ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات
قاضي قاضن پنهنجي اظهار ۾ ’وحدت الوجود‘ جي فڪر کي سمائي، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ ’علامتن ۽ اهڃاڻن‘ ذريعي داخلي جذبن ۽ جولانن جي جمال کي اجاگر ۽ عيان ڪيو، جنهن جو فڪري ۽ فلسفياڻو اثر شاه ڪريم، مخدوم نوح، سامي، شاه لطيف ۽ پوءِ جي دور جي ٻين انيڪ شاعرن ورتو آهي.
قاضي قاضن جي شاعريءَ جو بنيادي متو تصوف آهي. هو اندر جي اوجر ۽ روحاني روشنيءَ کي ئي زندگيءَ جي سونهن ۽ سچائي سمجھي ٿو. هن وٽ انسان جو تصور انتهائي نرمل ۽ نيارو آهي. هو انسان کي تمام اُتم سمجھي ٿو ۽ ان ذريعي ئي حقيقي محبوب تائين پهچڻ جو قائل آهي. ماڻهوءَ جي محبت ۽ صحبت ئي هن لاءِ راھ ۽ روشنائي آهي، تڏهن ئي ته چوي ٿو:
جــــوڳــي جاڳايــــوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تنهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.
هُن جي شاعري ’خودشناسي‘ ۾ ئي ’خدا شناسي‘ جو پيغام ڏئي ۽ ’پاڻ پروڙڻ‘ ۾ ’پرين پائڻ‘ جو راز سمجھائي ٿي.
پهرين پــاڻ پرک، پريـــن پرکـــڻ سئوکڙا،
در ڀي سو ئي رک، جتان ڏکائين لهين.
مخدوم نوح (1506ع ــ 1590ع) ۽ شاه ڪريم (1538ع ــ 1623ع) جي شاعريءَ ۾ حُسن ۽ جمال جو ذڪر ۽ فڪر صوفياڻي رنگ ۾ ملي ٿو. هو فڪري طور تصوف جي مَتي ’جُزَ ۽ ڪل‘ جي جمالياتي جوهر جا قائل آهن، انهيءَ ڪري هنن جي هر اظهار ۽ بيان ۾ سندن پرينءَ جي صورت سمايل نظر اچي ٿي. هنن لاءِ سپريان جي سونهن جي نه حد آهي، نه مد. سندن مجازي رمزن ۽ رعنائين جا سمورا رستا ان حقيقي محبوب جي جلوي ۽ جمال تي دنگ ڪن ٿا، جنهن جي جوت ۽ جوهر سان هن ساري سنسار جي سونهن ۽ سندرتا قائم آهي. هنن وٽ سُهڻي ۽ سُپڪ ٻولي ۾ خوبصورت تشبيهن ۽ استعارن جو تخليقي ۽ جمالياتي رنگ به ملي ٿو، جيڪو احساساتي طور دل کي سڪون به ڏئي ٿو، ته فڪري لحاظ سان عقل ۽ فهم تي مختلف ڪيفيتن جا اثر به ڇڏي ٿو. جيئن مخدوم نوح جو هي بيت:
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانيو ماڻهئا،
روئي پئي رات، ڏسي ڏکوئين کي.
يا وري شاه ڪريم جون هي سِٽون جن ۾ منظرنگاريءَ جو حُسن به آهي، ته خيال جي خوبصورتي به ڪمال جي آهي.
پاڻيهاري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
مٿين بيت ۾ شاهه ڪريم لفظن جي رنگن سان، مٿي تي ٻيلهه دِلا کنيل هڪ وينگس ۽ پاڻيءَ ۾ بيٺل پکي جي، نه فقط سهڻي منظرنگاري پيش ڪئي آهي، پر ان کان علاوه اندر ۾ واسو ڪري ويٺل محبوب سان، پنهنجي روح جي رشتي جو نقش پڻ ڏيکاريو آهي. اهو محبوب جيڪو ظاهري طور تي ان منظر ۾ ڪٿي نظر نه ٿو اچي، پر پاڻياريءَ سان دِلن ۽ جر سان پکيءَ جي قريبي نسبت جو عڪس ڏيکاري، شاعر پنهنجي روح ۾ رهندڙ حسين محبوب جو احساس اُجاگر ڪيو آهي.
