳالهيون ڳُجهه جون.
(ڀونر ڀري آڪاس، ص2)
هيءَ چانڊوڪي چيٽ جي اجائي ناهي،
امرتا آهي، تنهنجي منهنجي پيار کي.
(ص25)
تون جا چنڊ جيان، تو مان پيالا پريت جا،
روز پيو پِـيـان، اُڃّ اُجھي ئـي ڪـانه ٿـي.
(ص27)
ائين نه اڱـڻ لــيـٽ، چنــڊ پــيـو تـوکـي تڪــي،
تون جو ڪوئي ٻيٽ، نڀ جي نيري سمنڊ ۾.
(ص35) ــ (اُڀر چنڊ پس پرين)
تــون به ته آهين چنـڊ، مان ڇا لِکـان چنڊ تي،
تـــوســــان ســـــــــارو مــــــنــــــڊُ، ڪـــــائي ڪــويـــــــــتــــــا لــــــڳي.
شال اها سُرڪي، کُٽي کُٽي ڪينڪي
چانڊوڪي ۾ چنڊ جي، پيئان جا مُرڪي،
سانجهيءَ ساجهر ڪي، هجي وٽيءَ وَٽ ۾.
(جھڙ نيڻان نه لهي، ص69)
’ستارن جي سيج، پرڀات، چنڊ کي چمڻ، چانڊوڪي چيٽ، امرتا، پيالا پريت، اڃ، ٻيٽ، نڀ، نيرو سمنڊ، چنڊ، منڊ ۽ ڪويتا‘ سڀ علامتون آهن. مٿئين سڀني بيتن ۾، ’چنڊ ۽ چانڊوڪي‘ جا لفظ توڙي جو حُسن ۽ جمال جي معنائن ۾ ڪم آيا آهن، پر اهي لفظي ۽ عام معنى کان مٿي مختلف علامتي معنائون به پيش ڪن ٿا. ڪٿي چنڊ پرينءَ جي علامت آهي، ته ڪٿي روشني ۽ راحت جو اهڃاڻ. ڪٿي اهو اشاراتي مفهوم ٿو ڏئي، ته ڪٿي اياز ان کي استعاري طور استعمال ڪري گھڻ ــ رخي معنى ۽ ڳُجھي مطلب جي ادائگيءَ لاءِ ڪم آڻي ٿو.
جيئن پهرين بيت ۾، ’ستارن جي سيج تي ساري رات سمهڻ ۽ پرڀات تائين ڪنهن چنڊ کي چمڻ‘ جا لفظ ظاهري طور تي ته هڪ رومانوي ۽ رنگين احساس کي پيش ڪن ٿا، پر ان ۾ جيڪا اندروني ۽ علامتي معنويت آهي، ان جي پرک ۽ پروڙ سان ئي بيت مان حقيقي لطف ۽ جمالياتي حِظُ حاصل ڪري سگھجي ٿو. ’ستارا علامت آهن روشني، رنگيني ۽ سندرتا جي‘. ’سيج علامت آهي، ماڻڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي‘. ستارن جي سيج تي ساري رات سمهڻ جو احساساتي لطف ئي اندر ۾ انوکي سرهائي ۽ سڪون کي جنم ڏئي ٿو، پر ڪنهن چنڊ جھڙي مه جبين کي ان ستارن جي سيج تي سموري رات چمندي، ڪيف ۽ سرور ۾ پرڀات ٿيڻ جو منظر ويتر موهيندڙ، ڀرپور معنى ۽ تاثر ڏيندڙ آهي.
ٻي ۽ ٽين بيت ۾ پڻ ساڳي قسم جي محبت جا ڪيفيتي سرور آهن، جن مان هڪ ۾ ’چانڊوڪي‘ استعارو آهي ۽ ٻي ۾ ’چنڊ‘ تشبيهي طور استعمال ٿيو آهي. ’چيٽُ‘ ڦوٽهڙي، ساوڪ ۽ سرهائيءَ جي علامت آهي ۽ ’چانڊوڪي‘ روشني ۽ سونهن جو اهڃاڻ. اياز ’چيٽ‘ ۽ ’چانڊوڪيءَ‘ جي علامتن کي ملائي ’چانڊوڪي چيٽ جي‘ جو نئون اصطلاح متعارف ڪيو آهي، جيڪو ايترو سڀاويڪ ۽ برجستو آهي، جو ان سان بيت جي سِٽن ۾ ڄڻ ته معنويت جو روح بيدار ٿي پيو آهي.
’چيٽ جي چانڊوڪيءَ‘ سان نه رڳو رومانوي ٽاڻو نکري پوي ٿو، پر ان حسين ماحول ۾ ٻن پيار ڪندڙن کي پنهنجي پيار جي امرتا جو پڻ ويساھ ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت چوٿئين ۽ پنجئين بيت ۾، ’چنڊ‘ مختلف معنوي توڙي رمزي علامتن ۾ استعمال ٿيل آهي. ان کان علاوه اياز ’چنڊ‘ کي بودليئر جي ’گناھ جا گل‘ (Flowers of evil) جي اصطلاح سان لاڳاپي، محبت جي فطري حُسناڪي هن ريت ماڻي ٿو:
صــنـوبـر جـي ســايـــي ۾ ويـهي رهــــون
چمي جئن سگهي چنڊ تنهنجون چڳون
گھـــڙي لــئــه گــنــاھِ محــبــت ڪــريــــون
نه شـــايـــد وري زنــــدگـــــيءَ ۾ مـــلــون.
پــيـاريــم پـنـهـنـجـي اکــيــن مان شراب،
ڇــنـي ڏيــنـم پنـهنجـي چـپن مان گلاب،
نه آ ڪـــو حــسيــن جــسم جھــڙو گـناھ،
گـنــهـگـــار آهــيــان مــگـــر لاجــــــــواب!
(ڀونر ڀري آڪاس، ص143)
مٿين سٽن ۾،’صنوبر، چنڊ، چمي، چڳون، شراب، چپن، گلاب ۽ گنهگار‘ سڀ جسماني محبت جون علامتون آهن ۽ انهن مان هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو حُسن، حقيقت ۽ الڳ معنوي اشاريت آهي. شيخ اياز جي شاعرانه وجدان ۾ انوکي شڪتي آهي. هو نه رڳو زندگيءَ جي عام ڪار وهنوار سان لاڳاپيل اشارا ۽ علامتون استعمال ڪري، انهن مان ڳوڙهيون معنائون اخذ ڪري ٿو، پر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي تضادن جي ميلاپ واريون علامتون به ڪم آڻي ٿو.