ڪنهن به موجود شيءِ کي اک سان ڏسي ۽ ٻي کي ڏيکاري سگھجي ٿو، پر هڪ غير موجود شيءِ کي ڏيکاري سگھڻ ڏاڍو مشڪل ۽ محال آهي. هڪ مصور ڪنهن حسين ناري ۽ جر تي ويٺل پکيءَ جي تمام جاذب ۽ سهڻي تصوير ته ڪڍي سگھي ٿو، پر ڪنهن جذبي ۽ احساس جي ڪيفيت جي تصوير ڪڍي نه ٿو سگھي. فنونِ لطيفه جي دنيا ۾ اهو ڪمال فقط هڪ شاعر کي ئي حاصل آهي، جيڪو ظاهري حُسن سان گڏوگڏ جذباتي ڪيفيتن جا سهڻا عڪس ڏيکاري سگھي ٿو.
مئين شاھ عنات، خواجه محمد زمان، ميان صاحب ڏني ۽ لطف الله قادريءَ جي شاعريءَ ۾ انساني جمال ۽ فطرتي سونهن ۽ سندرتا جي موهيندڙ عڪاسي ملي ٿي. شاهه لطف الله قادريءَ (1611ع ــ 1679ع) جي ڪلام ۾ عارفن ۽ عُشاقن، سامين ۽ جوڳين جي داخلي ۽ روحاني دنيا جي رازن ۽ رمزن جي ذڪر فڪر سان گڏ مجازي محبتن ۽ حُسن جي مامرن جا مذڪور ملن ٿا. پرينءَ جي حُسن ۽ سڄڻ جي سڪ جو جنهن سوز ۽ سندرتا سان پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهار ڪيو اٿائين، اهو ڇيھه ڇندڙ ۽ ڳچ ڳاريندڙ آهي.
حُسن حبيب جو، پَسين جي هيڪار،
ته توکي سڀ ڄمار، وڃي اُڃ ورهن جي.
سڪ تنهنجي سپرين، ڪُهيو ڪري ڪباب،
عاشقن اي ثواب، جيئن پچن لئه پرينءَ جي.
پرينءَ جي هڪڙي درشن سان عمرين جي اُڃ جي اُجھڻ ۽ سپرين جي سِڪ ۾ جِي، مرڻ ۽ مري، جيئڻ جو مشاهدو ڪرائڻ جي، ڪمال ڏات فقط هڪ شاعر وٽ ئي ٿي سگھي ٿي ۽ سڄڻ جي سوز فراق ۾ پَچڻ، پَڄرڻ، ڪُسي ڪباب ٿيڻ کي ثواب سمجھڻ واري ڪيفيت جو پنهنجي لفظن ذريعي احساساتي چِٽُ به صرف هو ئي چِٽي سگھي ٿو، ڇو ته هن جي ادراڪ جي اک نه رڳو خارجي دنيا جي حُسن ۽ حقيقت کي ڏسي ٿي، پر اها انسان جي داخلي دنيا ۾ جھاتي پائڻ جي سگھه پڻ رکي ٿي.
”شاھ عبداللطيف ڀٽائي(1689ع ــ 1752ع) سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ کي اعلى فني صلاحيتن ۽ خوبصورت ٻوليءَ سان مالامال ڪيو... سندس سموري ڪلام جو تاڃي پيٽو حُسن ۽ جمال جي ريشمي تندن سان اُڻيل آهي“ (50). لطيف سائين پنهنجي فڪري انداز ۽ جمالياتي احساس جي اظهار ۾ نه رڳو يڪتا ۽ نرالو آهي، پر انساني فطرت جو تجزيا نگار ۽ روحاني ڪيفيتن جو نقاش به آهي. ھن نه فقط پنهنجي دور جي موجود مروج فارسيءَ جي علمي ۽ شاعراڻي روايتن، گل و بلبل، ساقي ۽ شرابن جي تصورن کي رد ڪري، پنهنجي ڌرتيءَ جي تهذيب ۽ تمدن، ٻوليءَ ۽ مٽيءَ جي مهڪ سان واسيل خيالن کي اوليت ۽ اهميت ڏني، پر هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ فڪر ۽ فن جي هڪ نئين ۽ نرالي جوت پڻ جرڪائي آهي.
ڀٽائيءَ جو اسلوب ۽ شاعراڻو احساس يگانو آهي. هن جماليات جي ڪيترن تصورن کي جيئن جو تئين اپنايو آهي، ته ڪيترن ئي روايتي سونهن جي معيارن ۾ تبديليون آڻي، پنهنجا تخليقي تصور پڻ پيش ڪيا آهن. چنڊ، جيڪو عام ماڻهوءَ کان وٺي دنيا جي انيڪ شاعرن ۽ تخليقڪارن لاء سندرتا جي علامت رهيو آهي. ان جي سونهن تي لاتعداد شاعرن پنهنجا شعر سِرجيا آهن ۽ ان جي حُسن ۽ جمال تي چڪور جي فدا ٿيڻ جون ڪٿائون پڻ مشهور آهن، پر لطيف سائين جڏهن پنهنجي پرينءَ جي سونهن ۽ سندرتا جو ذڪر ڪري ٿو، تڏهن ان جي حُسن جي نسبت چنڊ جو جمال معمولي محسوس ٿئي ٿو ۽ هو ساڻس هيئين مخاطب ٿئي ٿو:
چنڊ! چوانءِ سچ، جي مَٺي نه ڀانئين،
ڪڏهن اُڀرين سنهڙو، ڪڏهن اُڀرين ڳچ،
مُنهن ۾ ٻَرئي مَچ، تو ۾ ناهي پيشاني پرينءَ جي.
(کنڀات، 1ــ 17)
چوڏهين چنڊ! تون اُڀرين، سهسين ڪري سينگار،
پلڪ پريان جي نه پَڙين، جي حيلن ڪرين هزار،
جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو.
(کنڀات، 1 ــ 11)
اونداهي اڌ رات ۾، پرين پَسايو پاڻ،
چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاوَ ۾.
(کنڀات، 1ــ 19)
لطيف جو جمالياتي احساس ۽ اظهار اهڙو ته اثرائتو آهي، جو اهو پنهنجي سندرتا جي سحر ۾ ماڻهوءَ جي من کي ته مُنڊي ڇڏي ٿو، پر سنسار جو حُسن بذات خود حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو. ’سُر کنڀات‘ مان ورتل هيٺئيون بيت ملاحظه ڪريو، جنهن ۾ لطيف جڏهن پنهنجي محبوب جي جمال جو ذڪر ڪري ٿو، تڏهن نه رڳو’سج، چنڊ، ڪتيون ۽ تارا‘ تائب ٿي وڃن ٿا، پر ’جانب جي جمال‘ سان ساري ڪائنات جي سونهن ماند پئجي وڃي ٿي. محبوب جڏهن پنهنجا نشيلا نيڻ کڻي، ناز ۽ ادا سان نهاري ٿو، تڏهن نه صرف سج جو سوجھرو ۽ چنڊ جي چانڊوڪي پنهنجو تاب وڃائي ويهن ٿا، پر جانب جي جمال ۽ جوت کي پَسي تارا ۽ ڪتيون به تائب ٿي وڃن ٿا ۽ سنسار جي سونهن، پرينءَ جي حُسن ۽ حقيقت اڳيان پنهنجي جوت ۽ جوهر وڃائي ويهي ٿي.
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
سورج شاخون جھڪيون، ڪوماڻو قمر،
تارا، ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
جھڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سان.