هِن سَرَ جي گــدلـي سينـور ۾،
هي نيل ــ ڪنول به ته ڏوهي آ،
۽ ڪــو به چڪور انــڌاريءَ ۾،
جـــي اُڏري ٿـــــو ته دروهــــي آ ــ
هي ڏوھ نه آهي، مــاڻهوءَ جي
مــــون مــــٽي ٻــيـــهــر ڳوهي آ.
هــــي ڏوھ نه آ، آڪــــاس ڇڏي،
مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان!
هوءَ سانجھي جا ست رنگ هئي
مون ڪانه قبولي سجّ ــ ڪنان
ٿــــو آگـــم آگـــــم ٿـــي اُڀــــــران،
۽ ڪـــــرڻـــا ڪــرڻــا ٿي برسان....
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ص102)
اياز جي مٿين نظم جي سِٽن ۾، ’سر، گدلو سينور، نيل ڪنول، چڪور، انڌاري، دروهي، ماڻهو، مٽي ڳوهڻ، آڪاس، ڌرتي، سانجھي، ست رنگ، سج، آگم ۽ ڪِرڻا‘ سڀ علامتون آهن. سڄو نظم تضادن جي ميلاپ جي مختلف علامتن سان ڀريو پيو آهي. ’ڪنول ۽ گدلو سينور، چڪور ۽ انڌاري، ڌرتي ۽ آڪاس‘ سڀئي متضاد علامتون آهن ۽ انهن جي تضاد مان ئي وحدت جي لاڳاپي جو اياز جيڪو معنوي ۽ علامتي عنصر پنهنجي اظهار ۾ پيش ڪري ٿو، اهو ئي نظم کي اهم ۽ اُتم بڻائي ٿو.
’سينور‘، گدلاڻ ۽ جمود جي علامت آهي. ’ڪنول‘، سونهن، تحرڪ ۽ زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي. ’چڪور‘، اُڏام، آزادي ۽ چنڊ جي روشنيءَ سان چاھ جي علامت آهي. ’انڌاري‘، طوفان، چڪور جي اڏام ۽ آزادي جي راھ ۾ رڪاوٽ جو اهڃاڻ آهي. ساڳيءَ ريت ’ڌرتي‘ ۽ ’آڪاس‘ به هڪٻئي جا ضد آهن، پر اياز انهن ۾ تضاد ۽ تضاد جي ميلاپ سان جيڪا معنويت ۽ اشاريت پيدا ڪئي آهي، اها جماليات جي اصطلاح ’گدلائپ جي حُسن‘ (Beauty of uggliness) جي نشاندهي ڪري ٿي. يعني ڪنول جي وقعت انهيءَ ڪري آهي، جو اهو سر جي گدلي سينور ۾ ٽِڙي، مُرڪي ۽ مَهڪي ٿو. ساڳيءَ طرح چڪور، انڌاري، ناموافق ماحول ۽ موسم باوجود اُڏام جاري رکي ٿو ۽ ڌرتي ۽ آڪاس ٻن متضاد صداقتن هجڻ باوجود پنهنجي سُندرتا ۽ سچائي رکن ٿا.
ان کان علاوه اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ مارشالا ۽ آمريت لاءِ ’سائي‘ ۽ طبقاتي سماج جي پورهيت لاءِ ’چاڪيءَ جي ڏاند‘ جون علامتون استعمال ڪيون آهن، جيڪي برمهل ۽ انتهائي برجستيون آهن. هُن پنهنجي شاعريءَ ۾، ’آزادي‘ لفظ کي پڻ مختلف علامتي معنائن ۾ اظهاريو آهي. آزادي سندس محبوبا جي علامت به آهي، ته آدرشي احساس جو اهڃاڻ به. ساڳي طرح ”آرائين، ڄرَ، اُڃ، آهيڙي، مڌ ماتا، ناگاساڪي، ڀنڀٽ، سپنو، ماڪ، مور، گيت، گوري، گجري، پلر پيئڻ، ٻاٽ، راڳي، سَرُ، ڪارونجھر، ڪينجھر، اروڙ، امارو ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي لفظ ۽ نالا اياز پنهنجي قومي ۽ بين الااقوامي پيغام جي اظهار لاءِ علامتي انداز ۾ ڪم آندا آهن“ (78).
شيخ اياز مذهب ۽ ڌرم جي نالي ۾ نفرتون ۽ ڪدورتون پيدا ڪندڙ فتني بازن ۽ فتوى بازن خلاف هو. هُن هر دؤر جي ’اورنگزيبن‘ خلاف پنهنجي احتجاج جو آواز بلند رکيو، جن پنهنجي مڪروھ مقصدن خاطر بي قصور ’سرمدن ۽ دارائن‘ خلاف فتوائون جاري ڪرائي، سندن سِر ڌڙن کان ڌار ڪرايا. اياز جو نظم، ’سرمد ڇا ٿو سوچي‘ متعصب مُلائيت جي تصوير پيش ڪندڙ ۽ انتهائي گھڻ علامتي نظم آهي.
مُلان پنهنجي عمامي ۾،
سوچي، ڏاڙهي نوچي ــ
سرمد ڇا ٿو سوچي؟
دليءَ جون ديوارون سوچن،
چنڊ قُطب مينار مٿان آ،
ڌرتيءَ تي دستارون سوچن،
مجري مجري جي پايل ۾،
ڇم ڇم جون ڇنڪارون سوچن،
قلعي قلعي اک نه جھپڪي،
رات لڙيءَ للڪارون سوچن،
هٿ هٿ خوني خنجر سوچي،
تارونءَ ۾ تلوارون سوچن،
دارا جي تقدير نه سوچي،
هونءَ ته سڀ درٻارون سوچن،
سرمد ڇا ٿو سوچي؟
(وڄون وسڻ آئيون، ص143)
مٿين نظم ۾، ’ملان، سرمد، دليءَ جون ديوارون، چنڊ قطب، مجري جي پايل، قلعي جي اک، رات جون للڪارون، خوني خنجر، تارونءَ ۾ تلوارون، دارا جي تقدير ۽ درٻارون‘ سڀ علامتون آهن.”تارونءَ ۾ تلوارون جي ترڪيب، فتوى باز مُلن جي زبانن لاءِ ڪم آيل آهي. زبانن کي تلوارن سان تشبيھه ڏيئي ۽ انهن جي تارونءَ ۾ کُتل چئي، متعصب مُلن جي انهيءَ پريشانيءَ ۽ حيرت کي ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ کين سرمد تڏهن به وڌو هو، ۽ هاڻي به هو آهن ۽ هو تارونءَ ۾ تلوارون لڳايو، سوچ ۾ ورتا ويٺا آهن، ته سرمد تي آخر ڪهڙي ۽ ڪيئن ڪا يڪ تڪائي فتوى ڪڍي وڃي“ (79).