(کنڀات، 1ــ 18)
ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعريءَ جا موضوع، ڌرتي ۽ ان ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ اهي پورهيت، پنهوار ۽ محنت ڪندڙ ماڻهو آهن، جن جي هٿن ۾، ڌرتيءَ کي کيڙي ان مان اَنُ اُپائڻ ۽ هِن سنسار کي خوبصورت بڻائڻ جي سگھه موجود آهي. شاھ جا آدرشي ڪردار شاهاڻي طبقي جا نه، پر پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي، شاهه جي شاعري ۽ ان گهڻ رخي خوبين ۽ خوبصورتين بابت لکي ٿو، ”هن جي شاعري سندس ديس جي ماڻهن مان هر هڪ لاءِ آهي. ڪهڙي به ذهني سطح وارو شخص، عالم، پڙهيل، توڙي اڻ پڙهيل شاھ جي شعر جي رس ۽ رچاءَ جو مزو ماڻي سگھي ٿو“ (51). شاھ جي محبت جو محور ۽ مرڪز ڌرتي، ان جا وڻ ٽڻ، گل ڦل، پهاڙ، نديون ۽ اهي محنت ڪش ماڻهو آهن، جن کي هو پري کان ئي سندن لوڏ مان سُڃاڻي، ساڻن محبتن جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:
مــٿـــن ٽٻــڪ ٽـــٻڪـــڙا چـِــڪنــدڙا اچـن،
کُڙيون کِھه ڀــڪـــليون پگھر سر پيــرن،
ايءُ وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لکيا.
(مارئي، 7ــ 8)
شاھ جي شاعري، ’ساجن، سونهن، سُرت‘ جي فڪر ۽ فلسفي جو سهڻو سنگم آهي. ان ۾ جذبن کي لفظن ۽ لفظن کي سُرن ۾ سميٽڻ جي اهڙي ڪمال ڏات ۽ قدرت سمايل آهي، جيڪا ڪنهن شاعر ۾ ورلي ملندي. ايڇ ٽي سورلي (H. T. Sorely) پنهنجي ڪتاب ’ڀٽ جو شاھ‘ (Shah Abdul Latif of Bhit) جي انتساب ۾ سندس شاعراڻي عظمت جو اعتراف ڪندي لکي ٿو:
“No might is here of Rumes' verse, No Jamis' soul wrapt music swings.No high tuned note of Hafiz' wit, Within your humble minstrel rings.And yet! Strange paradox it be, That not less searching is the calm,
The simple music of his lays, than wise, deep utterance of Islam” (52).
(هُن جي نماڻي ۽ نرمل شاعريءَ ۾، نه رومي واري شدت آهي، نه جامي واري موسيقيءَ جي سُرن ۾ تَرندڙ روحانيت ۽ نه ئي وري حافظ جهڙي لفظي مبالغه آرائي، پر پوءِ به ان ۾، هڪ حيرت ۾ وجھي ڇڏيندڙ حُسناڪي آهي. ان جي سانت ۾ به بي چيني آهي. اسلامي علم ۽ دانش جي پرچار کان وڌيڪ هن جي ٻولن جي مڌرتا ۾ محبوبيت سمايل آهي.)
”حُسن رڳو سونهن جو ئي نالو ناهي. سونهن وڻندڙ جسماني بيهڪ کان ڪنهن مٿانهين حقيقت جو نالو آهي. حُسن جو ذڪر، جيڪو اسان کي شاه لطيف وٽ ملي ٿو، سو عام ۽ رواجي ناهي. ان جو دائرو جواني، سينگار، دولت، خوشحالي ۽ رنگ روپ جون حدون ٽپي، هڪڙي فڪري ڪيفيت تائين پهچي ٿو....اهو رڳو انسان ۾ ئي نه، پر ڪائنات جي ذري ذري ۾ تجلا ڏيندي نظر اچي ٿو..... اسان جو شاعر جڏهن انساني حُسن جو عڪس ڏيکاري ٿو، ته هندي شاعريءَ جا سورنهن سينگار اوٻاٽجي وڃن ٿا ۽ جڏهن فطرت جو چِٽُ چِٽي ٿو، تڏهن جپاني هائيڪي جا شاعر ۽ نيچر تي شاعري ڪندڙ يورپي ڪوي ڪومائجي وڃن ٿا“(53).
محبوب جي حُسن ۽ جمال جي بيان لاءِ لفظن جي چونڊ، اظهار جو انداز، تشبيهن جي نُدرت، جذبن جي اُڇل ۽ خيال جي معصوميت جو ’سُر مومل راڻي‘ مان هي خوبصورت مثال ته ڏسو، جنهن ۾لطيف سائين مومل جي حُسن ۽ جمال جو ذڪر ڪهڙي نه نرمل ۽ نفيس لفظن ۾ ڪري ٿو:
جھڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيلئا، ها ها هو هميش،
پَسيو سونهن سيد چئي، نيهن اچن نيش،
لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اُڄھي.
(مومل راڻو، 3 ـ 1)
لطيف جو محبوب، انساني صورت ۽ اوصاف رکندڙ آهي. ان ۾ مٽيءَ جي مهڪ ۽ ماڻهپي واريون خوبيون ۽ خوبصورتيون آهن. ڀٽائي فطرت جي سونهن جو به مشتاق آهي. سندس شاعريءَ ۾، فطرت جي حُسن ۽ جمال جا، جابجا جلوا ۽ رنگ ملن ٿا، پر جڏهن انساني حُسن، ان جي صورت ۽ سيرت جو ذڪر ڪري ٿو، تڏهن فطرت جو حُسن، انسان جي سونهن اڳيان شرمائڻ لڳي ٿو. فطرت ۽ انسان جي سونهن جي ڀيٽ جو سهڻو مثال ڀٽائيءَ جي ’سُر سارنگ‘ جي هن بيت ۾ ڏسو:
آگم ائين نه انگ، جھڙو پَسڻ پرينءَ جو،
سيڻن ريءَ سيد چئي، روح نه رچن رنگ،
سهسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جوءِ ۾.
(سارنگ، 1ــ 3)
ڪڪر، جيڪو خوشحالي ۽ خوبصورتيءَ جي علامت آهي. جنهن جي سُرمئي ۽ سانوري رنگت نه رڳو اکين کي عجيب سڪون آڇي ٿي، پر اهو برسات جو اهڃاڻ به آهي. لطيف فرمائي ٿو، بيشڪ! بادل، برسات ۽ خوشحاليءَ جي علامت آهي. اهو جڏهن پياسي ڌرتيءَ تي وَسي ٿو ته، ڌرتي سائي ۽ سرهي ٿي پوي ٿي، پر محبوب جي ملاقات ۾ ته اهي رنگ، راحتون، اهي خوبيون ۽ خوبصورتيون آهن، جن جي رنگن ۾ روح جي ساري ڌرتي رڱجي وڃي ٿي. ان جي خوشبوئن سان سارو وجود واسجي وڃي ٿو. ان جي پيار جي بارش سان دل جي دنيا جا سڀئي ريگستان ريججي وڃن ٿا. ان جي درشن ۽ ديدار سان بي قرار روح کي راحت ملي ٿي. بادل ته فقط هڪڙي برسات کڻي ٿو اچي، پر پرين ته سراپا سهسين ’سارنگ‘ آهي. سهسين سج ۽ چنڊ آهي. ان جي حُسن سان ئي ته سڀ رونقون ۽ راحتون آهن. ان بنا دنيا انڌ ۽ اونداهي آهي.
سهسين ســجن اڀري، چـــوراسي چنڊن،
باالله ريءَ پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
(سر کنڀات، 1ــ 12)
شاھ سائينءَ جي شاعري، ٻوليءَ جي نفاست، فڪر جي گھرائي، منظرنگاري، موسيقيت، حُسن ۽ عشق جي بيان، تشبيهن، استعارن ۽ ٻين انيڪ فني صنعتن جي حوالي سان باڪمال ۽ بي مثال آهي. هو مفڪر ۽ مصور شاعر آهي. شعر پڙهڻ سان، ان ۾ موجود ڪيفيتن، احساسن ۽ منظرن جا عڪس اکين اڳيان اُڀري اچن ٿا. هن جي اظهار ۾ حقيقت ۽ حسيت جي حُسن سان گڏ زندگي ۽ فطرت جا سهڻا رنگ آهن، جيڪي اکين کي وڻڻ کان علاوه روح جي گھرائين تائين لهي وڃن ٿا.
هيٺين بيت ۾ فطرت جي حُسن ۽ ان جي آغوش ۾، محبت جي خمارن ۾ مخمور پيار ڪندڙن جو عڪس ڏسو، جنهن کي لطيف هڪ مصور وانگر پنهنجن لفظن جي رنگن ۾ محفوظ ڪيو آهي.