شيخ اياز سنڌي شاعريءَ مان نه رڳو روايتي تصوف جي خمارن ۾ ويڙهيل ڪلچر کي ٻاهر ڪڍي، پنهنجي شاعريءَ ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر جو پرچار ڪيو آهي، پر هُن ڪاهل ۽ سست ڪردارن بدران نڊر ۽ جھونجهار ڪردارن (Heroic characters) کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هُن جي تخيل جي تند، تلوار سان لڙڻ جو نه صرف ساهس ساري ٿي، پر هن کي پنهنجي ’گيت‘ جي سگھه ۾ ايترو وشواس آهي، جو هو ان اڳيان ’هٿيارن وارن‘ کي به هيڻو ۽ ڪمزور سمجھي ٿو ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي ڏئي ٿو، ’منهنجو اگهه پڇين ٿو آمر، منهنجا گيت ڳنهي سگهندين تون‘.
هيٺين نظم ۾، ’آزادي، سئن، طوق، غلامن، گيت، زنجير، تند، تلوار، ديوار، بُرج ۽ هٿيار‘ اهڙيون اهم علامتون آهن، جيڪي نه صرف جدوجهد، جرئت ۽ آدرشي انسان جي ثابت قدمي ۽ سوڀ ڏانهن اشارو ڪن ٿيون، پر اهي سچ اڳيان، ڏاڍ، طاقت، جبر ۽ استبداد جي هيڻائي جو ثبوت پڻ پيش ڪن ٿيون.
مون آزاديءَ جي سَئن هنئي،
مــون لاٿـــا طــوق غـلامـن جــا،
هـــي گــيــت هــيـــا يـا جادو ها،
زنــجــيــر ٽــُـٽـــا اَيــــــامـــــن جـا!
مـــــون ڏات انـــوکــي آنـدي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن
ٿـــــو آءٌ ســنــــدءِ ديوارن سان،
ٿـــا تــنـهـنـجـا ڀـاري بُرج لُڏن،
تون هيڻو آن هـٿيـارن سان. ــ
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ص105)
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ’چارڻ، ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ‘ جون علامتون به ملن ٿيون. اهي ڪردار توڙي جو ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ جي لوڪ داستان سان تعلق رکندڙ آهن ۽ انهن کي ڀٽائي پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڃاڻوي انداز سان پيش ڪيو آهي.آغا سليم چواڻي، ”اياز جو ٻيجل نه لوڪ داستان وارو ٻيجل آهي ۽ نه ڀٽائيءَ جي سُر سورٺ وارو. هي ڪو ٻيو ٻيجل آهي، جنهن جي چنگ ۾ پيڙهين جي پيڙا جا پڙلاءَ پيا ٻُرن“ (80). اياز جي شاعريءَ جي ٻيجل جي آواز ۾ رڳو سِرَ جي صدا نه آهي، پر آرڻ جا اُڌما ۽ آڳ جا اُلا به آهن،ته دُکياري ديس جون آهون ۽ دانهون به آهن. ان جي چنگ ۾ چاهه جو چين به آهي، ته بي چيني ۽ بي قراري به.
چارڻ! تنهنجي چنگ ۾، پيڙهين جا پڙلاءَ،
هن دکيـاري ديس جــا، گھرا گـــونــدر گهاءَ،
ســارا تــتــيءَ تــــاءَ، ســـارا پـيـريـن پـرڪڻا.
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، صدين جا سُڏڪا،
آڌيءَ جا اُڊڪا، ننڊ نِهوڙيل راتڙيون.
چارڻ تنهنجي چنگ ۾، اوندهه ۾ آهون،
هن دکياري ديس تي، ڪاهن تي ڪاهون،
درديليون دانهون، روز لتاڙيل لوءِ جون.
چارڻ تنهنجي چنگ مان، چِيههَ ڪيا چمڪارَ،
سدا سانوڻ مينهن جئن، وسن ويرو تار،
پوءِ به تو لئه يار، اُڃّ اسان جي ايتري!
(ص245)
تاس نه ٻُجهي تند مان، اڄ ڪي پوُڄَ پيار،
منهنجو جيءُ جِيار، چارڻ پنهنجي چنگ سان.
(ص243)ــ (ڪپرٿوڪن ڪري)
اياز وٽ ’چنگ ۽ ٻيجل‘ جون علامتون، گھڻ رنگيون ۽ گھڻ رُخيون آهن. هن جي شاعريءَ ۾ موجود ٻيجل جا سُرُ رڳو من نه ٿا موهن، هينئڙي کي بي چين نه ٿا ڪن، ساري رات ننڊ توڙي جاڳ ۾ ڪونجن جي درديلي ورلاپن وانگر چِت اندر چُڻڪن نه ٿا، پر وجود ۾ وڍ ٿا وجھن. ڪاريهر جيان تن من کي ڏنگن ۽ ڪٽار وانگر اندر کي وڍن ۽ ڪَٽن به ٿا.
اڳ اِهـــــو آواز، گـــــونـــجــــو نه گـــرنــــــار ۾،
آهي وڍ وجــــود جـــــــا، صـــدا نـــاهــــي ســـــاز،
اڳ اهــو انداز، مون نه ڏٺو ڪنهن منگتي.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص81)
اهو ’چارڻ، ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ‘، اياز پاڻ آهي. هُن جي شاعري، ڪڏهن ٻيجل جو چنگ بڻجي، راءِ ڏياچ جي سِر جي صدا ٿي هڻي، ته ڪڏهن هو پاڻ راءِ ڏياچ بڻجي ٻيجل جي سُرن تي سِر گھورڻ لاءِ ماندو ۽ بي چين نظر اچي ٿو. هو پاڻ ئي طلب جي تند به آهي، ته ڪماچ جو ڪنڌ به.
مان ئي ٻيجل آهيان، مان ئي راءِ ڏياچ،
منهنجو ڪنڌ ڪماچ، طلبي پيو تند ۾.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص74)
شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻيون به تمام گھڻيون علامتون استعمال ڪيون آهن، مثال طور: ’سوري، سج، اوندهه انڌوڪار، باک، ڀونر، ڀنڀور، کاهوڙي، موکي، جوڳي، وڻجارو، هنج، ڪانير، ڪونج، لاکو ڄاڃي، مينديءَ کيت، جهونو بڙ، سورج مکي، ڳاڙها گل، ڪاڪ، چڻنگ، مايا، چڪور، چنڊ، چانڊوڪي، مور، سج سُنهرا، گونگا گيت، پيلا پن، ميگهه ملهار، ڪنول، رابيل، گلاب، گيڙو گيت، سُڳنڌ، پيلا گل، گوندر گس، گهنگهور گھٽائون‘ وغيره.
شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ لفظي اهڃاڻن سان گڏ رنگن کي علامتي طور پڻ پيش ڪيو آهي، جن جو ذڪر ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته ان سان نه صرف شاعر جي فڪري رجحانن ۽ نفسياتي ڪيفيتن جي سُڌ پوندي، پر مختلف رنگن جي جمالياتي، علامتي ۽ شاعراڻي معنائن ۽ مفهومن جي پروڙ پڻ پلئه پوندي.
حقيقت ۾ شاعري، جذبات ۽ احساسات جي اڻ ڏٺي ۽ اڻ ڪٿي دنيا آهي، جنهن کي هڪ شاعر پنهنجي فني ۽ فڪري اظهار ذريعي بيان ڪرڻ ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪنهن به مادي شيءِ کي ڏسڻ ۽ ڏيکاري سگھڻ آسان آهي، پر جذبا ۽ خيال، ڪيفيتون ۽ محسوسات، جن جي ڪائي مادي شڪل ڪونه آهي، تن جي صورتگري جي ڪماليت فقط شاعرن وٽ ئي ٿئي ٿي ۽ بلاشبه شيخ اياز اهو سگھارو تخليقڪار آهي، جنهن پنهنجي شاعري ۾ ڪمال فن ۽ فڪر سان، نه رڳو انسان جي جذبن، خيالن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪئي آهي، پر هن پنهنجي ڪوتائن ۾، زندگي ۽ فطرت جي حقيقتن ۽ حُسناڪين جا حسين رنگ ڀريا آهن.
اياز پنهنجي اظهار ۽ انداز ۾ هڪ متحرڪ ۽ غير معمولي علامت نگار (Symbolist) شاعر آهي. هن جي شاعري پڙهي، اهو شدت سان احساس ٿئي ٿو، ته هو نه رڳو لفظن ذريعي اندر جي خوابن ۽ خوبصورتين کي بيان ڪرڻ جي سگھه رکي ٿو، پر هن وٽ علامتي احساس ۽ حواسي رنگن ذريعي شاعريءَ ۾ مصوراڻي سونهن ۽ سچائيءَ کي پينٽ ڪرڻ جي ڪمال ڏات پڻ موجود آهي. هڪ مصور وٽ پنهنجي اظهار لاءِ مختلف رنگ ٿين ٿا، جن جي مدد سان هو پنهنجي ڪيفيتن ۽ احساسن کي ڪئنواس تي اُتاري ٿو. ”مصور وانگر شاعر به رنگن کان اهڃاڻي ڪم وٺندا آهن. مصوريءَ توڙي شاعريءَ ۾ مختلف رنگ مختلف جذبن توڙي نظرين جي اهڃاڻ طور استعمال ٿيندا آهن. هر مصور ۽ شاعر کي پنهنجا پنهنجا مرغوب رنگ ٿيندا آهن. هر مصور ۽ شاعر انهيءَ مرغوب رنگ جو بار بار استعمال ڪندو آهي. ڪائنات انيڪ رنگن ۽ روپن سان ڀري پئي آهي. شاعر ۽ فنڪار لاءِ، ڪائنات جا رنگ سونهن سوڀيا به آهن، ته اشارا به. ڀيڄ ڀني، اُڀرندڙ سج، چمڪندڙ چنڊ، نيرو آسمان...اهي سڀ شاعري ۽ مصوريءَ لاءِ پنهنجي روپ کان اونهي معنى رکن ٿا“ (81).
هر رنگ کي پنهنجو هڪ تاثر هوندو آهي ۽ تاثرَ، جذبن ۽ احساسن کي جنم ڏيندا آهن. ”يُونگ جي نفسياتي ڇيد موجب، نيرو رنگ آسمان ۽ ڇڊي وايومنڊل جو آهي ۽ سوچ جو اهڃاڻ آهي. پيلو رنگ سج جو رنگ آهي ۽ وجدان ۽ روشنيءَ جي علامت آهي. ڳاڙهو، رت ۽ باھ جو رنگ آهي ۽ اوچائيءَ لاءِ ڪتب اچي ٿو.. سائو، ساوڪ ۽ زندگي آهي، ان ڪري احساسن جو رنگ آهي..... گھاٽو نيرو، سمنڊ، رات ۽ طوفان جو اهڃاڻ آهي. ڪارو رنگ، اُپائيندڙ زمين لاءِ ڪتب اچي ٿو، ته سونهري سج جو صوفياڻو پهلو آهي. هندستان ۾ ديوي ماتا (Mother Goddess) جو رنگ ڳاڙهو آهي ۽ اهو تخليق جي رنگ طور ڪتب آيو آهي. اڇو رنگ نرملتا ۽ نجپڻي جو رنگ آهي“ (82).