هيــٺ جـر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراھ،
اچــي وڃي وچ ۾، تــمـاچيءَ جــي سـاءِ،
لڳي اتر واءَ، ته ڪينجھر هندورو ٿئي.
(ڪاموڏ، 2 ــ 4)
هيٺ پاڻي، پاسي ۾ وڻراھ ۽ انهن وڻن ۾ رنگ برنگي ٻور. وڻن ۾ ٻور، بهار جي موسم کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ان بهار جي حسين موسم ۾، نوري ۽ تماچي ٻيڙيءَ ۾ ڪينجھر جو سير ڪري رهيا آهن. ڇا ته نظارو ۽ اظهارِ بيان جي نزاڪت آهي! پهرين سِٽَ ۾ هڪ غير متحرڪ منظر آهي، جيڪو سانتيڪائي ۽ سڪون جي ماحول جو احساس ڏئي ٿو. ٻي سٽ، ٻيڙيءَ ۾ سوار نوري ۽ تماچي جي متحرڪ منظر کي پيش ڪري ٿي. هڪ جامد ۽ ساڪت منظر سان متحرڪ منظر جو عڪس ملي ڪيڏو نه خوبصورت پيو لڳي. پسمنظر ۾ خوبصورت وڻراھ ۽ ڪينجھر جي پاڻيءَ تي ترندڙ ٻيڙيءَ ۾ ويٺل، ٻه وجود، جن کي محبت جي مدهوشي هڪ وجود بڻائي ڇڏيو آهي. انهن ٻن سِٽن ۾ پيش ڪيل نظارو هڪ مڪمل تصوير آهي، سهڻي ۽ موهيندڙ تصوير، پر لطيف پنهنجي ڪمال فن جو مظاهرو ڪندي، ان تصوير ۾ ٽين سٽ، ’لڳي اتر واءَ، ته ڪينجھر هندورو ٿئي‘ جو، جيڪو حسيت سان ڀرپور ۽ متحرڪ عڪس شامل ڪيو آهي، ان منظر کي خوبصورتيءَ سان گڏ وڌيڪ مڪملتا ۽ معنويت عطا ڪئي آهي. هن بيت ۾ ڀٽائي جي لفظن، نه رڳو رنگ ۾ ٻُڏل برش ٿي، سونهن جي نقش ڪشي ڪئي آهي، پر انهن اُتر جي هير جي تاثير کي احساسن تائين پهچائڻ ۽ ڪينجھر جي لهرن جي نغمگي کي سماعتن تائين رَسائڻ جو ڪم پڻ سرانجام ڏنو آهي.
لطيف سائين جي سموري شاعري، حُسن ۽ جمال جو مظهر آهي. ان ۾ ڪٿي فن ۽ فڪر جي سونهن آهي، ته ڪٿي انسان جي حُسن جا جلوا آهن. ڪٿي موسيقيءَ جي موهيندڙ مڌرتا آهي، ته ڪٿي فطرت جي خوبصورتي. مطلب ته سندس سموري شاعري جماليات جو اهڙو گلستان آهي، جنهن جي هر گل ۾ پنهنجي سونهن ۽ پنهنجي سڳنڌ آهي.
سامي ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ حُسن ۽ جمال جي پڻ چڱي جھلڪ ملي ٿي، جيڪا گھڻو ڪري تصوف جي گيڙو رتي رنگن ۾ رنڱيل آهي. سچل، سرمستيءَ جي ڪيف ۽ سرور ۾ پنهنجي شاعريءَ ۾’مجازي ۽ حقيقي عشق‘ جي حُسن جا جلوا پَسائي ٿو. هو هر صورت ۾ پرينءَ جي سونهن ۽ هر سونهن ۾ محبوب جي جمال جو متلاشي آهي. هو دوئي کي ختم ڪري، هيڪڙائيءَ جو درس ڏئي ٿو ۽ عشق کي اهڙي ’سهائي‘ڪوٺي ٿو، جنهن ذريعي ئي محبوب تائين پهچڻ ممڪن آهي. سچل جي فڪر ۽ فلسفي جو محور ۽ مرڪز عشق آهي. هو ’جُزَ ۾ ڪُل‘ ۽ ’ڪُل ۾ جُز‘ جو فلسفو انسان جي جمالياتي جوهر ذريعي هن ريت سمجهائي ٿو.