اهڙيءَ ريت ٻيا اهڙا انيڪ رنگ آهن، جن ذريعي هڪ آرٽسٽ پنهنجن خيالن ۽ احساسن کي اظهاري ٿو، پر شاعر ان حوالي سان وڌيڪ امير ۽ خوشنصيب انهيءَ ڪري آهي، جو هُو پنهنجي اندر جي خوابن، خوبصورتين ۽ خارجي مظهرن کي بيان ڪرڻ لاءِ، لفظن سان گڏ رنگن کان پڻ اظهار ۽ علامتن جو ڪم وٺي ٿو.
جھڙيءَ ريت ’ڳاڙهو رنگ‘ شاھ لطيف لاءِ محبوب ۽ مرغوب رنگ آهي ۽ هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سڀني رنگن کان وڌيڪ ان رنگ کي اوليت ۽ اهميت ڏني آهي، ساڳيءَ طرح ’ڳاڙهو رنگ‘ شيخ اياز جو به من پسند رنگ آهي. بنيادي طور تي ’ڳاڙهو رنگ‘ زندگيءَ جي آدرشن، خواهشن، جذبن، جرئت، بهادريءَ، انقلاب، اڳواڻي، جنگ، خطري، باھ ۽ رت جي علامت آهي. اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ نه فقط ان رنگ کي مختلف علامتن طور استعمال ڪيو آهي، پر هُن ’ڳاڙهي رنگ‘ لاءِ مختلف لفظَ جھڙوڪ: ’لال، لالڻ، لالي، لالڻو، ڳاڙهو، ريٽو، ڀنڀو، کُهنبو، سج رتو، لالُ لِيار، ڪڪور ۽ مينديءَ رتو‘ وغيره به ڪتب آندا آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سماجي ۽ ثقافتي حوالي سان ’ڳاڙهي رنگ‘ لاءِ مستعمل ۽ مروج آهن. اياز ’ڳاڙهي رنگ‘ کي انقلاب، آس، تبديلي ۽ آزاديءَ جي متوالن جي علامت طور استعمال ڪري ٿو.
’ڳاڙها ڳڀرو‘ سنڌ جا، تون ئي منهنجو خواب،
تــون ئـــي آنــھ جــواب، صــدين جــي سوال جو.
(ص293)
اڀري ايندا اوچـتــو، هـو ڌرتــيءَ جـــا ’لال‘،
آءٌ ڏسان ٿو ڀونءِ تي، ايندا جي ڀونچال،
ماڻهو، مَڏيون، مـال، ڊاهي هڻندا ڍير ۾.
(ص294)
سنــڌڙي ســاري ’’ڳــاڙهو کنهـبو‘ ٿي ويندي تيسين،
۽ جي ان تي منهنجي ڦُلڙيــون ڦُلڙيــــون ڏات ڏسين.
(ص130)
هاءِ يهوديءَ ڌيءَ، هيءَ تنهنجي آتم ڪٿا،
ڪــيئي ڏٺــــا ڏيـھ ۾، تـو جھـڙا مون جيءَ،
روز سُـڪــايـــا سيءَ، ’ڳـاڙهـا گل گلاب جا‘!
(ص274)
’چڳون رت چڪندڙيون‘، مولهيا ’لهوءَ لال‘،
ادا، اچ ته اوريـــــــــون، انـــهـــــن جــــو احـــــوال،
ڪالھ ڀَلائـــي ڀــالُ، وڍيـــــا جــيـڪـــي واهــــرو.
(ص196)
ريـــت چُــهــي وئــي ’رت‘ کـــي، ڏاڍو ڏينــهـن تـــتــو،
ڪنهن جو لــهو ڪــٿ ڪِــريو، ڪنهن کي ناھ پتو،
ســـانــجھـــيءَ ’ســج رتــو‘، ’’ڳـــاڙھ‘ سـمـائــي ’’ڳـاڙھ‘ ۾.
(ص198) ــ (ڪپر ٿو ڪن ڪري)
پنهنجي ’رت ۾ ريٽو جھنڊو‘ اُڀ تائين جھولــيندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو
ٽڙي پوندا ٽاريين، جڏهن ’ڳاڙها گل‘،
تڏهن ملنداسين.
(ص312) ــ (وڄون وسڻ آئيون)
شيخ اياز وٽ ’ڳاڙها گل‘ بهار، خوشي، خوبصورتي، اميد، ملڻ، مرڪڻ ۽ محبتون ونڊڻ جي علامت آهن. ’ڳاڙهي باک‘ روشني ۽ صبح جو اهڃاڻ آهي، جڏهن ته ’ڳاڙها ڳڀرو، لال ۽ ڳـاڙهـا گل گلاب جا‘ اهڙي جوڌن، جوانن، اَرڏن ۽ ڌرتيءَ تان سِر گھوريندڙ آدرشي انسانن جي علامت آهن، جن جا اوصاف هُو ڳاڙھ رنگي اشارن ۾ هن ريت ٻڌائي ٿو. ’چڳون رت چِڪندڙيون‘، ’مولهيا لهوءَ لال‘، ريـــت چُــهــي وئــي ’رت‘ کـــي، ســـانــجھـــيءَ ’ســج رتــو‘، ’ڳـــاڙھ‘ سـمـائــي ’ڳـاڙھ‘ ۾. اهي جھونجهار ڪنهن جابر ۽ آمر اڳيان جُھڪن نه ٿا، پر پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين جھيڙن ٿا.
مزدورن مِل ٻاهران، ڪئي جو هڙتالَ،
لٺيون وُٺيون مينهن جان، ڪِريا ڌرتيءَ ’لالَ‘،
ڪيا ڪجهه سوال، مون کي گهوري گورڪيءَ.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص287)
هو ڌرتيءَ جي بقا جي جنگ ۾ پنهنجي سِر جو نذرانو ڏيڻ کان پوءِ به ان وشواس سان پنهنجا پساھ پورا ڪن ٿا ته، ’پنهنجي ’رت ۾ ريٽو جھنڊو‘ اُڀ تائين جھولــيندو، اهڙو ڏينهن به ايندو‘.
ڳهلا! ڳاڙهيءَ باک سان، ايندي مُندَ بدل،
ٿيندا گل گلاب جا، تنهنجا پيلا ڳل،
رات وئي رانول، آيو آيو سوجهرو.
(وڄون وسڻ آئيون، ص75)
شيخ اياز سڄي ڄمار طبقاتي اوچ نيچ ۽ طاقت جي انڌي گھوڙي تي سوار استحصالي طاقتن سان جھيڙيو ۽ هُن هميشه پنهنجي اندر جي آواز کي ساڃاهي دل جي سڏ ۽ پڙاڏن پٺيان شاعريءَ جي مسافت ڪئي. هو سدائين مخالفتن جي زد ۾ رهيو. جيل، شهر بدريون، ڪتابن تي بندشون، الزام، عقوبتون ۽ مختلف ڌرين پاران ذهني عذاب ۽ روحاني اذيتون مليون، جن کيس رچائي ريٽو ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو اياز کي نه رڳو ڳاڙهو رنگ عزيز آهي، پر هو ڳاڙهاڻ سان رڱيل، ريٽو ٿيل ۽ ڪڪوريل شخص کي ئي آدرشي ۽ مڪمل انسان سمجھي ٿو، ان ڪري ’رچي ريٽو ٿيڻ، ريٽو پائڻ ۽ ڪڪورجڻ‘ جا لفظ اهڃاڻي طور پنهنجي شاعريءَ ۾ هِن طرح استعمال ڪري ٿو:
رچي ريٽا ٿي ويـــا، گھوٽ منجهان گهــاٽي،
ڇــا ڇــا سـاهس سـاھ کي، وھ جي وهــاٽــي!
موکيءَ جي ماٽي، جرڪن پيون جندڙيون.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص155)
ڪــالـھه لـــهوءَ ۾ لال، آيـــو ڪـــوئــي ڪـــــاپــــڙي،
رنگَ ڪــــري ٿــــو رتُ جـــي، تــن جــو نـاھ مثال،
ڀانءِ انهيءَ جو ڀال، ڪـــــاڪ ڪڪوري ٿي وَهي.
(وڄون وسڻ آئيون، ص62)
لالڻ! ميندي لاءِ، سُڀان ڏينهن وهانوَ جو،
اُٿـــي ريــٽــو پاءِ، آيــو آهــــي رنـــگــجــي!
(ڪونجون ڪرڪن روھ تي، ص49)
شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ پرين، پياري ۽ محبوب لاءِ، ’لالڻ ۽ لالڻا‘، ۽ جوڀن، جواني ۽ هارسينگار لاءِ ’لالي‘ جون علامتون ڪتب آنديون آهن، جيڪي سڀ ڳاڙهي رنگ سان تعلق رکندڙ آهن.
منهنجي ڇاتيءَ ڇولي وو!
لولي وو! لولي وو!
’لالڻ‘ منهنجا، لولي!
(ص106)
’لالي‘ نيٺ ته لهڻي آهي ــ
هيءِ هيءِ مينديءَ ٻوٽو ڙي!
هــــاءِ جـــوانــي جھــوٽـــو ڙي!
(ص97) ــ (وڄون وسڻ آئيون)
ڏس تون پنهنجو پاڻ کي، ڇا تون ساڳيو راءِ،
ســورٺِ ســـورٺِ آ اَڳــيـن، ’لالـڻ‘ تـنـهـنـجي لاءِ،
ڪـنـڌ ڪپــائــي پـــاءِ، هــاڻــي پنهنجي پاڻ کي.
(ص86)
جــوڀــن جھـــڙالــي، لــڳھه ســـاريءَ لــوءِ تي،
هر شيءِ ڪنهن مڌ سان، ٿي وئي متوالي،
’لالـــي‘ نـــرالـــي، اَلهـــڙ تــي اُڀـــري پــــئــــي.
(ص102)
’لالـــيءَ‘ تـنــهـنـجـــي لالــڻــا! مون جو موهيو منُ،
تون ئي منهنجي تاس ۾، تون ئي منهنجو تنُ،
آءٌ به تـــنــهــنــجــو ونُ، تــون جــو ٻَرين سج جــان.
(ص112)
تِن جون جُھلون جيءَ ســــان، لِڪــي لــڪايان،
تِن ناڪيليون نـٿ ســان، ’لالــڻ‘ مــان لايــان،
سي ڪــئــن ڀُلايــان، آري جــــن اوڏو ڪـيــو.
(ص113) ــ (ڪپر ٿو ڪن ڪري)
شيخ اياز، ڳاڙهي رنگ کي نه صرف آدرشي اهڃاڻ طور ڪتب آندو آهي، پر هُن ’ڳاڙهي ڄور‘ جي علامت، استحصالي ۽ مزدور جي پورهئي تي عياشي ڪندڙ سيٺ لاءِ پڻ استعمال ڪئي آهي، جيڪا برمهل ۽ انتهائي تُزُ محسوس ٿئي ٿي.
اکيون ’ڳاڙهيون ڄور‘ جان، سوچي ٿو ڪجھه سيٺ،
ڇــــا ٿـــو ڏســـي هـــــــيــٺ، وســڪــيءَ وچ گــــــلاس ۾.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص288)
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ’ڪارو ۽ گيڙو رنگ‘ به جهجھو نظر اچي ٿو. ’ڪارو رنگ‘ ڏک، الم، اونداهي، موت ۽ پُراسراريت جي علامت آهي. اياز ’ڪاري رنگ‘ کي ڪيترين ئي علامتن طور پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪري ٿو. اونداهي ۽ ڀوائتي ماحول جي اهڃاڻ طور هُو ان رنگ کي هِن ريت ڪم آڻي ٿو:
’ڪارا ڪارونڀار‘! هٽين ته هيڪر ڏسان،
اُڀري جيڪر سير مان، پَريـــان پرينءَ پــار،
الا! مون ميهار، ٻوڙيو ’ڪـــاريءَ ٻــاٽ‘ ۾.
(ص133)
’ڪـــارا ڪـــڪــر‘ ڪــاڪ تـي، ٻــاهر چارا چِڪ،
’ڪــيــڏو ڪـــارونــڀــار‘ آ، ڪــيــڏي تـــارن لـِـڪ،
سهمي ويندي سِڪ، ڪــوبه نه ايــنـدو ڪاڪ تي.