صورت سڀ انسان جي اٿئي عشق اصل،
'خلق آدم الا صورته'، جزو جهڙو ڪل،
'الانسان سِري و انا سِره'، سچ سچا پيو سَلِ،
ڀُل نه ٻي تون ڀُلُ، هِتي هُتي هڪ اٿي.
سامي جي شاعريءَ ۾ هن دنيا جي رنگن ۽ رونقن کان وڌيڪ دل جي دنيا جي حُسن ۽ حقيقتن جو عڪس ملي ٿو. هيءَ دنيا کيس نظر جو فريب ٿي لڳي. هُن لاءِ مايا اڻ هوندي دريا وانگر آهي، جنهن ۾ انسان اَجائي فريب جا غوطا ٿو کائي. آنند رڳو ’پائڻ‘ ۾ نه، پر ’پائڻ جي پياس ۾ رهڻ‘ ۾ به آهي. هو ننڊ بجاءِ جاڳ کي جياپي جي سونهن ۽ جاڳ سان ئي ’جانب‘ کي پَسڻ ۽ پُرجهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. هُن لاءِ ڄاڻ هڪ ڄار آهي، جنهن ۾ من جي پکيءَ کي قيد نه ڪرڻ گهرجي، پر وجدان جي راهه اَپنائي لونءَ لونءَ ۾ سڄڻن جي سڪ کي سمائڻ گهرجي، ڇو ته ان سان ئي ’سپرين‘ جي رنگ ۾’پاڻ‘ رنڱي سگهجي ٿو. سندس هن سلوڪ ۾ ’جاڳ‘ جي معنوي سونهن ۽ ’محبت‘ جي فلسفياڻي احساس جي انوکي حُسناڪي آهي.
جاڳي ڏٺو جن، درسن دِبَ عجيب جو،
سي محبتي مشتاق جن، پلڪ نه پاسو ڪن،
ڄاڻ وڃائي پانهنجي لُنوَ لُنوَ، سڪ سڪن،
رتا رنگ رهن، سامي سپرين جي.
(سامي جا سلوڪ، ص400)
ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن پنهنجن ڪوتائن ۾ صوفياڻي رمزيت سان حُسن ۽ جمال جا جيڪي جوهر پَسايا آهن، اهي پنهنجي فن توڙي فڪر جي حوالي سان مثالي ۽ اَملهه آهن. هر شاعر پنهنجي پنهنجي فني انداز ۽ فڪري اُڏام سان خارجي ۽ داخلي سونهن جو لفظن ۾ نقش چِٽي، ان جي سچ ۽ سندرتا کي پيش ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي، پر احساس کي آواز ۽ آواز کي تاثريت عطا ڪري، زندگيءَ جي سچ ۽ سونهن سان جوڙڻ جو لاثاني فن فقط ڀٽائيءَ وٽ ئي آهي. شاھ سنڌي شاعريءَ کي ايتري ته فڪري، فني ۽ جمالياتي وسعت عطا ڪئي آهي، جو هو اڄ تائين سنڌي ادب جي آسمان تي سج جيان ڇانيل آهي.
شيخ اياز سندس شاعراڻي عظمت بابت لکي ٿو، ”سندس فڪر ۽ جمال جي اُهاءَ ۾ ٻيا تارا، تَروڪڻيون ڍڪجي ويا ۽ پنهنجي جوت ايتري جرڪائي نه سگھيا، جيتري انهن ۾ جلا هئي“(54).
مجموعي طور تي ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾، زندگيءَ جي اعلى ۽ آدرشي قدرن جي اُپٽار، صوفياڻي رمزيت ۽ تمثيلي ندرت جي جمال سان گڏوگڏ آفاقي ۽ وجداني احساسن جي اظهار جو اهڙو رنگ ملي ٿو، جيڪو فڪري توڙي فني حوالي سان تمام گھڻو موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي ۽ ان مان هڪ ئي وقت فطرتي، فڪري، فني، جسماني، افادي، وحداني ۽ وجداني سونهن جھلڪندي محسوس ٿئي ٿي.