(ص149) ــ (ڪپر ٿو ڪن ڪري)
اياز موت کي’ڪاري ڪِٺُ ڪُميت‘ تي سوار هڪ پُراسرار چيز سڏي ٿو، جيڪا اونده انڌوڪار ۾ باز جيان روح جھٽي، اهڙي پار الوپ ٿي وڃي ٿي، جنهن جي ڪنهن کي ڪائي خبر ڪونه آهي، نه ئي اهو ڪوئي ڄاڻي ٿو ته، باز جيان روح جو پکي جھٽڪو ڏئي کڻي ويندڙ ڪير آهي؟
’ڪاري ڪِــٺ‘ ڪُـمــيــت تــي، ’آڌيءَ انــــڌوڪــار‘،
جھڙڦڙ جھور جهڪور ۾، چيھه ڪــيــو چـــمڪـــار،
اَڙيءَ ســان اُڏرڻ لــڳــو، گھايــــل گھـــوڙي ســــوار،
اونــدهه آھ اَپــار، ڪـئـــن چــئــجــي هُــو ڪــيـر هــو!
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص196)
شيخ اياز لاءِ ’ڪارو رنگ‘ رڳو ڀوائتو، غم ۽ روڳ جا احساس پيش ڪندڙ نه آهي، پر هُن لاءِ ’ڪاري چڳ، ڪجل ڀنا نيڻ ۽ سُڳنڌ ڀريا ڪارا وار‘ به آهي، جيڪي محبت ۽ رومانس جو سگهارو اهڃاڻ آهن.
اڄ جو تنهنجي سار، لهرين ۾ لوڙهي وئي،
اُڀريا اُتِ سڳـنـڌ سان، تـنــهـنــجــا ’ڪـــارا وار‘،
هُريــا ٿـــي هُٻــڪــار، منـهنـجـا جوڀن ڏينـهڙا.
(ص230)
مينديءَ رتا هــٿــڙا، ’ڪـجـل ڀـنــا نـيــڻ‘،
سڀني ڏنا ويڻ، ويندڙ ويندا ئي رهيا.
(ص250) ــ (ڪپر ٿو ڪن ڪري)
ڪنهن ’ڪاريءَ چڳ‘ تي رات کُٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي،
ائن وقت ڪٽيو، ائن عمــــر لـٽــي، ســـڀ ســانـــگ سـجــايـــو آ پــيـــارا!
(وڄڻ وسڻ آئيون، ص50)
ان کان علاوه شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾،’ڪارا ڪنجرا، ڪارو ناڻو، ڪاري اُس، ڪاري ننڊ، ڪارنهن، ڪارا هانوَ، ڪاري رات، ڪارو نڀ، ڪاري ڪنڌي، ڪاري ڍنڍ ۽ ڪاري ڪان ڪان‘ جون علامتون مختلف معنائن ۾ استعمال ڪيون آهن.
’گيڙو رنگ‘ اميد، داخلي آنند ۽ پيهي پاڻ پروڙڻ جي نشاني آهي. تنوير عباسي چواڻي،”گيڙو ۽ نارنگي رنگ ٻوڌي بکشن جي لباس جو رنگ آهي. سنڌ جي جوڳين ۽ صوفين جو گيڙو لباس، سنڌ ۾ ٻڌمت جي ناٿ پنٿين جي اثر جو ثبوت آهي.... گيڙو ويس تياڳ جو رنگ نه، پر سپردگي (Devotion) ۽ قبوليت (Submission) جو رنگ آهي“ (83). صوفين ۽ يوگين جي عقيدي، عمل ۽ احساس موجب گيڙو رنگ دنيا ۽ ڌن کي ڇڏي من جي سنسار کي اپنائڻ جو رنگ آهي. ’خودي ۽ انا ‘کي وڃائي، پنهنجو پاڻ ’وحدت ۽ ڪل‘ ۾ سمائڻ جو احساس پڻ گيڙو رنگ ۾ ملي.
تو ڇو پاتا گيڙوئان، لاهي لوڪ لباس!
ووءِ، مَ وڃ مون کي ڇڏي!
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص297)
جـــوڳـــــــڻ ســــــڀ ڪـــــا جـــــيءَ ۾، مــيـــران مــٽ نه ڪـــا،
ٿيــــنـــدي گـــيــڙو گـــيــــت ســــان، ڪـــهڙي مُــــنــــڌ مَـــٽـــــا،
ڪيرت ڪاڻياريون گھڻيون، ڪنهن ڪنهن منجھه ڪـلا،
جــنــهــن ۾ جــــيءَ جـــــلا، ڪـــانــکــي تــنــهــن جو ڪينرو.
(وڄون وسڻ آئيون، ص59)
اڇو رنگ زندگيءَ جي پاڪيزگي، امن، سوجهري ۽ سچائيءَ جو رنگ آهي. سائو رنگ، سرسبزي، خوشحالي ۽ خوش بختيءَ جي نشاني آهي. شيخ اياز انهن ٻنهي رنگن کي عام ۽ مروج معنائن سان گڏ اونهيون ۽ منفرد علامتي معنائون ڏنيون آهن.
ڪــنـڌيءَ مــٿــان ڪــنـگ، اڄ اڳـــي کان اُجرا،
ڏِکَ ڦُلن جي ڍير کي، هي سڀ جوڀن رنگ،
انــگ نه ساڳــيـا انــگ، اڳ نه هـيئـن اُتـــاولا!
(ص149)
اچـــڻــو آهــــي اوچـــتــو، راڻــــو ڦُـٽـيءَ باک،
ســـاجھــر تـنـهـنـجي ساک، لُنڊاڻي ۾ ليکبي.
(ص100) ــ (ڪپر ٿو ڪن ڪري)
تنهنجو تن ايئين پرين جيئين اَڇو پَٽُ،
پَريــــان ئـــي پَرگـھــٽ، ڍيــرا ٻه ڊولائــتــا.
(ڪونجون ڪرڪن روھ تي، ص51)
مٿين بيتن ۾ ’اُجرا، ڪَنگ، ڦُلا، باک، ساجھر ۽ اَڇو پَٽُ‘ اڇي رنگ جون علامتون آهن. شاعريءَ ۾ علامتن جو اهڙو حسين استعمال شاعر وٽ شعوري نه، پر لاشعوري ۽ فطري طور ايندو آهي ۽ سِٽ ۾ نرملتا ۽ نزاڪت جي جوت جرڪي پوندي آهي. اياز ’سائي رنگ‘ کي زندگي جي روان دوان حقيقت، جرئت ۽ حُسناڪي جي علامت طور استعمال ڪري ٿو.
ساوڻ ساوا وڻ، مَهڪن پيا مينهن ۾،
ڌراڙن ســان ڌڻ، وڃـــن پـيـا واٽ تـي.
(جھڙ نيڻان نه لهي، ص38)
ڏس هو سڪو وڻ، جنهن ۾ گونچ ڦٽي پيا،
ڇو توکي اڻ تـڻ، هيڻـــو هــاٺــيءَ کــي ڏســي.
(ڪونجون ڪرڪن روھ تي، ص42)
ائين اياز جي شاعريءَ ۾ نيرو، ڦڪو، سُرمئي، واڱڻائي ۽ ٻيا ڪيئي رنگ ملن ٿا، جن کي هُن اهڃاڻي انداز ۾ مختلف جذبن ۽ احساسن جي ترجماني طور اظهاريو آهي. شيخ اياز جي شاعري رڳو رواجي رنگن جو علامتي اظهار نه آهي، پر سچ پچ اها سهسين ’رنگن سُرنگن‘ جي اهڙي خوبصورت انڊلٺ آهي، جنهن جي هر رنگ کي پنهنجي جاذبيت ۽ ڳوڙهي معنويت به آهي، ته انوکي فڪري ۽ فلسفياڻي علامت ۽ حُسناڪي به.
سهسين رنگ سُرنگ، مٽيءَ منجھه ملير جي،
گـــولاڙن ۾ گُــــلـــڙا، مــٿــــان وِڄـــــن ونــــــــگ،
اچن ٿا آڙنـگ، کِـــڙي کُهـــنبــي وانـــــگـــيــــان.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص170)
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ لفظي اهڃاڻَ ۽ رنگي علامتون، نه فقط سماج جون عام رواجي معنائون ۽ مفهوم پيش ڪن ٿيون، پر اهي روايتي معنائن کان مٿي ڪن ازلي ۽ آفاقي تصورن ڏانهن اشارا پڻ ڪن ٿيون، جنهن ڪري اياز جي شاعري مقامي اهميت ۽ حيثيت کان سواءِ عالمي وقعت جي حامل بڻجي ٿي، ڇو ته سندس شاعراڻيون علامتون نه رڳو ڌرتي ۽ قوم جي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿيون، پر انهن مان سموري انسان ذات جي آواز ۽ احساس جي جھلڪ پڻ پَسي سگھجي ٿي.
شيخ اياز جي شاعريءَ جي مٿئين مفصل فني جماليات جي اڀياس کان پوءِ اهو واضح ٿي وڃي ٿو، ته اياز جي شاعري نه رڳو زندگيءَ جي جمالياتي قدرن جي پاسدار آهي، پر ان جو فڪر ۽ فن پڻ حُسناڪ ۽ حيات بخش آهي. سندس شاعريءَ ۾ فڪري سُرتِ سان گڏوگڏ اهڙو جمالياتي جادو آهي، جيڪو پنهنجي مَنڊ ۾ نه صرف ماڻهوءَ جي من کي مُنڊي ڇڏي ٿو، پر ان جي سُتل احساسن کي بيدار ڪري، هڪ انوکي ۽ بيان نه ڪري سگهجندڙ سُرور ۽ سُندرتا سان آشنا ڪري ٿو.
شيخ اياز جي شاعريءَ جي ان جمالياتي سگهه ۽ سُندرتا جو اعتراف ڪندي، فهميده رياض لکي ٿي: ”اياز جي شاعري بلڪل منفرد آهي. اوهان ان جو اجتماعي مطالعو ڪندو، ته توهان کي چوڻو پوندو ته جديد دؤر ۾، ننڍي کنڊ ۾، رڳو پاڪستان نه، پر سموري ننڍي کنڊ ۽ ان جي مختلف زبانن ۾ جيترا به شاعر پيدا ٿيا آهن، بنا ڪنهن شڪ شُبهه جي اياز جي پايي ۽ جوڙ جو ٻيو ڪو شاعر پيدا نه ٿيو آهي.... اياز جي قومي شاعريءَ جي باري ۾ اهو چئي سگھجي ٿو، ته اها اهڙي قسم جي شاعري آهي، جيڪا ڪنهن غير سنڌيءَ جي دل ۾ به سنڌ لاءِ عشق پيدا ڪري سگھي ٿي.... اياز جي روماني شاعري به بيحد خوبصورت آهي. ان ۾ هڪ اهڙي حسرت ۽ پياس نظر اچي ٿي، جيڪا ننڍي کنڊ جي شاعريءَ جي روايت جو حصو آهي ۽ اياز ان کي پنهنجي ڇهاءَ سان نت نئون ڪري ڇڏيو آهي“ (84).
شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي انساني حُسن ۽ جمال جو اثرائتو چِٽُ چِٽيو آهي، اُتي فطرت جي حسين منظر ڪشي به سندس شاعريءَ ۾ جهلڪي ٿي. هن جي شاعريءَ جا ڪردار عام ۽ رواجي ماڻهو آهن، جن کي هن پنهنجي خيال ۽ اظهار جي خوبصورتيءَ سان غير رواجي بڻائي پيش ڪيو آهي. هو قيمتي پوشاڪون پهريل ڪنهن وڏ ــ گهراڻي ۽ اميراڻي گُهمنڊ ۾ ڀريل عورت جي سونهن ۽ سُندرتا کي پنهنجي شاعريءَ ۾ نه ٿو ساراهي، پر ان غريب وينگس جي سچائي ۽ سادگيءَ جي حُسن جي واکاڻ ڪري ٿو، جيڪا سردي توڙي گرميءَ ۾ پنهنجي ورَ سان گڏ ڪم ڪندي سرهي آهي ۽ اها سرهائي هر لمحي کيس وڌيڪ حسين ۽ موهيندڙ بڻائي ٿي.
اياز جي شاعريءَ ۾ فني ۽ فڪري تجربن جي نُدرت کان وٺي، اظهار، اندازِ بيان، ٻوليءَ جي جاذبيت، منظر ڪشي، علامت نگاري ۽ نغمگيت تائين جون لاتعداد خوبيون ۽ خوبصورتيون موجود آهن، جيڪي کيس نه رڳو منفرد جمالياتي شاعر بڻائن ٿيون، پر کيس دنيا جي وڏن جمالياتي شاعرن جي صف ۾ شمار پڻ ڪن ٿيون.